| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
هڪ گھرڻ واري گھريو آهي اهڙو عذاب جيڪو واقع ٿيڻ وارو آهي. |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
ڪافرن جي لاءِ آهي جنهن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونهي. |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
(اُهو) الله جي طرفان (ايندو) جيڪو (بلندين جي) ڏاڪڻين جو مالڪ آهي. |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
جنهن ڏانهن ملائڪ ۽ روح چڙهندا اهڙي ڏينهن ۾، جنهن جو مقدار پنجاهه هزار سالن جو آهي. |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
پوءِ تون صبر ڪر زور سهڻو صبر (جيڪو هر شڪايت کان پاڪ هجي). |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ اُهي ان (ڏينهن) کي پري سمجھن ٿا. |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
۽ اسان ان کي ويجهو ڏسون ٿا. |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿي پوندو. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ جبل (پِڃيَل) رنگين اُنَ جهڙا ٿي پوندا. |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
۽ ڪو جگري دوستُ ڪنهن جگري دوست کي نه پڇندو. |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
(جيتوڻيڪ) اُهي هڪ ٻئي کي ڏيکاريا به ويندا. ڏوهاري ماڻهو خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب کان (نجات) جي بدلي ۾ پنهنجا پُٽَ ڏئي ڇڏي. |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ (ڏئي ڇڏي). |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
۽ پنهنجو خاندان جو ان کي پناهه ڏيندو هيو. |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ جيترا به ماڻهو زمين ۾ آهن سڀ جو سڀ (پنهنجي پاران بدلو ڏئي) پوءِ اهو ان کي (عذاب کان) بچائي. |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي. |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
جيڪا کَل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي. |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
اُها ان ماڻهو کي سڏيندي جنهن پُٺِ ڦيرِي ۽ مُنهن موڙيو. |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
۽ مال گڏ ڪيائين پوءِ سنڀالي رکيائين. |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ انسان وڏو ۽ لالچي پيدا ٿيو آهي. |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته گھٻرائجي وڃي ٿو. |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن ان کي ڀلائي پهچي ٿي ته ڪنجوس ٿي پوي ٿو. |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
سواءِ نمازين جي. |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشگي ڪرڻ وارا آهن. |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ اُهي ماڻهو جن جي مالن ۾ حصو مقرر آهي. |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
گهرڻ واري ۽ نه گهرڻ واري لاءِ. |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
۽ اُهي ماڻهو جيڪي بدلي واري ڏينهن جي تصديق ڪن ٿا. |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
۽ اُهي جيڪي پنهنجي پالڻهار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آهن. |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
بيشڪ انهن جي رب جو عذاب بي خوف ٿيڻ جي شيءِ نه آهي. |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهن. |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
سواءِ پنهنجي گهروارين جي يا پنهنجي مِلڪ ۾ آيل ڪنيزن جي پوءِ بيشڪ اُهي (ان ۾) ملامت ڪيل نه آهن. |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ جيڪو انهن کان سواءِ طلب ڪري ته پوءِ اُهي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن. |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ پنهنجن انجامن جي سنڀال ڪندڙ آهن. |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شاهديُن تي قائم رهندا آهن. |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا آهن. |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اُهي ماڻهو جنتن ۾ عزت وارا هوندا. |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو توڏي ڀڳا اچن ٿا. |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ڪري. |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
ڇا انهن مان هر ماڻهو اها آس رکي ٿو ته ان کي نعمتن واري جنت ۾ داخل ڪيو وڃي! (بنا ايمان ۽ عمل جي) |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
هرگز نه! بيشڪ اسان انهن کي جنهن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي اُهي (به) ڄاڻن ٿا. |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
پوءِ آءٌ اوڀرن ۽ اولهن جي مالڪ جو قسم کڻان ٿو ته يقيناً اسان سگھه رکڻ وارا آهيون. |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
ان تي ته اسان انهن جي بدلي انهن کان چڱا ماڻهو آڻيون ۽ اسان عاجز ٿيڻ وارا نه آهيون. |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
پوءِ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۽ راندين ۾ پيا رهن ايستائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو. |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
جنهن ڏينهن قبرن مان ائين ڊوڙندا نڪرندا ڄڻڪ اُهي ڪنهن کُتل نشان طرف ڊوڙندا ٿا وڃن. |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
انهن جون اکيون جهُڪيل هونديون انهن کي ذلت وڪوڙي ويندي. اِهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو ويندو هيو. |