يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي ڪپڙي ويڙهيل! |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
رات جو عبادت ڀلي ڪر، پر ٿوري. |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
يعني سندس اڌ يا ان کان ڪجهه گهٽ ڪر. |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
يا وڌ، ۽ قرآن ٺاهي ٺاهي پڙهه. |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
بيشڪ اسين جلد ئي توتي هڪ ڳرو حڪم موڪلينداسون. |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
بيشڪ رات جو اٿڻ نفس کي تمام جهڪو ڪري ٿو ۽ تمام سڌي ڳالهه آهي. |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
تو کي ته ڏينهن ۾ گهڻو ڪم آهي. |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
تون پنهنجي ڌڻيءَ جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان هڪ طرفو ٿي هن ڏي چڱيءَ طرح مهاڙ ڪر. |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
هو اوڀر ۽ اولهه جو ڌڻي آهي، ان ڌاران ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ان ڪري تون کيس ئي ڀر جهلو بناءِ. |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
ڪافرن جي ڳالهائڻ تي صبر ڪر ۽ کين چڱيءَ طرح سان ڇڏي ڏي. |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
۽ مون کي ۽ انهن نه وسهندڙ آسودن کي ڇڏي ڏي ۽ کين ٿوري مهلت ڏي. |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
بيشڪ اسان وٽ (هنن لاءِ) ڳرا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه آهي. |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ نڙي گهٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب. |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
انهي ڏينهن جڏهن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا هاريل ڍڳ ٿيندا. |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
اي انسانو! اسان اوهان ڏانهن به هڪ حڪم ٻڌائيندڙ رسول موڪليو، جيئن فرعون ڏانهن به رسول موڪليوسون. |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
پوءِ فرعون رسول جو چيو نه مڃيو، ان ڪري ان تي سخت عذاب وڌوسون. |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
پوءِ جيڪڏهن اوهين ڪفر ڪندا ته اهڙي ڏينهن کان ڪيئن بچندا؟ جيڪو ٻارن کي پوڙهو ڪندو. |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
جنهن ۾ آسمان ڦاٽندو- اهو الله جو انجام ضرور پورو ٿيندو. |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
بيشڪ، هيءَ ته آهي نصيحت! پوءِ جنهن جي مرضي پوي، سو سندس ڌڻيءَ جي واٽ وٺي. |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
بيشڪ، تنهنجي ڌڻيءَ کي خبر آهي ته تون بيشڪ رات جي ٽئين حصي گذرڻ بعد يا اڌ رات جو يا ٽهائي رات جو نماز لاءِ اٿندو آهين ۽ مؤمنن جي هڪ ٽولي به توسان گڏ اٿندي آهي- ۽ الله ئي رات ڏينهن جو اندازو ڪندو آهي. الله ڄاتو، ته اوهين انهي کي پورو نٿا ڪري سگهو، ان ڪري اوهان تي ٻاجهه سان موٽيو، هاڻي جيترو قرآن سولو لڳيوَ اوترو پڙهو- (الله ڄاڻي ٿو ته توهان مان ڪي بيمار هوندا ۽ ٻيا الله جي فضل جي تلاش ۾ زمين ۾ ڦرندا هوندا ۽ ڪي الله جي واٽ ۾ جهاد ڪري رهيا هوندا پوءِ جيترو سولو لڳي اوترو پڙهو) نماز هميشه پڙهو، زڪوات ڏيو ۽ الله کي سٺو قرض ڏيو- جيڪي چڱا ڪم اڳتي موڪليندو، سي الله وٽ وڌيڪ سٺا ۽ وڏي اجر وارا ٿي ملندوَ- ۽ الله کان بخشش گهرو- بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. |