المص (آيت : 1) |
ﶍ (الف ـ لام ـ ميم ـ صاد) |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هي هڪڙو ڪتاب آهي، جيڪو توڏانهن نازل ڪيو ويو آهي. سو اي نبي! تنهنجي دل ۾ ان جي ڪري ڪابه تنگي نه ٿيڻ کپي. اهو ته ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي ته تون ان جي ذريعي (منڪرن کي) ڊيڄارين ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ٿئي |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
انسانؤ! جيڪي توهان جي رب طرفان توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، ان تي هلو ۽ پنهنجي رب کي ڇڏي ٻين سهارن جي ڪڍ نه لڳو، پر توهان نصيحت ٿورو ئي وٺندا آهيو |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
ڪيتريون ئي آباديون هيون، جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو. مٿن اسان جو عذاب رات جي وڳڙي ۾ اوچتو اچي ڪڙڪيو يا وري ڏينهن ڏٺي جو اوڏي مهل آيو، جڏهن هو آرام ڪري رهيا هئا |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
۽ جڏهن اسان جو عذاب مٿن اچي پيو ته ان کانسواءِ ٻي ڪا وائي سندن وات نه هئي ته "بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسون" |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ ائين ته ضرور ٿيندو جو اسان انهن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪنداسون، جن ڏانهن اسان رسول موڪليا هئا ۽ رسولن کان به پڇنداسين (ته انهن پنهنجو پيغام پهچائڻ وارو ڪم ڪيتريقدر سرانجام ڏنو ۽ کين ڪهڙو جواب مليو) |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ اسان پاڻ پوريءَ ڄاڻ سان سڀ ڪجهه ٿيل کين بيان ڪري ٻڌائينداسين. آخر اسان ڪٿي غائب ته نه هئاسين |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
۽ وزن انهيءَ ڏينهن بلڪل اصل حق هوندو، پوءِ جن جا پــُـڙ ڳورا ٿيندا، اهي ئي هوندا ڪاميابي لهڻ وارا |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ جن جا پــُـڙ ٿيندا هلڪا سي ئي ته هوندا اهي جن پنهنجو پاڻ کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو هو، ڇو جو اهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
اسان توهان کي زمين ۾ بااختيار بڻائي رهايو ۽ توهان لاءِ منجهس زندگي گذارڻ جو سامان مهيا ڪيو پر توهان ٿوروئي شڪر ادا ڪريو ٿا! |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
اسان توهان کي خلقڻ جي شروعات ڪئي، پوءِ توهان کي شڪل صورت ڏني سون، پوءِ ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو. حڪم ٻڌي سڀني سجدو ڪيو، پر ابليس سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿيو |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
(تنهن تي الله، ابليس کي) چيو ته، "توکي ڪهڙيءَ ڳالهه سجدي ڪرڻ کان جهليو، جڏهن جو مون توکي حڪم ڏنو هو؟" چيائين، "مان انهيءَ کان ڀلو آهيان، تو مونکي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هــُـن کي مٽيءَ مان" |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
فرمايائين، "چڱو لهه هتان، ڪهڙو حق اٿيئي جو هتي ويهي وڏائي ٿو ڪرين. نڪري وڃ. حقيقت ۾ تون ته انهن مان آهين جيڪي ذلت گهري وٺندا آهن" |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
چيائين، "مونکي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جڏهن اهي سڀئي وري ٻيهر اٿاريا ويندا" |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
فرمايائين: "توکي مهلت آهي" |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
چيائين: "چڱو پوءِ جيئن تو مونکي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي، تيئن مان به هاڻي سڌي راهه تي گــَـهٽُ جهلي ويهندس |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
۽ انسانن کي اڳيان، پٺيان، ساڄي کان، کاٻي کان هر طرف کان ورائي ويندس ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه لهندين" |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
فرمايائين: "نڪر هتان ذليل ۽ تڙيل ٿي! پڪ ڄاڻ ته انهن مان جيڪي تنهنجي ڪڍ لڳا تو سميت تن سڀني سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس" |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال ٻئي انهيءَ جنت ۾ رهو، جتان وڻيوَ سو کائو پر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو، نه ته ظالمن منجهان ٿي پوندؤ" |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ شيطان کين برغلايو ته جيئن سندن اوگهڙيون جيڪي کانئن هڪ ٻئي کان لڪايون ويون هيون، سي سندن آڏو کولي ظاهر ڪري. هن کين چيو: "توهان جي رب جو توهان کي هن وڻ کان روڪيو آهي، سو رڳو هن ڪري ته متان توهان ملائڪ بڻجي وڃو يا توهان کي هميشه رهڻ واري حياتي ملي وڃي" |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ هن قسم کڻي کين چيو ته، "مان ته توهان جو پڪو هڏ ڏوکي آهيان" |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
ائين دوکو ڏئي ٻنهي کي نيٺ لاهي وڌائين. پوءِ جڏهن انهن ٻنهي انهيءَ وڻ جو مزو چکيو ته سندن اوگهڙيون هڪ ٻئي جي سامهون کلي پيون ۽ پنهنجن جسمن کي جنت جي پنن سان ڍڪڻ لڳا. تڏهن سندن رب کين سڏي چيو، "ڇا مون توهان کي هن وڻ کان نه روڪيو هو ۽ نه چيو هو ته شيطان توهان جو پڌرو دشمن آهي؟" |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
ٻئي چوڻ لڳا، "اي اسان جا رب! اسان پنهنجو پاڻ تي ڏاڍو ظلم ڪيو آهي، هاڻي جيڪڏهن تون اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين ته اسان ضرور نقصان وارن مان ٿي پونداسون" |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
فرمايائين: "لهي وڃو، توهان هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ توهان لاءِ هڪ خاص مدت تائين زمين ۾ رهڻ جي جاءِ ۽ جياپي جو سامان آهي" |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
۽ فرمايائين: "اتي ئي توهان کي جيئـڻو ۽ اتي ئي مرڻو آهي ۽ اتان ئي توهان کي نيٺ ڪڍيو ويندو" |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم جي اولاد! اسان توهان تي پوشاڪ لاٿي آهي ته توهان جي اوگهڙ ڍڪي ۽ توهان لاءِ جسم جي حفاظت جو ۽ سونهن جو وسيلو پڻ بڻجي ۽ ڀلي ۾ ڀلو لباس ته تقويٰ جو لباس آهي. اهو ته الله جي نشانين مان هڪڙي نشاني آهي ته مَنَ ماڻهو ڪو سبق پرائين |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي آدم جي اولاد، ائين نه ٿئي جو شيطان توهان کي وري به ائين فتني ۾ وجهي، جيئن هــُـن توهان جي والدين کي جنت مان ڪڍايو هو ۽ سندن لباس کانئن لهرائي ڇڏيو هئائين ته جيئن سندن اوگهڙيون هڪ ٻئي جي آڏو کولي ظاهر ڪري. هو ۽ سندس پوئلڳ توهان کي اتان پيا ٿا ڏسن، جتان توهان کين ڏسي نٿا سگهو، انهن شيطانن کي اسان انهن ماڻهن جو سرپرست بڻايو آهي، جيڪي ايمان نٿا آڻين |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
اُهي ماڻهو جڏهن به ڪو بيحيائيءَ وارو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو آهي ۽ الله ئي اسان کي انهيءَ جو حڪم ڏنو آهي. چوين ته الله ڪڏهن به بيحيائيءَ جو حڪم نه ڏيندو آهي. ڇا توهان الله تي ٿا اُهي ڳالهيون هڻو، جن بابت توهان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي ته الله جي طرفان آهن؟ |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
اي نبي! چوين ته منهنجي رب ته سچ ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ سندس حڪم ته اهو آهي ته هر عبادت ۾ پنهنجو رُخ صحيح رکو ۽ کيس ئي سڏيو، پنهنجي دين کي خالص انهيءَ لاءِ ئي ڪري. جيئن هن توهان کي هاڻي پيدا ڪيو آهي، تيئن ئي توهان وري پيدا ڪيا ويندؤ |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
