يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي ويڙهجي سمهڻ وارا |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
بيهندو ڪر رات جو (نماز ۾) پر ٿورو وقت |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
ان جو اڌ يا گهٽ ۽ ان کان (اڃا به) ٿورو |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
يا وڌائي ڇڏ ان کان ۽ پڙهه قرآن کي ٺاهي ٺاهي |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
بيشڪ اسان نازل ڪرڻ وارا آهيون توتي ڪلام ڳرو |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
بيشڪ اٿڻ رات جو (نفس کي) قابو ڪرڻ لاءِ ڪارائتو آهي (قرآن کي چڱي طرح پڙهڻ لاءِ) موزون ڳالهه آهي |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
بيشڪ تنهنجي لاءِ ڏينهن جي وقت معاملات گهڻا آهن |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
۽ ذڪر ڪندو رهه پنهنجي رب جو ۽ ڌار ٿي سڀني کان انهيءَ جو ٿي وڃ |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
اهو رب آهي اوڀر ۽ اولهه جو، ان بنا ڪوبه خدا ناهي، ان ڪري کيس پنهنجو ڪارساز بناءِ |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
۽ صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي ماڻهو چون ٿا ۽ ڌار ٿي وڃ انهن کان سهڻي نموني |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
۽ ڇڏي ڏي مون کي ۽ انهن ڪوڙو ڪندڙن خوشحالن کي ۽ پڻ انهن کي مهلت ڏي ٿورڙي |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
بيشڪ اسان وٽ انهن لاءِ ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ کاڌو نڙي گهٽيندڙ آهي ۽ عذاب تمام سخت |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
هي ان ڏينهن ٿيندو جڏهن ڌٻندا زمين ۽ جبل ۽ حال ائين هوندو جبلن جو جيئن هجن ڍڳ واريءَ جا (جيڪي) پکڙجي رهيا آهن |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
بيشڪ اسان موڪليو آهي توهان وٽ هڪ رسول شاهدي ڏيندڙ توهان تي، جيئن موڪليوسين اسان فرعون ڏي هڪ رسول |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
(پوءِ ڏسو ته) نه مڃي ڳالهه فرعون رسول جي، پوءِ اسان کيس پڪڙيوسين سختي سان |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
۽ پوءِ ڪيئن بچندا جيڪڏهن توهان انڪار ڪندا مڃڻ کان ته ان ڏينهن جيڪو بڻائيندو ٻارن کي ٻڍڙو |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
۽ آسمان ان جي سختي سان ڦاٽي پوندو، اهو (الله) جو وعدو پورو ٿيڻو ئي آهي |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي، جنهن کي وڻي سو پنهنجي پالڻهار ڏي وڃڻ جي راهه اختيار ڪري |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
(اي نبي!) بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻي ٿو تون بيٺو رهين ٿو (عبادت ۾)، ڪڏهن ٻن ٽهائي رات جي ويجهو ۽ اڌ رات جو، ڪڏهن هڪ ٽهائي رات جو ۽ تنهنجي ساٿين مان به اهو عمل تو سان گڏ ڪري ٿو، ۽ الله حساب رکي ٿو رات ۽ ڏينهن جو، ان کي معلوم آهي توهان هرگز حساب ڪري نه سگهندا، تنهن ڪري هن مهرباني توهان تي ڪئي، هاڻي جيترو به پڙهي سگهو ٿا آسانيءَ سان پڙهندا ڪريو قرآن، هن کي معلوم آهي ته هوندا آهن توهان مان ڪي مريض، ۽ ٻيا اهڙا جيڪي سفر ڪندا آهن زمين ۾، ڳولين ٿا الله جو فضل (روزي) ۽ ٻيا وري جنگ (جهاد) ڪندا آهن الله جي راهه ۾، تنهن ڪري جيترو (قرآن) پڙهي سگهو ٿا سولائي سان پڙهو، ۽ قائم ڪريو نماز ۽ زڪواة ڏيو، ۽ قرض ڏيو الله کي قرض سهڻو، ۽ جيڪا به اڳتي موڪليندؤ پنهنجي لاءِ ڀلائي سا ڏسندؤ الله وٽ، اهو ئي وڌيڪ چڱو آهي ۽ وڏو آهي اجر، ۽ بخشش گهرندا رهو الله کان، بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي |