| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
هڪڙي پڇندڙ انهي عذاب بابت پڇيو، |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
جو ڪافرن تي پوندو، کيس ڪو هٽائي نٿو سگهي. |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
جو چڙهندڙ درجن واري الله کان ايندو- |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
جنهن ڏي ملائڪ ۽ پاڪ روح ان ڏينهن چڙهندا، جنهن جو مقدار پنجاهه هزار ورهين جو آهي. |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
پوءِ تون چڱو صبر ڪر، |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
جو هو ته ان کي پرانهون ٿا ڏسن، |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
پر اسين ان کي ويجهو پيا ڏسون. |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
ان ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي وانگر ٿيندو، |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ جبل رڱيل اُن وانگر. |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
ڪو به عزيز ٻئي جي پڇا نه ڪندو |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
انهن کي ڏسندو پيو. گنهگار چاهيندو |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
زال ۽ ڀاءُ، |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
۽ کيس ٽڪائيندڙ سندس سمورو خاندان، |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ جيڪي به زمين ۾ آهي سو سمورو (ڏئي) ته اهو کيس ڇڏائي. |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
پر ائين هر گز نه ٿيندو، بيشڪ دوزخ ڄڀين واري باهه آهي. |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
مٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آهي. |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
انهي کي سڏي ٿو، جيڪو حق کان پٺيرو ٿيو ۽ منهن موڙيائين. |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
۽ مال گڏ ڪري انکي سنڀاليائين! |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ انسان حرص وارو پيدا ڪيل آهي. |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جو جڏهن کيس تڪليف رسندي آهي، ته دانهون ڪندو آهي. |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن ڪو سک ملندو اٿس، ته ڪنجوس ٿيندو آهي. |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
سواءِ انهن نمازين جي، |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
جيڪي سندن نمازون هميشه پڙهندا آهن. (_) ۽ جن جي مال ۾ سوال ڪندڙ خواهه سوال نه ڪندڙن لاءِ هڪ مقرر ٿيل حصو آهي. |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ جن جي مال ۾ هڪ مقرر ٿيل حصو آهي. |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
سوال ڪندڙ خواهه سوال نه ڪندڙن لاءِ |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
۽ جيڪي قيامت جي ڏينهن کي سچو مڃين ٿا. |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
۽ جي سندن ڌڻيءَ جي عذاب کان ڊڄندا آهن. |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
ڇو ته سندن ڌڻيءَ جو عذاب اهڙو آهي، جنهن کان بچي نه سگهبو. |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
۽ جيڪي سندن اوگهڙن جي سنڀال ڪندا آهن. |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
سواءِ سندن زالن يا ٻانهين جي_ انهي حالت ۾ مٿن ڪا به ڇينڀ ڪانهي. |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
باقي جيڪي شخص انهن کان سواءِ ٻين کي چاهيندا، سي ئي حد لنگهندڙ آهن. |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
۽ اهي شخص جيڪي سندن امانتن ۽ انجامن کي پورو ڪندڙ آهن. |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
۽ جيڪي سندن شاهدين کي قائم رکندڙ آهن. |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ جيڪي سندن نمازن جي سنڀال ڪندڙ آهن، |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اهي بهشت جي باغن ۾ عزت سان رهندا. |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي، جو تو ڏانهن ڪنڌ کڻي ڊوڙن ٿا |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
ساڄي خواهه کاٻي طرف کان ٽوليون ٽوليون ٿي ؟ |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
ڇا هنن مان هر شخص طمع ٿو ڪري، ته نعمت واري بهشت ۾ گهڙي؟ |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
هر گز نه، اسان بيشڪ هنن کي انهي مان بنايو آهي، جنهن جي خبر اٿن. |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
پوءِ آءُ اوڀرندن ۽ اولهندن جي ڌڻيءَ جو قسم ٿو کڻان، ته بيشڪ اسين انهي جي طاقت رکون ٿا. |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
جو انهن کي مٽائي چڱا آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آهيون. |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
پوءِ اي رسول! تون کين ڇڏي ڏي ته ٺاهه ٺاهيندا ۽ کيڏندا وتن، جيسين هو سندن انهي ڏينهن کي ڏسن، جنهنجو کين انجام ٿو ڏجي. |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
جنهن ڏينهن قبرن مان ائين پيا ڊوڙندا نڪرندا، جو ڄڻ ته اُهي ڪنهن جهنڊي ڏانهن ٿا ڊوڙن. |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
سندن اکيون جهڪيون هونديون ۽ کين خواري وٺي ويندي- اهو اُهو ڏينهن آهي جنهن جو کين انجام ڏبو هو. |