يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي چادر ويڙهي سمهڻ وارا |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
اٿي کڙو ٿيءُ ۽ خبردار ڪر |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
۽ پنهنجي رب جي وڏائي بيان ڪر |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
۽ پليتائيءَ کان پري رهه |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ ان لاءِ احسان نه ڪر ته جيئن گهڻو حاصل ڪرين |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پنهنجي رب خاطر صبر ڪر |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
ته اهو ڏينهن ڏاڍو سخت هوندو |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
ڪافرن لاءِ هلڪو نه هوندو |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
ڇڏ مونکي ۽ انهيءَ شخص کي، جنهن کي مون هيڪلو پيدا ڪيو |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
۽ تمام جهجهو مال ڏنومانس |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
۽ آڏو رهڻ وارا پٽ ڏنا مانس |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ ان لاءِ وڏي بڻجڻ جون واٽون سنئيون سڌيون ڪيم |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
وري هو لالـچ رکي ٿو ته کيس اڃان به وڌايان |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
هرگز نه، هو اسان جي آيتن جو ويري آهي |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
مان ته سگهوئي کيس هڪڙي ڏکيءَ چاڙهيءَ تي چاڙهيندس |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
ان سوچيو ۽ ڪا رٿ رٿڻ جي ڪوشش ڪيائين |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
پوءِ الله جي مار پويس ڪهڙي نه رٿ رٿي اٿائين |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
هائو، الله جي مار پويس ڪهڙي نه رٿ رٿي اٿائين |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
پوءِ وري (ماڻهن ڏانهن) ڏٺائين |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
پوءِ منهن ۾ گهنڊ وڌائين |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
۽ منهن بڇڙو ڪيائين، پوءِ پٺي ڏنائين ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي ويو |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
نيٺ چوڻ لڳو ته اهو ڪجهه به نه آهي پر رڳو هڪڙو جادو، جيڪو اڳي کان ئي هلندو پيو اچي |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
اهو ته هڪ انسان جو ڪلام آهي |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
اجهو ٿو مان کيس دوزخ ۾ وجهان |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
۽ توکي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا ٿيندو آهي؟ |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
نڪي ڪجهه باقي بچائي ۽ نه ڪنهن کي ڇڏي ڏئي |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
ماڻهوءَ جي کل ساڙي ڇڏڻ وارو |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
اوڻويهه داروغا ان تي مقرر ڪيل آهن |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
اسان دوزخ جا اهي داروغا ملائڪ ئي مقرر ڪيا آهن ۽ سندن تعداد کي اسان ڪافرن لاءِ فتنو بڻائي ڇڏيو آهي، تانته اهلِ ڪتاب کي يقين ٿي وڃي ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي وڃي ۽ اهل ڪتاب ۽ مؤمن ڪنهن به شڪ ۾ نه رهن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي، اهي ۽ ڪافر ائين چون ته الله جو انهيءَ ڳالهه جي حوالي ڏيڻ مان ڇا مطلب آهي. اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس گمراهه ڪري ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڏئي ٿو ۽ تنهنجي رب جي لشڪرن کي هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي ۽ ان ڳالهه جو ذڪر ته فقط ماڻهن کي نصيحت ڪرڻ خاطر ئي ڪيو ويو آهي |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
ڪڏهن به نه، قسم آهي چنڊ جو |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
۽ رات جو جڏهن اها پٺيري ٿيندي آهي |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ صبح جو جڏهن اهو روشن ٿيندو آهي |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
اهو دوزخ به وڏين شين مان هڪڙو آهي |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
انسان لاءِ ڊيڄاريندڙ آهي |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
توهان مان هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو اڳتي وڌڻ چاهي يا پٺتي رهجي وڃڻ گهري |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
هرهڪ شخص پنهنجي ڪئي جي عيوض ڳهه پيل آهي |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
سواءِ ساڄي پاسي وارن جي |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
جيڪي جنتن ۾ هوندا، هو پڇندا |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوهارين کان |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
ته "توهان کي دوزخ ۾ ڪهڙي شيءِ وٺي وئي؟" |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
هو چوندا: "اسان نماز پڙهڻ وارن مان نه هئاسون |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ مسڪين کي کاڌو نه کارائيندا هئاسون |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ حق جي برخلاف ڳالهيون ٺاهڻ وارن سان گڏجي اسان به ڳالهيون ٺاهڻ لڳندا هئاسون |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ حساب ڪتاب جي ڏينهن کي ڪوڙ سڏيندا هئاسون |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
تان جو پڪ سان اچڻ واري شيءِ اسان وٽ اچي وئي" |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
ان وقت سفارش ڪندڙن جي ڪابه سفارش کين ڪوبه فائدو نه ڏيندي |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
نيٺ ٿيو ڇا اٿن جو هي انهيءَ نصيحت کان منهن پيا موڙين |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
ڄڻ ته ٽهندڙ گڏهه آهن |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جيڪي شينهن کان ڊڄي ڪري ڀڳا آهن |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
بلڪه انهن مان ته هرهڪ چاهي ٿو ته سندس نالي کليل خط اماڻيا وڃن |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
ڪڏهن به نه! اصل ڳالهه اها آهي ته انهن کي آخرت جو ڪو ڀؤ ئي ناهي |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
ڪڏهن به نه، اها ته هڪڙي نصيحت آهي |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
هاڻي جنهن جي دل گهري ته ان مان سبق پرائي |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
۽ اهي ته ڪو سبق نه پرائيندا، پر جي الله ائين گهري، (الله) اهوئي آهي، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو بخشش جو به مالڪ آهي |