القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ نُوۡحٍ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1)

بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو ته تون پنهنجيءَ قوم کي مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان وڃي ڊيڄار!

قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2)

ان (کين) چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان

أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3)

ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو،

يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4)

ته اوهان جا گناهه اوهان کي معاف ڪري ۽ اوهان کي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏئي ڇو ته الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو تڏهن ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا.

قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5)

(نوح) چيو ته اي منهجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو

فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6)

پوءِ منهنجي سڏڻ تي هيڪاري زيادهه ڀڄڻ لڳا.

وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7)

۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٺ ڪيائون.

ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8)

وري (به) بيشڪ مون کين ڏاڍيان سڏيو،

ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9)

وري مون کين ظاهر ظهور چيو، ۽ تمام ڳجهيءَ طرح (به) کين چيم.

فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10)

پوءِ چيم ته پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو! بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي،

يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11)

ته اوهان تي گهڻو مينهن وسائي،

وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12)

۽ اوهان کي مال ۽ پٽ گهڻا ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ بنائي، ۽ اوهان لاءِ نهرون بڻائي.

ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13)

اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي بزرگيءَ جو ويساهه نه ٿا رکو؟

وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14)

هوڏانهن اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس.

أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15)

ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو،

وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16)

۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي ڏيئو ڪيائين.

وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17)

۽ الله اوهان کي هڪ طرح سان زمين مان پيدا ڪيو آهي.

ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18)

وري اوهان کي زمين ۾ موٽائيندو ۽اوهان کي پوريءَ طرح ٻاهر ڪڍندو

وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19)

۽ الله اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو

لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20)

ته ان جي ڪشادن رستن ۾ هلو

قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21)

(ايتري سمجهائڻ کانپوءِ) نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پٺيان لڳا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو

وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22)

۽انهن تمام وڏو مڪر پکيڙيو،

وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23)

۽ چيائون ته پنهنجن خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ۽ نه ڪي ودّ ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي ڪڏهن به ڇڏيو.

وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24)

۽ بيشڪ انهن (مڪر فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو آهي ۽ (اي الله انهن) ظالمن لاءِ گمراهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ (ته مٿن جلد عذاب اچي.

مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25)

نيٺ انهن کي سندن گناهن جي ڪري ٻوڙيو ويو پوءِ کين باهه ۾ وڌو ويو. پوءِ الله کان سواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون.

وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26)

۽ نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ زمين تي نه ڇڏ ،

إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27)

ڇو ته تون جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته اهي تنهنجن ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽) ڪافر (اولاد) ڄڻيندا.

رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28)

اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناهه وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن کي معاف ڪر! ۽ ظالمن لاءِ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ!


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025