هڪڙي ٽولي کي ته هن سڌو رستو ڏيکاريو آهي پر ٻئي ٽولي تي گمراهي لاڳو ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن الله جي بدران شيطانن کي پنهنجو سرپرست بڻايو آهي ۽ وري سمجهن ائين ٿا ته ڏاڍي سڌي رستي تي آهن |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي آدم جي اولاد، هر عبادت جي موقعي تي ٺهيل سينگاريل هوندا ڪريو ۽ کائو پيئو پر حد کان نه لنگهو، الله حد کان لنگهندڙن کي پسند نه ڪندو آهي |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
اي نبي! چوين ته ڪنهن الله جي انهيءَ زيب زينت کي حرام ڪيو آهي، جيڪا هن پنهنجن ٻانهن لاءِ ٺاهي آهي ۽ ڪنهن الله جون ڏنل پاڪ شيون کائڻ کان روڪيون آهن؟ چؤ! اهي سموريون شيون دنيا واريءَ زندگي ۾ به ايمان وارن لاءِ آهن ۽ قيامت جي ڏينهن ته هونديون ئي رڳو انهن لاءِ . اهڙيءَ ريت اسان پنهنجون ڳالهيون کولي تفصيل سان ٿا بيان ڪيون، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي علم وارا آهن |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
اي نبي! چوين ته منهنجي رب ته جيڪي شيون حرام ڪيون آهن، سي ته هي آهن: بيحيائيءَ جا ڪم کليل توڙي لڪل ۽ گناهه ۽ ناحق ڏاڍائي ڪرڻ ۽ پڻ اهو جو الله ساڻ ڪنهن کي شريڪ ڪريو، جنهن لاءِ هن ڪابه ســَـنــَـدَ نه لاٿي آهي ۽ اها ڳالهه به ته توهان الله تي هڻي ڪا ڳالهه چئو، جنهن لاءِ توهان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي (ته هــُـن ئي اها چئي آهي) |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
هر قوم لاءِ مهلت جي هڪ مدت مقرر آهي، پوءِ جڏهن ڪنهن قوم جو وقت ڀرجي آيو ته هڪڙو پــَـلُ به نڪي پوئتي پوندا ۽ نه اڳتي ٽپندا |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
(۽ اها ڳالهه الله خلقڻ وقت ٻڌائي ڇڏي هئي ته) اي آدم جي اولاد، ياد ڪري ڇڏجو ته جيڪڏهن توهان وٽ خود توهان منجهان اهڙا رسول اچن، جيڪي توهان کي منهنجون آيتون ٻڌائين ته جيڪو به بي فرمانيءَ کان بچندو ۽ پنهنجي هلت سڌاريندو، اهڙن لاءِ نه ڪو خوف هوندو ۽ نه وري هو غمگين ٿيندا |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا ۽ انهن جي قبولڻ ۾ وڏائي ڪندا، اهي ئي دوزخ ۾ پوڻ وارا هوندا جتي هو سدائين رهندا |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
ڀلا انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو صفا ڪوڙيون ڳالهيون گهڙي الله ڏانهن منسوب ڪري يا الله جي آيتن کي ڪوڙو چوي، اهڙن ماڻهن کي سندن قسمت جي لکئي مطابق پنهنجو حصو ملندو رهندو تانجو اها ويل اچي ويندي، جڏهن اسان جا موڪليل ملائڪ سندن ساهه ڪڍڻ لاءِ ايندا. کانئن پڇندا: "ڪٿي آهن اهي جن کي توهان الله کي ڇڏي ٻاڏائيندا هيؤ؟" هو چوندا، "سڀئي اسان کان گم ٿي ويا" ۽ هو پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيندا ته، "اسان حق جا منڪر هئاسون" |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
الله فرمائيندو، "توهان به توهان کان اڳ ٿي گذريل، جنن ۽ انسانن جي ٽولي ۾ شامل ٿي وڃي جهنم داخل ٿيو". هرهڪ ٽولو جڏهن جهنم ۾ داخل ٿيندو ته پاڻ کان اڳ ٿي گذريل ٽولي تي لعنت ڪندو ويندو، تانجو جڏهن سڀ وڃي گڏ ٿيندا ته هر پويون ٽولو اڳئين ٽولي جي باري ۾ چوندو ته، "اي رب ! اهي ئي ماڻهو هئا جن اسان کي گمراهه ڪيو هو، تنهنڪري انهن کي باهه جو ٻيڻو عذاب ڏجانءِ ". جواب ۾ فرمايو ويندو: "هرهڪ لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر توهان نٿا ڄاڻو" |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
۽ پهريون ٽولو پوئين ٽولي کي چوندو ته (جيڪڏهن اسان ڏوهي هئاسون) ته توهان کي وري اسان تي ڪهڙي فضيلت حاصل هئي، هاڻي جيڪي ڪمايو اٿوَ تنهن جي عيوض چکو مزو عذاب جو |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
پڪ ڄاڻو ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو ۽ انهن جي مڃڻ کان آڪڙ ڪئي، تن لاءِ آسمان جا دروازا ڪڏهن به نه کوليا ويندا. انهن لاءِ جنت ۾ وڃڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن سئيءَ جي پاکي مان اٺ جو لنگهڻ. ڏوهارين کي اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
انهن لاءِ وڇاڻو به جهنم جو هوندو ته مٿن اوڇڻ به جهنم جو هوندو. هيءَ آهي اها سزا جيڪا اسان ظالمن کي ڏيندا آهيون |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
باقي جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃيو ۽ نيڪ عمل ڪيائون ۽ اسان هر ڪنهن کي سندس وِت آهر ئي ذميوار بڻائيندا آهيون. اُهي جنت جا حقدار آهن جتي هو سدائين رهندا |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
انهن جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي خلاف جيڪا ڪدورت هوندي سا اسان ڪڍي ڇڏينداسون، سندن هيٺان واهيون پيون وهنديون ۽ هو چوندا ته ساراهه الله جي ئي لاءِ آهي، جنهن اسان کي هيءُ رستو ڏيکاريو، نه ته اسان پاڻ پنهنجي سر سڌو رستو ڪڏهن به نه لهي سگهون ها، جيڪڏهن الله اسان جي رهنمائي نه ڪري ها. اسان جي رب جي موڪليل رسولن بيشڪ حق ئي آندو هو. ان وقت آواز ايندنِ ته "هيءَ جنت جنهن جا توهان وارث بڻايا ويا آهيو، توهان کي انهن عملن جي بدلي ۾ ملي آهي جيڪي توهان ڪندا رهندا هيؤ" |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
پوءِ اهي جنتي ماڻهو دوزخين کي سڏ ڪري چوندا، "اسان ته انهن سڀني وعدن کي سچو ڏٺو، جيڪي اسان جي رب اسان سان ڪيا هئا، ڇا توهان به انهن وعدن کي سچو لڌو جيڪي توهان جي رب ڪيا هئا؟" هو وراڻي ڏيندا، "هائو". پوءِ ان وقت سندن وچان هڪ سڏيندڙ وڏي واڪي چوندو، "الله جي لعنت آهي انهن ظالمن تي |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
جيڪي الله جي رستي کان ماڻهن کي روڪيندا هئا ۽ ان ۾ ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرندا هئا ۽ آخرت جا انڪاري هئا" |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
انهن ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ هڪڙي اَڙَ هوندي، جنهن جي اوچائين تي ڪي ماڻهو هوندا، جيڪي هر ڪنهن کي سندن منهن ڏسي سڃاڻي وٺندا ۽ جنت وارن کي سڏي چوندا ته، "توهان تي سلامتي هجي". اهي ماڻهو جنت ۾ ته داخل نه ٿيا هوندا پر ان جا اميدوار هوندا |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ جڏهن سندن نظرون ڦري دوزخ وارن ڏانهن ٿينديون ته چوندا، "اي اسان جا رب! اسان کي انهن ظالمن جي قوم ۾ شامل نه ڪجانءِ" |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ اهي اوچائين (اعراف) وارا ماڻهو دوزخ جي ڪن مکيه شخصيتن کي سندن منهن مان ئي سڃاڻي سڏ ڪري چوندا ته، "ڏٺوَ! اڄ نڪي توهان جا جٿا توهان جي ڪنهن ڪم آيا ۽ نه اها موڙي جنهن تي وڏائي ڪندا هيؤ |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
۽ ڇا هي جنت وارا اهي ناهن، جن بابت توهان قسم کڻي پيا چوندا هيؤ ته انهن کي ته الله پنهنجي رحمت مان ڪجهه نه ڏيندو، اڄ ته انهن کي ئي چيو ويو ته جنت ۾ داخل ٿي وڃو، توهان لاءِ نڪي ڪو خوف آهي ۽ نه ڪو غم |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ دوزخي بهشت وارن کي سڏي چوندا ته ٿورڙو پاڻي يا جيڪو رزق الله توهان کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه اسان ڏي به اڇلايو. هو جواب ۾ چوندا: "الله اهي ٻئي شيون انهن حق جي منڪرن تي حرام ڪري ڇڏيون آهن |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن پنهنجي دين کي کڻي رؤنشو ۽ راند بڻايو هو ۽ جن کي دنيا جي حياتيءَ ٺڳي وڌو هو". الله ٿو فرمائي ته ”اڄ اسان به کين ائين ڌيان مان ڪڍي ڇڏينداسون، جيئن هنن هن ڏينهن جي ملاقات کي وساري ڇڏيو هو ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا" |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
