| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
گُــهرَ ڪئي گُـهرَ ڪندڙ عذاب واقع ٿيندڙ جي . |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
ڪافرن جي لاءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو ٽاريندڙ . |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
الله بلندين جي مالڪ وٽان . |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
چڙهندا ملائڪ ۽ روح ان ڏانهن ان ڏينهن ۾ جو هوندو ان جو مقدار پنجاهه هزار سال جو . |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
پوءِ صبر ڪر صبر سهڻو . |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ اهي ڏسن ٿا ان کي پري . |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
۽ اسين ڏسون ٿا ان کي ويجهو . |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
جنهن ڏينهن هوندو آسمان پگهريل ٽامي وانگر . |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ هوندا جبل اُنَ وانگر . |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
۽ نه پڇندو ڪو گهاٽو دوست ڪنهن گهاٽي دوست جو حال (احوال) . |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
ڏيکاريا ويندا انهن کي خواهش ڪندو مجرم ته بدلي ۾ ڏئي ان ڏينهن جي عذاب کان پنهنجا پٽ . |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ . |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
۽ پنهنجو خاندان جيڪو پناهه ڏئي پيو ان کي . |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ جيڪي زمين ۾ آهن سمورا ان کان پوءِ ان کي ڇڏائن . |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
هرگز نه! بيشڪ اها ڀڙڪندڙ آهي . |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
ڇڪي لاهيندڙ کل کي . |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
سڏيندي ان کي جنهن پٺي ڏني ۽ منهن موڙيو . |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
۽ گڏ ڪيائين پوءِ سنڀالي رکيائين . |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ انسان پيدا ڪيو ويو حرص ڪندڙ . |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جڏهن ان کي تڪليف پهچندي ته گهٻرائيندڙ . |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن پهچندي ان کي ڀلائي ته روڪيندڙ . |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
مگر نماز پڙهندڙ . |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
اهي جيڪي پنهنجي نماز تي هميشگي ڪندڙ آهن . |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ اهي جو سندن مالن ۾ حق معلوم آهي . |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
سائل جي لاءِ ۽ محروم جي لاءِ . |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
۽ اهي جيڪي تصديق ڪن ٿا قيامت جي ڏينهن جي . |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
۽ اهي جيڪي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن . |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
بيشڪ سندن رب جو عذاب ناهي بي خوف رهڻ جهڙو . |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
۽ اهي جو اهي پنهنجين اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ آهن . |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
مگر پنهنجين زالن تي يا انهن تي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا پوءِ بيشڪ اهي ناهن ملامت ڪيل . |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ جيڪي طلب ڪندا ان کان سواءِ پوءِ اهي ئي حد کان لنگهندڙ آهن . |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
۽ اهي جو اهي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي عهد جي رعايت ڪندڙ آهن . |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
۽ اهي جو اهي پنهنجين شاهدين تي قائم رهندڙ آهن . |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ اهي جيڪي پنهنجي نماز تي نگهباني ڪن ٿا . |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اهي بهشتن ۾ عزت ڪيل هوندا . |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ ڇا ٿيو آهي انهن کي جن ڪفرڪيو تنهنجي طرف تيز نظر سان ڏسندڙ آهن . |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
سڄي کان ۽ کٻي کان ٽولا ٽولا ٿيندڙ . |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
ڇا طمع رکي ٿو هر مڙس انهن مان ته داخل ڪيو ويندو نعمتن واري جنت ۾ . |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
هرگز نه بيشڪ اسان پيدا ڪيو انهن کي ان مان جيڪو ڄاڻن ٿا . |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
پوءِ قسم کڻان ٿو مشرقن ۽ مغربن جي رب جو بيشڪ اسين البته قادر آهيون . |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
هن تي جو مٽي آڻيون ڀلا انهن کان ۽ ناهيون اسين اڳرائي ڪيل . |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي اجاين ڪمن ۾ مشغول رهن ۽ راند ڪندا رهن تانجو ملاقي ٿين پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن جو وعدو ڏنا وڃن ٿا . |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
جنهن ڏينهن نڪرندا قبرن مان تڪڙا ڄڻ ته اهي نشانن ڏانهن ڊوڙن ٿا . |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
جهڪندڙ اکيون انهن جون ڇانئجي ويندي انهن تي ذلت اِهو اُهو ڏينهن آهي جنهن جو وعدو ڏنا ويا هئا . |