قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1) |
چئو، مون وٽ، اَڄ ڪو آئيو، واحِد جو وَحِي، ته جماعت جِنن مان، ٻُڌِي حَقِيقت هِي، چي، ڪَنِين عَجب قرآن کي، سُيئو سون صَحِي، نِهٖي پِهٖي پَهِي، چاڙهي چڱئَ واٽ تي. |
يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2) |
پوءِ قَلبًا تِنهن قُرآن تي، آندوسون اِيمان، ۽ پَنهنجي سائـِينءَ سِين سُبحان، هرگز نه پاڙيون هيڪڙو. |
وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3) |
۽ آھِ اَسان جي رَبَّ جو، بيشڪ شان بلند، نه ڌارئـِين سانئـِڻ ڌُرڪنان، نه فرضِي ڪو فَرزند، |
وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4) |
۽ اَصل اسان ۾ ڀُوڪ وَڏو، لانگوٽيو لُنگ بَند، سو کَرِيَل، سِر خاوَند، هو ڪندو باطل باتيون. |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5) |
۽ اَسان اَوَس اِيئن ڀانيو، ته ماڻهو، يا ڀُوت بَندو، ڪَڏهن نه ڪُوڙ ڪندو، قادِر، ربَّ، ڪريم تي. |
وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6) |
۽ اَصل اِنسانن مان، مَرد مَدارِي ڪِي، ڀُوتن مان ڪِن ڀاتيَن جي، هُئا سِرِڻ پَونداسي، پوءِ آڀاري اُنهن کي، وَڌِيڪ وَڌائون وِرَس ۾. |
وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7) |
۽ بِلڪل اُنهن اِيئن ڀانيو، جِيئن ڀورا! ڀانيا پاڻ، ته صاحِب سُرت سُڄاڻ، هرگز نه اُٿاري هيڪڙو. |
وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8) |
۽ اَسان ڇُوتو اُڀ کي، مَٿاڇرو مُور، پوءِ پاتوسون اُن ۾، ڪو پَهرو زور ضرور، پڻ ڀَريو وِيو ڀَرپُور، اُماڙن سان اگ جي. |
وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9) |
۽ وِهنداهُئاسُون ويهڻيون جَھلي، سَنديون سُڻن اُت، پوءِ هَلٖي ٻُڌڻ ٻوليون، هاڻي جيڪو هُت، بيشڪ اَندر بُت، سو لوڙٖي لُونها آڳ جا. |
وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10) |
۽ سَچ ته سَمِجھي نه سَگھون، اَسِين هِي اسرار، ته سُورن جو سِٽيو وِيو، ڀُون وارن تي بار، يا هِدايت حَقّ پار، سائـِينءَ سِٽِي اُنهن لئي. |
وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11) |
۽ اَسان مان آهِينِ ڪي، سَچ پَچ صالِح نيڪ، سَوِين ٻَئاتِن سوا، هَچارا هر هيڪ، آهيون قِسم اَنيڪ، ڌارو ڌار ڌَرمن تي. |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12) |
۽ وِيچاري وُجود ۾، ڪَئـِي سُون پُورِي پَڪ، ته مَهٽيون نه مالِڪ کي، ڀُون ۾ بَلاشڪ، نه ڪِي لَتاڙي لَڪ، ڀُڃون کيسِ ڀُڄڻ ۾. |
وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13) |
۽ حُڪم هِدايت جو، سُئو سُون صَحِي، وِيا لُڙ لَهِي، حَق ڄاتو سون هيڪڙو. پوءِ پَنهنجي پالڻهار تي، آڻي جو اِيمان، پوءِ سَندو ظُلم زِيان، سو ڀَئو ڀانئي ڪو نه ڪو. |
وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14) |
