إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1) |
نُوح سَندسِ نيات ڏي، پَڪ مُڪو سون پاڻ، ته ڪامِل! پَنهنجِي قوم کي، پُهچائي پرياڻ، اِنهيان اڳ اڳواڻ!، ته اَچينِ سخت عذاب ڪو. |
قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
وَراڻيو وَريام، ته اي نِماڻِي نيات! مون، آئون اَوهان لئي آهيان، اِطلاع ڏِيندڙ عام، پَڌرا پَرئـِين پارجا، پُهچائـِيندڙ پيغام، |
أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3) |
ته پُوڄيو پَروَر پاڪ کي، پڻ تِنهن کان ڊِڄو تمام، پڻ ڪريو مُنهنجِي ڪَمن ۾، مُتابعت مُدام، |
يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4) |
ته کمٖي خطائون اَهنجو، آگو، رَبَّ عَلام، ۽ تان عمر جي اَنجام، مُهلت ڏِينيان مِهر سان. آيو اَللهَ پاڪ جو، وقت ٻَڌل جِنهن وير، دَم نه ٿئٖي پوءِ دير، جيڪي جاچيو ڳالھ کي! |
قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5) |
چي، سَچ پَچ سَڏيَمِ نيات کي، ڏاتر! ڏِينهان، رات، |
فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6) |
ري ڀَڄڻ، مُنهنجِي بات، وار نه وڌايو اُنهن کي. |
وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7) |
۽ سچ ته، سَڏيَمِ اُنهن کي، جَڏهن به، جھڙي وار، تان مَرهِينِ تون مِهر سان، اي ڏيهن جا ڏاتار!، ته ڪيائون ڪَنن ۾ آڱريون، تان ٻُڌن ڪِين ٻِيهار، ۽ ڍاريون پنهنجا پارچا، پڻ اُڀا مٿي اِنڪار، ۽ پيا خُودِي مَنجھ خُوار، لڳا پَڏائـِڻ پاڻ کي. |
ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8) |
وَڏي واڪي اُنهن کي، موٽِي چَيمِ مَذڪور، |
ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9) |
وَرِي به اِعلان اُنهن کي، ظاهِر ڪَيَمِ ضرور، پڻ مون ڪِيَنِ، ڪي مُور، نرمئَ ساڻ نَصِيحتون. |
فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10) |
پوءِ چَيمِ ته، پَنهنجي رَبّ کان، بَخشايو بَحال، سَچ ته سَدائـِين آھِ سو، ڀَلو ڪندڙ ڀَال، |
يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11) |
ته مَٿان اوهان تي موڪلي، نارو نار نِهال، |
وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12) |
پڻ ڏئـِي اوهان کي ڏيھ ڌڻي، مَدد پُٽ ۽ مال، پڻ آن لئي باغ بَهار، ڪَئـِين جوڙي جَلّ جَلال، پڻ جارِي ڪري جال، نال اوهان جي ناليون. |
ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13) |
اوهان سان اَڄاڻ! ڪُوڪٽ آهي ڪِهرو؟ ته رکو نَه عِزَّت جو آسرو، قادِر مُطلق ڪاڻ، |
وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14) |
۽ طرحِين ترتِيبن ساڻ، جنهن آن کي، جوڙي راس ڪيو. |
أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15) |
ڇا، اوهين نه اکِيين ڏِٺو؟ ته جوڙيا ڪِيئن جبار، ست اُڀ سارا سامهان، تَھ تي تھ تيار، |
وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16) |
تِن ۾ رَکيائـِين رَمز سان، چمڪندڙ چنڊ چوڌار، پڻ ڏِيو ڪيو ڏاتار، ڏيھ سَڄي لئي سِج کي. |
وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17) |
اَلله اُڀاريو آن کي، ڀُون مان بي گمان، |
ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18) |
ڏِيندو اوهان کي اُن ۾، موٽِي ماڳ مَڪان، پڻ سُڀاڻي سُبحان، ڪڍندو اوهان کي اُن مان. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19) |
۽ ڌَڻِئ ڌَرتِي آن لئي وَھ!، جو ڪَئين وِڇاڻ!، |
لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20) |
ته پَهرو اُنهِئَ ۾ پاڻ، وَٺِي واٽون ويڪريون. |
قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21) |
نُوح ڌَڻِي کي دانهيو، ته سانيمِ رَبَّ، سُبحان!، هِنن حُڪم مُنهنجا ٽوڙيا، ٿيا تابع تِنهن تعبان، جنهن کي اِملاڪ اُن جِي، پڻ نِينگر نوجوان، ذروري زيان، ٻي اوڄ نه ڏِنِي اُن کي. |
وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22) |
۽ چَليا چالاڪيون وَڏيون، |
وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23) |
چيائون اِهڙِي چال، ته هرگِز ڪِنهِين حال، پُوڄ نه پَنهنجا ڇَڏيو. ۽ ڇَڏيو نه وَد، سُوَاعَ کي نه يَغُوْثَ، يَعـُوْقَ، نَسْرَ، |
وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24) |
۽ تِن مَنجھايا مُورهِين، ڪي آدمِي اَڪثر، ۽ وِرس سوا ويتر، ذَرو نه ڏِئي ظالِمِين. |
مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25) |
سَندِن قُصورن جي ڪري، ويئـِي واري تِن تان وِير، پوءِ دوزخ ۾ ڌوڪيا ويا، سِڌا مَنجھ سَعِير، ري ڌڻِئَ دَستگِير، پوءِ، نه لڌائون پاڻ کي. |
وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26) |
۽ نُوح ڌڻِئَ کي دانهيو، ته مَنجھان قوم ڪُفّار، ڌڻيَمِ! ڌرتي تي نَه ڇَڏ، وَڙڪندڙ، مَنجھ وَلهار، |
إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27) |
تُنهنجي گولن کي گُمراھ ڪندا، جي وَڌڪ ڇَڏِيندينِ وار، ۽ ڪَڏهن ڪافِر ڌار، ٻِئو نه ڄَڻِيندا ٻار ڪو. |
رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28) |
مُون ۽ مُنهنجي مائٽِين، بَخشِين بَخشڻهار، پڻ جيڪي مُنهنجِي جاءِ ۾، ٿِيا داخِل دِيندار، پن مُؤمن ۽ مُؤمنياڻيون، وِيندي مَحشر وار، ۽ جَجھو ڏِج نَه جَبَّار! ري بِيدِي، بيدادن کي. |