| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
هڪ سائل عذاب گھريو جيڪو ڪافرن تي واقع ٿيندڙ آهي |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
انهيءَ کي ڪو دفع ڪندڙ ناهي |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
(اهو عذاب) الله جي طرفان هوندو جيڪو بلندين جو مالڪ آهي |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
ملائڪ ۽ جبريل امين ان جي دربارِ اقدس ڏانهن مٿي چڙهن ٿا، ان ڏينهن ۾ جنهن جو مقدار پنجاه هزار (50،000) سال آهي |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
پوءِ توهان چڱيءَ طرح سهڻو صبر ڪريو |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ اهي ڪافر ان کي پري سمجھن ٿا |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
۽ اسين ان کي قريب ڏسون ٿا |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
ان ڏينهن آسمان پِگِھرِيَلَ چانديءَ وانگر هوندو |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ جبل رنڱيل اُنَ وانگر (هلڪا ٿي) اُڏامندا |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
۽ (ان ڏينهن) ڪو دوست ڪنهن دوست کان نه پڇندو |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
اهي (هڪ ٻئي کي) ڏسندا ۽ سڃاڻيندا، ڪافر سڌ ڪندو ڪاش جيڪڏهن اُن ڏينهن جي عذاب جي عيوض پنهنجا پُٽَ ڏِئي |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
۽ پنهنجي گھر واري ڏِئي ۽ پنهنجو ڀاءُ ڏِئي |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
۽ پنهنجو خاندان جيڪو ڏکئي وقت کيس پناه ڏِئي ٿو |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ سموريون شيون جيڪي زمين ۾ آهن، ان کان پوءِ اهو ان کي بچائي |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
هرگز نه، بيشڪ اها ڀڙڪي کائيندڙ باه هوندي |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
جيڪا کل لاهيندڙ هوندي |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
اها ان کي پڪاريندي جنهن پُٺ ڏني ۽ مُنهن ڦيريو |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
۽ ملڪيت گڏ ڪري پوءِ ان کي بند ڪيو |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ انسان بيحد لالچي ۽ ٿورو صبر ڪندڙ ڪري پيدا ڪيو ويو |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿئي ٿو |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن ان کي ڀلائي پهچي ٿي ته منع ڪري ٿو |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
پر (اُھي) نمازي (نہ) |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
جيڪي پنھنجيءَ نماز تي ھميشگي ڪندا آھن |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ انهن جي مالن ۾ معلوم حق آهي |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
سوال ڪندڙ لاءِ ۽ نه سوال ڪندڙ لاءِ |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
۽ اهي قيامت جي ڏينهن جي تصديق ڪن ٿا |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
۽ اهي ماڻهو ئي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
بيشڪ انهن جي رب جي عذاب کي ڪو دفع ڪندڙ ناهي |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
۽ اهي ماڻهو ئي پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ آهن |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
مگر پنهنجي گھر وارين تي يا پنهنجي (شرعي) ٻانهين تي پوءِ بيشڪ انهن تي ڪا ملامت ناهي |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ جيڪو انهن کان علاوه چاهي ٿو پوءِ اهي ئي حد کان وڌندڙ آهن |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
۽ اهي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي وعدن کي پورو ڪندڙ آهن |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
۽ اهي ماڻهو پنهنجي شاهدين تي قائم آهن |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ اهي ماڻهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اهي جَنَتُن ۾ تعظيم ۽ تڪريم سان هوندا |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ انهن ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جيڪي توهان ڏانهن تيز نگاهن سان ڏسن ٿا |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان گروه گروه ٿي ڏسندا آهن |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
ڇا انهن مان هر هڪ جنت النعيم ۾ داخل ٿيڻ جي طمع رکي ٿو |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
هرگز نه، بيشڪ اسان انهن کي ان شيءِ مان خلقيو آهي جنهنکي اهي ڄاڻن ٿا |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
پوءِ مون کي قسم آهي اوڀرن ۽ اولهن جي رب جو بيشڪ اسين يقيناً ان ڳالهه تي قادر آهيون |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
جو اسين انهن کي تبديل ڪري انهن کان بهتر آڻيون ۽ اهي اسان کان اڳرائي ڪندڙ ناهن |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
پوءِ توهان انهن کي ڇڏيو ته ڀلي اهي اجايون ڳالهيون ۽ رانديون ڪن ايستائين جو اهي ان ڏينهن کي مِلن جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
ان ڏينهن اهي قبرن مان تڪڙا ٿي محشر ڏانهن نڪرندا گوياڪ تحقيق اهي پنهنجي جھنڊي ڏانهن موٽن ٿا |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
انهن جون اکيون جھُڪيل هونديون انهن تي ذلت ڇانيل هوندي. اِهو اُهو ڏينهن آهي جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو هو |