يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي ڪپڙي ويڙهيل شخص! |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
اُٿ! ۽ ماڻهن کي ڊيڄار. |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
سندءِ ڌڻيءَ جي وڏائي چئو. |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
پنهنجا ڪپڙا صاف رک. |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
پليتيءَ کان پري رهه. |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ احسان ڪري گهڻو عيوض نه گهر. |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم تي صبر ڪر. |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪبو، |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
تڏهن ان ڏينهن اوکو وقت ٿيندو. |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
ڪافرن لاءِ ڪا به سکيائي نه هوندي. |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
مون کي ۽ انهي شخص کي ڇڏي ڏي، جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيم. (_) کيس گهڻو مال ۽ مجلس ۾ وهندڙ پٽ ڏنم، |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
کيس گهڻو مال ڏنم |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
۽ مجلس ۾ وهندڙ پُٽ |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ کيس پوريءَ طرح وڌايم، |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
ته به هو لالچ ٿو رکي ته اڃا به وڌيڪ ڏيانس! |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
هر گز نه! بيشڪ هو اسان جي آيتن ۾ جهيڙو ڪندڙ آهي. |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
ان کي جلد هڪ اُڀي جبل تي چاڙهيندس. (يعني کيس ترت ئي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.) |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
بيشڪ، هن سوچ ڪئي ۽ هڪ ٺهراءُ ڪيائين. |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
پوءِ شل موت پويس، ڪيئن نه ٺهراءُ ڪيو اٿس! |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
وري به شل موت پويس، ڪيئن نه ٺهراءُ ڪيو اٿس! |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
وري نظر ڪيائين. |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
پوءِ منهن ۾ شوروجهي گهنڊ پاتائين. |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
وري پٺيرو ٿيو ۽ آڪڙيو. |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
پوءِ چيائين ”هيءُ ته رڳو جادو آهي، جو اڳين کان هليو پيو اچي! |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
هي ته فقط انسان جو چيل آهي!“ |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
آءُ جلد ئي کيس دوزخ ۾ وجهندس. |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
۽ ڪير ٻڌائي ته دوزخ ڇا آهي؟ |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
هو نڪي ٿو گوشت ڇڏي، نڪي هڏا. |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
انسان کي ڪارو ڪري ڇڏي! |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
ان مٿي اڻويهه (چوڪيدار) آهن_ |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
اسان دوزخ جا چوڪيدار رڳو ملائڪ ڪيا آهن_ ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن جي پرکڻ لاءِ ڪيو اٿئون، ته اڳين ڪتابن وارا يقين ڪن ۽ مؤمن پنهنجي ايمان ۾ وڌن ۽ اڳين ڪتابن وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون_ ۽ ته جن جي دلين ۾ مرض آهي سي ۽ ڪافر چون ته ”هن مثال ڏيڻ ۾ ڀلا الله جو ڪهڙو مطلب؟“ اهڙيءَ طرح الله جنهن کي چاهي، ان کي ڀلائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي سڌي رستي لڳائي ٿو_ ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جا لشڪر، انهي پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به نٿو ڄاڻي_ ۽ اهو ته فقط سڀ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ نصيحت آهي. (__) خبردار! چنڊ، پٺ ڦيريندڙ رات ۽ روشن ٿيل صبح شاهد آهن. |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
خبردار! چنڊ شاہد آهي |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
پٺ ڦيريندڙ رات شاہد آهي |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ روشن ٿيل صبح شاهد آهي |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
ته دوزخ هڪ وڏي چيز آهي. |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
جا اوهان مان هر ڪنهن شخص کي ڊيڄاري ٿي. |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
جيڪو اوهان مان چاهي، ته اڳتي وڌي يا پوئتي رهي. |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
هر شخص پنهنجن ڪيتن ۾ گروي ٿيل آهي، |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
سواءِ انهن جي، جي ساڄي پاسي وارا آهن. (_) هو باغن ۾ هوندا ۽ ڏوهارين کان گڏجي پڇندا ته، |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
هو باغن ۾ هوندا ۽ گڏجي پڇندا |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوهارين کان |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
”اوهان کي دوزخ ۾ ڪهڙيءَ ڳالهه وڌو؟ |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
چوندا ”اسين نڪي نمازي هئاسون، |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون. |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ بڪواسين سان گڏجي بڪواس ڪندا هئاسون. |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙ سمجهندا هئاسون؛ |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
تان جو اچي اسان کي موت پهتو“_ |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
پوءِ کين شفاعت ڪندڙن جي شفاعت فائدو ڪانه ڏيندي. |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
پوءِ ڇا ٿيو اٿن؟ جو هو نصيحت کان ائين ٿا منهن موڙين، |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
جو ڄڻ ته ٽهندڙ گڏهه آهن، |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جي شينهن کان ڀڳا هجن! |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
بلڪ منجهانئن هر شخص ائين ٿو چاهي ته کيس کليل ڪتاب ملن. |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
ائين ناهي، بلڪ هو آخرت کان نٿا ڊڄن. |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
سچ آهي ته بيشڪ هي نصيحت آهي. |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
پوءِ جيڪو چاهي سو کيس پڙهي. |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
نصيحت فقط اهي ئي وٺندا جنهن کي الله گهرندو، اهي ئي نيڪ آهن ۽ اهي ئي بخشش جا لائق آهن. |