| إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1) |
|
بيشڪ اسان (حضرت) نوح کي پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ ۾ جو انهن تي دردناڪ عذاب اچي |
| قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
|
(حضرت) نوح فرمايو اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان |
| أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3) |
|
توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ توهان اُن کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي اطاعت ڪريو |
| يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4) |
|
اهو توهان لاءِ توهان جا ڪجھه گناه بخش ڪندو ۽ توهان کي هڪ مقرر مدي (موت) تائين مهلت ڏيندو، بيشڪ الله جو اجل (موت) جڏهن ايندو (ته ان کي) پوئتي نٿو ڪيو وڃي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا |
| قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5) |
|
(حضرت) نوح (پيغمبر) عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ڏينهن (دين جي) دعوت ڏني |
| فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6) |
|
پوءِ منهنجي سڏڻ تي اُهي فرار ٿيڻ لڳا |
| وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7) |
|
۽ بيشڪ مون جڏهن به اُنهن کي سڏيو ان لاءِ ته تون اُنهن کي بخشين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪيا ۽ (اهي پنهنجي) ڪفر تي قائم رهيا ۽ انهن تمام گھڻي تڪبر ڪئي |
| ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8) |
|
ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي ظاهر بظهور سڏيو |
| ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9) |
|
ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي علي الاعلان سڏيو ۽ تمام مخفي انداز سان به مون انهن کي سڏيو |
| فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10) |
|
پوءِ مون چيو توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ اهو هميشه گناه بخشيندڙ آهي |
| يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11) |
|
اهو الله توهان تي مسلسل (فائديمند) بارش موڪليندو |
| وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12) |
|
۽ توهان جي مدد ڪندو مالن ۽ پُٽن سان ۽ توهان لاءِ باغ پيدا ڪندو ۽ توهان لاءِ نهرون وهائيندو |
| ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13) |
|
توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله ۾ عِزَّتَ جي اميد نٿا رکو |
| وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14) |
|
حالانڪ تحقيق ان توهان کي ڪيترن مرحلن ۾ تخليق فرمايو |
| أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15) |
|
ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى ڪهڙيءَ طرح سَتَ آسمان هڪ ٻِئي جي مٿان پيدا ڪيا |
| وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16) |
|
۽ انهن ۾ چنڊ روشن ڪيو ۽ سج کي ڏيئو بنايو |
| وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17) |
|
۽ الله توهان کي سَلن وانگر زمين مان پيدا ڪيو |
| ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18) |
|
ان کان پوءِ توهان کي ان زمين ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي ان مان دوباره ٻاهر ڪڍندو |
| وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19) |
|
۽ الله تعالى توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو |
| لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20) |
|
ان لاءِ ته توهان ان جي ڪشادن رستن تي هلو |
| قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21) |
|
(حضرت) نوح عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ انهن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ انهن پنهنجي رئيسن جي تابعداري ڪئي جن کي سندن مال ۽ اولاد وڌيڪ خساري ۾ وڌو |
| وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22) |
|
۽ انهن (نوح پيغمبر لاءِ) تمام وڏا فريب ڪيا |
| وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23) |
|
۽ سردارن چيو توهان هرگز پنهنجي بتن کي نه ڇڏجو ۽ توهان هرگز (پنهنجي بتن) وَدُّ ۽ سُواع ۽ يَغُوثَ ۽ يَعُوقَ ۽ نَسر کي نه ڇڏجو |
| وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24) |
|
۽ بيشڪ انهن گھڻن کي گمراه ڪيو، ۽ نه زياده ڪيائون ظالمن لاءِ مگر گمراهي |
| مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25) |
|
اهي پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ٻوڙيا ويا پوءِ قبر جي عذاب ۾ داخل ڪيا ويا، پوءِ انهن الله تعالى کانسواءِ ڪو مددگار نه لڌو |
| وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26) |
|
۽ نوح (پيغمبر) عرض ڪيو اي منهنجا رب تون زمين تي ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ نه ڇڏ |
| إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27) |
|
بيشڪ جيڪڏهن تو انهن کي ڇڏيو ته اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراه ڪندا، ۽ اهي نٿا ڄڻن مگر گنهگار، ناشڪر |
| رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28) |
|
اي منهنجا رب تون مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي بخش ڪر ۽ هر ان ماڻهوءَ کي بخش ڪر جيڪو ايمان سان منهنجي گھر ۾ داخل ٿيو ۽ (قيامت تائين) مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتن کي بخش ڪر ۽ نٿي زياده ٿئي ظالمن لاءِ مگر تباهي |