القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡجِنِّ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1)

چؤ ته وحي ڪيو ويو آهي مون ڏانهن ته بيشڪ ڪن ڏئي قرآن ٻڌو جماعت هڪ جنن مان پوءِ چيائون ته بيشڪ اسان ٻڌو قرآن عجيب .

يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2)

رهنمائي ڪري پيو هدايت ڏانهن پوءِ ايمان آندوسون ان تي ۽ هرگز شريڪ نه بنائينداسون پنهنجي رب سان ڪنهن هڪ کي .

وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3)

۽ تحقيق شان هي آهي ته مٿاهون ٿيو شان اسان جي رب جو نه رکيائين زال ۽ نه اولاد .

وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4)

۽ تحقيق شان هي آهي ته چوندا هئا بي وقوف اسان مان الله تي ناجائز ڳالهه .

وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5)

۽ بلاشڪ اسان گمان ڪيو هو ته هرگز نه چوندا انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ .

وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6)

۽ بلاشڪ هئا مرد انسانن مان پناهه وٺن پيا مردن سان جنن سان پوءِ وڌايائون انهن ۾ غرور .

وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7)

۽ بلاشڪ انهن گمان ڪيو جيئن گمان ڪيو اوهان ته هرگز نه موڪليندو الله ڪنهن هڪ کي .

وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8)

۽ بيشڪ اسان جاچڻ گهريو آسمان کي پوءِ لڌوسون ان کي ڀريو ويو چوڪيءَ سخت سان ۽ اُمڙن سان .

وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9)

۽ بلاشڪ اسين ويٺاسين ٿي ان مان جاين ۾ ٻڌڻ لاءِ پوءِ جيڪو ڪن ڏئي ٻڌندو هينئر ته لهندو پنهنجي لاءِ اُمڙ انتظار ڪندڙ .

وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10)

۽ بيشڪ اسين نه ٿا ڄاڻون ته ڇا برائي جو ارادو ڪيو ويو زمين وارن سان يا ارادو ڪيو انهن سان سندن رب هدايت جو .

وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11)

۽ بلاشڪ اسان مان ڪي صالح آهن ۽اسان مان ڪجهه ان کان سواءِ آهن هئاسون رستا مختلف .

وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12)

۽ بلاشڪ گمان ڪيو هو اسان هي ته هرگز عاجز نه ڪنداسون الله کي زمين ۾ ۽ هرگز عاجز نه ڪنداسون ان کي ڀڄڻ سان .

وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13)

۽ بلاشڪ اسان جڏهن ٻڌو هدايت کي ته ايمان آندوسون ان تي پوءِ جيڪو ايمان آڻيندو پنهنجي رب تي پوءِ نه ڊپ ڪندو ڪنهن ڪميءَ جو ۽ نه زيادتيءَ جو .

وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14)

۽ بيشڪ اسان مان ڪي مسلمان آهن ۽ اسان مان ڪي ظالم آهن پوءِ جنهن اسلام قبول ڪيو پوءِ انهن طلب ڪئي هدايت .

وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15)

۽ پر ظالم پوءِ بنجندا جهنم جو ٻارڻ .

وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16)

۽ هي ته جيڪڏهن استقامت ڪن ها حق جي واٽ تي ته البته پياريون ها انهن کي پاڻي گهڻو .

لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17)

تانته آزمايون انهن کي ان ۾ ۽ جيڪو منهن موڙيندو پنهنجي رب جي ذڪر کان ته داخل ڪندو ان کي سخت عذاب ۾ .

وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18)

۽ بلاشڪ مسجدون الله جون آهن پوءِ نه عبادت ڪيو الله سان گڏ ڪنهن هڪ جي .

وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19)

۽ تحقيق شان هي آهي ته جڏهن بيٺو الله جو ٻانهو عبادت ڪري پيو ان جي ته ويجها ٿيا جو هجن ان تي ڳاٽ ڪندڙ .

قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20)

فرماءِ ته آءُ رڳو عبادت ڪيان ٿو پنهنجي رب جي ۽ نه ٿو شريڪ ڪيان ان سان ڪنهن هڪ کي .

قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21)

فرماءِ ته بلاشڪ مان نه ٿو مالڪ ٿيان اوهان جي لاءِ نقصان جو ۽ نه هدايت جو .

قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22)

فرماءِ بلاشڪ مان هرگز نه بچائيندو مون کي الله کان ڪو هڪڙو ۽ هرگز نه لهندس مان ان کان سواءِ ڪا پناهه جي جاءِ .

إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23)

مگر خبر ڏيڻ الله جي طرفان ۽ ان جا پيغام پهچائڻ ۽ جيڪو بي فرماني ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي پوءِ بلاشڪ ان جي لاءِ جنهم جي باهه آهي هميشہ رهندڙ هوندا ان ۾ دائمي .

حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24)

تانجو جڏهن ڏسندا اهو جيڪو وعدو ڏنا وڃن ٿا پوءِ جلد ڄاڻندا ته ڪير آهي وڌيڪ هيڻو مددگار جي لحاظ سان ۽ گهڻو ٿورو عدد جي لحاظ سان .

قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25)

فرماءِ ته مان نه ٿو ڄاڻان ته ڇا ويجهو آهي اهو جو وعدو ڏنا وڃو ٿا يا ڪندو ان جي لاءِ منهنجو رب مدت .

عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26)

غيب جو ڄاڻندڙ پوءِ نه ٿو واقف ڪري پنهنجي غيب تي ڪنهن هڪ کي .

إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27)

مگر جنهن رسول کان راضي ٿيو پوءِ بلاشڪ اهو ٿو مقرر ڪري اڳيان ان جي ۽ پويان ان جي نگهباني ڪندڙ .

لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28)

تانته ڄاڻي ته تحقيق پهچايائون پنهنجي رب جي پيغامن کي ۽ گهيري ۾ رکيائين ان کي جيڪو وٽن آهي ۽ ڳڻي رکيائين هر شيءِ جي عدد کي .


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025