يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي (منهنجا) چادر پائڻ وارا (رسول) |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
رات جو (نماز لاءِ) اٿي کڙو ٿي پر (ساري رات نه) ٿوري رات |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
اڌ ٿئي يا ان کان به ڪجھ گهٽ ڪري ڇڏ! |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
يا ان کان ڪجھ وڌائي! پڻ قرآن کي باقاعدي جهلي جهلي پڙهندو رھ! |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
اسين جلد ئي تو تي هڪ ڳرو حڪم نازل ڪنداسون. |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) نرم ڪرڻ ۾ تمام سخت آهي ۽ تمام دلجاءِ سان ذڪر (عبادت) جو وقت آهي. |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
بيشڪ تو کي ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي. |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
ته پوءِ پنهنجي پالڻهار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ. |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
(اهو ئي) اوڀر ۽ اولھ جو مالڪ (مختار) آهي ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ تون ان کي پنهنجو ڪارساز بنائي. |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر! ۽ کين چڱي نموني ڇڏي ڏي. |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
۽ مون کي، انهن ڪوڙي ڪندڙن سان جي آسودا آهن سمجهڻ ڏي ۽ کين ٿوري مهلت ڏي. |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
بيشڪ اسان وٽ هٿڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باھ آهي. |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ نڙي ۾ اٽڪڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب (به) |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌڏندا ۽ جبل هاريل واري جي دڙي جهڙا ٿي پوندا. |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
(اي مڪي وارو!) اسان اوهان ڏي (اهڙي طرح) هڪ رسول (محمد) کي موڪليو آهي جيڪو اوهان جي معاملي بابت شاهدي ڏئي. جيئن فرعون ڏي هڪ رسول (موسى کي) موڪليو هو. |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
پوءِ فرعون ان رسول جي نافرماني ڪئي ته اسان (ان جي) سزا ۾ کيس سخت پڪڙ ڪئي. |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
پوءِ جيڪڏهن اوهين به نه مڃيندو ته ان ڏينهن (جي عذاب) کان ڪئين بچي سگهندو، جيڪو ڇوڪرن کي پوڙهو ڪري ڇڏيندو. |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
آسمان ان ڏينهن ڦاٽندو. (اهو) سندس وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي. |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري سو پنهنجي پالڻهار جي راھ اختيار ڪري. |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
(اي رسول!) بيشڪ تنهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو ته تون ۽ تنهنجا ڪي تو سان گڏ رهڻ وارا ماڻهو (ڪڏهن) رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽئين پتي (پوئين پهر نماز ۾) بيهو ٿا ۽ خدا ئي رات ۽ ڏينهن جو چڱيءَ طرح اندازو ڪري سگهي ٿو. ان کي خبر آهي ته اوهين ماڻهون ان تي چڱي طرح حاوي ٿي نه ٿا سگهو ته ان اوهان تي مهرباني ڪئي پوءِ جيترو سولو ٿي سگهيو اوترو (نماز ۾) قرآن پڙهندا رهندا ڪريو، اهو (خدا) ڄاڻي ٿو ته جلد ئي اوهان مان ڪي بيمار ٿي پوندا ۽ ڪي خدا جي فضل (روزگار) جي تلاش ۾ روءِ زمين تي سفر اختيار ڪندا ۽ ڪجھ ماڻهو خدا جي راھ ۾ جهاد ڪندا ته جيترو اوهان کي سولو لڳي اوترو پڙهندا رهو، پڻ نماز پابندي سان پڙهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ خدا کي قرض حنسه ڏيو ۽ جيڪو نيڪ عمل پنهنجي لاءِ (خدا جي اڳيان) پيش ڪندو تنهن کي خدا وٽ بهتر ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندو. ۽ خدا کان معافيءَ جي دعا گهرو بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي. |