اسان انهن ماڻهن وٽ اهڙو ڪتاب آندو آهي، جنهن کي اسان علم جي بنياد تي مفصل بڻايو آهي ۽ جيڪو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
هي ماڻهو (ڪافر) نٿا انتظار ڪن، مگر ان ڳالهه جو ته اهو نتيجو سامهون اچي، جنهن جي هي ڪتاب خبر ڏيئي رهيو آهي، جنهن ڏينهن اهو نتيجو آڏو آين ته پوءِ اهي ئي ماڻهو جن اڳي ان کي پئي نظرانداز ڪيو هو، چوندا ته سچ پچ اسان جي رب جي رسولن ته حق آندو هو، پوءِ ڇا هاڻي اسان کي ڪي سفارشي ملندا، جيڪي اسان لاءِ سفارش ڪن، يا وري اسانکي واپس موڪليو وڃي تان ته اسان جيڪي ڪندا هئاسون، ان کان ٻيءَ طرح عمل ڪري ڏيکاريون. انهن پاڻ کي ٽوٽي ۾ وڌو هو ۽ اهي سمورا ڪوڙ جيڪي گهڙيا هئائون، کانئن گم ٿي ويا |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
حقيقت ۾ توهان جو رب الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇـَـهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ پنهنجي بادشاهيءَ واري تخت تي جلوه فرما ٿيو. جيڪو رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو ڇڏي، پوءِ ڏينهن رات جي ڪڍ پيو ڊوڙندو اچي، جنهن سج ۽ چنڊ ۽ تارا پيدا ڪيا، سڀئي سندس حڪم جا پابند آهن. خبردار ٿيو، خلق به انهيءَ جي ئي آهي ۽ حڪم به ان جو ئي هلندو. وڏيءَ برڪت وارو آهي الله، سڀني جهانن جو مالڪ، پالڻهار |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
پنهنجي رب کي سڏيو عاجزيءَ سان ۽ لڪي لڪي. بيشڪ هو حد کان لنگهڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
زمين ۾ فساد کڙو نه ڪريو، جڏهن جو سندس اصلاح ٿي چڪي آهي ۽ الله کي ئي سڏيو ڊڄندي ڊڄندي ۽ اميد وچان. بيشڪ الله جي رحمت نيڪن کي ويجهي آهي |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ اهو الله ئي آهي، جيڪو هوائن کي پنهنجي رحمت کان اڳواٽ خوشخبريءَ طور موڪليندو آهي. پوءِ جڏهن اهي پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪرن کي کڻي هلن ٿيون ته اسان کين ڪنهن مئل زمين ڏانهن هڪلي وڃون ٿا ۽ اتي مينهن وسائي (ان مئل زمين منجهان) قسمين قسمين ميوا اپايون ٿا. ڏسو، ائين اسان مئلن کي موت واري حالت مان ڪڍون ٿا ته مــَـن توهان ڪو سبق پرايو |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
جيڪا زمين ڀلي هوندي آهي، پنهنجي رب جي حڪم سان ان جي پيداوار به جام لهندي آهي ۽ جيڪا زمين خراب هوندي آهي، تنهن جو اُپاڄ ته ڪنهن به ڪم جو نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح اسان نشانين کي ورائي ورائي ٿا پيش ڪيون، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي شڪر ڪرڻ وارا آهن |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليوسون. هـُـن چيو: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهانجو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. مان توهانجي باري ۾ هڪڙي خطرناڪ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو" |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
سندس قوم جي سردارن جواب ڏنو، "اسان کي ته ائين ٿو نظر اچي ته تون پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهين" |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
نوح چين: "اي منهنجي قوم! مون ۾ ته ڪا گمراهي ڪانهي پر مان ته جهانن جي پالڻهار جو رسول آهيان |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
توهان کي پنهنجي رب جا پيغام پهچايان ٿو ۽ توهان جو خيرخواهه آهيان ۽ مونکي الله وٽان جيڪو معلوم ٿيو آهي، سو توهان کي معلوم نه آهي |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا توهانکي ان ڳالهه تي عجب لڳو آهي ته توهان وٽ توهان جي ئي پنهنجي قوم جي هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي توهان جي رب جو چتاءُ آيو آهي ته جيئن توهان کي خبردار ڪري ۽ توهان غلط روش کان بچي وڃو ته مــَـنَ توهان تي رحم ڪيو وڃي" |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پر انهن کيس ڪوڙو سڏيو، نيٺ اسان کيس ۽ سندس ساٿين کي هڪ ٻيڙيءَ ۾ بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيوسين جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو. پڪ ڄاڻو ته اهي ماڻهو انڌا هئا |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ عاد ڏانهن اسان سندن ڀاءُ هود کي موڪليو، چيائين ته: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. پوءِ ڇا توهان بڇڙين ڳالهين کان پاڻ نه بچائيندؤ!" |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
سندس قوم جي سردارن جيڪي سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، جواب ۾ چيس: "اسان ته توکي بي عقليءَ ۾ پيل ٿا سمجهون ۽ اسان جو خيال آهي ته تون ڪوڙو آهين" |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
هن چين: "اي منهنجي قوم! مان بي عقليءَ ۾ پيل ناهيان، بلڪه مان ته رب العالمين جو رسول آهيان |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
توهان کي پنهنجي رب جا پيغام پهچايان ٿو ۽ توهانجو اهڙو ڀلو گهرندڙ آهيان، جنهن تي ويساهه ڪري سگهجي ٿو" |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا توهان کي ان ڳالهه تي ٿو عجب لڳي ته توهان وٽ توهان جي پنهنجي قوم جي ئي هڪ ماڻهوءَ وسيلي توهان جي رب جو چتاءُ پهتو آهي ته جيئن هو توهان کي خبردار ڪري. اها ڳالهه ياد ڪريو ته توهان جي رب نوح جي قوم کان پوءِ توهان کي ان جو جاءِ نشين بڻايو آهي ۽ توهان کي جسم ۾ طاقتور بڻايو اٿائين، پوءِ الله جي نعمتن کي ياد رکو، اميد ته ڪامياب ٿيندؤ" |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
انهن وراڻي ڏنس، "ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسان فقط الله جي ئي عبادت ڪريون ۽ انهن کي ڇڏي ڏيون جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن، چڱو ته پوءِ آڻ اهو عذاب جنهن جي تون اسان کي ڌمڪي پيو ڏين، جيڪڏهن تون سچو آهين!" |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
هن چين: "توهانجي رب جي ڦٽڪار ۽ سندس غضب توهان تي پئجي چڪو آهي." ڇا توهان مون سان انهن نالن بابت جهڳڙو ڪريو ٿا، جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن، جن لاءِ الله ڪابه ســَـنــَـدَ نازل نه ڪئي آهي. چڱو ڀلا توهان به انتظار ڪريو ۽ مان به توهان سان گڏجي انتظار ٿو ڪريان. |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
آخر اسان پنهنجي مهربانيءَ سان هود ۽ سندس ساٿين کي بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن جي پاڙ ئي پٽي ڇڏي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو ۽ نه وري ايمان ئي آندو هئائون |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ ثمود ڏانهن اسان سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو، هن چين: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، توهان وٽ توهان جي رب جو پڌرو دليل اچي ويو آهي. هيءَ ڏاچي توهان لاءِ هڪڙي نشانيءَ طور آهي، تنهنڪري ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ چــَـرندي رهي ۽ ان کي ڪنهن بري ارادي سان هٿ نه لائجو، نه ته هڪ دردناڪ عذاب اچي اوهان کي سوگهو ڪندوَ |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
ياد ڪريو اهو وقت، جڏهن الله عاد جي قوم کان پوءِ توهان کي ان جو جاءِ نشين بڻايو ۽ توهان کي ڌرتيءَ تي اها حيثيت ڏنائين، جو اڄ توهان سندس ميداني علائقن ۾ عاليشان محل اڏيو ٿا ۽ جبلن کي ٽـُـڪي گهر ٿا جوڙيو، سو قدرت جي ڪرشمن کان غافل نه ٿيو ۽ ڌرتيءَ تي بي فرماني ڪري فساد برپا ڪندڙ نه بڻجو |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
سندس قوم جي سردارن جيڪي وڏائيءَ ۾ پــُـر لڳا پيا هئا، ڪمزور طبقي جي انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو، چيائون: "ڇا توهان واقعي ڄاڻو ٿا ته صالح پنهنجي رب جو موڪليل آهي؟" انهن چيو: "بيشڪ جنهن پيغام ساڻ هو موڪليو ويو آهي، ان کي اسان مڃيون ٿا" |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
