يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي ويڙهجي سمهڻ وارا! |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
اٿي کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
۽ پنهنجي رب جي وڏائي (جو اعلان) بيان ڪر |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
۽ پليتيءَ کان پري رهه |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ نه ٿورو ڪر (احسان) وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پنهنجي رب جي واسطي صبر ڪر |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
۽ جڏهن ڦوڪي ويندي صور |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
پوءِ اهو ڏينهن هوندو ڏکيو (ڏاڍو سخت) |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
(اهو) نه هوندو ڪافرن تي هلڪو |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
ڇڏي ڏي مون کي ۽ ان شخص کي جنهن کي مون پيدا ڪيو اڪيلو |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
۽ ڏنم ان کي مال گهڻو ئي |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
۽ پٽ ڏنامانس حاضر رهڻ وارا |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ رياست جي راهه ان جي لاءِ هموار ڪيم |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
پوءِ وري به اهو لالچ رکندو آهي ته آئون ان کي اڃا به وڌيڪ ڏيان |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
هرگز نه! بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو ويري آهي |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
ته جلدي کيس ڏکي چاڙهي تي چاڙهيندس |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
بيشڪ ان سوچيو ۽ ڳالهه ٺاهڻ جي ڪئي |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
(خدا جي مار ان تي) ڪهڙي ڳالهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
(خدا جي مار ان تي) ڪهڙي ڳالهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
پوءِ وري ماڻهن ڏي ڏٺو |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
پوءِ منهن ڦيرايو، وڌائين گهنج پيشانيءَ ۾ |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
پوءِ وري گهنڊ پاتو ۽ پٺيرو ٿي وڏائي ڪيائين |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
آخرڪار چيائين ته هي ڪجهه ناهي سواءِ هڪ جادوءَ جي جيڪو اڳي کان هلندو اچي ٿو |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
هي ته هڪ قول آهي (ڪلام) انساني |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
سگهوئي کيس داخل ڪندس دوزخ ۾ |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها دوزخ ڇا آهي؟ |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
نه ڪجهه باقي رکي ۽ نه ڪنهن کي ڇڏي |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
لهسائيندڙ آهي کل ماڻهوءَ جي |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
ان جا آهن نگران مقرر اڻويهه |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
۽ ڪيا آهن ان دوزخ جا ڪارڪن فرشتا، ۽ آهي ڪيو اسان انهن جي تعداد کي پرک انهن ماڻهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو، جيئن يقين اچي انهن اهلِ ڪتاب کي ۽ وڌي انهن ماڻهن جو ايمان جن ايمان آندو آهي ۽ نه رهن ڪنهن شڪ ۾ اهلِ ڪتاب ۽ مؤمن، ۽ چون اهي ماڻهو جيڪي دل جا بيمار آهن، ۽ ڪافر هي چون ته ڀلا ڪهڙو ارادو آهي الله جو هن مثال ڏيڻ مان، اهڙيءَ طرح گمراهه ڪندو آهي الله جنهن کي گهرندو آهي ۽ هدايت ڏيندو آهي جنهن کي گهرندو آهي، ۽ ڪير نٿو ڄاڻي تنهنجي رب جي لشڪرن کي خود ان کان سواءِ ۽ بيان (دوزخ جو) ان لاءِ ڪيو ته نصيحت ٿئي ماڻهن کي |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
هرگز نه! قسم آهي چنڊ جو |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
۽ رات جو جڏهن اها موٽي ٿي |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ صبح جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
بيشڪ اها دوزخ به وڏين شين مان هڪ آهي |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
ڊيڄاريندڙ انسانن جي لاءِ |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
اها توهان مان ان شخص لاءِ آهي جيڪو اڳتي وڌڻ گهري يا پوئتي رهڻ گهري |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
هر شخص آهي پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي ۾ گروي رکيل |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
پر ساڄي پاسي وارا |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
جيڪي باغن ۾ هوندا، پڇندا |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوهارين کان |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
ته ڪهڙي شيءِ توهان کي آندو دوزخ ۾؟ |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
اهي چوندا، اسان نه هئاسين نماز پڙهڻ وارن مان |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ نه هئاسين کاڌو کارائڻ وارا مسڪينن کي |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ حق جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ وارن سان گڏجي اسين به ڳالهيون ڪندا هئاسين |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ هئاسين ڪوڙو ڀائيندڙ جزا جي ڏينهن کي |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
ايستائين جو واسطو پيو يقيني شيءِ (قوت) سان |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
پوءِ کين نفعو نه ملندو سفارش ڪندڙن جي سفارش جو |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
آخر انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو اهي هن نصيحت کان منهن موڙي رهيا آهن؟ |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
ڄڻ ته اهي گڏهه آهن جهنگلي |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جيڪي ڀڳا آهن شينهن کان ڊڄي |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
پر گهري ٿو انهن مان هرهڪ ته کين سندن نالي کليل خط (صحيفا) موڪليا وڃن |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
هرگز نه! اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اهي نٿا ڊڄن آخرت کان |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
هرگز نه، بيشڪ هي نصيحت آهي |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
پوءِ جنهن جي دل گهري ان مان سبق وٺي |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
۽ اهي نه وٺندا هئا ڪو سبق، ها جي ائين گهري ها الله، اهو (الله) ان ڳالهه جو حقدار آهي جو کانئس ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو ئي بخشڻ وارو آهي |