يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي (نبوت جي لباس ۾) ويڙهجڻ وارا. |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
اٿي! پوءِ (خدا کان ڀليل ماڻهن کي زندگيءَ جي غلط طريقي تي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار. |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام) جي عظمت (۽ ضرورت) بيان ڪر. |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
۽ (ظاهري ۽ باطني يعني اخلاقن واري) پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک. |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
۽ گند (۽ گندي بيڪار ماڻهن) کان پري رهه. |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ (پوءِ الله جي مخلوق تي) هن لاءِ احسان نه ڪر ته (ان جي موٽ ۾) گهڻو (بدلو) ملي. |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ ڏکيائين تي ثابت قدم رهڻ) لاءِ صبر ڪر. |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن (حساب ڪتاب جي لاءِ ڪٺي ٿيڻ واسطي) ناقور وڄايو ويندو. |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
تڏهن اهو (بدڪارن لاءِ) ان ڏينهن ڏاڍو ڏکيو وقت ٿيندو. |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
(ان ڏينهن) ڪافرن تي (ذري برابر به) آساني نه هوندي. |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
(اي رسول! تون پنهنجي ڪم سان لڳو رهه ۽) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي (ماءُ جي پيٽان ئي دولت ڏئي پيدا نه ڪيو اٿم، پوءِ به ان تي سرڪشي ٿو ڪري بلڪ) اڪيلو پيدا ڪيو اٿم. |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
۽ ان کي (بعد ۾ آزمائش خاطر) ڪثرت سان مال ڏنو اٿم. |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
۽ پُٽ (به جيڪي انساني ڪم ڪرڻ بجاءِ سندس سرڪشي وڌائڻ لاءِ) وٽس ويٺل آهن. |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شئ) سندس چوڌاري پکيڙي ڇڏي اٿم. |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
وري به (سندس هوس پوري نٿي ٿئي ۽) هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ (طاقت ۽ دولت) ڏيان. |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
ائين نه ٿيندو، ڇو ته هو اسان جي (قانون بڻائي موڪليل) آيتن جو مخالف آهي. |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
سگهوئي آئون ان کي (پنهنجي گرفت ۾ آڻي) سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس. |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
ڇو ته هو (چڱائي ۽ مدائي ڄاڻي پيو ۽ ان تي غور) فڪر ڪيائين ۽ هڪ ڳالهه (دنيا جي لالچ ۽ فائدي واري پنهنجي لاءِ) تجويز ڪيائين. |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
پوءِ مار پويس ڪيئن (فاني حياتيءَ جي ٿورڙي فائدي جو مطلب پنهنجي اولاد لاءِ) تجويز ڪيائين. |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
پوءِ مار پويس (پنهنجي لاءِ اهڙي ڳالهه) ڪيئن تجويز ڪيائين. (جنهن جو نتيجو آخر ۾ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.) |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
وري ان (ڪنهن موقعي تي غور ڪري) ڏٺو. |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
پوءِ (به سندس اندر جي لچائي اڀري آئي ۽) منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ ٻوٿ بڇڙو ڪيائين. |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
پوءِ (خدا جي قانون کان) پٺ ڦيرايائين ۽ وڏائي ڪيائين. |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
پوءِ چوڻ لڳو ته، هي (قرآن) رڳو جادو (۽ پراڻي زماني جون پُرڪشش ڳالهيون) آهن جو (صدين کان ائين ئي) هلندو اچي. |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو (پنهنجو جوڙيل) ڪلام آهي. |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
سگهوئي آئون ان کي (سندس اهڙي سرڪشيءَ ۽ نافرماني تي کيس) دوزخ ۾ وجهندس. |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
۽ (اي رسول!) توکي خبر آهي ته دوزخ (جي ٽچڪندڙ ۽ رجائيندڙ باهه) ڇا آهي؟ |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
اها نه (ڪجهه بدن جو هڏو ۽ ٻوٽي) رهائي ٿي ۽ نه (ڪنهن شئ کي) ڇڏي ٿي. |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
ماڻهن کي (ساڙي) ڪارو (ٺاٺو) ڪندڙ آهي. |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
ان تي اڻويهه (داروغا) مقرر آهن. |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
