| لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
|
نه، آئون قسم کڻان ٿو ڏينهن قيامت جو |
| وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
|
۽ نه، آئون قسم کڻان ٿو ان نفس ملامت ڪندڙ جو |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
|
ڇا هي سمجهي ٿو انسان ته هرگز اسين نه گڏ ڪري سگهنداسين سندس هڏن کي |
| بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
|
ڇو نه؟ قدرت رکون ٿا اسان سندس آڱرين جي ڏوڏين کي سڌي ڪرڻ تي |
| بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
|
پر گهرندو هي آهي انسان ته گناهه ڪندو رهي آئنده به |
| يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
|
پڇي ٿو، آخر ڪڏهن ايندو اهو ڏينهن قيامت جو؟ |
| فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
|
پوءِ جڏهن ڦاٽي وينديون اکيون |
| وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
|
۽ بي نور ٿي ويندو چنڊ |
| وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
|
۽ گڏائي هڪ ڪيا ويندا سج ۽ چنڊ |
| يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
|
چوندو اهو ئي انسان ان وقت ته ڪٿي آهي ڀڄڻ جي واهه؟ |
| كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
|
هرگز نه، نه هوندي اتي ڪابه پناهه جي جاءِ |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
|
تنهنجي پالڻهار جي آڏو ان ڏينهن بيهڻو ئي پوندو |
| يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
|
ٻڌايو ويندو انسان کي ان ڏينهن سندس سڀ ڪيل ڪم اڳيان ۽ پويان |
| بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
|
پر انسان پنهنجو پاڻ کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو |
| وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
|
۽ کڻي اهو پيش ڪري ڪيترا ئي بهانا |
| لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
|
(اي نبي!) نه چور پنهنجي زبان کي ان وحي کي جلد ياد ڪرڻ لاءِ |
| إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
|
بيشڪ اسان تي آهي ان جو ياد ڪرائڻ ۽ ان جو پڙهائڻ |
| فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
|
تنهن ڪري جڏهن اسان ان کي پڙهي رهيا هجون ته تون ان جي قرئت کي غور سان ٻڌ |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
|
بيشڪ اسان تي آهي ان جو مطلب سمجهائڻ |
| كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
|
هرگز نه، پر چاهيندا آهيو توهان ماڻهو جلد حاصل ٿيڻ واري شيءِ (دنيا سان محبت |
| وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
|
۽ ڇڏي ڏيو ٿا آخرت کي |
| وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
|
ڪي منهن ان ڏينهن سرها هوندا |
| إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
|
پنهنجي پالڻهار ڏي ڏسي رهيا هوندا |
| وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
|
۽ ڪي ٻيا چهرا ان ڏينهن اداس هوندا |
| تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
|
سمجهندا هوندا انهن سان ورتاءُ ٿيڻ وارو آهي چيلهه ڀڃيندڙ |
| كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
|
هرگز نه، جڏهن پهچي ويندو ساهه نڙيءَ تي |
| وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
|
۽ چيو ويندو، آهي ڪو ڦيڻي رکڻ وارو؟ |
| وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
|
۽ سمجهي ويندو ماڻهو ته جدائيءَ جو وقت آهي |
| وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
|
۽ لڳي ويندي هڪ پني ٻي پنيءَ سان |
| إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
|
تنهنجي رب ڏي اهو ڏينهن روانگيءَ جو هوندو |
| فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
|
پر نه سچ سمجهيو ان ۽ نه پڙهي نماز |
| وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
|
پر چيائين ڪوڙو ۽ پٺي ڏنائين |
| ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
|
پوءِ هليو ويو پنهنجي گهر وارن ڏي آڪڙجي |
| أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
|
اهو نمونو تنهنجي لائق آهي توکي ئي سونهين |
| ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
|
هائو، اهو نمونو لائق تنهنجي آهي ۽ توکي ئي سونهين ٿو |
| أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
|
ڇا ائين سمجهي ٿو انسان ته ان کي ائين ئي ڇڏيو ويندو ڇيڪ (بيڪار) |
| أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
|
ڇا اهو هڪ ڦڙو نه هو (جيڪو ماءُ جي رِحم ۾) ٽمايو وڃي ٿو؟ |
| ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
|
پوءِ اهو ٿيو دڳ (لوٿڙو) پوءِ ٺاهيو ان جو جسم (الله) ڪيو سنئين لڱين |
| فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
|
پوءِ جوڙيائين ان منجهان جوڙا (ٻه قسم) مرد ۽ عورت |
| أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
|
ڇا اهو ان تي ناهي قادر ته وري جياري مئلن کي؟ |