قُل أوحِىَ إِلَىَّ أَنَّهُ استَمَعَ نَفَرٌ مِنَ الجِنِّ فَقالوا إِنّا سَمِعنا قُرءانًا عَجَبًا (آيت : 1) |
(اي نبي!) چؤ، وحي موڪليو ويو آهي مون ڏي ته بيشڪ ٻڌو غور سان (قرآن) هڪ جماعت جنن جي، پوءِ (وڃي پنهنجي قوم کي) چيائون بيشڪ اسان ٻڌو آهي قرآن ڏاڍو عجيب |
يَهدى إِلَى الرُّشدِ فَـٔامَنّا بِهِ وَلَن نُشرِكَ بِرَبِّنا أَحَدًا (آيت : 2) |
جيڪو رهنمائي ڪري ٿو سڌي واٽ ڏي، تنهن ڪري اسان ايمان آندو آهي ان تي، ۽ نه ڪنداسين هرگز شريڪ پنهنجي رب سان ڪنهن کي به |
وَأَنَّهُ تَعٰلىٰ جَدُّ رَبِّنا مَا اتَّخَذَ صٰحِبَةً وَلا وَلَدًا (آيت : 3) |
۽ بيشڪ شان مٿانهون آهي اسان جي رب جو، هن ناهي بڻايو ڪنهن کي زال ۽ نه پٽ |
وَأَنَّهُ كانَ يَقولُ سَفيهُنا عَلَى اللَّهِ شَطَطًا (آيت : 4) |
۽ بيشڪ چيون آهن اسان منجهان بيوقوف ماڻهن الله جي باري ۾ حق جي خلاف ڳالهيون |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن تَقولَ الإِنسُ وَالجِنُّ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا (آيت : 5) |
۽ هي ته اسان ڀانيو هو ته نٿا ڳالهائي سگهن انسان ۽ جن الله جي باري ۾ ڪڏهن به ڪوڙ |
وَأَنَّهُ كانَ رِجالٌ مِنَ الإِنسِ يَعوذونَ بِرِجالٍ مِنَ الجِنِّ فَزادوهُم رَهَقًا (آيت : 6) |
۽ هي ته بيشڪ وٺندا هئا ڪي ماڻهو انسانن مان پناهه ڪن جنن جي مردن مان، اهڙيءَ طرح انهن جنن جو وڌائي ڇڏيو هو غرور |
وَأَنَّهُم ظَنّوا كَما ظَنَنتُم أَن لَن يَبعَثَ اللَّهُ أَحَدًا (آيت : 7) |
۽ هي ته بيشڪ انسانن به اهڙو ئي گمان ڪيو هو ته نه موڪليندو رسول ڪري الله ڪنهن کي |
وَأَنّا لَمَسنَا السَّماءَ فَوَجَدنٰها مُلِئَت حَرَسًا شَديدًا وَشُهُبًا (آيت : 8) |
۽ هي ته اسان جاچيو آسمان کي، ڏٺوسين ان کي ته اهو ڀريو پيو آهي سخت چوڪيدارن سان ۽ پڇڙ تارن جو مينهن پيو وسي |
وَأَنّا كُنّا نَقعُدُ مِنها مَقٰعِدَ لِلسَّمعِ فَمَن يَستَمِعِ الءانَ يَجِد لَهُ شِهابًا رَصَدًا (آيت : 9) |
۽ هي ته اسان اڳواٽ خبر چار وٺڻ لاءِ ويهڻ جي جاءِ آسمان ۾ لهندا هئاسين پر هاڻي جيڪو لڪي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اهو پنهنجي تاڙ ۾ پڇڙ تارو ڏسندو آهي |
وَأَنّا لا نَدرى أَشَرٌّ أُريدَ بِمَن فِى الأَرضِ أَم أَرادَ بِهِم رَبُّهُم رَشَدًا (آيت : 10) |
۽ هي ته اسان جي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته برائي ڪرڻ جو ارادو زمين ۾ رهڻ وارن لاءِ ڪيو ويو آهي يا ارادو رکي ٿو سندن پروردگار کين ڀَلائي پهچائڻ جو |
وَأَنّا مِنَّا الصّٰلِحونَ وَمِنّا دونَ ذٰلِكَ كُنّا طَرائِقَ قِدَدًا (آيت : 11) |
۽ هي ته اسان ۾ ڪي شخص نيڪ آهن ۽ ڪي ان کان گهٽ آهن، اسان مختلف طريقن ۾ ورهايل آهيون |
وَأَنّا ظَنَنّا أَن لَن نُعجِزَ اللَّهَ فِى الأَرضِ وَلَن نُعجِزَهُ هَرَبًا (آيت : 12) |
۽ هي ته اسان اهو ٿي سمجهيو ته نٿا اسين عاجز ڪري سگهون الله کي زمين ۾ ۽ نه عاجز ڪري سگهون ٿا ڀڄي کيس ٿڪائي |
وَأَنّا لَمّا سَمِعنَا الهُدىٰ ءامَنّا بِهِ فَمَن يُؤمِن بِرَبِّهِ فَلا يَخافُ بَخسًا وَلا رَهَقًا (آيت : 13) |
۽ هي ته اسان جڏهن ٻڌي هدايت جي تعليم ته اسان ايمان آندو ان تي، هاڻي جيڪو به ايمان آڻيندو پنهنجي رب تي تنهن لاءِ ڪوبه خوف نه هوندو ڪنهن حق تلفي جو يا ڪنهن ظلم جو |
وَأَنّا مِنَّا المُسلِمونَ وَمِنَّا القٰسِطونَ فَمَن أَسلَمَ فَأُولٰئِكَ تَحَرَّوا رَشَدًا (آيت : 14) |
۽ هي ته اسان مان ڪي مسلمان (الله جا تابعدار) آهن ڪي حق کان منهن موڙيندڙ ته جن اسلام (تابعداري وارو رستو) اختيار ڪيو ڇوٽڪاري واري واٽ ڳولي ورتي |
