يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي اوڍيندڙ شال! |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
بيھہ ڀَليرا رات ۾، مگر قَدر قليل ڪو، |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
اُن جو اَڌو ڇال، ڪُجھ گَھٽ ڪر، |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
ڪِ گھڻو اُن کان مُرسل! مَرضِي نال، پَڙھ قُرآن ڪَرِيم کي، لات چڱِئَ سان لال!، |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
تُرت رکنداسون تو مٿي، ڪو بارِي بار بحال، |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
بيشڪ بِيهڻ رات جو، آهي سَخت سُوال، ڪارن مارڻ نفس جي، پڻ سولِي ڳرهڻ ڳالھ، |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
آهن اَوهان تي ڏِينهن ۾، ڪيڏا ڪم ڪمال، |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
۽ سار، سَندِئي سائـِينءَ جو، نالو نُور نِهال، وَر وَرڻ کي اُن ڏي، ٻِئا سَڀ خام خيال، |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
اوڀر ڪِ اولھ پار جو، ڏينهن رات جو رکپال، تِنهن ڌاران درگاھ ناھِ ڪا، ٻيون جاٽون سَڀ جَنجال، هِتي، هُتي جو حال، ڪر حوالي اُن جي. |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
پوءِ سَھ سونهان، تون پان تي!، جي تَڙيون ڏِينئي توڙ، ۽ ٽوڙي اُنهن سان ٽوڙ، ناتا نَموني نيڪ سان. |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
۽ ڇَڏ مُون ۽ اُنهن کي، ڪُوڙ جِن جِي ڪار، جي مالِڪ بَنيا مال جا، جِن جا، آجھانگا اَپار، ۽ مُهلت ڏِبَيَنِ مَهل ڪا، |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
اسان وٽ اُنهن هارِ، زورا زور زَنجِير ڪَئين، باهيون بيشمار، |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ طعام تلخ تيار، ۽ سُورن ڀَريو ساڙڪو. |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
جنهن ڏِينهن ڌَرتِي ڌُٻندِي، پڻ جوراڻا جَبَل، ۽ پَهڻ تِنهن پَل، ڀَٽڪندڙ هوندا ڀِٽ جِيئن. |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
اَسان اَوهان ڏي موڪليو، ڪو سُونهون، سُرت سُڄاڻ، آهي شاهِد اَوهان مَٿي، هِتي، هُتي سو هاڻ، جِيئن ڦِريل فِرعون ڏي، اُماڻيو سون اڳواڻ، |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
پوءِ فِرعون مَڃِي ڪان ڪا، اُن اُماڻِيَل جِي آڻ، تڏهن پَڪڙيَسِ اَسان پاڻ، پَڪڙڻ سَخت پَڇاڙ سان. |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
پوءِ جي ڦِريا فرمان کان، ته بَچندا ڪِيئن بَدنام، اُنهِئ ڏِينهن کان، ڪنان روز قيام، جو ٻُڍو ٻارن کي ڪَندو، تابش ساڻ تمام، |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
ڦاٽل اُڀ اُن ڏِينهن ۾، جِتان ڪٿان جام، ۽ اُنهِئَ جو اَنجام، پاريل ڄاڻيج پَڪ سان. |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
هِي سَبَق ساڃاءِ جو، هِئَ نصِيحت نِبار، پوءِ پَنهنجي پَروَر پارَ، وَڻيسِ سو واٽ وَٺي. |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
سچ پچ سائين تُنهنجو، سَمجھي سارِي بات، ته ٻِن ٽِهائي نِئون ٿورڙو، تون بِيهِين رهبر رات، ۽ اڌ، يا ٽِهائي اُن جِي، تون ساريو پَڙهِين صَلواة، ۽ ڪَن توسان ڀٖيڙِي تات، ڪي ساٿِي تُنهنجي ساٿ جا. ۽ ڏاتِر ڏِينهن ۽ راتيون، جوڙي مَنجھ جھان، ڪُل کي پُهچندا ڪِين ڪِي، صَحِي ڪيو سُبحان، پوءِ موٽِي آن کي معاف ڪيو، مالِڪ مِهربان، پوءِ جيڪي سَهي جان، سو قدر پَڙهو قرآن مان. صاحِب پاڪ صَحِي ڪيو، آڳاٽو اَحوال، ته جَلد ٿِيَنِ اوهان مان، ڪي اَگھا اَڄ، يا ڪالھ، ۽ پئا پَکڙِي ڀُون پَٽن ۾، گُھرن ڀَلي جا ڀال، ۽ ٻِئا رَبَّ جي راھ ۾، لڙن لڙايون لال، پوءِ مَنجھانسِ مُوجِب حال، پڙهو، پُهچي جيترو. ۽ پُورو پَڙهو نِماز کي، ڏيو زَڪوٰتون زَر، ۽ ڏِيو کڻت خُدا کي، کڻت خاصِي پَر، ۽ اَڳي اُماڻِيون پاڻ لئي، جو سَفر سانگ سَمر، ڏِسنداسو ڏاتار وَٽ، ڀَلو ۽ بِهتر، اُهو اَجر ۾ اَجگر، سوايو ثَواب ۾. ۽ گُهرو عَفْوَ اَلله کان، اَلله آهي پَڪ، بَخشِيندڙ بيشڪ، سَٻاجھو سَڀَين پَرين. |