انهن وڏائي ڪندڙن چيو: "جنهن شيءِ کي توهان مڃيو آهي، اسان ان جا منڪر آهيون" |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ انهن ڏاچيءَ کي ماري وڌو ۽ نهايت سرڪشيءَ سان پنهنجي رب جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائون ۽ صالح کي چيائون ته: ”آڻ اهو عذاب جنهن جي اسان کي ڌمڪي ٿو ڏين، جيڪڏهن تون سچ پچ رسولن منجهان آهين“ |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
نيٺ هڪ ڌوڏيندڙ آفت اچي کين قابو ڪيو جو هو پنهنجن گهرن ۾ ڊونڊڙا ٿي پئجي رهيا |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
۽ صالح اهو چوندو اتان نڪري ويو ته، "اي منهنجي قوم! مان ته پنهنجي رب جو پيغام توهان کي پهچائي ڇڏيو ۽ مان ته توهان جي ڏاڍي خير خواهي ڪئي، پر آءٌ ڇا ڪريان، توهان کي پنهنجا خيرخواهه ته وڻندا ئي ناهن |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ لوط کي به اسان رسول ڪري موڪليو. پوءِ ياد ڪريو، جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو، "ڇا توهان اهڙا بيحياءَ ٿي ويا آهيو، جو اهڙا بي لڄائيءَ جا ڪم ٿا ڪريو، جيڪي توهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنهن نه ڪيا؟ |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
توهان عورتن کي ڇڏي مردن سان ٿا پنهنجي خواهش پوري ڪريو، حقيقت ۾ توهان ته بلڪل ليڪوئي لنگهي وڃڻ وارا ماڻهو آهيو" |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
پر سندس قوم جو جواب ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه هو ته، "ڪڍو انهن کي پنهنجي ڳوٺن مان، جو هو وڏا پاڪباز ٿا بڻجن" |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
آخرڪار اسان لوط ۽ سندس گهروارن کي، سواءِ سندس زال جي جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي، بچائي ورتوسين |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ سندس قوم تي هڪڙو (پٿرن جو) مينهن وسايوسون، پوءِ ڏسو ته انهن ڏوهارين جي پڇاڙي ڇا ٿي |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ مــَـديــَـن وارن ڏانهن اسان سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليو، هن چيو: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. توهان وٽ توهان جي رب جي چٽي رهنمائي اچي وئي آهي، تنهنڪري ماپ ۽ تور پوري ڪريو، ماڻهن کي سندن شين ۾ ڪـَـسُ نه لڳايو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦهلايو، جڏهن جو سندس اصلاح ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ توهان جي ڀلائي آهي، جيڪڏهن سچ پچ توهان مؤمن آهيو |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ (زندگيءَ جي) هر واٽ تي رهزن بڻجي نه ويهو جو ماڻهن کي ڏهڪاءَ ۾ وجهڻ ۽ ايمان آڻڻ وارن کي الله جي رستي کان روڪڻ لڳو ۽ سنئينءَ واٽ کي ڏنگو ڦڏو ڪرڻ جي ڪڍ لڳو ۽ ياد ڪريو اهو زمانو جڏهن توهان ٿورا هيؤ، پوءِ الله توهان کي وڌائي گهڻو ڪيو ۽ اکيون پٽي ڏسو ته دنيا ۾ فساد ڦهلائيندڙن جي پڇاڙي ڇا ٿي آهي |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
جيڪڏهن توهان مان هڪڙو ٽولو انهيءَ تعليم تي جنهن ساڻ مونکي موڪليو ويو آهي، ايمان آڻي ٿو ۽ ٻيو ايمان نٿو آڻي، ته صبر ڪري ويٺا ڏسو، تانجو الله اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏي ۽ هوئي سڀني کان ڀلي ۾ ڀلو فيصلو ڪندڙ آهي" |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
سندس قوم جي سردارن جن وڏائي ڪئي تن چيو، "اي شعيب! اسان توکي ۽ انهن ماڻهن کي جن توسان گڏ ايمان آندو آهي، پنهنجي ڳوٺ مان تـڙي ڪڍنداسون، نه ته توهان کي اسان جي ملت ۾ موٽي اچڻو پوندو". شعيب جواب ڏنو، "ڇا توڻي جو اسان راضي نه هجون ته به اسان کي زوريءَ ڦيرايو ويندو؟ |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
اسان ته پوءِ الله تي ڪوڙ هڻڻ وارا ٿياسون جو توهان جي دين ۾ موٽي اچون، جڏهن جو الله اسانکي انهيءَ کان ڇوٽڪارو ڏئي چڪو آهي. اسان لاءِ ته اوڏانهن موٽڻ هاڻي ممڪن ئي ناهي سواءِ ان جي جو الله، اسان جي رب جي اها مرضي هجي. اسان جي رب جي علم ۾ ته هر شيءِ اچي وڃي ٿي. انهيءَ تي ئي اسان جو ڀروسو آهي. اي اسان جا رب! اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق مطابق فيصلو ڪري ڇڏ ۽ تون فيصلي ڪرڻ ۾ سڀني کان ڀلو آهين" |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
سندس قوم جا سردار جيڪي سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري چڪا هئا، پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته، "جيڪڏهن توهان شعيب جي پيروي ڪرڻ لڳؤ ته پوءِ برباد ٿي ويندؤ" |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
پر پوءِ ٿيو ائين جو، هڪ ڌوڏيندڙ آفت اچي کين پڪڙيو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو سڏيو هو، اهي ائين ٿي ويا جو ڄڻ اُتي هئا ئي نه! جن شعيب کي ڪوڙو سڏيو هو تباه ئي اهي ٿيا |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
۽ شعيب ائين چوندو اتان هليو ويو ته، "اي منهنجي قوم وارؤ! مون پنهنجي رب جا پيغام توهان کي پهچائي ڇڏيا ۽ توهان جي خيرخواهيءَ جو حق ادا ڪيو، پوءِ آءٌ هاڻي ڪيئن ٿو اهڙيءَ قوم تي افسوس ڪيان، جيڪا حق جي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي" |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ نبي موڪليو هجي ۽ اتان جي رهاڪن کي اڳواٽ تنگيءَ ۽ سختيءَ ۾ نه وڌو هجي ته مـَـنَ ائين نوڙت ڪن |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
پوءِ وري اسان سندن خراب حالت کي سٺي حالت ۾ بدلائي ڇڏيو، ايستائين جو هو وڌئون وڌ ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جي وڏن تي به ڏکن ۽ سکن جا لاها چاڙها ايندا رهيا آهن. نيٺ اسان کين اوچتو پڪڙيو جو ڪا کــُـڙڪ ئي نه پـَـيــَـن |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
جيڪڏهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان مٿن آسمان ۽ زمين مان برڪتن جا دروازا کولي ڇڏيون ها، مگر انهن ته ڪوڙُ ڀانيو ــ تنهنڪري اسان به سندن بري ڪمائيءَ سبب جيڪا پيا ڪندا هئا، کين پڪڙيو |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
پوءِ ڀلا هاڻي ڳوٺن وارا انهيءَ ڳالهه کان بي ڊپا ٿي پيا آهن ڇا ته اسان جي پڪڙ مٿن اوچتو ئي اوچتو رات جي وڳڙي ۾ جڏهن جو هو ستل هوندا، نه اچي پوندي؟ |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
يا وري هاڻي دلجاءِ ٿي وئي اٿن ڇا ته اسان جي پڪڙ مٿن ائين ڏينهن ڏٺي جو جڏهن هو راند روند ۾ هوندا اچي نه پوندي؟ |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ڇا اهي ماڻهو الله جي رٿيل رِٿ کان بي خوف ٿي ويا آهن؟ حالانڪه الله جي تدبير کان اهائي قوم بي ڊپي ٿيندي آهي، جيڪا تباهه ٿيڻ واري هوندي آهي |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
۽ انهن ماڻهن کي جيڪي زمين جي اڳوڻن رهاڪن کان پوءِ ان جا وارث ٿيندا آهن، انهيءَ حقيقت ڪو سبق نه سيکاريو آهي ڇا ته جي اسان چاهيون ته سندن گناهن سبب کين پڪڙي سگهون ٿا؟ (مگر هو انهن واقعن مان سبق نٿا پرائين) ۽ اسان سندن دلين تي مهر هڻي ٿا ڇڏيون، جو پوءِ هو ڪجهه ٻڌن ئي نٿا |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
اهي قومون جن جا قصا اسان توکي ٻڌايون پيا (تنهنجي آڏو انهن جو مثال موجود آهي) سندن پيغمبرن وٽن چٽيون نشانيون آنديون پر جنهن شيءِ کي هو اڳي هڪ ڀيرو ڪوڙو سڏي چڪا هئا، تنهن کي وري پوءِ مڃڻ وارا نه هئا. ڏس انهيءَ ريت اسان حق کي نه مڃڻ وارن جي دلين تي مهر هڻي ٿا ڇڏيون |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
