| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو. |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي. |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي. |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا. |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر. |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا. |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون. |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا. |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو. |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي. |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به). |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي. |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس. |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي. |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي. |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي. |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين. |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي. |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي. |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي. |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
پر (اُھي) نمازي (نه). |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن. |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي. |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ. |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن. |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن. |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو. |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن. |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن. |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن. |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن. |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن. |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن. |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا. |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن. |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي. |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟ |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن. |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون. |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون. |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو. |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا. |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو. |