إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1) |
بيشڪ اسان نوح ($) کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته تون پنھنجي قوم کي دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ ئي ڊيڄار. |
قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
هن چيو ته اي منھنجي قوم! بيشڪ مان توهان لاءِ هڪ پڌرو ڊيڄاريندڙ ٿي آيو آهيان. |
أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3) |
ته جيئن توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو، ان کان ئي ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. |
يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4) |
ته الله تعالى توهان جي گناهن کي معاف ڪندو ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت تائين (سڌرڻ لاءِ) مھلت ڏيندو. بيشڪ الله تعالى جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته پوءِ ان کي پُٺتي نه ڪبو. ڪاش! توهان کي معلوم هجي. |
قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5) |
(نوح $ ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مان پنھنجي قوم کي رات ڏينھن سڏيندو رهيس. |
فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6) |
پر منھنجي سڏڻ جي ڪري ته ويتر هي ماڻهو پري ڀڄندا وڃن ٿا. |
وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7) |
مون جڏهن به هنن کي سڏيو ته جيئن تون اُنهن جي گناهن کي معاف ڪرين ته هي پنھنجي ڪنن ۾ آڱريون ۽ چھرن تي ڪپڙا وجهي وڏي تڪبر سان ضد ڪري بيٺا. |
ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8) |
مون انهن کي وڏي واڪي گڏيل طريقي سان به سڏيو آهي. |
ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9) |
۽ اُنهن کي ظاهر ظهور ۽ هرهڪ کي نويڪلائي ۾ به سڏيو آهي. |
فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10) |
مون کين چيو ته توهان پنھنجي پالڻھار کان گناهن جي معافي گهرو. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ آهي. |
يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11) |
(معافيءَ جي صورت ۾) هو توهان تي آسمان مان خوب مينھن وسائيندو. |
وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12) |
۽ توهان جي مال ۽ اولاد ۾ واڌارو آڻيندو. توهان جي لاءِ باغ پيدا ڪندو ۽ نھرون جاري ڪندو. |
ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13) |
توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان الله تعالى جي عظمت جو خيال نٿا رکو؟ |
وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14) |
حالانڪه هُن توهان کي مختلف مرحلن مان گذاري پيدا ڪيو آهي. |
أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15) |
ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى ڪيئن هڪ ٻئي جي مٿان ست آسمان پيدا ڪيا؟ |
وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16) |
ان ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي چمڪندڙ ڏيئو بنايائين. |
وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17) |
۽ الله تعالى توهان کي زمين مان (هڪ خاص انداز ۾) پيدا ڪيو. |
ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18) |
پوءِ هو وري توهان کي ان ۾ ئي موٽائيندو ۽ ان مان ئي توهان کي ٻيھر ڪڍندو. |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19) |
۽ الله تعالى توهان لاءِ زمين کي وڇائي ڇڏيو. |
لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20) |
ته جيئن ان ۾ ٺهيل ويڪرن رستن تي (آرام سان) هلي سگهو. |
قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21) |
نوح ($) چيو ته: منھنجا پالڻھار! بيشڪ هنن ماڻهن منھنجو چيو نه مڃيو آهي ۽ هو اهڙن ماڻهن جي پويان وڃي لڳا آهن جن جي مال ۽ اولاد هِنن ماڻهن کي وڏو نقصان پھچايو آهي. |
وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22) |
اُنهن (وڏن ماڻهن) ته چال بازين جو هڪ وڏو ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي. |
وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23) |
(انهن وڏن ماڻهن پنھنجي قوم جي ماڻهن کي) چيو ته پنھنجي معبودن کي هرگز نه ڇڏجو (۽ خاص طور) وَدّ ــ سواع ـــ يغوث ــ يعوق ۽ نسر (بتن) کي ته بلڪل نه ڇڏجو. |
وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24) |
انهن گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون ظالمن جي گمراهيءَ ۾ (اڃا به) واڌارو فرماءِ. |
مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25) |
(پوءِ) کين پنھنجي ئي گناهن جي ڪري غرق ڪيو ويو ۽ باهه ۾ داخل ڪيو ويو. پوءِ انهن الله تعالى کان سواءِ پنھنجي لاءِ ٻيا مددگار نه لڌا. |
وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26) |
نوح ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! (هاڻي) ڪافرن مان ڪنھن هڪ کي به زمين تي (جيئرو) نه ڇڏجانءِ. |
إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27) |
جيڪڏهن تون انهن کي جيئرو ڇڏيندين ته هو تنھنجي ٻانهن کي گمراهه ئي ڪندا ۽ هو بدڪار ۽ ڪافر اولاد ئي ڄڻيندا. |
رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28) |
اي منھنجا پالڻھار! مون کي، منھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ۽ جيڪي منھنجي گهر ۾ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون داخل ٿيون آهن، تن سڀني جي گناهن کي معاف فرماءِ ۽ ظالمن جي لاءِ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ. |