وَأَمَّا القٰسِطونَ فَكانوا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا (آيت : 15) |
۽ جيڪي حق کان هٽيل آهن سي دوزخ جو ٻارڻ ٿيڻ وارا آهن |
وَأَلَّوِ استَقٰموا عَلَى الطَّريقَةِ لَأَسقَينٰهُم ماءً غَدَقًا (آيت : 16) |
۽ (اي نبي! چؤ مون تي هي وحي ڪيل آهي) جي ماڻهو ثابت قدميءَ سان سڌي واٽ ئي هلن ها ته کين سيراب ڪريون ها پاڻيءَ سان گهڻي کان گهڻو |
لِنَفتِنَهُم فيهِ وَمَن يُعرِض عَن ذِكرِ رَبِّهِ يَسلُكهُ عَذابًا صَعَدًا (آيت : 17) |
جيئن آزمائش ڪريون ان (نعمت) سان ۽ جيڪو منهن موڙيندو پنهنجي رب جي ذڪر کان ته (اهو) کيس داخل ڪندو عذاب سخت ۾ |
وَأَنَّ المَسٰجِدَ لِلَّهِ فَلا تَدعوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا (آيت : 18) |
۽ هي ته بيشڪ مسجدون الله جي لاءِ آهن تنهن ڪري نه سڏيو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي |
وَأَنَّهُ لَمّا قامَ عَبدُ اللَّهِ يَدعوهُ كادوا يَكونونَ عَلَيهِ لِبَدًا (آيت : 19) |
۽ هي ته جڏهن اٿي بيٺو ٻانهو الله جو انهن کي پڪارڻ جي لاءِ ته ماڻهو ان تي ٽُٽي پوڻ لاءِ تيار ٿيا |
قُل إِنَّما أَدعوا رَبّى وَلا أُشرِكُ بِهِ أَحَدًا (آيت : 20) |
چوين (اي نبي!) بيشڪ آئون پڪاريان ٿو پنهنجي رب کي ۽ نٿو شريڪ ڪريان ان سان ڪنهن کي به |
قُل إِنّى لا أَملِكُ لَكُم ضَرًّا وَلا رَشَدًا (آيت : 21) |
چوين، بيشڪ آئون نه ٿو رکان اختيار توهان ماڻهن لاءِ ڪنهن نقصان جو ۽ نه ڪنهن ڀلائيءَ جو |
قُل إِنّى لَن يُجيرَنى مِنَ اللَّهِ أَحَدٌ وَلَن أَجِدَ مِن دونِهِ مُلتَحَدًا (آيت : 22) |
چوين بيشڪ مون کي بچائي نٿو سگهي پڪڙ الله جي کان ڪير به ۽ نه ان بنا لهي سگهان ٿو پناهه جي جاءِ |
إِلّا بَلٰغًا مِنَ اللَّهِ وَرِسٰلٰتِهِ وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ لَهُ نارَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا (آيت : 23) |
منهنجو ڪم ان بنا ڪجهه ناهي ته پهچايان الله جي ڳالهه ۽ سندس پيغام، ۽ جيڪو به نه مڃيندو الله ۽ سندس رسول جي ڳالهه، پوءِ ان لاءِ باهه آهي دوزخ جي، جنهن ۾ اهي ماڻهو رهندا سدائين لاءِ |
حَتّىٰ إِذا رَأَوا ما يوعَدونَ فَسَيَعلَمونَ مَن أَضعَفُ ناصِرًا وَأَقَلُّ عَدَدًا (آيت : 24) |
(اهي ان هلت کان نه مڙندا) تانجو اهو ڏسن جنهن جو وعدو ڪيو پيو وڃي، البته ڄاڻي وٺندا ته ڪنهن جا ڪمزور آهن مددگار ۽ ڪنهن جو ٽولو گهٽ آهي تعداد ۾ |
قُل إِن أَدرى أَقَريبٌ ما توعَدونَ أَم يَجعَلُ لَهُ رَبّى أَمَدًا (آيت : 25) |
چؤ، آئون نٿو ڄاڻان ته اها شيءِ ويجهي آهي جنهن جو وعدو توهان سان ڪيو پيو وڃي يا مقرر ڪئي آهي منهنجي رب ڪا ڊگهي مدت |
عٰلِمُ الغَيبِ فَلا يُظهِرُ عَلىٰ غَيبِهِ أَحَدًا (آيت : 26) |
اهو ڄاڻندڙ آهي غيب جو، پوءِ اهو ظاهر نه ڪندو آهي پنهنجي غيب کي ڪنهن تي به |
إِلّا مَنِ ارتَضىٰ مِن رَسولٍ فَإِنَّهُ يَسلُكُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَمِن خَلفِهِ رَصَدًا (آيت : 27) |
سواءِ انهيءَ تي جنهن تي راضي ٿئي ڪنهن رسول مان، پوءِ بيشڪ مقرر ڪندو آهي سندس اڳيان کان ۽ سندس پويان کان نگهبان |
لِيَعلَمَ أَن قَد أَبلَغوا رِسٰلٰتِ رَبِّهِم وَأَحاطَ بِما لَدَيهِم وَأَحصىٰ كُلَّ شَيءٍ عَدَدًا (آيت : 28) |
ايستائين جو کيس معلوم ٿي وڃي ته هن پهچائي ڇڏيا پيغامات پنهنجي رب جا ۽ هن سڄي ماحول کي پنهنجي وس ۾ ڪيو آهي ۽ رکيو آهي هڪ هڪ شيءِ کي ڳڻپ سان |