اسان انهن مان گهڻن ۾ وعدي پاڙڻ جي ڪا ڳالهه نه ڏٺي، اُٽلو گهڻن کي فاسق ئي ڏٺوسون |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
پوءِ انهن قومن کان بعد اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ساڻ فرعون ۽ سندس قوم جي سردارن ڏانهن موڪليو، پر انهن به اسان جي نشانين سان ظلم ڪيو، پوءِ ڏس ته انهن فسادين جي پڇاڙي ڇا ٿي |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
موسيٰ چيو: "اي فرعون! مان ڪائنات جي مالڪ طرفان رسول ٿي آيو آهيان |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
مون تي اهو لازم ڪيل آهي ته الله جو نالو وٺي سواءِ حق جي ٻي ڪابه ڳالهه نه چوان، مان توهان وٽ توهان جي رب وٽان پڌرو ثبوت کڻي آيو آهيان، تنهنڪري تون بني اسرائيل کي مون سان گڏ هلڻ جي موڪل ڏي" |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
فرعون چيو: "جيڪڏهن تون ڪا نشاني آندي آهي ۽ پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين ته اها پيش ڪر" |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها هڪدم جيئرو جاڳندو واسينگ نانگ بڻجي پئي |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
وري پنهنجو (بغل مان) هٿ ڪڍيائين ته اهو سڀني ڏسڻ وارن آڏو چمڪي رهيو هو |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
اهو ڏسي فرعون جي قوم جي سردارن پاڻ ۾ چيو ته: "بي شڪ هيءُ شخص وڏو قابل جادوگر آهي |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
توهان کي توهان جي زمين مان ڪڍڻ ٿو گهري، پوءِ هاڻي ڇا ٿا چئو؟" |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
پوءِ انهن سڀني فرعون کي صلاح ڏني ته، "ان کي ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ سڀني شهرن ۾ ماڻهو ميڙيندڙ (ڪوٺ ڏيندڙ) موڪل |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
ته هرهڪ ماهر جادوگر کي تو وٽ آڻي حاضر ڪن" |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
۽ جادوگر فرعون وٽ اچي ويا. انهن چيو: "جيڪڏهن اسان کٽيو ته اسان کي اجورو ته ضرور ملندو؟" |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
فرعون جواب ۾ چين: "هائو ۽ توهان اسانجي تمام ويجهو ٿيڻ جو مرتبو به حاصل ڪندؤ" |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
پوءِ انهن موسيٰ کي چيو، "تون اڇلائيندين يا اسان اڇلايون؟" |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
موسيٰ جواب ڏنن، "توهان ئي اڇلايو" انهن جو پنهنجا ٽـِـڪساٽ اڇلايا ته ماڻهن جي نظرن کي جادو ڪري (منڊي) ڇڏيائون ۽ سندن دلين کي ڏهڪائي ڇڏيائون ۽ ڏاڍو زبردست جادوءَ جو کيل ڄمائي ڇڏيائون |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
اسان موسيٰ کي وحي ڪيو ته، "اڇلاءِ پنهنجي لٺ". لٺ جو اڇلائجڻ هو ۽ اها گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ انهن جو سارو ڪوڙو طلسم ڳڙڪائيندي وئي |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
اهڙيءَ طرح حق حق ٿيو ۽ جيڪي جو انهن بڻايو هو، سو ڪوڙ نڪتو |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
فرعون ۽ سندس ساٿي اتي شڪست کائي ويا ۽ (سوڀاري ٿيڻ بدران) ويتر ذليل ٿي ويا |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ جادوگرن جي حالت اها ٿي جو ڄڻ ڪنهن شيءِ اندر مان اڌمو ڏيئي کين سجدي ۾ ڪيرائي ڇڏيو |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
چوڻ لڳا: "اسان ايمان آندو رب العالمين تي |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
موسيٰ ۽ هارون جي رب تي" |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فرعون چين: "توهان ان تي ايمان آڻي ڇڏيو منهنجي اجازت ڏيڻ کان اڳيئي؟ پڪ ئي پڪ هيءَ ته ڪا ڳجهي سازش هئي، جيڪا توهان هن شهر ۾ ڪئي هئي تان ته ان جي مالڪن کي اقتدار کان بيدخل ڪريو. چڱو پوءِ ڄاڻ ٿي خبر پئيوَ |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
آءٌ توهان جا هٿ پير هڪ ٻئي جي ابتـڙ پاسن کان ڪپائيندس ۽ پوءِ توهان کي ڦاهيءَ چاڙهيندس" |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
انهن وراڻي ڏني، "اسانکي موٽي هلڻو ته پنهنجي رب ڏانهن ئي آهي |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
تون جنهن ڳالهه جو اسان کان انتقام وٺڻ ٿو چاهين، اها ته ان کانسواءِ ٻي ڪانهي ته اسان جي رب جون نشانيون جڏهن اسان جي سامهون آيون ته اسان انهن تي ايمان آندو. اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسانکي دنيا مان ان حالت ۾ واپس گهراءِ جو اسان تنهنجا فرمانبردار هجون" |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
فرعون کي سندس قوم جي سردارن چيو: "ڇا تون موسيٰ ۽ سندس قوم کي ائين ڇڏين ٿو ته زمين ۾ فساد ڪن ۽ توکي ۽ تنهنجن معبودن کي (پٺي ڏئي) ڇڏي ڏين. فرعون جواب ڏنو: "مان انهن جي پٽن کي قتل ڪرائيندس ۽ سندن عورتن کي جيئرو رهڻ ڏيندس، اسان جي اقتدار جي پڪڙ مٿن مضبوط آهي" |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: "الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، زمين الله جي آهي، پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي ان جو وارث ٿو بڻائي ۽ پڇاڙيءَ واري ڪاميابي انهن لاءِ آهي، جيڪي کانئس ڊڄي هلن ٿا" |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
سندس قوم وارن چيو: "تنهنجي اچڻ کان اڳ به اسان کي ايذايو ويندو هو ۽ هاڻي تنهنجي اچڻ کان پوءِ به ستايو پيو وڃي". هن جواب ۾ چين: "اهو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي جو توهان جو رب توهان جي دشمن کي برباد ڪري ڇڏي ۽ توهان کي زمين ۾ خليفو بڻائي، پوءِ ڏسي ته توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪيو" |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
اسان فرعون وارن کي ڪيترائي سال ڏڪار ۽ پيداوار جي ڪميءَ ۾ ڦاٿل رکيو ته مــَـنَ ڪو هوش ڌارن |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پر سندن حالت اها هئي جو جڏهن چڱو زمانو ايندو هئن ته چوندا هئا ته اهو ته اسان جو حق آهي ۽ جڏهن برو وقت ايندو هئنِ ته موسيٰ ۽ سندس ساٿين کي نڀاڳ جي نشاني ڀانئيندا هئا، حالانڪه حقيقت ۾ سندن نڀاڳ ته الله وٽ ئي هو، پر انهن مان اڪثر بي علم هئا |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
انهن موسيٰ کي چيو ته، "تون اسان تي جادو ڪرڻ لاءِ کڻي ڪهڙي به نشاني آڻين، اسان تنهنجي ڳالهه مڃڻ وارا نه آهيون" |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
نيٺ اسان مٿن طوفان آندو، ماڪڙ موڪلي، جو نئون پيدا ڪيو، ڏيڏر ڪڍيا ۽ رت وسايو. اهي سڀئي نشانيون ڌار ڌار ڪري ڏيکاريون! مگر هنن هٺ نه ڇڏيو، ڏاڍا ڏوهاري ماڻهو هئا |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
جڏهن به مٿن ڪا آفت نازل ٿيندي هئي ته چوندا هئا، "اي موسيٰ: توکي پنهنجي رب وٽان جيڪو عهدو مليل آهي، ان جي ڪري اسان جي حق ۾ دعا گهر، جيڪڏهن هاڻي اها بلا اسان تان ٽاريئه ته اسان تنهنجي ڳالهه مڃينداسون ۽ بني اسرائيل کي توسان گڏ وڃڻ ڏينداسون" |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پر جڏهن به اسان کانئن پنهنجو عذاب هڪڙي مقرر وقت تائين جنهن کي هو هر حالت ۾ پهچڻ وارا هئا، هٽايو ته وري هو هڪدم پنهنجي وعدي کان ڦري پئي ويا |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
