القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡجِنِّ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1)

(اي نبي!) چؤ ته: مون ڏي وحي ڪئي وئي آهي ته جنن جي هڪ جماعت (منهنجي تلاوت کي) ٻڌو پوءِ (پنهنجي قوم کي) چيائون: ”بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.

يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2)

جيڪو هدايت جي واٽ ڏيکاري ٿو سو اسان ان تي ايمان آندو آهي. ۽ اسان پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ ڪونه ڪنداسين“.

وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3)

۽ هي ته: ”اسان جي پالڻهار جو شان بلند آهي نه ان ڪنهن کي (پنهنجي) زال بنايو آهي نه اولاد“.

وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4)

۽ هي ته: ”اسان مان ڪو بيوقوف الله جي باري ۾ خلافِ حق ڳالهيون ڪندو هيو“.

وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5)

۽ هي ته ”اسان سمجهيو هيو ته ناممڪن آهي جو ڪو انسان ۽ ڪو جِنُ الله جي باري ۾ ڪوڙي ڳالهه چوي“.

وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6)

۽ هي ته: ”انسانن مان ڪجهه ماڻهو جِنن مان ڪن فردن جي پناهه وٺندا هئا پوءِ انهن ماڻهن انهن جنن جي سرڪشي وڌائي ڇڏي“.

وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7)

۽ (”اي جنو!) انهن (انسانن به) اهو خيال ڪيو هيو جيئن اوهان (جنن) خيال ڪيو آهي ته الله ڪنهن کي رسول بنائي نه موڪليندو“.

وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8)

۽ هي ته : ”اسان آسمان کي ڇُهيو پوءِ اسان ان کي سخت پهريدارن ۽ سخت شعلن سان ڀريل لڌو“.

وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9)

۽ هي ته : ”اڳي اسان (آسماني غيبي) خبرن ٻڌڻ لاءِ ڪن جاين تي وڃي ويهندا هئاسين مگر هاڻي جو به ڪَنُ لڳائي ٿو ته اهو هڪ شعلي کي پنهنجي تاڙ ۾ لهي ٿو“.

وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10)

۽ هي ته: ”اسان نه ٿا ڄاڻون ته (اسان کي روڪڻ سان) جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن تن سان ڪنهن برائي جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن سان ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي“.

وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11)

۽ هي ته: ”اسان مان ڪي نيڪوڪار آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا آهن. ڇو ته اسان مختلف طريقن تي آهيون“.

وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12)

۽ هي ته: ”اسان هي يقين ڪيو آهي ته اسان زمين ۾ (رهي ڪري) ڪڏهن به الله کي عاجز ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه ئي (زمين کان) ڀڄي ان کي عاجز ڪري سگهون ٿا“.

وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13)

۽ هي ته: ”اسان جڏهن هدايت جي ڳالهه ٻڌي ته اسان ان تي ايمان آندو. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان خوفزده ٿيندو“.

وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14)

۽ هي ته : ”اسان مان ڪي فرمانبردار آهن ته اسان مان ڪي ظالم آهن. پوءِ جيڪو فرمانبردار ٿيو انهن سڌو رستو ڳولي ورتو“.

وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15)

۽ جيڪي ظالم آهن سي جهنم جو ٻارڻ ٿيندا.

وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16)

۽ (اي نبي چؤ مون تي وحي ڪئي وئي آهي ته) جيڪڏهن ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسان انهن کي گهڻي پاڻي سان سيراب ڪيون ها.

لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17)

هن لاءِ ته ان (نعمت) ۾ اسان انهن جو امتحان ڪيون. ۽ جيڪو به پنهنجي پالڻهار جي ذڪر کان مُنهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ مبتلا ڪندو.

وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18)

۽ هي ته بيشڪ مسجدون الله جي (عبادت) لاءِ آهن پوءِ توهان الله سان گڏ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو.

وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19)

۽ جڏهن الله جو ٻانهو (محمد ڪريم ﷺ) ان جي عبادت ڪرڻ بيٺو پوءِ قريب هو جو اُهي (جن ۽ انسان) ان تي انبوهه ڪري مِڙي وڃن.

قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20)

چؤ ته: ”آءٌ صرف پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيان ٿو ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪيان“.

قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21)

چؤ ته: ”آءٌ اوهان جي لاءِ نه ته نقصان جو مالڪ آهيان ۽ نه ڀلائي جو“.

قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22)

چؤ ته: ”بيشڪ مون کي الله کان ڪوبه نه بچائي سگھندو ۽ نه آءٌ ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ لهندس.

إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23)

منهنجو ڪم ان کان سواءِ ڪجھه نه آهي الله جي ڳالهه ۽ ان جا احڪام پهچايان. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي بي فرماني ڪندو پوءِ بيشڪ ان لاءِ جهنم جي باهه آهي ۽ اُهي ان ۾ سدائين رهندا“.

حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24)

(اهي باز نه ايندا) ايستائين جو جڏهن اُهو (عذابِ الاهي) ڏسندا جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو پيو وڃي پوءِ جلدي ڄاڻي وٺندا ڪنهن جا مددگار ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جي جماعت گهٽ آهي.

قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25)

چؤ: ”آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنهن (قيامت) جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي اُها ويجهڙي آهي يا ان جي لاءِ منهنجي پالڻهار ڊگهو عرصو مقرر ڪيو آهي.

عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26)

ڳجهه جو ڄاڻڻ وارو (الله) آهي پوءِ اُهو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي واقف نه ٿو ڪري.

إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27)

سواءِ ان رسول جي جنهن کي ان (غيب جي علم ڏيڻ لاءِ) پسند ڪيو. پوءِ بيشڪ اهو ان (رسول) جي اڳيان ۽ پويان پهريدار مقرر ڪري ٿو.

لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28)

هن لاءِ ته اهو ڄاڻي جو انهن پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيا آهن ان جي علم ۾ آهي جو ڪجهه به انهن وٽ آهي ۽ ان هر شيءِ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو آهي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025