۽ اسان باهه وارا (داروغا) رڳو ملائڪ ڪيا آهن، ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ (انهن جي اڳين ڪتابن ۾ ڄاڻايل تعداد مطابق) امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي، ۽ ڪتاب وارا ۽ مسلمان شڪ ۾ نه پون، ۽ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ته هن (اڻويهن واري انگ جيترن ملائڪن) مان الله جو مطلب ڇا آهي؟ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس تنهن کي (آزمائش ۾ وجهي) گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ (هونئن ته ان جو لشڪر اڻ کٽ آهي) تنهنجي پاليندڙ جي لشڪرن (واري تعداد) کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نٿو ڄاڻي، ۽ هيءَ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي. |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
ائين نه ٿيندو (ته ان کي حساب ڪتاب کان سواءِ ئي ڇڏيو وڃي جيئن هو گمان ڪري ٿو.) چنڊ جو قسم آهي (چنڊ ان جو شاهد آهي جيڪو مقرر قانون تي هلي ٿو.) |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
۽ رات جو (مٽجڻ به شاهد آهي) جڏهن اها پٺ ڦيري ٿي. |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ صبح جو (ٿيڻ به انهن قانونن تي شاهد آهي) جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو. |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
بيشڪ اهي (تبديليون قدرتي قانونن جي) وڏن واقعن مان هڪ (مثال) آهن. |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
انهن ماڻهن کي (هي مثال مڪافات ۽ حساب ڪتاب جي ٿيڻ واسطي) ڊيڄاريندڙ آهن. |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
جيڪي اوهان مان (اهڙن مثالن مان سبق وٺي) اڳتي وڌڻ يا پوئتي رهڻ گهرن، (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾ پنهنجي لاءِ فيصلو اوهان کي ئي ڪرڻو آهي.) |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
خدا جي پاران ڪنهن سان به زيادتي نٿي ٿئي) سڀڪو نفس پنهجي ڪمائي جي ڪري سوگهو ٿئي ٿو. |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
ساڄي پاسي وارن (نيڪوڪارن) کان سواءِ. |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
(ڇو ته اهي) باغن ۾ هوندا، هڪٻئي کان (حال احوال) پڇندا. |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوهارين بابت (ته انهن مٿان ڇا ڇا گذريو هوندو). |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
(پوءِ جڏهن انهن ڏوهارين کي ڏسندا تڏهن چوندن ته) اوهان کي ڪهڙيءَ ڳالهه (تباهين جي هن) دوزخ ۾ وڌو آهي؟ |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
اهي چوندا ته (اسان جو ڏوهه هي هو ته) اسين نڪي نمازين (عبادت ۽ اطاعت ڪندڙن) مان هئاسون. |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون. |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ اسين حق ۽ حق وارن خلاف ڳالهين بنائڻ وارن سان گڏ ڳالهيون بنائيندا هئاسون. |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ حساب جي ڏينهن کي (۽ ان جي عذاب کي) ڪوڙو ڪندا هئاسون. |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
تان جو (ان حالت ۾) اسان وٽ موت اچي پهتو. |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
پوءِ (ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي (۽ هميشه انهيءَ ۾ رهندا). |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
پوءِ (هاڻي جڏهن هي سڀ چٽيون حقيقتون انهن جي سامهون پيش ٿيون آهن ته پوءِ به) انهن کي ڇا ٿيو آهي جو (قرآن واري) نصيحت کان منهن موڙيندڙ (ٿيا) آهن. |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
(جيڪي ڪنڌ ڪڍائڻ لاءِ ائين ٽاهه ٿا کائن) ڄڻ ته اهي (جهنگلي) ٽهندڙ گڏهه آهن. |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن. |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
پر انهن مان هرهڪ مڙس گهري ٿو ته ان کي (ڪنهن اجتماعي نظام بجاءِ انفرادي مفادن واسطي) چٽا ڪتاب (قانون) ڏنا وڃن. |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
ائين ته هرگز نه ٿيندو اهو ان ڪري آهي جو هو (عارضي مفاد تي نظر رکيون ويٺا آهن ۽ هميشه رهڻ واري) آخرت کان نٿا ڊڄن. |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
پڪ ڄاڻو ته بيشڪ هي قرآن هڪ کليل نصيحت آهي. |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
پوءِ جيڪو (هن زندگي ۽ آخرت ۾ چڱايون) گهري سو ان مان نصيحت وٺي (ان جي مطابق زندگي گذاري). |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
۽ اهي تڏهن ئي نصيحت حاصل ڪري سگهندا جڏهن الله گهري (۽ الله گهرندو تڏهن جڏهن هو الله جي رضا ۽ مشيت گهرندا هجن) اهوئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهوئي (پاڻ کان ڊڄڻ وارن ۽ سندس قانون تي هلڻ وارن جون ڪوتاهيون) معاف ڪرڻ وارو آهي. |