إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1) |
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو، ته سندءِ قوم کي ڊيڄار، انهي کان اڳ، جو وٽن ڏکوئيندڙ عذاب پهچي. |
قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
چيائين ”اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. |
أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3) |
ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو، |
يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4) |
ته هو اوهان جا گناهه بخشي ۽ اوهان کي مقرر وقت تائين ڍر ڏئي- بيشڪ جڏهن الله جو مقرر ڪيل وقت ايندو، تڏهن ان کي ڍر ڪا نه ڏبي- جيڪڏهن اوهين ڄاڻندا آهيو.“ |
قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5) |
نوح چيو ته ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ آءُ پنهنجي قوم کي رات ڏينهن سڏيندو رهيس، |
فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6) |
پر اهي ته منهنجي سڏڻ کان گهڻو ڀڄندا ئي رهيا. |
وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7) |
۽ مون جڏهن به هنن کي سڏيو ٿي، ته تون کين بخش ڪرين، ته هنن سندن آڱريون ڪَنن ۾ ٿي وڌيون، پاڻ تي ڪپڙا کڻي ٿي وڌائون ۽ ڪفر تي ضد ٿي ٻَڌائون ۽ تمام گهڻو هٺ ٿي ڪيائون. |
ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8) |
ته به وري مون هنن کي سڏيو. |
ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9) |
وري کين پڌرو خواهه ڳجهيءَ طرح چيو، |
فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10) |
۽ کين چيم ته ”پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گهرو، بيشڪ، هو بخشيندڙ آهي. |
يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11) |
هو اوهان تي آسمان مان لڳو لڳ مينهن وسائي. |
وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12) |
۽ اوهان کي مال ۽ پٽ وڌائي ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ بنائي ۽ نديون بنائي. |
ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13) |
۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جوالله جي وڏائي جو ويساهه نٿا رکو. |
وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14) |
جيتوڻيڪ هن ته اوهان کي قسمن قسمن ۾ خلقيو.“ |
أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15) |
ڇا، اوهين نه ٿا ڏسو، ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا ڪري خلقيو. |
وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16) |
۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي چمڪندڙ ڏيئو ڪيائين. |
وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17) |
۽ الله اوهان کي هڪ دفعي زمين مان اڀاڙڻ جئن اڀاڙيو. |
ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18) |
وري اوهان کي زمين ۾ موٽائي موڪليندو ۽ وري اوهان کي چڱيءَ طرح ٻاهر ڪڍندو. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19) |
۽ الله اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو. |
لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20) |
ته انهي ۾ ڪشادين واٽن سان هلو.“ |
قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21) |
نوح چيو ته ”منهنجا ڌڻي! هنن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن جي وڃي تابعداري ڪيائون، جنهن کان سندن مال ۽ اولاد کي رڳو نقصان ئي پهتو. |
وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22) |
۽ هنن تمام وڏو فريب پکيڙيو. |
وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23) |
جو چيائون ته پنهنجي سائينين کي هر گز نه ڇڏيو ۽ نڪي ود، سواع، يغوث، يعوق ۽ نسر کي ڇڏيو. |
وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24) |
۽ بيشڪ هنن گهڻن کي گمراهه ڪيو، ان ڪري هاڻ تون به ظالمن تي رڳي گمراهي پيو وڌاءِ.“ |
مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25) |
پوءِ انهن کي سندن گناهن سبب ٻوڙيو ويو ۽ باهه ۾ وڌو ويو، هنن الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو مددگار نه ڏٺو. |
وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26) |
۽ نوح چيو ته ”اي منهنجا ڌڻي! تون زمين تي ڪافرن جو هڪڙو به وسندڙ گهر نه ڇڏ! |
إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27) |
جو جيڪڏهن تون انهن کي ڇڏيندين، ته هو تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ هو رڳا بدڪار ڪافر ئي ڄڻيندا. |
رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28) |
اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي بخش ڪر ۽ جيڪو به منهنجي گهر ۾مؤمن ٿي اچي، ان کي خواهه مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي بخش ڪر، باقي ظالمن تي ته رڳي بربادي وڌاءِ!“ |