القرآن الڪريم

  • اينڊرائيڊ ايپليڪيشن
  • سهڪار
  • پراجيڪٽ ٽيم
  • پراجيڪٽ بابت
  • مترجمين
    • قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)
    • ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)
    • بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)
    • سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)
    • احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)
    • الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)
    • فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
    • نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)
    • البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)
    • تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)
    • القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)
    • قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)


 

رڪوع : 2 سُوۡرَۃُ الۡمَعَارِجِ مَکِّیَّۃٌ آيتون : 44


بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيۡمِ

سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1)

هڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب بابت سوال ڪيو،

لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2)

جنهن کي ڪوبه هٽائڻ وارو نه آهي

مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3)

جو وڏن مرتبن واري الله جي طرفان (انهن تي ايندو).

تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4)

ملائڪ ۽ روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي پنجاهه هزار ورهه ٿيندي.

فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5)

پو ءِ(اي پيغمبر !) تون چڱو صبر ڪر.

إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6)

بيشڪ اهي ان (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا.

وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7)

۽ اسين ان کي ويجهو ڏسون ٿا،

يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8)

جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿيندو،

وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9)

۽ جبل رنگا رنگي پچيل ان جهڙا ٿيندا،

وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10)

۽ ڪوبه ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪنهن به ويجهي ۾ ويجهي مائٽ کان پڇندو به نه

يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11)

(توڙي جو) اهي انهن کي ڏسڻ ۾ ايندا. ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب جي بدران پنهنجا پٽ،

وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12)

۽ پنهنجي زال، ۽ پنهنجو ڀاءُ

وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13)

۽ پنهنجو گهراڻو، جو هن کي پاڻ سان ملائي ٿو

وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14)

۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهن،سي بدلي ۾ ڏئي. وري (اهو بدلو ڏيڻ) ان کي ڇڏائي. ائين ڪڏهن به نه ٿيندو.

كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15)

بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي

نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16)

جا کَل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.

تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17)

ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندي جنهن پٺ ڦيري ۽ منهن موڙيو

وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18)

۽ (مال) گڏ ڪيو پوءِ سنڀالي رکيو.

إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19)

بيشڪ انسان ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي

إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20)

جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿيو پوي

وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21)

۽ جڏهن ڀلائي پهچيس ٿي ته ڪنجوس ٿيو پوي

إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22)

پر نمازي نه!

الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23)

جيڪي پنهنجي نماز تي هميشه پورا آهن،

وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24)

۽ جن جي مالن ۾

لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25)

سوالي ۽ بي سوالي (محتاج) لاءِ مقرر حق آهي،

وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26)

۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا.

وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27)

۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن.

إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28)

ڇو ته سندن پاليندڙ جو عذاب ئي بي ڊپي ٿيڻ جي شيءِ نه آهي.

وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29)

۽ جيڪي پنهنجن شرمگاهن کي

إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30)

پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کان سواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن. ڇو ته (انهن کان شرمگاهن نه بچائڻ ۾ ) اهي ملامت ڪيل نه آهن.

فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31)

پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا، سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن.

وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32)

۽ جيڪي پنهنجن امانتن ۽ پنهنجي انجام جو خيال رکندڙ آهن

وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33)

۽ جيڪي پنهنجن شاهدين تي پورا بيٺا آهن

وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34)

۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي ڪن ٿا،

أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35)

اهي باغن ۾ عزت وارا ٿيندا.

فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36)

پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو توڏي ڊوڙندا اچن ٿا،

عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37)

ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ٿي.

أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38)

انهن مان سڀڪو شخص هيءَ طمع رکي ٿو ڇا ته ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي؟

كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39)

ائين ڪيئن ٿيندو! بيشڪ اسان انهن کي اُن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي جنهن کي ڄاڻن ٿا

فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40)

پوءِ اڀرندن ۽ الهندن جي پاليندڙ جو (پنهنجو) قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسان کي هيءَ قدرت آهي.

عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41)

ته انهن جي بدلي ۾ انهن کان چڱا آڻيون، ۽ اسين ڪي عاجز نه آهيون.

فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42)

پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) کين ڇڏي ڏي ته بيهودا ڪم ڪن ۽ رانديون ڪن ايتري تائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو.

يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43)

جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کُتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا.

خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44)

(ان وقت) سندن اکيون هيٺ هونديون انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي. اِهوئي ڏينهن آهي جنهن جو کين وعدو ڏنو پيو وڃي.


مالي سھائتا ڪندڙ:

© سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 2017 - 2025