| سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
|
گهرڻ واري گهريو عذاب (اهو) جيڪو ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي |
| لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
|
اهو ڪافرن لاءِ آهي ڪوبه ان کي ناهي ٽارڻ وارو |
| مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
|
طرفان ان خدا جي آهي جيڪو مالڪ آهي وڏن مرتبن جو |
| تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
|
چڙهي ويندا آهن ملائڪ ۽ روح سندس حضور ۾ اهڙي ڏينهن جنهن جو مقدار آهي پنجاهه هزار سال |
| فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
|
پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر صبر سهڻو |
| إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
|
بيشڪ اهي ماڻهو سمجهن ٿا ان کي پري |
| وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
|
۽ اسان ڏسي رهيا آهيون ان کي ويجهو |
| يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
|
(اهو عذاب ان ڏينهن ٿيندو) جنهن ڏينهن ٿيندو آسمان پگهريل چاندي وانگر |
| وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
|
۽ ٿيندا جبل رنگ برنگي پڃيل اُنَ وانگر |
| وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
|
۽ نه پڇندو ڪوبه پيارو دوست پياري دوست کان |
| يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
|
جڏهن اهي ڏيکاريا ويندا هڪ ٻئي کي، چاهيندو ڏوهاري بچڻ جي لاءِ عذاب کان ان ڏينهن پنهنجي اولاد جو |
| وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
|
۽ پنهنجي زال کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي |
| وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
|
۽ پنهنجي ويجهي کان ويجهي خاندان کي جيڪو کيس پناهه ڏيڻ وارو هو |
| وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
|
۽ ساري زمين جي سڀني ماڻهن کي فديي ۾ ڏئي پر ان تدبير سان ڇوٽڪارو نه ملندس |
| كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
|
هرگز نه، اها ته ڄڀي هوندي ڀڙڪندڙ باهه جي |
| نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
|
چٽ ڪندي گوشت کي |
| تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
|
پڪاريندي هر ان شخص کي جنهن حق کان منهن موڙيو پٺي ڏني |
| وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
|
۽ گڏ ڪيو مال ۽ سنڀالي رکيو |
| إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
|
بيشڪ انسان پيدا ڪيو ويو آهي تنگدل |
| إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
|
جڏهن ايندي اٿس مصيبت ته گهٻرائجي ويندو آهي |
| وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
|
۽ جڏهن مليس ٿي خوشحالي ته ڪنجوسي ٿو ڪري |
| إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
|
سواءِ انهن جي جيڪي نماز پڙهن ٿا |
| الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
|
اهي جيڪي پنهنجي نمازن جي پابندي ڪن ٿا |
| وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
|
۽ انهن جي مالن ۾ حق مقرر ڪيل (معلوم) آهي |
| لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
|
سائلن ۽ محرومن جو |
| وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
|
۽ اهي جيڪي برحق سمجهن ٿا ڏينهن جزا جي کي |
| وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
|
۽ اهي آهن (جيڪي) عذاب پنهنجي رب جي کان ڊڄن ٿا |
| إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
|
بيشڪ عذاب سندن رب جو اهڙو نه آهي جو ڪير بي ڊپو ٿي رهي |
| وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
|
۽ اهي ئي آهن جيڪي پنهنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪن ٿا |
| إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
|
سواءِ پنهنجي زالن يا انهن سندن ٻانهين جي، جن کان محفوظ نه رکڻ تي انهن تي ڪانهي ڪابه ملامت |
| فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
|
پوءِ جيڪي ان کان وڌ ٻيو ڪجهه گُهرندا سي ئي اهي آهن جيڪي حد ٽپن ٿا |
| وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
|
۽ اهي جيڪي پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي واعدي جو لحاظ ڪندا آهن |
| وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
|
۽ اهي جيڪي پنهنجي شاهدين تي قائم رهن ٿا سچائين سان |
| وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
|
۽ اهي جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا |
| أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
|
اهي ئي ماڻهو جنت ۾ رهندا وڏي عزت سان |
| فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
|
پوءِ (اي نبي!) (ڪهڙي ڳالهه آهي) جو اهي ڪافر تنهنجي سامهون ڊوڙن ٿا |
| عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
|
سڄي طرف کان ۽ کٻي طرف کان ٽولا ٽولا ٿي |
| أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
|
ڇا اها لالچ رکي ٿو انهن مان هرهڪ ته اهو داخل ڪيو ويندو نعمتن ڀريل جنت ۾؟ |
| كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
|
هرگز نه، بيشڪ اسان جنهن مان کين پيدا ڪيو آهي، تنهن کي پاڻ ڄاڻن ٿا |
| فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
|
سو ائين ناهي، آئون قسم کڻان ٿو انهيءَ رب جو جيڪو اوڀرن ۽ اولهن جو مالڪ آهي، بيشڪ اسان ان تي قادر آهيون |
| عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
|
ته آڻيون سندن جاءِ تي کانئن سٺا ماڻهو، ۽ اسان عاجز ناهيون (اسان کان ڪوبه بازي نه کڻندو) |
| فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
|
پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي بيهوده ڳالهيون ڪن ۽ راند روند ۾ رُڌل رهڻ ڏي جيئن اهي پهچن پنهنجي انهيءَ ڏينهن کي جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو پيو وڃي |
| يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
|
جنهن ڏينهن نڪرندا اهي پنهنجي قبرن مان ڊوڙندا ويندا اهڙيءَ طرح جيئن پنهنجي بتن جي آستانن ڏي ڊوڙي رهيا هجن |
| خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
|
جهڪيل هونديون سندن نگاهون، ڇانيل هوندي مٿن ذلت، هي اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو پيو وڃي |