يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي (منهنجا) ڪپڙي ويڙهڻ وارا (رسول) |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
اٿو ۽ ماڻهن کي عذاب کان ڊيڄاريو. |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
۽ پنهنجي پروردگار جي وڏائي بيان ڪر، |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک، |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
۽ گندگي کان پري رھ. |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ اهڙي طرح احسان نه ڪر جو وڌيڪ وٺڻ جا خواهشمند ٿيو. |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پنهنجي پروردگار جي رضامنديءَ لاءِ صبر ڪر. |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن ناقور (صور) ڦوڪيو ويندو. |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
ته اهو ڏينهن سخت (مصيبت جو) هوندو، |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
ڪافرن تي آسان نه هوندو. |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
(اي رسول!) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيو اٿم. |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم. |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
۽ پٽ (به) جيڪي وٽس رهڻ وارا آهن. |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم. |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
تڏهن به هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ ڏيان. |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
ائين نه ٿيندو، ته هو اسان جي آيتن جو دشمن آهي. |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
سگهو ئي آءُ ان کي سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس، |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
ڇو ته ان فڪر ڪري ڪري هڪ ڳالھ تجويز ڪئي. |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
پوءِ مار پويس ڪئين تجويز ڪيائين. |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
پوءِ مار پويس ڪئين تجويز ڪيائين. |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
وري ان (غور ڪري) ڏٺو. |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
وري منهن ۾ گهمنڊ وڌائين ۽ منهن بچڙو ڪيائين. |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين. |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
پڻ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (اکين کان) هليو ٿو اچي. |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو ڪلام آهي. (خدا جو نه) |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
سگهو ئي آءُ ان کي دوزخ ۾ وجهندس |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟ |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
اهو نه ڪجھ رهائي ٿو ۽ نه ڇڏي ٿو. |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
بدن کي ساڙي ڪارو ڪندڙ آهي. |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
ان تي اوڻيھ (فرشتا) مقرر آهن. |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
۽ اسان جهنم جا نگهبان ته رڳو ملائڪ ڪيا آهن ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي ۽ ڪتاب وارا ۽ مومن شڪ ۾ نه پون، پڻ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ٿا ته هن مثال مان خدا جو مطلب ڇا آهي؟ (اي رسول) اهڙي طرح خدا جنهن کي وڻيس تنهن کي گمراهي (۾ ڇڏي) ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي سنئون گس ڏيکاري ٿو. ۽ تنهنجي پالڻهار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نه ٿو ڄاڻي. ۽ هي رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي. |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
ٻڌي ڇڏيو، (اسان کي) چنڊ جو قسم |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
۽ رات جو جڏهن وڃڻ لڳي ٿي، |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ صبح جو جڏهن روشن ٿئي ٿو، |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
ته اهو (جهنم) به هڪ وڏي (آفت) آهي، |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
(پڻ) ماڻهن کي ڊيڃارڻ وارو آهي، |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
(سڀ جي لاءِ نه پر) اوهان مان جو شخص (نيڪي ڏي) وک وڌائي ۽ (برائي کان) پٺتي هٽڻ گهري. |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
سڀ ڪو نفس پنهنجي ڪمائي جي ڪري (گروي) پيل آهي. |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
پر سڄي هٿ ۾ (نامه اعمال) وٺڻ وارن کان سواءِ. |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
(بهشت جي) باغن ۾ هڪ ٻئي کي پڇي رهيا هوندا، |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوهارين جي باري ۾ |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
آخر اوهان کي ڪهڙي ڳالھ دوزخ ۾ وڌو آهي؟ |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
اهي چوندا ته اسين نڪي نمازين مان هئاسون. |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ نڪي مسڪينن کي کاڌو کارائيندا هئاسون. |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ اهل باطل وارن سان گڏجي اسين به بري ڪم ۾ گهڙي پوندا هئاسون. |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ ڏينهن قيامت کي ڪوڙو ڪندا هئاسون. |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
(۽ اسان ائين ئي گذاريو) تان جو اسان وٽ موت پهتو، |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
(پوءِ ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي. |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت کان منهن موڙ ڪئي اٿن. |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
ڄڻ ته اهي جنگلي گڏھ آهن، |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جو شينهن کان (دم دٻائي) ڀڄن ٿا. |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
اصل ۾ هيءَ (ڳالھ) آهي ته انهن مان هر شخص جي هيءَ تمنا آهي ته کيس کليل (آسماني ڪتاب) عطا ڪيا وڃن. |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
ائين ته هرگز نه ٿيندو. پر اهي ته آخرت کان ئي نه ٿا ڊڄن. |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
ها! ها! بيشڪ هي (قرآن سراسر) نصيحت آهي. |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
ته جيڪو گهري سو ياد رکي. |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
۽ خدا جي ارادي کان سواءِ ته اهي ياد رکي نه ٿا سگهن. اهو ئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ (اهو ئي) معاف ڪرڻ وارو آهي. |