يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي اوڍِيندڙ اوڍڻِي!، |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
پيرن ڀَر ٿِي پاڻ، ڪَر خَبردار خَلق کي، ڪَرِينِ ڄيري سندو ڄاڻ، |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
۽ پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ جِي، پوءِ وَڏائـِي واکاڻ، |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
پوءِ ڪَپڙا پَنهنجا پاڪ رَک، |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
۽ مَر مِڙوئـِي ڇاڻ، |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ هِن نِيَّتَ نيڪِي ڪِيَم ڪر، ته ڀَرِين پَنهنجا ڀاڻ، |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پَنهنجي پَروَر ڪاڻ، سَب ڪُجھ سَھ سَرِير تي. |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن وِيندو ڏَنڊ کي، ڦوڪيو سِين فرمان، |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
پوءِ ڏِينهن اُهو، ڏِينهن آھِ سو جَبَرو مَنجھ جَھان، |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
ڪَٺڻ سِر ڪُفران، اُهکو، نَه سَهکو آھِ سو. |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
ڇَڏ مُون ۽ اُن کي، جنهن کي، جوڙِيَم تَنْها تَن، |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
۽ ڪَيَمِ ڪُشادو ڪاڻ تِنهن، دُنيا دولت، ڌَن، |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
حاضِر پُٽ هَڪَيا تَّڪيا، اَکيَن اڳيان پَسجن، |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ ڪيڏٖي، سِين ڪَرمن، پُٺ پَکيڙِيَمِ اُن جِي. |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
موٽي ڀانئي مَن ۾، اَڃا به ڪريانسِ ڪَسر، |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
اُونهون؛ اَسان جون آيتون، سَگھون سَربَسر، مَڃڻ ڪَنان مُنهن ۾، هُو سَرڪش وِجھندڙ سَر، |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
ڪِنهن سَخِتي واري سَر، وِهلو واهِيندسِ اُن کي. |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
وَر وَر تِنهن وِيچاريو ۽ تَڪئـِين تورئـِين ڳالھ، |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
پوءِ ڌُران وِيو ڌِڪارجِي، پَهتو ڪِيئن پيمال، |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
وَرِي بِه تَڙيو توڙ ڪنان، ڪِيئن، ڪِئـِين خام خيال، |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
وَرِي نوڪ نِهاريو، ڪاوڙ ساڻ ڪُلال، |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
وَرِي کوٽٖي مُنهن کٽو ڪيو، گُھنڊ هَنيو گھنٽال، |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
وَرِي پانهون وَريو پوئتي، ۽ ڪيائين تڪبر تال، |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
پوءِ ڪافِر ڪَڍِي مُنهن ڪئي، هِن پَر بات بَطال، هِي مَذڪُور ناھِ مگر، جادو هلندڙ جال، |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
هِي مَذڪُور ناھِ مگر، ماڻهوءَ جِي مَقال، |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
سگهو کِيَسِ سَقر ۾، هَڻنداسون هر حال، |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
سَچ پَچ سَقر آهي ڇا؟ ڪِنهن ڪَل ڏِنئـِي اَڄ ڪالھ؟ |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
ڇُو تو ڇَڏي ڪو نه ڪو، بَچائي نَه بحال، |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
چارِي چَڱِئ چال، |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
آهِن اُوڻِيہ اُن مَٿي. |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
۽ مَلڪن ري، مَڱَر تي، نه ڌارياسون دَربان، ۽ توڙان تيارِي تِن جِي، ڪنهن ٻئي لئي، ڪَئـِي سون ڪانه، مگر مار مُنڪرِين، جي ڦِريا، کون فرمان، تان پَڪ ڪن، ڪتاب جِن کي، اڳي ٿيا اِحسان، ۽ وَڌن اُهي اِيمان ۾، آندو جِن اِيمان، ۽ ڪِتابي قُلُوب ۾، نه گَڏِينِ ڪو به گُمان، پڻ مُؤمن مُسلمان، جي جي نه رکن، جان ۾. ۽ تان مرض جِن جي مَن ۾، يا ڪافِر ذات، ڪُلال، سي سَمجھي ڪُوڙ قِيام کي، ڳالهائـِنِ هِئَ ڳالھ، ته اَلله اِرادو ڇا ڪيو، منجھان هِن مِثال، گُھري تِنهن کي، گَس ڪنان، ڦيري ڇَڏي فى الحال، پڻ ڀَلو ڪري ڀال، وَڻيسِ، تِنهن کي واٽ ڪري. ۽ تُنهنجي سائـِينءَ جي، سِپاھ کي، ٻِئو نه ٻُجھي اُن ڌار،۽ مگر ماڻهنِ هارِ، هِي ري نَصِحيت، ناھِ ٻِيو. |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
سَچ پَچ ساک چَنڊ جِي، |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
پڻ جَڏهن رَمِي پوءِ، رات، |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
ساک سُنهاري صُبح جِي، جڏ پِرھ ڦُٽي پِرڀات، |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
وَڏِي آھِ، وَڏِيَن مان، بيشڪ اِها بات، |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
لِڱ ڪانڊارِيندڙ لات، آھِ آدم ذات لئي. |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
آھِ اوهان مان اُنهن لئي، هِئَ نَصِحيت نِبار، گُھري ته، اُسري اڳڀرو، يا پُرٖي پويِين پار، |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
هَر ڪِنهن جانَ، جَھان ۾، ڪيا جي ڪم ڪار، گِروِي، گِرفتار، اَوس آهي اُن م. |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
آهِن اُن کان ڌار، سائـِين سائي هَٿ جا، |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
بالمِ باغ بهشت ۾، پُڇن |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
پاپين کان پار، |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
هِن هاڃي ۾ هيڪار، آن کي، ڪاهي ڪِنهن هَنيو؟ |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
چي، هَي هَي ! هُئاسُون ڪِين ڪِي، پَڙهندڙ نِمازون نُور، |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ ڏِيندا نه هُئاسون ڏُٻرن کي، مانِي ڌانِي مُور، |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ ضِديَن سان ضَرُور، هُئاسُون ڀيڙا بَحث ۾. |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ هُئاسون روز حساب کي، ڪُوڙو ڪوٺِيندا ڪالھ، |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
تان اَجل اَسان تي آئيو، پَڌر پَئـِي سَڀ ڳالھ، |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
پوءِ بَچائينِ نَه بَحال، واهِر، مِڙِني واهِرِين. |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
پوءِ آهي ڇا، اُنهن کي، ته ڪَنان مُوچارِئَ مَت، آڏي ڪَنڌ آهِين سي، سَندنِ اِي صفت، |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
گوهيون ڏِيندڙ گوڙ کان، گَڏھ جِھڙي گَت، |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
ڀڳا سي ڪِنهن ڀَٿ، هَنگامي ۽ هُل ڪنان. |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
اُٽلو گُھري، اُنهن مَنجھان، هَر مرد اِها مُراد، ته اُن کي، ٿيئٖي اِمداد، ڪو خط خُلاصو خير جو. |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
اُونهو، آخِرت کان، بَلڪ نه ڊِڄن بيداد، |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
هِي ياداشت، يَقِين سان، جو گُھري، ته رکيس ياد، |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
۽ ياد نه ڪَن اِرشاد، مَگر گُھري مُون ڌَڻِي. |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
اُهوئـِي آهي سو، جِنهن کان ڪَنبڻ آهي ڪار، ۽ بيشڪ بَخشڻهار، مَرهڻ وارو مِهر سان. |