لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
مان قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو. |
وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
۽ ملامت ڪندڙ نفس (يعني دل) جو به قسم کڻان ٿو. |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
ڇا انسان اهو سمجهي ويٺو آهي ته مرڻ کان پوءِ اسان سندس هڏين کي هڪ هنڌ گڏ نه ڪري سگهنداسين؟ |
بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
ڇو نه! اسان ته ان جي آڱرين جي هڪ هڪ جوڙ کي (ٻيھر) سڌو ڪرڻ جي طاقت رکون ٿا. |
بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
بلڪه انسان چاهي ٿو ته هو آئندهه به برا عمل ڪندو رهي. |
يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
۽ (ان جي باوجود هو) پڇي ٿو ته اهو قيامت جو ڏينھن ڪڏهن ايندو؟ |
فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
جڏهن (سڀني جون) اکيون چُنجهي ٿي وينديون. |
وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
۽ چنڊ جي روشني ختم ٿي ويندي. |
وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
سج ۽ چنڊ کي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيو ويندو. |
يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
ان ڏينھن انسان چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ |
كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
هرگز نه! (اڄ) ڪابه ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي. |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ئي وڃي بيهڻو پوندو. |
يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
پوءِ انسان کي سندس اڳيان ۽ پويان سڀ عمل ٻڌايا ويندا. |
بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
حالانڪه انسان پنھنجو پاڻ کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو. |
وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
توڙي جو هو ڪيترائي بھانا پيش ڪري. |
لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
(اي نبيﷺ! وحي نازل ٿيڻ وقت توهان قرآن) جلدي ياد ڪرڻ خاطر پڙهڻ ۾ تڪڙ نه ڪريو. |
إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
بيشڪ ان کي ياد ڪرائڻ ۽ (زبان سان) پڙهائڻ اسان جو ڪم آهي. |
فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
جڏهن اسان ان کي پڙهون ته توهان اُن پڙهڻ ڏي غور سان ڌيان ڏيو. |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
ان جي تشريح ڪرڻ به اسان جو ئي ڪم آهي. |
كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
هرگز نه! (ڪافرن کي ٻڌاءِ ته) توهان رڳو دنيا جي شين سان محبت رکو ٿا. |
وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
۽ (بعد ۾ اچڻ واري) آخرت کي وساري ڇڏيو ٿا. |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
اُن ڏينھن ڪجهه چھرا ٻَھڪي رهيا هوندا. |
إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسي رهيا هوندا. |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
۽ اُن ڏينھن ڪي چھرا اداس هوندا. |
تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
(هاڻي) هو سمجهي ويندا ته انهن سان چيلهه چٻي ڪرڻ وارو معاملو ٿيڻو آهي. |
كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
هرگز نه! جڏهن ساهه نڙيءَ تائين اچي پھچندو. |
وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
ته (پوءِ) چيو ويندو ته ”آهي ڪير ڦيڻو رکڻ وارو“؟ |
وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
هاڻي هو سمجهي ويندو ته دنيا کان سندس جدائي وارو وقت اَچي پھتو آهي. |
وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
پوءِ (سڌو ٿيندي سندس) پِني پنيءَسان وڃي ملندي. |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
اهوئي ڏينھن تنھنجي پالڻھار ڏي هلڻ جو (مقرر) هو. |
فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
(هن شخص يعني ابوجھل) هن قرآن کي نه سچو مڃيو ۽ نه ئي نماز ادا ڪئي. |
وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
هن ڪوڙو ڪيو۽ منھن ڦيري ورتو. |
ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
پوءِ تڪبر ڪندي پنھنجي گهر وارن ڏي هليو ويو. |
أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
توتي حيف مٿان حيف آهي. |
ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
(وري چوان ٿو ته) توتي حيف مٿان حيف آهي. |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
ڇا انسان اهو سمجهي ويٺو آهي ته کيس ايئن ڇڙواڳيءَ ۾ ئي ڇڏيو ويندو؟ |
أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
ڇا هو (ماءُ جي ٻچيدانيءَ ۾) اُڇلايل مَنيءَ جو ڦُڙو نه هو؟ |
ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
پوءِ هُو اُن مان گوشت جو دِڳ ٺهيو. پوءِ الله تعالى سندس عضوا ٺاهي صحيح سالم انسان ڪري پيدا ڪيو. |
فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
آخرڪار ان مان ٻه جنسون مرد ۽ عورت ٺاهيون. |
أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
ڇا هو مئلن کي وري ٻيھر جيئرو ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي سگهي؟(ڇو نه، ياالله تنهنجي ذات مبارڪ پاڪ آهي). |