قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1) |
(اي رسول ماڻهن کي) ٻڌائي ته مون وٽ وحي آيو آهي ته جنن جي هڪ جماعت (قرآن کي) ڪن ڏئي ٻڌو ته چوڻ لڳا: اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي. |
يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2) |
جيڪو ڀلائي جي راھ ڏيکاري ٿو ۽ اسان ان تي ايمان آندو ۽ هاڻي ته اسين ڪنهن کي پنهنجي پالڻهار جو شريڪ نه بڻائينداسون. |
وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3) |
۽ هي ته اسان جي پالڻهار جو تمام وڏو شان آهي. ان نه ته ڪنهن کي زال بڻايو ۽ نه پٽ (يا ڌيءُ). |
وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4) |
۽هي ته اسان مان بيوقوف، خدا جي باري ۾ حد کان وڌيڪ بيهوديون ڳالهيون بڪيندا هئا. |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5) |
۽ هي ته اسان جو خيال هو ته آدمي يا جن خدا جي باري ۾ ڪوڙي ڳالھ ڪري ئي نٿا سگهن. |
وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6) |
پڻ هي ته آدمين مان ڪجھ ماڻهو جنن مان ڪن (جنن) جي پناھ وٺندا آهن ته ان کان سندن سرڪشي اڃان به وڌي وئي. |
وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7) |
۽ هي ته جيئن اوهان (جنن) جو گمان آهي تئين (ماڻهن جو به) هو ته خدا ڪنهن کي به ٻيهر نه جياريندو. |
وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8) |
۽ اسان آسمان کي جاچيو ۽ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي. |
وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9) |
۽ (اڳي) اسين آسمان جي (گهڻن ئي) رستن تي (غيب) ٻڌڻ لاءِ وهندا هئاسون پر هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو. |
وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10) |
۽ هي ته اسين نه ٿا سمجهون ته زمين وارن سان برائيءَ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي. |
وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11) |
۽ هي ته اسان مان ڪي چڱا (جن) آهن ته ڪي اسان مان ٻيءَ طرح جا آهن ڇو ته اسين (به) جدا جدا طريقن تي آهيون. |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12) |
۽ اسان هي خيال ڪيو آهي ته اسين الله کي زمين ۾ ڪڏهن به ٿڪائي نه سگهنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏهن ان کي عاجز ڪري سگهنداسون. |
وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13) |
۽ اسان جڏهن سڌي راھ تي هلڻ جي ڳالھ ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان ڊڄندو. |
وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14) |
۽ هي ته اسان مان ڪجھ فرمانبردار آهن ۽ ڪي اسان مان نافرمان آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو. |
وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15) |
۽ نافرمان دوزخ جون ڪاٺيون ٿيندا. |
وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16) |
۽ (اي رسول! چوين) ته جيڪڏهن اهي ماڻهو سڌي راھ تي هلن ها ته اسين ضرور کين گهڻي پاڻيءَ سان سيراب ڪريون ها. |
لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17) |
ته جيئن ان سان سندن آزمائش ڪريون ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي ياد کان منهن موڙيندو ته کيس سخت عذاب ۾ ڌڪي ڇڏيندو. |
وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18) |
۽ هي ته مسجدون خاص خدا جون ئي آهن پوءِ اوهين خدا سان ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪجو. |
وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19) |
۽ هي ته جڏهن خدا جو عبد (محمد) سندس عبادت لاءِ بيهي ٿو ته اهي (ڪافر) مٿس ميڙ ڪري ڪرن ٿا. |
قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20) |
(اي رسول! کين) چئو ته آءُ ته پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ان جو ڪنهين کي شريڪ نه ٿو ڪريان. |
قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21) |
(هي به) چوين ته آءُ ته اوهان جي باري ۾ نه برائي جو اختيار رکان ٿو ۽ نه ڀلائيءَ جو. |
قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22) |
(هي به) چوين ته مون کي خدا (جي عذاب) کان ڪو به پناھ ڏئي نه ٿو سگهي ۽ نه آءُ ان کان سواءِ ڪٿي به پناھ جي جاءِ ڏسان ٿو. |
إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23) |
خدا جي طرفان (حڪمن جو) پهچائڻ ۽ سندس پيغامن کي ادا ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ ڪري نه ٿو سگهان ۽ جنهن خدا ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪئي ته ان لاءِ يقينا دوزخ جي باھ آهي جنهن ۾ اهو سدائين پيو رهندو. |
حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24) |
نيٺ جڏهن ان کي ڏسندا جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو تڏهن سگهو ئي ڄاڻندا ته مددگار جي حيثيت سان ڪير ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي. |
قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25) |
(اي رسول! کين) چئو ته آءُ نه ٿو ڄاڻان ته جنهن ڏينهن جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سو (الائي) ويجهو آهي يا منهنجو پروردگار ان جي مدت وڌائي ڇڏي آهي. |
عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
(اهو) ڳجھ جو ڄاڻندڙ آهي جو پنهنجي ڳجھ کان ڪنهن هڪڙي کي (به) واقف نه ٿو ڪري. |
إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27) |
پر جنهن رسول کي پسند ڪيائين ته ان جي اڳيان ۽ ان جي پٺيان (به) چوڪيدار (فرشتا) مقرر فرمائي ڇڏي ٿو. |
لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28) |
(هن لاءِ) ته ڄاڻي ته انهن پنهنجي پروردگار جا پيغام پهچايا آهن ۽ هونئن ته جيڪي وٽن آهن تنهن جي ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس. |