| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
هڪ سوال ڪندڙ ، ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو. |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
جنهن کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي. |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
جو وڏن مرتب واري خدا جي طرفان (هئڻ وارو) هو. |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
ملائڪ ۽ روح (القدس) ان ڏي چڙن ٿا (۽ اهي) هڪ ڏينهن ۾ (ايترو پنڌ ڪن ٿا) جنهن جو اندازو پنجاھ هزار سال جو هوندو. |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
ته تون چڱيءَ طرح (انهن تڪليفن کي) سهندو رھ! |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
اها (قيامت) سندن نگاهن ۾ گهڻي پري آهي. |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
۽ اسان جي نگاھ ۾ ويجهي آهي. |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿيندو. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ جبل رنگا رنگي پڃيل ان جهڙا ٿيندا. |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
ڪو به دوست ڪنهن به دوست کي پڇندو به نه. |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
(توڙي جو) اهي انهن کي ڏسڻ ۾ ايندا ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن عذاب جي بدران پنهنجا پٽ |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
۽ پنهنجي زال، ۽ پنهنجو ڀاءُ ۽ پنهنجو گهراڻو |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
جو هن کي پاڻ سان ملائي ٿو |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهن سي (عذاب جي) بدلي ۾ ڏئي ته ان کي ڇڏائي |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
(پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو بيشڪ ڀڙڪندڙ باھ آهي. |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
جا کلن کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي. |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندا جنهن پٺ ڦيري ۽ منهن موڙيو |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
۽ (مال) گڏ ڪيو ۽ سنڀالي رکيو |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ انسان وڏو لالچي پيدا ڪيل آهي. |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿيو پوي |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن ڀلائي پهچيس ٿي ته ڪنجوس ٿيو پوي. |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
پر نمازي نه! |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشه پورا آهن |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ جن جي مالن ۾ هڪ مقرر ڪيل حق آهي |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
سوالي ۽ بي سوالي (محتاجن) لاءِ |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا. |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
ڇو ته سندن پروردگار جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي ڳالھ نه آهي. |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
۽ جيڪي پنهنجين اگهاڙن جا محافظ |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
مگر پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کان سواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن ته هرگز ملامت نه ڪيا ويندا. |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجھ ڪڌو ڪم ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لهندڙ آهن |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
۽ جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام (اقرار) جو خيال رکندڙ آهن |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
۽ جيڪي پنهنجين شاهدين تي پورا بيٺا آهن |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي رکن ٿا |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اهي ئي بهشت جي باغن ۾ عزت سان رهندا. |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو تو ڏي ڊوڙيندا اچن ٿا |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٿي |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
ڇا انهن مان سڀ ڪو ماڻهو هي لالچ رکي ٿو ته ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي. |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
ڪڏهن نه اسان کين جنهن (گنديءَ) شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڄاڻن ٿا. |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
ته آءُ اڀرندن ۽ اولهندين جي پروردگار جو (پنهنجو پاڻ) قسم کڻان ٿو ته اسين بيشڪ اها قدرت رکون ٿا |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
جو انهن جي بدران انهن کان بهتر ماڻهو آڻي (وسايون) ۽ اسين عاجز نه آهيون. |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
۽ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۾ پيا کيڏندا رهن ايتري تائين جو اهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن سان واعدو ڪيل آهي |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙيندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
(تنهن وقت) سندن اکيون (شرم کان) هيٺ هوندين کين خواري وڪوڙيل هوندي . اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو کين وعدو ڏنو پيو وڃي. |