| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
هڪ گهرڻ واري عذاب گهري ورتو آهي جيڪو ضرور ايندو. |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
(اهو عذاب) ڪافرن لاءِ ئي آهي. ان کي ٽارڻ وارو ڪير نه آهي. |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
جيڪو وڏن مرتبن واري الله تعالى جي طرف کان ايندو |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
ملائڪ ۽ جبرائيل ($) ان ڏانھن چڙهي ويندا آهن هڪ اهڙي ڏينهن ۾ جنھن جو مقدار پنجاهه هزار سال آهي. |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
(اي نبي ﷺ!)پوءِ تون سھڻي طريقي سان صبر ڪر. |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
هي ماڻهو (ان عذاب کي في الحال) پري ڏسن ٿا. |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
پر اسان ته ان کي (تمام) ويجهو ايندي ڏسون ٿا. |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
جنھن ڏينھن آسمان پگهريل ٽامي جھڙو ٿي ويندو. |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ جبل رنگ برنگي (پڃيل) اُن وانگر ٿي ويندا. |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
(ان ڏينھن) ڪير به گهرو دوست پنھنجي دوست کان پڇندو ئي نه. |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
توڙي جو هو انهن کي ڏسڻ ۾ به ايندا، ان ڏينھن ڏوهاري ماڻهو چاهيندو ته جيڪر اڄوڪي ڏينھن پنھنجا پُٽ عذاب جي بدلي ۾ ڏئي ڇڏي. |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
پنھنجي گهر واري ۽ پنھنجو ڀاءُ (به ڏي). |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
پنهنجي ان خاندان کي به جنھن کيس پاڻ وٽ رهايو. |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ زمين جي هر شيءِ فديي ۾ ڏئي هو پاڻ نجات حاصل ڪري. |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
(پر) ايئن هرگز نٿو ٿي سگهي. اُها ڀڙڪندڙ باهه آهي. |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
جيڪا جسم جي چمڙي کي ڇڪي پٽڻ واري آهي. |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
اها باهه (حق کان) پُٺي ڦيريندڙ ۽ منھن موڙيندڙ کي ته پاڻ ڏانھن (پري کان) سڏيندي. |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
ان مال جمع ڪيو ۽ (خرچ ڪرڻ بجاءِ ان کي) سنڀالي رکيو. |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ انسان کي (فطري طور) ڊڄڻي طبيعت وارو پيدا ڪيو ويو آهي. |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جڏهن به مٿس ڪا مصيبت اچي پوندي آهي ته کڻي روڄ راڙو ڪرڻ شروع ڪندو آهي. |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
وري جڏهن کيس ڀلائي ملندي آهي ته ڪنجوسي ڪندو آهي. |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
پر نمازي ماڻهو ايئن نه ڪندا آهن. |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
جيڪي پنھنجي نمازن جي وڏي پابندي ڪندا آهن. |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ جن جي مالن ۾ حق مقرر ٿيل آهن. |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
گهرڻ واري ۽ محروم ٿي ويل جا. |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
جيڪي آخرت واري ڏينھن کي سچو مڃين ٿا. |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄندا رهن ٿا. |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
بيشڪ سندن پالڻھار جو عذاب بي خوف ٿيڻ واري شيءِ نه آهي. |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
جيڪي پنھنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ آهن. |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
سواءِ پنھنجي گهر وارين يا پنھنجي ٻانهين جي. ڇو ته اُنهن ڏي وڃڻ ۾ (شرعي لحاظ سان مٿن ڪابه روڪ ٽوڪ ۽) ملامت ڪيل نه آهي. |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
پر جيڪي ماڻهو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه چاهيندڙ آهن ته بيشڪ اُهي حد کان لنگهندڙ آهن. |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
جيڪي پنھنجي امانتن ۽ پنھنجي وعدن جو خيال رکندڙ آهن. |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
جيڪي پنھنجي گواهي ڏيڻ تي مضبوط بيٺا آهن. |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ جيڪي پنھنجي نمازن جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ آهن. |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اهي ئي ماڻهو باغن ۾ (وڏي) عزت سان رهندا. |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
(اي نبيﷺ!) انهن ڪافرن کي ڇا ٿي ويو آهي، جو هو توڏانهن اچڻ شروع ٿي ويا آهن؟ |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ٽولين جي صورت ۾ اچن ٿا. |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
ڇا انهن مان هر ڪو ماڻهو نعمتن واري باغ ۾ داخل ٿيڻ ٿو چاهي؟ |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
ايئن هرگز ناهي! بيشڪ اسان انهن کي جنھن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنھن جي کين چڱيءَ طرح خبر آهي. |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
پوءِ مان اوڀرن ۽ اولهن جي پالڻهار جو قسم کڻي چوان ٿو ته اسان کي قدرت آهي. |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
ته اسان انهن جي جاءِ تي انهن کان بھتر ماڻهو آڻيون، اسان ڪو بي وس ته نه آهيون. |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
(اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن کي بيھوده ڳالهين ۽ وندر ۾ پيل ڇڏي ڏي. ايستائين جو هو پنھنجو اهو ڏينھن ڏسندا جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو. |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
جنھن ڏينھن اُهي قبرن مان ايئن ڊوڙندي نڪرندا ڄڻ ته مقرر نشان ڏانھن ڊوڙندا وڃن ٿا. |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
سندن نگاهون ڪُومايل (يعني جهڪيل) هونديون ۽ هو خواريءَ ۾ ورتل هوندا. هي اهوئي ڏينھن آهي جنھن جو انهن سان وعدو ڪيو ويندو هو. |