إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1) |
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغام رسائيندڙ ڪري) موڪليو، ته تون پنهنجيءَ قوم کي (سندن غلط ڪارين جي نتيجي ۾) مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي (ان جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار! |
قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
ان (کين) چيو ته، اي منهنجي قوم! (توهان جون غلط ڪاريون، توهان کي تباهيءَ جي طرف وٺي وڃي رهيون آهن) بيشڪ آئون اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آهيان. |
أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3) |
(جيڪڏهن اوهان ان تباهيءَ کان بچڻ گهرو ٿا ته پوءِ) الله جي عبادت ڪريو ۽ ان جي فرمانبرداري ڪيو (۽ سندس فرمانبرداريءَ جا جيڪي قانون ۽ حڪم مان عمل ۾ آڻيان ٿو تنهن ۾) منهنجي اطاعت ڪيو. |
يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4) |
(اوهان ائين ڪيو ته الله) اوهان جا (پويان) گناه اوهان کي معاف ڪري ۽ اوهان کي (صحيح واٽ تي هلڻ جي) مقرر وقت تائين مهلت ڏئي (۽ تباهي کان محفوظ رکي) جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته پوءَ هلاڪت لاءِ) الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو تڏهن ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن (اوهان الله جي مڪافات واري نظام ۽ قانون کي) ڄاڻو ٿا. |
قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5) |
(نوح) چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن (تنهنجي عظمت کي مڃڻ ۽ تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ) سڏيو. |
فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6) |
پوءِ منهنجي سڏڻ تي (دين کان) هيڪاري زياده ڀڄڻ لڳا. |
وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7) |
۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته جيئن تون انهن کي (سندن ايمان ۽ عاجزيءَ تي) معاف ڪرين ته انهن (ٽرڙائپ ۽ سرڪشيءَ وچان) پهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون (تان ته حق جي ڳالهه ٻڌن ئي نه) ۽ (حقارت وچان منهن لڪائڻ ۽ نه ڏسڻ لاءِ) پنهنجي ڪپڙا پاڻ تي ويڙهيائون ۽ (پنهنجا انڪار تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٺ ڪيائون. |
ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8) |
وري (بي) بيشڪ مون کين وڏي واڪي سڏيو. |
ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9) |
وري مون کين چٽو پڌرو به چيو، ۽ تمام ڳجهيءَ طرح (به) کين چيم. (مطلب ته نصيحت جو ڪو طريقو نه ڇڏيم.) |
فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10) |
پوءِ کين چيم ته، (توهان جون غلط ڪاريون توهان لاءِ تباهي آڻينديون سو) پنهنجي پاليندڙ (جي قانونن تي هلي ان) کان معافي گهرو! بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي. |
يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11) |
ته اوهان تي (راضي ٿي اهڙو برڪت ڀريو) جهجهو مينهن وسائي، (جو توهان جون بنجر زمينون آباد ٿي وڃن). |
وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12) |
۽ اوهان کي مال ۽ پٽ گهڻا ڏئي، اوهان لاءِ باغ بنائي ۽ (انهن جي سيرابيءَ واسطي) اوهان لاءِ نهرون بڻائي. (جڏهن معاشرو خدا جي قانونن تي هلندو ته، ان جي سهڻي انتظام سان هر قسم جون سهولتون ٿينديون.) |
ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13) |
(مان حيران آهيان جو اوهان الله جي وجود کي به مڃيو ٿا، پر) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي عظمت ۽ بزرگيءَ جو ويساه نٿا رکو. (۽ ان جي قانونن تي نٿا هلو.) |
وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14) |
هوڏانهن (ڏسو ته ڪيئن تخليق جا مختلف مرحلا طئه ڪندي) اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس. |
أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15) |
ڇا اوهين نٿا ڏسو ته، الله ڪيئن (ستن سيارن وانگر) ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو؟ (۽ اهي سيارا به ان جي مقرر قانونن ۽ نظام تي ڪائنات لاءِ محڪم مثال بڻيل آهن). |
وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16) |
۽ انهن ۾ چنڊ کي (رات جو) روشن ڪيائين ۽ سج کي (ڏينهن جي لاءِ) ڏيئو ڪيائين. (۽ اوهان به جيڪڏهن ان جي مقرر ڪيل نظام تي هلو ته اوهان جا به ڏينهن ۽ راتيون روشن ٿي وڃن). |
وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17) |
۽ الله اوهان کي هڪ طرح سان (نباتات جي نظام تي) زمين مان پيدا ڪيو آهي. (جو نباتات جون غذا حاصل ڪندڙ پاڙون، وڻ ۽ ان جي پکڙيل هر پن ۽ ٽام لاءِ هڪجيترو مفيد آهن). |
ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18) |
وري اوهان کي زمين ۾ موٽائيندو ۽ اوهان کي پوريءَ طرح ٻاهر ڪڍندو. (۽ اوهان کان مفيد بڻجڻ ۽ نه بڻجڻ جو حساب وٺندو). |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19) |
۽ الله اوهان لاءِ زمين (جهڙي گول سياري) کي وڇاڻو بڻايو. |
لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20) |
ته ان جي ڪشادن رستن ۾ (ان جي مخلوق لاءِ ڪشادگيون کڻي) هلو. |
قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21) |
(ايتري سمجهائڻ کان پوءِ) نوح چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن (سردارن، وڏيرن ۽ دولتمندن، جي پٺيان لڳا، جن) جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو. |
وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22) |
(اهي جن جي ڪڍ لڳا سي فريبي ۽ سازشي هئا) ۽ انهن (حق جي دعوت خلاف) وڏو مڪر پکيڙيو. |
وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23) |
۽ (پنهنجي پوئلڳن کي) چيائون ته، پنهنجن خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نه ڪي ود ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر (بتن) کي ڪڏهن ڇڏيو. |
وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24) |
۽ بيشڪ انهن (رئيسن ۽ سرمائيدارن مڪر فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو آهي. ۽ (اي الله هاڻي تون انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ ۽ تباهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ. |
مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25) |
(ته مٿن جلد عذاب اچي. نيٺ) انهن کي سندن خطاڪارين جي ڪري ٻوڙيو ويو پوءِ کين (جهنم جي) باهه ۾ وڌو ويو، پوءِ انهن ڏٺو الله کان سواءِ سندن لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار ڪونهن. |
وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26) |
۽ نوح چيو ته، اي منهجا پاليندڙ! (هنن منڪرن جي سرڪشي ۽ جرم ناسور بڻيل ۽ وچڙندڙ حد تي پهتل آهن. ان ڪري ٻين انسانن کي انهن جي اثرن کان بچائڻ لاءِ هنن) ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ زمين تي نه ڇڏ. |
إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27) |
ڇو ته، تون جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته، اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراه ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽ ناسور واري) ڪافر (اولاد) ڄڻيندا. |
رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28) |
اي منهنجا پاليندڙ! مونکي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناه وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارن زالن کي معاف ڪر! ۽ سرڪش ظالمن لاءِ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به وڌاءِ. |