يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس. |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو. |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ. |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
يا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ. |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
بيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين. |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
بيشڪ رات جو اُٿڻ (نفس جي) جھڪي ڪرڻ ۾ تمام سخت آھي ۽ لفظن (چوڻ) ۾ تمام پڪو آھي. |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
بيشڪ توکي ڏينھن ۾ گھڻو ڌنڌو آھي. |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان ھڪ طرفو ٿي چڱي طرح ڏانھس متوجه ٿيءُ. |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
جو اوڀر ۽ اولھ جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري تون کيس ڀرجھلو ڪري وٺ. |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي. |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
۽ مون کي ۽ جيڪي ڪوڙ ڀائيندڙ آسودا آھن تن کي ڇڏي ڏي ۽ اُنھن کي ٿوري مُھلت ڏي. |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
بيشڪ اسان وٽ (ڳرا) نيل ۽ ٻاريل باھ آھي. |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ نڙي گھٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
جنھن ڏينھن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا ڍڳ ھاريل ٿيندا. |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
(اي ماڻھو) بيشڪ اسان اوھان ڏانھن ھڪ پيغمبر اوھان تي شاھدي ڏيندڙ موڪليو جھڙي طرح فرعون ڏانھن (موسى) پيغمبر (ڪري) موڪليوسون. |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
پوءِ فرعون اُن پيغمبر جي نافرماني ڪئي تنھنڪري اُن کي سخت پڪڙ ۾ پڪڙيوسون. |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
پوءِ جيڪڏھن (اوھين) ڪافر رھندؤ ته اھڙي ڏينھن کان ڪيئن بچندو جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪندو. |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
اُن ڏينھن ۾ آسمان ڦاٽندو، الله جو انجام (ضرور پورو) ٿيڻو آھي. |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
بيشڪ ھيءَ نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي. |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته تون ٻن ٽھائن رات جي ويجھو اُٿندڙ آھين ۽ اڌ رات جو ۽ ٽھائي رات جي ۽ جيڪي تو ساڻ آھن تن مان به ھڪ ٽولي (اٿندي آھي)، ۽ الله رات ۽ ڏينھن جو اندازو ڪندو آھي، الله ڄاتو ته اوھين رات جو اُٿڻ پورو ڪري نه ٿا سگھو تنھنڪري اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو پوءِ جيترو آسان ٿي سگھي سو قرآن مان پڙھو، الله ڄاڻي چڪو ته اوھان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا جي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا الله جي فضل مان (روزيءَ جي) طلب ڪن ٿا ۽ ٻيا الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) وڙھن ٿا، تنھنڪري جيترو قرآن مان آسان ٿي سگھي سو پڙھو ۽ نماز کي قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيو، ۽ جيڪي پاڻ لاءِ چڱائي مان اڳي موڪليندؤ تنھن کي الله وٽ وڌيڪ چڱو ۽ اجر ڪري تمام وڏو لھندؤ، ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. |