يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي (پاڻ تي چادر) ويڙهڻ وارا! |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
(هاڻي) اُٿ ۽ (پنھنجي قوم کي) ڊيڄار. |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر. |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک. |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
(هر قسم جي) گندگي کان پري رهه. |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
(دنيا ۾) گهڻي ملڻ خاطر (ڪنھن تي) احسان نه ڪر. |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پنھنجي پالڻھار خاطر صبر ڪر. |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو. |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
اهو ڏينھن ڏاڍو ڏکيو هوندو. |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
ڪافرن جي لاءِ (هرگز به) هلڪو نه هوندو. |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
(اي نبيﷺ!) ڇڏي ڏي مون کي ۽ جنھن کي مون اڪيلو ڪري پيدا ڪيو آهي. |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
مون کيس (يعني وليد بن مغيره کي) تمام گهڻو مال ڏنو. |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
فرمانبردار پُٽ ڏنا. |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ مون ان کي (دنيا ۾ سڀني کان) اڳتي رکيو. |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
پوءِ به هو لالچ ڪري ٿو ته مان کيس اڃا به گهڻو ڏيان. |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
هرگز نه! (هاڻي ايئن نه ٿيندو) بيشڪ هو اسان جي آيتن سان دشمني رکي ٿو. |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
مان کيس عنقريب تڪليفن جي چاڙهي چاڙهائيندومانس. |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
بيشڪ هن سوچي سمهجي سازش تيار ڪئي. |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
مٿس لعنت پوي، ڪهڙي ته (بُري) سازش ٿو سِٽي. |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
وري ٻيھر (به) مٿس لعنت پوي، ڪهڙي ته (بُري) سازش ٿو سِٽي. |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
پوءِ هُن (ماڻهن کي گُهوري) ڏٺو. |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
وري گُهنج وجهي بڇڙو منھن ڪيائين. |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
پوءِ تڪبر ڪندي پُٺي ڦيريائين. |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
آخرڪار چوڻ لڳو ته هي (قرآن) ته شروع کان هلندڙ جادو آهي. |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
اهو ته هڪ انساني ڪلام آهي. |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
پر مان کيس عنقريب دوزخ ۾ اڇلائيندس. |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
توکي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟ |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
(دوزخ ته اها جاءِ آهي) جنھن کان ڪير به نٿو بچي سگهي ۽ نه ئي هو ڪنھن ماڻهوءَ تي هلڪائي ڪندو. |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
ماڻهن کي ساڙي ڪاري رنگ وارو ڪري ڇڏيندو. |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
اُن (دوزخ) تي اوڻويهه داروغا (مقرر) آهن. |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
اسان رڳو ملائڪن کي دوزخ جا داروغا ٺاهي مقرر ڪيو آهي. اسان ڪافرن جي آزمائش خاطر ئي انهن جو تعداد ٻڌايو آهي (۽ان ڪري ٻڌايو آهي ته) جيئن ايمان وارن جي ايمان ۾ واڌارو اچي ۽ اهل ڪتاب ۽ مؤمن ماڻهو ڪنھن به شڪ ۾ نه پَون. دلين جا بيمار منافق ۽ ڪافر چون ٿا ته اهڙي مثال ڏيڻ مان الله تعالى جو ڇا مقصد آهي؟ الله تعالى اهڙي طريقي سان ئي جنھن کي چاهيندو آهي گمراهه ڪندو آهي ۽ جنھن کي چاهيندو آهي هدايت ڏيندو آهي. تنھنجي پالڻھار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ ڪير به نٿو ڄاڻي. باقي دوزخ جي عذاب جو ذڪر ته ماڻهن جي نصيحت لاءِ ئي (ڪيو ويو) آهي. |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
هرگز نه! قسم آهي چنڊ جو. |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
واپس ويندڙ رات جو. |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ روشن ٿيندڙ صبح جو. |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
بيشڪ اهو (دوزخ به الله تعالى جي وڏين نشانين مان) هڪ وڏي نشاني آهي. |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
اهڙن انسانن کي ڊيڄارڻ واري آهي. |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
جيڪي توهان مان (ڀلائي ۾) اڳتي وڌڻ چاهي يا پوئتي رهڻ چاهي. |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
هر انسان پنھنجي پنھنجي عمل جي بدلي ۾ گروي رکيل آهي. |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
(پر) ساڄي پاسي وارا ان کان بچيل آهن. |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
اُهي جنت ۾ (هوندا) هو پُڇا ڪندا. |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوهارين کان. |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
ته توهان کي ڪهڙي شيءِ دوزخ ۾ وڌو آهي؟ |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
هو چوندا ته اسان نماز پڙهڻ وارن مان نه هئاسون. |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ نه ئي مسڪينن کي کاڌو کارائيندا هئاسون. |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
سچي ڳالهه جي خلاف اسان به وات هڻندڙن سان گڏ وات هڻندا هئاسون. |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ حساب ڪتاب واري ڏينھن کي ڪوڙو ڪندا هئاسين. |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
ايستائين جو اسان جي مٿان موت اچي ويو. |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
سو هاڻي کين ڪنھن به سفارشي جي سفارش (ڪوبه) فائدو نه ڏيندي. |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
پوءِ هِنن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ جو نصيحت (يعني قرآن) کان منھن موڙي ويٺا آهن. |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
ڄڻ ته اهي ٽاهه کائيندڙ جهنگلي گڏهه آهن. |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جيڪي شينھن کي ڏسي (وٺي) ڀڄندا آهن. |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
انهن مان هرهڪ جي اها خواهش آهي ته کليل ڪتاب ان ڏي ئي موڪليو وڃي. |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
هرگز نه! هنن کي ته آخرت جو ڪو خوف نه آهي. |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
هرگز نه! هي (قرآن) ته هڪ نصيحت آهي. |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
پوءِ جنھن جي دل گهري ان مان نصيحت وٺي. |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
جڏهن الله تعالى چاهيندو ته پوءِ ئي اُهي نصيحت وٺي سگهن ٿا. اهو (الله) ئي آهي جنھن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهوئي معاف ڪندڙ آهي. |