سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
ڪِنهن سائـِل ڪَيو سُوال، اِيندڙ ڪِنهن عَذاب جو، |
لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
آهي اِنڪارِيَن تي، واقِع سو وَبال، |
مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
ڪونهي رَبَّ ڪَرِيم کان، ڪو جھالُو تِنهن جَنجال، |
تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
جو سائين سَوِين سِيڙهيَن، بي حد بُلند بحال، رُوح ۽ مَلائـِڪ رَبَّ جا، نُورِي نيڪ نِهال، ڏانهسِ چَڙهن جِنهن ڏِينهن ۾، عَرض کَڻِي اَحوال، پَنجاھ هَزارِين سال، آهي عَرصو اُنهِئَ ڏِينهن جو. |
فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
پوءِ سھ تون سَهڻ سُهڻو، رَک مَن ۾ هِي مَذڪُور، |
إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
هٖي ڏِسن اُهو ڏِينهن ڏُور، |
وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
اَسِين ڏِسون اوڏڙو. |
يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
اُڀ تَپِي ٽامون ٿئي، وِگھارِيل جِنهن وار، |
وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
۽ جاڏا جَبل جَھان جا، پَڻِي پِڃيَل جا پار، |
وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
گَھرو گَھري دوست جِي، پُڇي نه خَبر چار، |
يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
ڏيکاربَنِ تِنهن ڏِينهن ۾، هلندي هاوِي پار، اُنهِئ ڏِينهن جي عَذاب کان، گُھرندو گُنہ گار، ته جيڪر گھوري جند تان، بيٽا، |
وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
بِيوِي، ڀار، |
وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
پڻ ڪُڙم قَبِيلا پانهنجا، جي سوڙِهي لَهنسِ سار، |
وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
پڻ اُتر آڇي اُن مَٿان، ڀُونءَ ۾ جي ڀانڊار، ته پَروَر وَٺٖي پار، وَرِي آجو ڪري اُن کي. |
كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
بِلڪُل بَدلو ناھِ ڪو، سِرهٖي ٿِي سُجاڳ، بي شڪ آهي باھِ سا، ڀَڙ ڀَر ڪري ڀَڙاڳ، |
نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
ساڙيو اُڇلي سيڪ سان، اوسا پاسا آڳ، |
تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
تِنهن کي پُڪاري پوئـِتان، ته مُون ۾ تُنهنجو ماڳ، جو پاڻهِين وَريو پوئـِتي، ۽ وَرائـِين وِنگِئَ واڳ، |
وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
۽ لِکين ميڙئـِين لاڳ، پوءِ ڪيائـِين ڪُنجي ڪُلف ۾. |
إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
موراهِين ماڻهوءَ کي، وِيو بَنايو بيزورو، |
إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
آهي دانهِيندڙ دَرد مان، ٿِئيسِ جي ٿورو، |
وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
۽ جڏهن ٿئي مَٿسِ ٿورو، ته قابو، ڪارخير کان. |
إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
مگر نمازِي نيڪ سي، آهِن اُن کان ڌار، |
الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
نِت نِت سَندنِ نماز تي، جي دائم دِلقرار، |
وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
۽ پتيون سَندنِ پيدائش ۾، جِھڙِي جوڙي جوڙڻهار، |
لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
هر مڱتي، مُحتاج لئي، ٻَڌل ڏان ٻِيهار، |
وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
اُهي جي عدل جي ڏِينهن ۾، آڻِينِ اِعتبار، |
وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
۽ ڏرندڙ سَندنِ ڏاتار جي، سَزا کان سَهوار، |
إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
ته آهي سَندنِ اَلله جو، اَڻٽر سو آزار، |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
اهي جي سَندن اگھاڙ تي، آهن پورا پهريدار، |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
سَوا گَھر ۽ گولِيين، جِن جا، هَٿ ٿِيَن حَقدار، ڇُٽل سي ڇِينڀ ڪنان، بَچيَل کون ڀَلڪار، |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
جِن، تِن سوا ٻِي تانگھ ڪئـِي، بيشڪ سي بَدڪار، |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
اُهي جي عَهد، اَمانتون، سَنڀالِين سَچار، |
وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
سي جي سَندنِ ساکن تي، بيٺل بَرقرار، |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
سي جي سَندنِ، نماز جي، واهيپَ ڪن هر وار، |
أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
عِزَّت ساڻ اَپار، اُهي آهِن باغ بهشت ۾. |
فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
پوءِ آهي، ڇا اُنهن کي، جِن اَنڌن ڪيو اِنڪار، |
عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
تو وَٽِ تڪڙا ميڙ ڪن، سَڄي، کٻي پار، |
أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
ڇا، هرڪو هِرکي تن مان، تَڪون ڪري تڪرار، ته گِھڙندو باغ بِهشت ۾، جِت سدابُوندبهار؟ |
كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
اِيئن آهي ڪو نه ڪو، هِنيون رَک هوشيار، اَسان اُپايا جِنهن مَنجھنان تنهِنجِي سَڀن سُڌ سَنڀار، |
فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
پوءِ ساک نه سائـِين جِي کڻان، جو مُندن مَٿي ڌار، بَنائـِيندڙ بُرجَن سان، اولھ، اوڀر پار، |
عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
ته سَچ پچ اَسِين آهيون، وَڏِي سَگھ سَرڪار، ته مَٽي ميٽي اُنهن کي، ٻِئا جوڙيو نيڪ نبار، ۽ ڪٿي اَسين نه آهيون، هرگز کِيندڙ هار، |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
پوءِ ڇَڏِيِين ته گُھنڊ گھڙينِ ڪي ۽ کيلِينِ کيل خوار، تان ڏِسنِ اُنهئ ڏِينهن کي، جنهن جا ساڻنِ قول قرار، |
يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
تائُو تُربتن مان، جڏهن نِڪرندا نِروار، ڪَر ڀَڄندا وَڃنِ بُتن تي، يا ميڙُو ميلي پار، |
خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
اَکيون اُجھائل اُنهن جون، رَسَندن ذِلت زار، سا آهي اُهائـِي وار، جنهن جو ٻول ٻَڌو وِيو اُنهن سان. |