القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ نُوۡحٍ  مَکِّیَّۃٌ آيتون : 28


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1)

بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ جو انهن کي دردناڪ عذاب اچي پهچي.

قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2)

(نوح) چيو: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (نبي) آهيان.

أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3)

ته توهان الله جي عبادت ڪيو، ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.

يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4)

ته اُهو توهان جا گناهه بخشي ڇڏيندو ۽ توهان کي مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏيندو. بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن اچي ٿو ته پوئتي نه ٿو ڪيو وڃي، هائو جي توهان ڄاڻو ها“.

قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5)

(نوح ) چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو.

فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6)

پر منهنجي سڏڻ انهن جي لاءِ سواءِ ڀڄڻ جي ٻيو ڪجهه نه وڌايو.

وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7)

۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن جي بخشش ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا پنهنجي مٿان ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) ضد ڪيائون ۽ زور وڏي وڏائي ڪيائون.

ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8)

وري مون انهن کي بلند آواز ۾ دعوت ڏني.

ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9)

وري بيشڪ مون انهن کي ظاهر ظهور چيو ۽ انهن کي ڳجهي طرح رازدارانه انداز ۾ سمجهايم.

فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10)

پوءِ مون کين چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو. بيشڪ اُهو معافي ڏيندڙ آهي.

يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11)

توهان تي وڏ ڦڙي زوردار بارش برسائيندو.

وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12)

۽ مالن ۽ پُٽن جي ذريعي اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان لاءِ باغ بنائيندو ۽ اوهان لاءِ نهرون وهائيندو.

ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13)

توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله جي عظمت جو ويساهه نه ٿا رکو.

وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14)

حالانڪه ان توهان کي طرح بطرح پيدا ڪيو آهي.

أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15)

ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته الله ڪيئن ست آسمانن کي طبق در طبق پيدا ڪيو آهي.

وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16)

۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي روشن (ٻرندڙ) ڏيئو بنايائين.

وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17)

۽ الله توهان کي زمين مان (هڪ خاص انداز سان) ڄمايو آهي.

ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18)

پوءِ توهان کي ان ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي (ان مان دوبارو) ٻاهر ڪڍندو.

وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19)

۽ الله توهان لاءِ زمين کي پکڙيل وڇاڻو بنايو آهي.

لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20)

ته توهان ان جي ڪشادن رستن تي هلو“.

قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21)

۽ نوح عرض ڪيو: ”اي منهنجا مالڪ! بيشڪ انهن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ انهن جي پيروي ڪندا رهيا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه وڌايو.

وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22)

۽ انهن فريب ڪيو تمام وڏو فريب!

وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23)

۽ چيائون ته پنهنجي معبودن کي اصل نه ڇڏيو ۽ نه ڪي وَد کي ڇڏجو ۽ نه سُواع کي ۽ نه يغوث کي ۽ نه يعوق ۽ نَسر (نالي بتن) کي (ڇڏجو).

وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24)

۽ بيشڪ انهن گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو ۽ (پوءِ اي منهنجا مالڪ) ظالمن لاءِ گمراهي کان سواءِ ٻيو ڪنهن شيءِ ۾ ترقي نه ڏي“.

مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25)

(نيٺانيٺ) اُهي پنهنجي گناهن سبب ٻوڙيا ويا پوءِ باهه ۾ وِڌا ويا، پوءِ انهن پنهنجي لاءِ الله کان بچائڻ وارو ڪو مددگار نه لڌو.

وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26)

۽ نوح چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار ڪافرن مان ڪوبه رهندڙُ زمين تي نه ڇڏ.

إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27)

بلاشڪ اگر تون انهن کي (جيئرو) ڇڏيندين ته اُهي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار ڪافر ئي ڄڻيندا.

رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28)

اي منهنجا پالڻهار! مون کي بخش ۽ منهنجي والدين کي ۽ هر ان شخص کي جيڪو مؤمن بنجي منهنجي گهر ۾ (پناهه وٺڻ لاءِ) داخل ٿيو ۽ (سڀ) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي (به بخش). ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ“.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025