۽ اَسان مان آهِينِ ڪي، مُؤمن سَچا صاف، پڻ اَسان مان آهِينِ ڪِي، بلڪل بي اِنصاف، پوءِ آيو جو اِسلام تي، ڇَڏي خَلل خِلاف، پوءِ اِهڙا جِن اوصاف، تِن سُوچِيو سَنئينءَ واٽ کي. |
وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15) |
۽ جڪي ڏاڍا ڏيھ ۾، اُهي ڪاٺيون هاوِي هارِ، |
وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16) |
جيڪي وَهِين واٽ تي، بِيٺا بَرقرار، تِنِين کي تڪرار، اَسان پَلر پوڄ پِياريو. |
لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17) |
تان پرکيونِ اَسين پَر ۾، پَسونِ سَندنِ پير، ته سَندنِ سائـِين پاڪ کان، مُنهن موڙي ٿو ڪير؟، تِنهن وِلهي کي ڪنهن وير، ڪاهٖي هَڻندو ڪاھ ۾. |
وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18) |
۽ پاڪ مِڙوئـِي مسجدون، آهِن اَلله ڪاڻ، پوءِ سَڏ ۾ سائـِينءَ ساڻ، هرگز نه گَڏيو هيڪڙو. |
وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19) |
۽ اُٿيو جَڏهن اَلله جو، بَندو بي قُصور، ٻاڏائيسِ ٻاجھ لئي، حاضِر مَنجھ حُضور، ته مُوڙهل ميڙا مُور، هُوندا آهن اُن تي. |
قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20) |
چئو آئون سَندمِ سائـِينءَ کي، ٿو پُڪاريان پاڻ، ۽ سَندمِ سائـِين ساڻ، هرگز نه پاڙيان هيڪڙو. |
قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21) |
چئو، مُون نه بَچائي مُورهِين، ڪو هاوِي ڪنان هِڪ، پڻ نه لَهندسِ لِڪ، اوڀَرِي ڪا، اُن ڪنان. |
قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22) |
چئو، مُون نه بَچائي مُورهِين، ڪوهاوِي ڪنان هِڪ، پڻ نه لَهندسِ لِڪ، اورڀَرِي ڪا، اُن ڪنان. |
إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23) |
مگر مالِڪ پاڪ جا، پُهچون ۽ پيغام، ۽ حُڪم رَبَّ ۽ رَسُول جا، ڀَڃن جي بَدنام، پوءِ اُن لئي آگ جَھَنّم جِي، مَنجھسِ پاڻ مُدام، |
حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24) |
تان جِنهن جو اَٿنِ اَنجام، اَکيَن ڏِسنِ اُن کي. پوءِ سِگھوئـِي سمجھندا، اُهو اَڀرو آهي ڪير؟، وِيئت واهِر وير، پڻ سُڃو سَمر ساٿ ۾. |
قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25) |
چؤ آئون نه ٻُجھان اِن ڳالھ مان، ته اوڏِي آھِ قِيام، ڏِنو وَڃي جِنهن ڏينهن جو، اوهان کي اَنجام، يا سانيـَمِ سُهڻي نام، ڪادير ڌَرِيندو اُن ۾. |
عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
آهي عالِم غيب جو، عيان مَٿسِ اِسرار، پوءِ ڪري نَه پَنهنجي ڳُجھ کان، ڪِنهن هِڪڙي کي هوشيار، |
إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27) |
مگر جِنهن مُرسل کان، ٿيو راضِي رَبُّ سَتار، پوءِ اَڳيان، پويان اُن جي، چوڏِس چوڪِيدار، بيشڪ ڀيڙا موڪلي، |
لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28) |
تان ڄاڻي ڄاڻڻهار، ته زير، زبر، پيش سان، نيئـِي پُهچايون پار، نياپا نِبار، پنهنجي پَروَر پاڪ جا. ۽ هادِي سَندنِ حال، پورِي رِيت پَرُوڙيو، ۽ سارِي سَڀ ڪا ڳالھ، ڪَيائـِين بَند بَياض ۾. |