قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1) |
(اي رسول!) تون چئو ته، مون ڏي هن ڳالهه جو وحي ڪيو ويو آهي ته، جنن مان هڪ جماعت (مون کان قرآن پڙهندي) ٻڌو. پوءِ (پنهنجي قوم کي وڃي) چيائون ته، بيشڪ اسان عجب طرح جو قرآن ٻڌو آهي. |
يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2) |
جو سڌي رستي تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو، ان ڪري اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسين (هاڻي) پنهنجي پاليندڙ سان (سندس عبادت ۽ فرمانبرداريءَ ۾) ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنداسون. |
وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3) |
۽ (هي به بيان ڪيائون ته) اسان جي پاليندڙ جو شان مٿي آهي، (۽ مخلوق مان) نه ڪنهن کي (پنهنجي زال ۽ نه ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنايو اٿس.( ۽ اسان جو اهڙي قسم جو عقيدو وهم پرستي هئي، جنهن کان اسان توبهه ڪيون ٿا.) |
وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4) |
۽ اسان مان (ڪن) بيوقوف شخصن الله تي (اهڙي قسم جي) حد کان لنگهيل ڳالهه (پنهنجي ذهن مان گهڙي) مڙهي ڇڏي هئي. |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5) |
۽ اسان (جي سادگي ڏسو جو پهريائين هي) گمان ڪيو هو ته انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ ڪڏهن به نه چوندا. |
وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6) |
۽ ماڻهن مان ڪيترا مرد جنن جي مردن وٽ اچي ڏسندا هئا، پوءِ انهن (ماڻهن) هنن (جنن) جي هيڪاري (وهم پرستي، بد دماغي ۽) سرڪشي وڌائي ڇڏي. |
وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7) |
۽ (انهن ماڻهن ۾ هيءُ) گمان عام ڪيو هو (ته اسان کي عرب ۾ پيغمبر نه اچڻ جي ائين ئي پڪ آهي) جيئن اوهان (جنن) گمان ڪيو آهي ته الله (هتي) ڪنهن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو. |
وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8) |
۽ اسان (اڳ وانگر مٿان جون خبرون لهڻ واسطي) آسمان کي جاچيو، پوءِ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن (محافظ فرشتن) ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي. |
وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9) |
۽ (اڳي اسان جو طريقو هو ته) اسين آسمان جي (گهڻن) رستن تي (ملائڪن جي ڳالهه ٻولهه) ٻڌڻ لاءِ ويندا هئاسون، پوءِ هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو. |
وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10) |
۽ اسين نٿا ڄاڻون ته (هن نئين پيغمبرﷺ جي اچڻ سان) زمين وارن کي تڪليف ڏيڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پاليندڙ انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي. |
وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11) |
۽ اسان مان (پهريان به) ڪي نيڪ (ٿيندا آيا) آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا (به ٿيندا آيا) آهن، ڇو ته اسين مختلف طريقن تي آهيون. (ان ڪري ظاهر آهي ته نيڪن کي واٽ ملندي ۽ خطاڪارن کي تڪليف ملندي). |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12) |
۽ اسان هي (چڱيءَ طرح) سمجهي ورتو آهي ته، اسين الله (جي سگهاري ذات) کي زمين (جي ڪنهن به حصي) ۾ ڪڏهن بي شڪست ڏئي نه سگهنداسون ۽ نه ڪي (ڌرتيءَ مان) ڀڄي ڪڏهن ان کي ٿڪائي سگهنداسون. |
وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13) |
۽ اسان جڏهن (هدايت جي) رستي تي هلڻ جي ڳالهه ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پاليندڙ تي (اسان وانگر) ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان (رسڻ) کان ۽ نه ڪنهن ظلم ۽ زيادتي کان ڊڄندو. |
وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14) |
(تنهن ڪري) اسان مان ڪجهه اهڙا آهن، جيڪي فرمانبردار (ٿي چڪا) آهن ۽ ڪجهه (اهڙا آهن جيڪي بدستور) بي واٽا آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو. |
وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15) |
۽ (سرڪش ۽ ڪنڌ ڪڍائيندڙ) بي انصاف جهنم جو ٻارڻ بڻبا. |
وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16) |
۽ (اي رسول!) جيڪڏهن (هي مڪي وارا) ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسين کين گهڻو سيراب ڪيون ها. |
لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17) |
(هن لاءِ) ته ان ۾ سندن امتحان ڪريون ۽ جيڪو به پنهنجي پاليندڙ جي (پالڻهاريءَ واري) يادگيريءَ کان منهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو. |
وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18) |
۽ بيشڪ سجدي ڪرڻ جون سڀ جايون (اطاعت ۽ سجدا) الله جي (عبادت) لاءِ آهن، پوءِ اوهين الله سان گڏ ڪنهن کي به نه سڏيو. |
وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19) |
۽ جڏهن الله جو ٻانهو (محمدﷺ ڳالهه لاءِ اٿي) بيٺو ته، الله کي سڏي (۽ ان جي دعوت ماڻهن کي ڏئي) ته اهي (ڪافر) مٿس انبوهه ڪري ڪرڻ تي هئا (جيئن چٻجي وڃي). |
قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20) |
(اي رسول!) چئو ته، آئون رڳو پنهنجي پاليندڙ کي سڏيان ٿو، (ماڻهن کي ان جي دعوت ڏيان ٿو) ۽ ڪنهن کي به ان (جي ذات ۽ قانونن) سان شريڪ نٿو ڪريان. |
قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21) |
(اي رسول!) چئو ته، آئون نه اوهان کي ڪنهن نقصان پهچائڻ (جو اختيار رکان ٿو) ۽ نه رستي تي آڻڻ (يا ڀلائي رسائڻ) جو اختيار رکان ٿو. |
قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22) |
(اي رسول!) چئو ته، (ٻين کي ڀلائي رسائڻ ته پنهنجي ماڳ، پر منهنجي پنهنجي حالت هيءَ آهي جو) بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو ۽ نه ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ لهندس. (ان ڪري خدا جي قانونن تي هلڻ کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونهي.) |
إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23) |
پر الله جي طرفان (مون کي خبر) پهچائڻي آهي ۽ سندس پيغام پهچائڻا آهن. (سو ڪيان پيو) ۽ جيڪي الله (جي نظام) ۽ سندس رسول (پاران ان نظام کي ڏنل شڪل) جي نافرماني ڪندا تن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باهه آهي. جنهن ۾ سدائين رهندا. |
حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24) |
(اي رسول!) اهي غفلت ۾ آهن ته هنن جو تعداد به ٿورو آهي ۽ حمايت به ڪمزور اٿن) نيٺ جڏهن ان (تباهي ۽ عذاب) کي ڏسندا جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن سگهوئي ڄاڻندا ته ڪنهن جا مددگار زياده ڪمزور آهن ۽ ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي. |
قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25) |
(اي رسول! هي توکان پڇن ٿا ته اهو عذاب ايندو ڪڏهن؟) چئو ته، آئون نٿو ڄاڻان ته جنهن (تباهي ۽ عذاب) جو اوهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سو ويجهو آهي يا منهنجو پاليندڙ ان لاءِ ڪا (ٻي) مدت مقرر ڪندو. |
عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
(اهو) ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي، جو پنهنجي ڳجهه تي ڪنهن هڪڙي کي به واقف نٿو ڪري. |
إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27) |
پر جنهن رسول کي چونڊيائين ته (پوءِ ان کي مستقبل جي متعلق بقدر ضرورت وحي جي ذريعي ٻڌائيندو آهي ۽) ان (جي وحي) جي اڳيان ۽ پويان (به) چوڪيدار (ملائڪ) هلائي ٿو. |
لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28) |
(رسولن کي به بقدر ضرورت ٻڌائي ٿو، هن لاءِ ته هو عملي طرح) ڄاڻن ته بيشڪ انهن (رسولن) پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايا آهن. هوڏانهن جيڪي به وٽن آهي تنهن جي (حفاظت ۾ رهڻ جي) ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀ ڪنهن شيء جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس. |