يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي چادر ڍڪي سمهڻ وارا! |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
رات جو ڪجهه حصو (نماز لاءِ) اٿندو ڪر. |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
اڌ رات هجي يا ان کان ٿورو کڻي گهٽ حصو هجي. |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
يا اڌ رات کان کڻي ڪجهه حصو وڌاءِ ۽ (نماز ۾) قرآن مجيد ٺاهي ٺاهي پڙهندو ڪر. |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
هاڻي اسان تنھنجي مٿان تمام سخت ذميداري رکڻ وارا آهيون. |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) نرم ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي ۽ قرآن مجيد کي صحيح صحيح پڙهڻ لاءِ به اهو مناسب وقت آهي. |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
بيشڪ ڏينھن جي وقت ۾ توکي تمام گهڻي مصروفيت آهي. |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي نالي جو ذڪر ڪندو رهه ۽ سڀني کان الڳ ٿي ان ڏي ئي متوجھه ٿي. |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
(هو) اولهه ۽ اوڀر جو پالڻھار آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. ان کي ئي سڀ معاملا درست ڪرڻ وارو سمجهه. |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
انهن ماڻهن جي ڳالهين تي صبر ڪر ۽ انهن کان سھڻي طريقي سان پاسو ڪندو رهه. |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
انهن ڪوڙن ۽ خوشحال ماڻهن جي معاملن کي مون تي ڇڏي ڏي ۽ انهن کي پنھنجي حال تي ئي ڇڏي ڏي. |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
بيشڪ اسان وٽ ٿلهيون هٿ ڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي. |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ نڙيءَ ۾ اٽڪندڙ کاڌو ۽ دردناڪ عذاب آهي. |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
ان ڏينھن زمين ۽ جبل ڌُڏي ويندا ۽ جبل هاريل واريءَ جا ڍڳ ٿي ويندا. |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
(اي مڪي وارؤ!) بيشڪ اسان توهان ڏانھن شاهدي ڏيندڙ هڪ رسول سڳورو موڪليو هو، جيئن اسان فرعون ڏانھن هڪ رسول سڳورو موڪليو هو. |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
پوءِ فرعون، رسول سڳوري جي نافرماني ڪئي ته اسان کيس انتھائي سختيءَ سان پڪڙيوسين. |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
جيڪڏهن توهان به (هِن رسول سڳوري کي) نه مڃيندا ته پوءِ ان ڏينھن کان ڪيئن بچي سگهندا جيڪو ٻارن کي (وقت کان اڳي) پوڙهو ڪري ڇڏيندو؟ |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
جنهن ڏينھن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ الله تعالى جو وعدو ضرور پورو ٿيندو. |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
بيشڪ هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي، جيڪو (نصيحت) وٺڻ چاهي اهو پنھنجي پالڻھار جو (ٻڌايل) رستو اختيار ڪري. |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي اها خبر آهي ته تون رات جو ٻه ٽھايون حصو ۽ ڪڏهن اڌ رات ۽ ڪڏهن هڪ ٽھائي حصو اُٿي تهجد نماز ۾ بيھندو آهين ۽ تنهنجن ساٿين مان به ڪجهه ساٿي اهو عمل ڪندا آهن. الله تعالى رات ۽ ڏينھن جي وقتن جو (باقاعده) حساب رکي ٿو. کيس معلوم آهي ته توهان وقت جي هميشه لاءِ پابندي نٿا ڪري سگهو. تنهنڪري هن توهان تي مھرباني ڪئي (۽ ان حڪم ۾ نرمي ڪئي اٿس) سو هاڻي توهان (تھجد ۾) جيترو آساني سان قرآن مجيد پڙهي سگهو، اوترو ئي پڙهو. هُن اهو به ڏٺو ته توهان مان ڪي ماڻهو بيمار هوندا، ڪي زمين ۾ الله تعالى جو فضل (يعني روزي) تلاش ڪرڻ ۾ هوندا ۽ ڪي وري الله تعالى جي رستي ۾ وڙهندا هوندا. سو (هاڻي) جيترو آسانيءَ سان نماز ۾ قرآن شريف پڙهي سگهو، اوترو ئي پڙهو. نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪندا رهو ۽ الله تعالى کي سھڻو قرض ڏيندا رهو. توهان پنھنجي لاءِ جيڪا به ڀلائي اڳتي موڪليندا سو ان کي الله تعالى وٽ ڏسندا، اهوئي بھتر آهي ۽ ان جو اجربه تمام وڏو آهي. الله تعالى کان (پنهنجي) گناهن جي معافي گهرو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |