إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1) |
بيشڪ اسان موڪليو نوحؑ کي سندس قوم ڏي (ان هدايت سان) ته خبردار ڪري پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ان کان اڳي جو اچي وڃي (مٿن) هڪ عذاب ڏکوئيندڙ |
قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
هن چيو، اي منهنجي قوم! بيشڪ آئون توهان لاءِ هڪ ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) آهيان ظاهر ظهور |
أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3) |
(چوان ٿو توهان کي) ته بندگي ڪريو الله جي ۽ ڊڄو ان کان، ۽ منهنجي تابعداري ڪريو |
يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4) |
بخش ڪندو (الله) توهان جا گناهه ۽ باقي رکندو (مهلت ڏيندو) توهان کي هڪ مقرر وقت تائين، بيشڪ وعدو آهي الله جو، جڏهن اهو اچي ٿو وڃي مقرر ڪيل وقت ته پوءِ ٽاريو نه ويندو، ڪاش توهان کي ان جو علم هجي |
قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5) |
هن عرض ڪيو، اي منهنجا رب! مون دعوت ڏني پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن |
فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6) |
پر واڌارو ڪيو منهنجي پڪارڻ انهن جي ڀڄڻ کي |
وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7) |
۽ جڏهن ڀي مون انهن کي سڏيو ته جيئن تون معاف ڪرين انهن کي، انهن وڌيون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ ۽ ڍڪي ورتائون منهن پنهنجي ڪپڙن سان ۽ ضد تي قائم رهيا ۽ وڏائي ڪئي تمام گهڻي وڏائي |
ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8) |
پوءِ مون بيشڪ سڏيو انهن کي وڏي واڪي |
ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9) |
پوءِ بيشڪ مون ظاهر ظهور کين تبليغ ڪئي ۽ انهن کي ڳجهيءَ طرح به سمجهايو |
فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10) |
پوءِ مون کين چيو، معافي گهرو پنهنجي پالڻهار کان بيشڪ اهو وڏو معاف ڪندڙ آهي |
يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11) |
اهو خوب وسائيندو آسمان مان توهان تي وڏ ڦڙو |
وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12) |
۽ مدد ڪندو توهان جي مال ۽ اولاد جي نوازڻ سان، ۽ پيدا ڪندو توهان جي لاءِ باغ ۽ وهائيندو توهان جي لاءِ نهرون |
ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13) |
ڇا ٿيو آهي توهان کي جو ويساهه نٿا رکو الله جي وڏائيءَ تي؟ |
وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14) |
۽ جڏهن هن گذاريو آهي توهان کي ڪيترن مرحلن مان |
أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15) |
ڇا توهان ڏسو نٿا ته ڪهڙيءَ طرح خلقيا آهن الله ست آسمان تهن مٿان تهه ڪري |
وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16) |
۽ بڻايائين چنڊ کي ان ۾ نور ۽ ڪيائين ان ۾ سج کي ڏيئو؟ |
وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17) |
۽ الله توهان کي اپايو آهي زمين مان عجيب نموني اڀاري |
ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18) |
پوءِ اهو موٽائي نيندو ان ۾ ۽ ان مان اوچتو ڪڍي اٿاريندو |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19) |
۽ الله وڇايو توهان جي لاءِ زمين کي فرش وانگر |
لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20) |
ته جيئن توهان هلي سگهو ان ۾ کليل طور تي |
قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21) |
چيو نوح، اي منهنجا رب! انهن منهنجي ڳالهه رد ڪري ڇڏي ۽ لڳا رئيسن جي پويان جيڪي وڌيڪ مال ۽ اولاد وارا ٿي ويل اڃا به ٿي ويا نامراد |
وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22) |
۽ انهن تمام وڏو فريب جو ڄار پکيڙيو آهي |
وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23) |
۽ چيو انهن، هرگز نه ڇڏيو پنهنجي خدائن کي ۽ نه ڇڏيو ود ۽ سواع کي، ۽ نه يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي |
وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24) |
۽ ڪيو آهي انهن گمراهه ڪيترن ماڻهن کي، ۽ نه ڏي انهن ظالمن کي ترقي سواءِ ڪنهن گمراهيءَ جي |
مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25) |
پنهنجي خطائن جي ڪري اهي ٻوڙيا ويا، پوءِ وري اڇلايا ويا باهه ۾، پوءِ نه لڌائون پنهنجي لاءِ ڪوبه الله کان سواءِ بچائڻ وارو مددگار |
وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26) |
۽ چيو نوح، رب منهنجا! نه ڇڏ زمين تي ڪوبه انهن ڪافرن مان گهمندڙ |
إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27) |
بيشڪ تو جيڪڏهن ڇڏيو انهن مان (ڪنهن کي به) ته گمراهه ڪندا تنهنجي بندن کي ۽ نه ڄڻيندا مگر بدڪار ڪافر |
رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28) |
رب منهنجا! معاف فرماءِ مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ هر ان شخص کي جيڪو داخل ٿيو منهنجي گهر ۾ مؤمن جي حيثيت ۾ ۽ سڀني مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ۽ نه ڪر واڌارو ظالمن لاءِ سواءِ هلاڪت جي |