القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمَعَارِجِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 44


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1)

گهرندڙ عذاب گهريو آهي، جيڪو ضرور واقع ٿيڻو آهي

لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2)

ڪافرن لاءِ آهي، جنهن کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي

مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3)

انهيءَ الله وٽان جيڪو مٿي چڙهڻ وارين ڏاڪڻين (مٿاهن درجن) جو مالڪ آهي

تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4)

ملائڪ ۽ روح ڏانهس چڙهي ويندا آهن، هڪڙي اهڙي ڏينهن ۾ جنهن جو اندازو پنجاهه هزار سال آهي

فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5)

تنهن ڪري اي نبي تون صبر ڪر، سهڻو صبر

إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6)

اهي ماڻهو ان کي پري سمجهن ٿا

وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7)

۽ اسان ان کي ويجهو ڏسون پيا

يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8)

(اهو عذاب ان ڏينهن ٿيندو) جنهن ڏينهن آسمان رجيل چانديءَ وانگر بڻجي ويندو

وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9)

۽ جبل رنگارنگي پڃيل اُن جهڙا ٿي ويندا

وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10)

۽ ڪوبه گهاٽو دوست پنهنجي گهاٽي دوست کان ڪا پڇا ڳاڇا نه ڪندو

يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11)

توڻي جو هڪ ٻئي کي ڏيکاريا ويندا. ڏوهاري چاهيندو ته ان ڏينهن جي عذاب کان بچڻ لاءِ عيوض ۾ ڏئي ڇڏي پنهنجو اولاد

وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12)

پنهنجي زال، پنهنجو ڀاءُ

وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13)

پنهنجو ويجهي ۾ ويجهو ڪٽنب جنهن پئي کيس اجهو ڏنو هو

وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14)

۽ زمين جي تختي (تي رهڻ) وارا سمورا ماڻهو به، جيڪڏهن اها ڳالهه سندس جند ڇڏائي سگهي

كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15)

ڪڏهن به نه، اهو ته باهه جو ڀـڀڙ هوندو

نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16)

جيڪو ماس ۽ چمڙيءَ کي چٽ ڪري ڇڏيندو

تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17)

واڪا ڪري پاڻ ڏي سڏيندو، هر انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو حق کي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳو هو

وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18)

۽ مال گڏ ڪري پوءِ ان کي سانڍي رکيائين

إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19)

انسان جلدي حوصلو هاري ويهندڙ (بي همت) پيدا ڪيو ويو آهي

إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20)

جڏهن مٿس ڪا مصيبت اچي ٿي ته گهٻرائجي وڃي ٿو

وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21)

۽ جڏهن آسودگي ٿي نصيب ٿئيس ته ڪنجوسي ڪرڻ لڳي ٿو

إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22)

باقي اهي ماڻهو (انهيءَ عيب کان بچيل آهن) جيڪي نماز پڙهندڙ آهن

الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23)

۽ نماز جا هميشه پائبند آهن

وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24)

جن جي مالن ۾ هڪ حق مقرر ٿيل آهي

لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25)

سواليءَ ۽ هٿين خاليءَ جو

وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26)

۽ جيڪي حساب ڪتاب واري ڏينهن کي سچو ٿا مڃين

وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27)

جيڪي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندا ٿا رهن

إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28)

ڇو ته سندن رب جو عذاب اهڙو ناهي، جنهن کان ڪو بي ڊپو ٿئي

وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29)

جيڪي پنهنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪندڙ آهن

إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30)

سواءِ پنهنجي زالن يا هٿ وس آيل عورتن جي، جن کان حفاظت نه ڪرڻ ۾ مٿن ڪا ملامت ناهي

فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31)

باقي جيڪي ان کان سواءِ به ڪجهه طلبين ته پوءِ اهي ئي حد کان لنگهي ويل آهن

وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32)

جيڪي پنهنجي امانتن جي سنڀال ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڪيل وعدن جو لحاظ ڪندڙ آهن

وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33)

۽ جيڪي پنهنجي شاهدين ۾ حق سچ تي قائم رهندڙ آهن

وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34)

۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي سنڀال رکن ٿا

أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35)

اهي ماڻهو مانَ شانَ سان جنت جي باغن ۾ رهندا

فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36)

پوءِ اي نبي! ڇا ڳالهه آهي جو اهي ڪافر توڏي ڊوڙندا پيا اچن؟

عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37)

ٽولن جا ٽولا ٿيندا ساڄي ۽ کاٻي کان

أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38)

انهن مان هرهڪ اها اميد ٿو رکي ڇا ته هو نعمتن سان ڀريل جنت ۾ داخل ڪيو ويندو؟

كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39)

بلڪل نه، اسان جنهن شيءِ مان کين پيدا ڪيو آهي، تنهن کي پاڻ ڄاڻن ٿا

فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40)

پوءِ مان قسم ٿو کڻان سج اڀرڻ وارين جاين ۽ سج لهڻ وارين جاين جي مالڪ جو، ته اسان کي اها طاقت آهي

عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41)

جو سندن جاءِ تي انهن کان ڀلا ماڻهو آڻي ڪڍون ۽ ڪوبه اسان کان زور پوڻ وارو ناهي

فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42)

تنهنڪري ڇڏي ڏينِ ته بيهودا ڪم ڪندا ۽ رانديون رونديون ڪندا وتن، تانجو پنهنجي انهيءَ ڏينهن تائين وڃي پهچن، جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو ٿو وڃي

يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43)

۽ جنهن ڏينهن اهي پنهنجي قبرن مان نڪري ائين پيا ڊوڙندا ويندا ڄڻ ته پنهنجن بتن جي آستانن ڏانهن پيا ڊوڙندا وڃن

خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44)

نظرون جهڪيل هوندن، ذلت مٿن ڇانئجي رهي هوندي. اهوئي اهو ڏينهن آهي، جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو ٿو وڃي


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025