قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) چؤ ته مون ڏانھن (ھن ڳالھ جو) وحي موڪليو ويو ته جِنّن مان ھڪ ٽوليءَ (قرآن) ٻڌو پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ھڪ عجيب قرآن ٻڌو. |
يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2) |
جو سڌي رستي ڏانھن ڏس ڏئي ٿو تنھنڪري ان تي ايمان آندوسون، ۽ پنھنجي پالڻھار سان ڪنھن ھڪڙي کي شريڪ ھرگز نه ڪنداسون. |
وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3) |
۽ (بيان ڪرڻ لڳا) ته اسان جي پالڻھار جو شان تمام وڏو آھي نڪي ڪو زال ۽ اولاد رکيو اٿس. |
وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4) |
۽ ھي ته الله جي نسبت ۾ اسان مان بيوقوف ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو ٿي. |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5) |
۽ ھي ته اسان ڀانيو ھو ته اسان ۽ جنّ ڪڏھن الله تي ڪوڙ نه چوندا. |
وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6) |
۽ ھي ته ماڻھن مان ڪيترا مڙس جنّن جي مڙسن جي سام پوندا ھوا پوءِ ماڻھن جنّن (جي حق) ۾ (ھٿئون) وڏائي وڌائي. |
وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7) |
۽ ھي ته (اي جنّو) ماڻھن اھڙو گمان ڪيو ھو جھڙو اوھان گمان ڪيو ھو ته الله ھرگز ڪنھن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو. |
وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8) |
۽ ھي ته اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ڏٺوسونس ته سخت چوڪيدارن ۽ اُلانبن سان ڀرجي ويو آھي. |
وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9) |
۽ ھي ته اسان (اڳي) آسمان جي (گھڻن) رستن تي (ملائڪن جي گفتگو) ٻڌڻ لاءِ وھندا ھواسين، پوءِ جيڪو ھاڻي ڪن ڏيندو آھي سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل اُلانبي وارو تارو ڏسندو آھي. |
وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10) |
۽ ھي ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ ڪنھن مدائي جو ارادو ڪيو ويو آھي يا انھن لاءِ سندن پالڻھار ڪو چڱائي جو ارادو ڪيو آھي. |
وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11) |
۽ ھي ته ڪي اسان مان سڌريل آھن ۽ اسان مان ڪي اُن کانسواءِ (به) آھن، (اسين) مختلف ٽوليون ٽوليون ھواسون. |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12) |
۽ ھي ته اسان ڄاتو ته زمين ۾ الله کي ڪڏھن به ٿَڪائي نه سگھنداسون ۽ نڪي ڀڄي ڪڏھن ٿَڪائي سگھنداسونس. |
وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13) |
۽ ھي ته جڏھن اسان ھدايت (جي ڳالھ) ٻڌي (تڏھن) اُن تي ايمان آندوسون، پوءِ جيڪو پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيندو سو نڪي ڪنھن نقصان کان ۽ نڪي ڪنھن ظلم کان ڊڄندو. |
وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14) |
۽ ھي ته اسان مان ڪي مسلمان آھن ۽ اسان مان ڪي گنھگار آھن، پوءِ جيڪي مُسلمان ٿيا تن سِڌي واٽ جي نيت ڪئي. |
وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15) |
۽ گنھگار سي دوزخ جي ڪاٺيون ھوندا. |
وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16) |
۽ (اي پيغمبر) ھيءَ (به چؤ ته مون ڏانھن موڪليو ويو آھي) ته جيڪڏھن ماڻھو سڌيءَ واٽ تي بيھڪ وٺن ھا ته ضرور انھن (جي پوکن) کي گھڻو پاڻي پياريون ھا. |
لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17) |
ته اُن ۾ کين پرکيون ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان مُنھن موڙيندو تنھن کي (الله) سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو. |
وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18) |
۽ ھي ته سڀ مسجدون (خاص) الله جون آھن تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن جي عبادت نه ڪريو. |
وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19) |
۽ ھي ته جنھن مھل الله جو ٻانھو (ﷴ ﷺ) بيٺو ته سندس عبادت ڪري تنھن مھل جنّ مٿس ڳاھٽ ڪرڻ تي ھوا. |
قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20) |
چؤ ته آءٌ رڳو پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريان ٿو ۽ ڪنھن ھڪڙي کي ساڻس شريڪ نه ٿو ڪريان. |
قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21) |
چؤ ته بيشڪ آءٌ اوھان کي ڏک پھچائڻ ۽ سنئي رستي تي آڻڻ جو وس نٿو رکان. |
قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22) |
چؤ ته بيشڪ مون کي الله (جي عذاب) کان ڪوبه نه بچائيندو، ۽ اُن کانسواءِ ڪا پناھ ڪڏھن نه لھندس. |
إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23) |
مگر الله جي پار کان خبر پھچائڻي آھي ۽ سندس پيغام پھچائڻا آھن ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ جي باھ آھي جنھن ۾ سدائين رھندا. |
حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24) |
(ايستائين غفلت ۾ رھندا) جيسين ڪه جيڪو اُنھن کي انجام ڏجي ٿو سو ڏسن پوءِ ڄاڻندا ته مددگار جي ڪري وڌيڪ ھيڻو ۽ ڳاڻيٽي جي ڪري تمام ٿورو ڪير آھي. |
قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25) |
(کين) چؤ ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان ته جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (الائي) ويجھو آھي يا منھنجو پالڻھار اُن جي ڪا (ٻي) مُدت مُقرر ڪندو. |
عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
(اُھو) ڳُجھ جو ڄاڻندڙ آھي پوءِ پنھنجي ڳجھ تي ڪنھن ھڪڙي کي واقف نه ڪندو آھي. |
إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27) |
سواءِ انھيءَ جي جو جنھن پيغمبر کي پسند ڪيائين بيشڪ الله سندس اڳتان ۽ سندس پوئتان نگھبان (ملائڪ) موڪليندو آھي. |
لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28) |
(ھن لاءِ) ته ڄاڻي ته پنھنجي پالڻھار جا حُڪم سچ پچ پھچايا اٿن ۽ جيڪي وٽن آھي تنھنکي الله ھر طرح پنھنجي وس رکيو آھي ۽ سڀڪنھن شيءَ جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس. |