تنهنڪري اسان کانئن انتقام ورتو ۽ کين سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو، ڇو جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو ۽ انهن کان بي پرواهه ٿي ويا هئا |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ سندن جاءِ تي اسان انهن ماڻهن کي، جيڪي هيسائي ڪمزور ڪيا ويا هئا، ان سرزمين جي، جنهن کي اسان برڪتن سان مالامال ڪيو هو، اڀرندي توڙي الهندي پاسي جو وارث بڻايوسون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي حق ۾ تنهنجي رب جو سهڻو وعدو پورو ٿيو، ڇاڪاڻ ته هنن ڏاڍو صبر ڪيو هو ۽ اسان فرعون ۽ سندس قوم جو اهو سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو، جيڪي هو ٺاهيندا ۽ اوچو اَڏيندا هئا |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
بني اسرائيل کي اسان سمنڊ مان پار اُڪاريو ته پوءِ هو هلندا اچي اهڙي قوم وٽان لانگهائو ٿيا، جيڪي پنهنجن (هٿرادو ٺهيل) بتن جا مجاور بڻيا ويٺا هئا (هي ڏسي موسيٰ کي) چيائون: "اي موسيٰ! اسان جي لاءِ به ڪو اهڙو معبود ٺاهي وٺ، جهڙا انهن جا معبود آهن". موسيٰ چين: "توهان ماڻهو ڏاڍيون جهالت جون ٿا ڳالهيون ڪريو" |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
هي ماڻهو جنهن طريقي تي هلن ٿا سو ته برباد ٿيڻو آهي ۽ جيڪو عمل پيا ڪن، ٿا اهو سمورو باطل آهي" |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
پوءِ موسيٰ چين: "ڇا مان الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود توهان لاءِ ڳوليان، حالانڪه اهو ته الله ئي آهي، جنهن توهان کي ساريءَ دنيا جي قومن تي فضيلت عطا ڪئي آهي |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
۽ (الله فرمائي ٿو ته) اهو وقت ياد ڪريو، جڏهن اسان توهان کي فرعون وارن کان ڇڏائي آزاد ڪيوسين، جيڪي توهان کي تمام بڇڙو عذاب ڏيندا هئا، توهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهان جي عورتن کي جيئرو ڇڏيندا هئا ۽ ان ۾ توهان جي رب جي طرفان توهان جي وڏي آزمائش هئي" |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
اسان موسيٰ کي ٽيهن راتين لاءِ (جبل سينا تي) گهرايو ۽ پوءِ ڏهن جو اضافو ڪيوسين، اهڙيءَ طرح سندس رب جي مقرر ڪيل مدت چاليهه راتيون ٿي وئي. موسيٰ هلندي وقت پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته: "منهنجي پويان منهنجي قوم ۾ منهنجو ڪم سنڀالجانءِ ۽ معاملو ٺيڪ رکجانءِ ۽ خرابيون ڦهلائيندڙن واري طريقي تي نه هلجانءِ " |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
جڏهن موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل وقت تي اچي پهتو ۽ سندس رب ساڻس ڳالهايو ته هن عرض ڪيو ته، "اي منهنجا رب! مونکي پاڻ ڏيکار ته مان توکي ڏسان". فرمايائين: "تون مونکي ڏسي نٿو سگهين. باقي سامهون واري جبل ڏانهن نظر ڪر، جي اهو پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته پوءِ تون مونکي ڏسي سگهندين". پوءِ جڏهن سندس رب جبل تي پنهنجي تجلي ڪئي ته ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: "پاڪ آهي تنهنجي ذات، مان تنهنجي در توبهه ٿو ڪريان ۽ مان سڀ کان اول ايمان آڻڻ وارن منجهان آهيان" |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
فرمايائين: "اي موسيٰ مون توکي پنهنجي پيغمبريءَ جي ڪم لاءِ ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ جي معاملي ۾ سڀني ماڻهن تي ترجيح ڏئي چونڊيو آهي، تنهنڪري جيڪي مان ڏيانءِ سو وٺ ۽ شڪر ادا ڪر" |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
تنهن کان پوءِ اسان موسيٰ کي زندگيءَ بابت نصيحت ۽ هر معاملي بابت چٽيون هدايتون تختين تي لکي ڏنيون ۽ چيو ته انهن کي قابو ڪجانءِ ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڪجانءِ ته انهن جو سهڻو مطلب وٺي ان تي هلن، سگهوئي آءٌ توهان کي بي فرمانن جا گهر ڏيکاريندس |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
مان پنهنجي نشانين کان انهن ماڻهن جون نگاهون ڦيرائي ڇڏيندس، جيڪي بنا ڪنهن حق جي زمين ۾ وڏا بڻجن ٿا، هو کڻي ڪهڙي به نشاني ڏسن، ڪنهن به صورت ۾ ان تي ايمان نه آڻيندا، جيڪڏهن سڌو رستو نظر ايندنِ ته اهو نه وٺندا، پر جي ڦــِـڏو رستو نظر ايندنِ ته اهو وٺي هلندا ۽ اهو ان ڪري آهي جو هنن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ڪوٺيو آهي ۽ انهن کان بي پرواهي ڪندا رهيا آهن |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
اسان جي نشانين کي جن به ڪوڙو سڏيو ۽ آخرت ۾ (الله جي آڏو هلي) پيش ٿيڻ جو انڪار ڪيائون، تن جا سڀئي عمل برباد ٿي ويا. ڇا ماڻهن کي اجورو ائين نه ملندو ته، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي؟ |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
موسيٰ جي پٺيان سندس قوم جي ماڻهن پنهنجي زيورن مان هڪڙي گابي جو بوتو ٺاهيو، جنهن مان گابي جي رنڀ جهڙو آواز نڪرندو هو. ڇا کين نظر نٿي آيو ته ان ته نڪي ٿي ساڻن ڳالهايو ۽ نه وري ڪنهن معاملي ۾ سندن ڪا رهنمائي پئي ڪيائين، تڏهن به انهن ان کي معبود بڻايو! ڏاڍا ڪي ظالم هئا |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
پوءِ جڏهن اهو ٺڳيءَ جو ٺاهه ڪري پٽ پيو ۽ انهن ڏٺو ته اصل ۾ هو گمراهه ٿي ويا هئا ته چوڻ لڳا ته، "جيڪڏهن اسان جي رب اسان تي ٻاجهه نه ڪئي ۽ اسان جو قصور نه بخشيائين ته اسان ضرور برباد ٿي وينداسون" |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
هوڏانهن موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ ڀرجي پنهنجي قوم وٽ موٽي آيو ۽ انهن کي چيائين، "منهنجي پٺيان توهان ڏاڍي بري نموني مون وارو ڪم سنڀاليو، ڇا توهان کان ايترو صبر به نه ٿيو جو پنهنجي رب جي حڪم جو انتظار ڪريو ها؟" ۽ تختيون کڻي اڇلايائين ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کي مٿي جي وارن کان وٺي پاڻ ڏي ڇڪيائين. هارون چيس، "اي امڙ جا پٽ! انهن ماڻهن مونکي دٻائي ڇڏيو هو ۽ ائين ٿي لڳو ته اجهو ٿا مونکي ماري وجهن، تنهنڪري تون مون تي دشمن نه کلاءِ ۽ مون کي انهن ظالمن جي ٽولي سان شامل نه ڪر" |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
پوءِ موسيٰ چيو: "رب منهنجا! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي معاف ڪر ۽ اسانکي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر، تون ئي سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين" |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
(جواب ۾ فرمايو ويو) "جن ماڻهن گابي کي معبود بڻايو اهي ته ضرور پنهنجي رب جي غضب جو شڪار ٿي ويندا ۽ دنيا واريءَ حياتيءَ ۾ ذلت نصيب ٿيندن، ڪوڙا ٺاهه ٺاهڻ وارن کي اسان اهڙي ئي سزا ڏيندا آهيون |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ جيڪي ماڻهو برا عمل ڪري پوءِ توبهه تائب ٿيندا ۽ ايمان آڻيندا ته پوءِ بيشڪ انهيءَ توبهه ۽ ايمان کان پوءِ تنهنجو رب بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي" |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
پوءِ جڏهن موسيٰ جي ڪاوڙ لٿي ته هن اهي تختيون کنيون جن تي هدايت ۽ نصيحت اُڪريل هئي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان ڪنبن ٿا |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
۽ هن پنهنجي قوم جي ستر ماڻهن کي چونڊيو ته جيئن اهي (ساڻس گڏجي) اسانجي مقرر ڪيل وقت تي اچي حاضر ٿين. جڏهن انهن ماڻهن کي هڪ سخت زلزلي اچي پڪڙيو ته موسيٰ عرض ڪيو، "اي منهنجا رب! تون گهرين ها ته اڳيئي هنن کي ۽ مونکي هلاڪ ڪري سگهين پيو، ڇا تون ان ڏوهه ۾ جيڪو اسان مان ڪن نادانن ڪيو هو، اسان سڀني کي هلاڪ ڪندين؟ اها ته تنهنجي هڪڙي آزمائش هئي، جنهن جي وسيلي تون جنهن کي گهرين گمراهيءَ ۾ وجهين ٿو ۽ جنهن کي گهرين هدايت ڏين ٿو، تون ئي اسان جو سنڀاليندڙ آهين، اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر، تون سڀني کان وڌيڪ معاف ڪندڙ آهين |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
