القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡجِنِّ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1)

(اي رسول! تون) چؤ، ته بيشڪ مون ڏانهن وحي آيل آهي، ته جنن مان هڪ ٽوليءَ قرآن ٻڌو، پوءِ چيائون ته ”بيشڪ اسان هڪ عجب قرآن ٻُڌو آهي.

يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2)

جو سنئون رستو ڏسي ٿو، ان ڪري اسان هن کي مڃيو ۽ اسين پنهنجي ڌڻيءَ سان هر گز ڪنهن کي به ڀائيوار نه سمجهنداسون.

وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3)

۽ هي ته اسان جي ڌڻيءَ جو شان تمام وڏو آهي، هن نڪي زال رکي آهي، نڪو اولاد.

وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4)

۽ اسان مان ڪنهن بيوقوف الله بابت ڪوڙو ٺاهه پئي ٺاهيو.

وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5)

اسان سمجهيو هو، ته انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ هر گز نه چوندا،

وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6)

۽ انسانن مان ڪيترا شخص جنن جي مردن وٽ پناهه گهرندا هئا، ان ڪري هو وڌيڪ وڏائي ڪرڻ لڳا.

وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7)

۽ ماڻهن کي اهڙو ئي گمان هو، جهڙو اوهان کي هو، ته ”الله هر گز ڪنهن کي رسول ڪري نه موڪليندو.“

وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8)

۽ اسان آسمان کي جاچيو، پوءِ ڏٺوسون ته هو سخت چوڪيدارن ۽ اماڙن سان ڀرجي ويو آهي.

وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9)

اسين اڳي آسمان جي رستن تي (ملائڪن جي) گفتگو ٻُڌڻ لاءِ ويهندا هئاسون، پر هاڻي جيڪو ڪن ڏيندو آهي، سو پاڻ لاءِ اماڙ وارو تارو ڏسندو آهي.

وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10)

(ان ڪري هاڻي) اسان کي خبر ڪانهي ته زمين وارن لاءِ سندن ڌڻيءَ تڪليف جو ارادو ڪيو آهي، يا سندن بهتريءَ جو ارادو ڪيو آهي!

وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11)

۽ اسان مان ڪي سڌريل آهن ۽ ڪي انهن کان سواءِ ٻيا به، ۽ اسين قسمين قسمين ٽوليون هئاسون.

وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12)

۽ اسان سمجهي ڇڏيو آهي ته اسين هر گز الله کان نڪي زمين ۾ کٽي سگهنداسون، نڪي کانئس ڀڄي کٽي سگهنداسون.

وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13)

۽ جڏهن اسان سنئين رستي جي ڳالهه ٻڌي، تڏهن ان کي مڃيوسون- پوءِ جيڪو سندس ڌڻيءَ کي مڃيندو، اهو نڪي ڪنهن نقصان کان ڊڄندو، نه ڪنهن ظالم کان.

وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14)

۽ اسان ۾ ڪي مسلمان آهن ۽ ڪي گنهگار_ پوءِ جيڪي مسلمان ٿيا، تن سڌيءَ واٽ جي نيت ڪئي.

وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15)

پر جيڪي گنهگار ٿيا، سي دوزخ جون ڪاٺيون ٿيندا.

وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16)

( ۽ اي رسول! چئو ته مون ڏانهن هي به) وحي آئي آهي ته جيڪڏهن ماڻهو سنئينءَ واٽ تي قائم رهن ها، ته ضرور اسين سندن (پوکن) کي گهڻو پاڻي پياريون ها.

لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17)

ته انهن منجهه کين پرکيون_ ۽ جيڪو شخص سندن ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان منهن موڙيندو، ان کي هو سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.

وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18)

۽ سڀ مسجدون فقط الله لاءِ آهن، ان ڪري الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي کان دعا نه گهرو.

وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19)

۽ جنهن مهل الله جو ٻانهو ان کان دعا گهرڻ لاءِ بيٺو، ته هو مٿس ڳاهٽ ڪرڻ تي هئا.

قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20)

چئو ته آءُ ته فقط پنهنجي ڌڻيءَ کان ئي دعا گهران ٿو ۽ ان ساڻ ڪنهن هڪڙي کي به ڀائيوار نٿو ڪريان.

قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21)

چئو ته بيشڪ مون کي اوهان کي ڪنهن نقصان يا فائدي رسائڻ جو ڪو اختيار ڪونهي.

قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22)

چئو ته بيشڪ مون کي به الله کان ڪو به بچائي نه سگهندو ۽ آءُ به ان کان سواءِ ٻي ڪا پناهه هر گز نه ڏسندس.

إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23)

مگر مونکي رڳو الله جي طرفان خبر ۽ سندس حڪم رسائڻا آهن- ۽ جيڪو شخص الله ۽ سندس رسول جو حڪم نه مڃيندو، ته ان لاءِ دوزخ جي باهه آهي، جنهن ۾ هو اصل هميشه رهندا.

حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24)

ايستائين جو جڏهن اهي ساڻن وعدو ڪيل (عذاب) ڏسندا، تڏهن يڪدم خبر پوندين ته ڪنهن جا مددگار هيڻا ۽ ڪير ٿورڙا آهن.

قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25)

چئو ته مون کي ڪا به خبر ڪانهي، ته جيڪو وعدو اوهان کي ڏجي ٿو، سو ويجهو آهي يا منهنجو ڌڻي ان جي ڪا ٻي مدت مقرر ڪندو. (_) اهو ڳجهه ڄاڻيندڙ آهي، پوءِ سندس ڳجهه تي فقط انهن کي واقف ڪندو آهي، جنهن کي رسول ڪري چونڊيندو آهي، پوءِ وري ان تي به اڳيان پويان نگهبان موڪليندو آهي.

عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26)

اهو ڳجهه ڄاڻيندڙ آهي، پوءِ سندس ڳجهه تي فقط ڪنهن کي واقف نه ڪندو آهي

إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27)

گر جنهن کي رسول ڪري چونڊيندو آهي، پوءِ وري ان تي به اڳيان پويان نگهبان موڪليندو آهي.

لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28)

ته ڄاڻي ته هنن پنهنجي ڌڻيءَ جا حڪم برابر رسايا آهن- ۽ جيڪي وٽن آهي ان کي الله پنهنجي وس رکيو آهي ۽ هن هر ڪنهن چيز جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو آهي-


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025