القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ نُوۡحٍ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1)

بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي ڊيڄار!

قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2)

ان (کين) چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (رسول) آهيان.

أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3)

ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ ان (جي غضب) کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو.

يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4)

ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏئي ڇو ته خدا جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا.

قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5)

(جڏهن ماڻهن نه مڃيو ته) عرض ڪيائين خداوندا! آءُ پنهنجي قوم کي (ايمان ڏي) رات ڏينهن سڏيندو رهيس.

فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6)

پر منهنجي سڏڻ تي هيڪاري وڌيڪ ڀڄڻ لڳا.

وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7)

۽ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون ۽ (مون کان لڪڻ لاءِ) پنهنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙهي ڇڏيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٿ ڪيائون.

ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8)

پوءِ (به) مون کين ڏاڍيان سڏيو.

ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9)

وري مون کين ظاهر ظهور چيو ۽ تمام گهجھيءَ طرح (به) کين چيو.

فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10)

پوءِ مون انهن کي چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو بيشڪ اهو وڏو بخشڻهار آهي.

يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11)

ته اوهان تي آسمان مان گهڻو مينهن وسائي.

وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12)

۽ اوهان کي مال ۽ اولاد گهڻو ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ (بستان) بڻائي ۽ اوهان لاءِ نهرون جاري ڪري.

ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13)

اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا جي عظمت جو ذرو به ويساھ نه ٿا رکو.

وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14)

هوڏانهن اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس.

أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15)

ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته خدا ڪئين ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.

وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16)

۽ انهن ۾ چنڊ کي نور ڪيو ۽ سج کي روشن چراغ ڪيو اٿس.

وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17)

۽ خدا ئي اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو.

ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18)

وري اوهان کي ان ۾ ٻيو ڀيرو نيندو ۽ (قيامت ۾ ان مان ئي) ڪڍي ٻاهر ڪندو.

وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19)

۽ خدا ئي زمين کي اوهان جي لاءِ وڇاڻو ڪيو.

لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20)

ته ان جي ڪشادن رستن ۾ گهمو ڦرو.

قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21)

(نيٺ) نوح چيو ته اي منهنجا پالڻهار! هنن منهنجو بلڪل چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پٺيان لڳا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌايو.

وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22)

۽ انهن تمام وڏو مڪر پکيڙيو.

وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23)

۽ (پاڻ ۾) چيائون ته پنهنجن بتن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نڪي “ود” ۽ نڪي “سواع” ۽ نڪي “يغوث” ۽ “يعوق” ۽ “نسر” کي ڪڏهن به نه ڇڏيو.

وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24)

۽ انهن گهڻن کي گمراھ ڪيو آهي. ۽ (اي خدا انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌائي.

مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25)

(نيٺ) انهن کي سندن سرڪشيءَ ڪري ٻوڙيو ويو (۽) پوءِ کين دوزخ ۾ وڌو ويو. پوءِ خدا کان سواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون.

وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26)

۽ نوح عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار! ڪافرن مان ڪو به زمين تي رهندڙ نه ڇڏ.

إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27)

ڇو ته جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته اهي تنهنجن ٻانهن کي گمراھ ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽) ڪافر اولاد ڄڻيندا.

رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28)

اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناھ وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن کي ۽ ايمان وارن عورتن کي معاف ڪر! ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجھ بن نه وڌائي!


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025