اسان لاءِ هن دنيا جي ڀلائي به لکجانءِ ۽ آخرت جي به، اسان توڏانهن ئي رخ رکيو آهي". جواب ۾ فرمايو ويو: "سزا ته مان جنهن کي گهران ڏيندو آهيان پر منهنجي رحمت هر شيءِ تي ڇانيل آهي ۽ ان کي مان انهن ماڻهن جي کاتي لکندس، جيڪي بي فرمانيءَ کان پرهيز ڪندا، زڪواة ادا ڪندا ۽ منهنجي آيتن تي ايمان آڻيندا" |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
(هاڻي اها رحمت انهن جو حصو آهي) جيڪي هن رسول نبي اميءَ جي پيروي قبول ڪندا، جنهن جو ذڪر کين پاڻ وٽ به تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ملي ٿو، هو کين نيڪيءَ جو حڪم ڏئي ٿو، برائيءَ کان روڪي ٿو، انهن لاءِ پاڪ شيون حلال ۽ ناپاڪ شيون حرام ڪري ٿو ۽ مٿانئن اهي بار لاهي ٿو، جيڪي مٿن پيل هئا ۽ اهي ڳــَـٽَ کولي ٿو، جن ۾ هو جڪڙيل هئا. پوءِ جيڪي ماڻهو مٿس ايمان آڻيندا ۽ سندس ساٿ ڏيندا ۽ سندس مدد ڪندا ۽ ان روشنيءَ جي پيروي ڪندا، جيڪا ساڻس گڏ نازل ڪئي وئي آهي، اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
اي نبي چوين ته، "اي انسانؤ! مان توهان سڀني ڏانهن انهيءَ الله جو رسول آهيان، جيڪو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهوئي جيئاري ٿو ۽ اهوئي ماري ٿو، تنهنڪري ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس موڪليل نبي اميءَ تي، جيڪو الله ۽ سندس فرمانن کي مڃيندو آهي ۽ سندس پيروي اختيار ڪريو، اميد ته توهان سنئون دڳ لهندؤ |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
موسيٰ جي قوم ۾ هڪڙو ٽولو اهڙو به هو، جيڪو حق مطابق هدايت ڪندو هو ۽ حق جي ئي مطابق انصاف ڪندو هو |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
۽ اسان انهن کي ٻارنهن گهراڻن ۾ ورهائي کين مستقل ٽولن جي شڪل ڏئي ڇڏي هئي ۽ جڏهن موسيٰ کان سندس قوم پاڻي گهريو ته اسان کيس وحي ڪيو ته فلاڻي ٽڪريءَ تي پنهنجي لٺ هڻ، پوءِ ان مان يڪدم ٻارنهن چشما ڦاٽي نڪتا ۽ هر ٽولي پنهنجي پاڻي وٺڻ واري هنڌ کي سڃاڻي ڇڏيو، اسان مٿن ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ مٿن من ۽ سلويٰ لاٿو، کائو اهي پاڪ شيون جيڪي اسان توهان کي ڏنيون آهن پر پوءِ جيڪي ڪجهه ڪيائون ته اهو ڪو اسان تي ظلم نه ڪيائون، بلڪه پنهنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪندا رهيا |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
ياد ڪريو جڏهن کين چيو ويو هو ته هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ اتان جيڪا دل گهريوَ سا روزي حاصل ڪريو ۽ "حطته حطته" (يعني بخش ڪر، بخش ڪر) چوندا وڃجو ۽ شهر جي دروازي مان سجدو ڪندا اندر گهڙجو ته اسان توهانجون خطائون معاف ڪري ڇڏينداسون ۽ سهڻي هلت اختيار ڪرڻ وارن کي وڌائي ڇڏينداسون |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
پر پوءِ انهن مان جيڪي ماڻهو ظالم هئا، انهن ان ڳالهه کي جيڪا کين چئي وئي هئي، بدلائي هڪ جو ٻيو ڪري ڇڏيو. پوءِ ته اسان به سندن انهيءَ ظلم جي ڪري مٿن آسمان مان قهر نازل ڪيو |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
۽ انهن کان انهيءَ ڳوٺ بابت پڇ جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ کين اهو واقعو ياد ڏيار جڏهن سبت (ڇنڇر) جي ڏينهن هو الله جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندا هئا، جو مڇيون به سبت جي ڏينهن ئي مٿاڇري تي اچي ظاهر ٿي پونديون هيون ۽ سبت کانسواءِ ٻين ڏينهن تي مٿي چڙهي نه اينديون هيون. اهو ان ڪري ٿيندو هو ته اسان سندن بي فرمانين جي ڪري کين پرکي رهيا هئاسون |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
۽ اهو به ياد ڏيارينِ ته جڏهن منجهانئن هڪ ٽولي ٻئي ٽولي کي چيو هو ته "توهان اهڙن ماڻهن لاءِ ڇو ٿا نصيحت ڪريو جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو آهي يا سخت سزا ڏيڻ وارو آهي". ته انهن جواب ڏنو هو ته" "اسان اهو سڀ ڪجهه توهان جي رب جي در پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ ٿا ڪريون ۽ ان لاءِ به ته مــَـنَ اهي بي فرماني ڪرڻ کان پاسو ڪن" |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جڏهن اهي انهن هدايتن کي صفا وساري ويٺا، جيڪي سندن ڌيان ۾ ويهاريون ويون هيون ته اسان انهن ماڻهن کي بچائي ورتو، جيڪي برائيءَ کان روڪيندا هئا ۽ باقي ٻين سڀني ماڻهن کي جيڪي ظالم هئا، سندن بي فرمانين سبب سخت عذاب ۾ پڪڙيو سون |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جڏهن هو نهايت سرڪشيءَ سان اهو ڪم ڪندا رهيا جنهن کان کين جهليو ويو هو ته اسان کين چيو ته، "ٿي پئو باندر ذليل ۽ خوار" |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
۽ ياد ڪريو جڏهن تنهنجي رب اعلان ڪيو هو ته، "هو قيامت تائين بني اسرائيل تي اهڙا ماڻهو مڙهيندو رهندو، جيڪي کين بڇڙي ۾ بڇڙو عذاب رسائيندا رهندا". بيشڪ تنهنجو رب سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آهي ۽ بيشڪ هو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ پڻ آهي |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
اسان انهن کي ٽولا ٽولا ڪري زمين اندر گهڻين ئي قومن ۾ ورهائي ڇڏيوسون، ڪجهه انهن مان نيڪ هئا ۽ ڪجهه ان جي ابتـڙ ۽ اسان انهن کي سٺين ۽ خراب حالتن وسيلي آزمائيندا رهياسون ته مــَـن اهي موٽ کائن |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
وري انهن کان پوءِ اهڙا نالائق سندن جاءِ نشين ٿيا، جيڪي خدائي ڪتاب جا وارث هوندي به هن خسيس دنيا جي فائدن ميڙڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽ چون ٿا ته اميد ته اسانکي بخشيو ويندو، ۽ جيڪڏهن وري به اهڙا دنيوي فائدا سندن هٿ چڙهن ٿا ته سٽ ڏيئي ٿا حاصل ڪن. ڇا کانئن ڪتاب وارو عهد نه ورتو ويو آهي ته الله جو نالو وٺي اهائي ڳالهه چوندا، جيڪا حق هوندي؟ ۽ اهي پاڻ به پڙهي چڪا آهن، جيڪي ڪتاب ۾ لکيل آهي. آخرت وارو گهر انهن ماڻهن لاءِ ئي ڀلو آهي، جيڪي الله کان ڊڄن ٿا، ڇا توهان ايترو به نٿا سمجهو؟ |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
جيڪي ماڻهو ڪتاب کي چنبڙي پون ٿا ۽ جن نماز کي قائم رکيو آهي، بيشڪ اسان اهڙن ڀلائي پکيڙيندڙن جو اجر ضايع نه ڪنداسون |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
(ياد ڪر اهو وقت) جڏهن اسان جبل کي ڌوڏي مٿانئن ائين کڙو ڪيو هو ڄڻ ته اهو ڪا ڇٽي آهي ۽ هو ائين سمجهي رهيا هئا ته اهو اجهو ٿو مٿن ڪري، ان وقت اسان کين چيو هو ته جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏيون پيا، انهيءَ کي قابو ڪري جهلجو ۽ جيڪي منجهس لکيل آهي، ان کي ڌيان ۾ رکجو ته مــَـن ائين توهان غلط روش کان بچي وڃو |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ اي نبي! ماڻهن کي ياد ڏيار اهو وقت، جڏهن تنهنجي رب بني آدم جي پٺين مان سندن اولاد ڪڍي ۽ کين پنهنجو پاڻ تي شاهد ڪندي کانئن پڇيو هيائين ته، "ڇا آءٌ توهانجو رب نه آهيان؟" انهن چيو هو: "بيشڪ تون ئي اسانجو رب آهين، اسين اها شاهدي ڏيون ٿا". اهو اسان ان ڪري ڪيو ته متان توهان قيامت جي ڏينهن ائين چئو ته، "اسان ان ڳالهه کان بي خبر هئاسين" |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا وري ائين چوڻ لڳو ته شرڪ جي شروعات ته اسان جي ابن ڏاڏن اسان کان اڳ ڪئي هئي ۽ اسان ته پوءِ سندن نسل مان پيدا ٿياسون. پوءِ ڇا تون اسانکي انهيءَ ڏوهه ۾ ٿو ناس ڪرين، جيڪو ڪوڙ تي هلندڙن ڪيو هو؟ |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
ڏسو، اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون نشانيون چٽيءَ طرح ٿا پيش ڪريون ته مــَـنَ اهي موٽي پون |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
اي نبي! انهيءَ شخص جو احوال ٻڌائينِ جنهن کي اسان پنهنجي آيتن جو علم عطا ڪيو هو، پر هو انهن کان ڪنڌ ڪڍائي وٺي ڀڳو، پوءِ شيطان وٺي ڪڍ پيس، تانجو هو ڀٽڪندڙن ۾ شامل ٿي ويو |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
جيڪڏهن اسان گهرون ها ته انهن آيتن وسيلي کيس بلند مقام عطا ڪيون ها، مگر هو زمين کي ئي چنبڙي پيو ۽ پنهنجي نفس جي خواهشن جي ڪڍ لڳي پيو، تنهنڪري سندس حالت ڪتي وانگر ٿي پئي جو جيڪڏهن مٿس حملو ڪندين ته به زبان لٽڪائي پيو سهڪندو ۽ ڇڏي ڏيندينس تڏهن به زبان لٽڪائي پيو سهڪندو. اهو آهي مثال انهن ماڻهن جو جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٿا سڏين. تون اهي قصا کين ٻڌائيندو رهه ته مــَـن ڪا سوچ ويچار ڪن |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
ڏاڍو خراب مثال آهي انهن ماڻهن جو، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو ۽ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا آهن |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
جنهن کي الله هدايت ڪري اهوئي ٿو سنئين واٽ لهي ۽ جنهن کي الله هدايت کان بي نصيب ٿو ڪري ڇڏي اهوئي وڃي ٿو نقصان ۾ پوي |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
اصل ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي جــِـن ۽ انسان اهڙا آهن، جن کي اسان جهنم جي لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. وٽن دليون آهن پر هو انهن سان سوچن نٿا، وٽن اکيون آهن پر هو انهن سان ڏسن نٿا، انهن وٽ ڪــَـن آهن پر هو انهن سان ٻڌن نٿا، هو ڍورن جهڙا آهن، بلڪه انهن کان به وڌيڪ گمراهه (بي راه) آهن. اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي غفلت ۾ غرق ٿي ويا آهن |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
الله کي سهڻا نالا جڳائن ٿا، تنهنڪري کيس سهڻن نالن سان ئي سڏيو ۽ انهن ماڻهن کان پري رهو، جيڪي سندس نالن وٺڻ ۾ حق سچ کان ٿــڙي ٿا وڃن. جيڪي هو ڪندا رهيا آهن ان جو بدلو هو ضرور ڀوڳيندا |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
اسانجي مخلوق ۾ هڪڙو ٽولو اهڙو به آهي، جيڪو بلڪل حق جي هدايت ڪري ٿو ۽ حق مطابق انصاف ڪري ٿو |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
باقي جن ماڻهن اسانجي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي، انهن کي اسان آهستي آهستي اهڙيءَ طرح تباهيءَ ڏانهن وٺي وينداسون جو کين پتو ئي نه پوندو |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
مان ته انهن کي پيو ٿو ڍر ڏيان، ڇو ته منهنجي رٿ مضبوط آهي |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن سوچيو ناهي؟ ته سندن ساٿيءَ تي چريائپ جو ڪوبه اثر ناهي، هو ته هڪ پڌرو خبردار ڪندڙ آهي |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڀلا انهن ماڻهن آسمانن ۽ زمين جي انتظام تي به ڪڏهن ڪو غور ڪيو آهي؟ ۽ ڪنهن به شيءِ کي جيڪا الله پيدا ڪئي آهي، اکيون کولي ڏٺو اٿن؟ ۽ ڇا اهو به سوچيو اٿن ته متان سندن موت جو وقت ويجهو اچي ويو هجي؟ پوءِ ڀلا انهيءَ کان بعد اها ڪهڙي شيءِ رهي آهي، جنهن تي اهي ايمان آڻيندا! |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
جنهن کي الله هدايت کان محروم ڪري ڇڏي، ان لاءِ پوءِ ڪوبه رهنمائي ڪندڙ ڪونهي ۽ الله کين ڇڏي ٿو ڏئي ته وتن پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ٿـڙندا ٿاٻـڙندا |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
اهي توکان پڇن ٿا ته، "قيامت جي اها گهڙي ڪڏهن اچي سهڙندي؟" چوين ته "ان بابت ڄاڻ منهنجي رب کي ئي آهي. هو ئي کيس سندس وقت اچڻ تي ظاهر ڪندو، آسمانن ۽ زمين ۾ اهو ڏاڍو ڳرو وقت هوندو، اها توهان تي اوچتو ئي اچي ڪڙڪندي". توکان ان بابت ائين ٿا پڇن ڄڻ ته تون انهيءَ جي تاڙَ ۾ لڳو پيو آهين. چوين ته انهيءَ جو علم فقط الله کي آهي مگر اڪثر ماڻهو انهيءَ حقيقت کان اڻ واقف آهن |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
اي نبي چوين ته "مان پاڻ کي به ڪو نفعو نقصان پهچائي نٿو سگهان، جيڪو الله گهري سو ئي ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن مونکي غيب جو علم هجي ها ته مان پاڻ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪري وٺان ها ۽ مونکي ڪوبه نقصان نه پهچي ها، مان ته فقط هڪڙو خبردار ڪندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي منهنجي ڳالهه مڃين" |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
اهو الله ئي آهي، جنهن توهان کي هڪڙي وجود مان پيدا ڪيو ۽ انهيءَ مان ئي سندس زال بڻايائين ته جيئن وٽس قرار وٺي، پوءِ جڏهن مرد عورت کي ڍڪيو (يعني ان سان صحبت ڪئي) ته ان کي هڪڙو هلڪڙو حمل ٿي ويو، جنهن کي کنيو هوءَ گهمندي رهي، پوءِ جڏهن هوءَ ڳؤري ٿي پئي ته ٻنهي گڏجي الله پنهنجي رب کان دعا گهري ته جيڪڏهن تو اسان کي ڪو صالح ٻار ڏنو ته اسان تنهنجا شڪرانا ادا ڪنداسون |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جڏهن الله کين هڪ صالح ٻار ڏنو ته سندس ڪيل عنايت ۾ ٻين کي به ساڻس شريڪ بنائڻ لڳا. الله تمام مٿي آهي، انهيءَ شرڪ کان جيڪو هو ڪن ٿا |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
ڪهڙا نه نادان آهن اهي جو انهن کي ٿا الله جو شريڪ بڻائين، جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪن، بلڪه اهي پاڻ ئي پيدا ڪيا وڃن ٿا |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
جيڪي نڪي انهن جي ڪا مدد ٿا ڪري سگهن ۽ نه وري پنهنجي ئي ڪا مدد ڪري سگهندڙ آهن |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
جيڪڏهن کين سڌيءَ واٽ ڏانهن سڏيندؤ ته توهان جي ڪڍ نه لڳندا. توهان کين سڏيو توڙي چپ رهو، توهان لاءِ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
توهان الله کي ڇڏي جن کي سڏيو ٿا اهي ته بندا آهن جهڙا توهان آهيو، ڀــَـل سڏيون ته ڏين ڪو توهان کي توهان جي سڏن جو جواب، جيڪڏهن انهن بابت توهان جا خيال صحيح آهن |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا پير اٿن جو انهن سان گهمن؟ ڇا هٿ اٿن جو انهن سان ڪا شيءِ وٺن؟ ڇا اکيون اٿن جو انهن سان ڪجهه ڏسن؟ ڇا ڪــَـن اٿن جو انهن سان ڪجهه ٻڌن؟ اي نبي چوينِ ته "سڏيو پنهنجي گهڙيل شريڪن کي، پوءِ توهان سڀئي ملي منهنجي خلاف ســِـٽون ســِـٽيو ۽ مونکي ڪابه مهلت نه ڏيو |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
منهنجو ڀرجهلو ته اهو الله آهي، جنهن هيءُ ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ اهوئي نيڪن جي واهر ڪندو آهي |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
هوڏانهن جن کي توهان الله کي ڇڏي سڏيو ٿا، اهي نڪي توهان جي ڪا مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نه خود پنهنجي ئي مدد ڪرڻ جي لائق آهن |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
پر جيڪڏهن کين سڌي راه تي هلڻ لاءِ چوندؤ ته هو توهان جي ڳالهه ٻڌي ئي نه سگهندا. ظاهر ۾ توکي ائين لڳندو آهي ته اهي توڏانهن ڏسن پيا پر حقيقت ۾ هو ڪجهه به نٿا ڏسن" |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
اي نبي معافيءَ کان ڪم وٺ، نيڪي جي تلقين ڪندو رهه ۽ جاهلن ڏي ڪو ڌيان ئي نه ڏي |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
جيڪڏهن ڪنهن وقت توکي شيطان کان وسوسا پون ته الله کان پناهه گهر، هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن، تن کي جڏهن به شيطان کان ڪو برو خيال ڇهي به لنگهي ٿو ته هڪدم پاڻ سنڀالي وڃن ٿا ۽ صاف طرح نظر ٿو اچي وڃي ته انهن لاءِ صحيح رستو ڪهڙو آهي |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
باقي سندن (شيطان جا) ڀائر ته کين ڏِنگي هلت ڏانهن گـِـهليو پيا وڃن ۽ کين ڀٽڪائڻ ۾ ڪين ٿا گهٽائن |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
اي نبي! تون جو انهن ماڻهن جي سامهون ڪا نشاني (معجزو) پيش نٿو ڪرين ته چون ٿا ته تو پاڻ لاءِ ڪا نشاني ڇو نه چونڊي کنئي آهي؟ چوين ته مان ته رڳو انهيءَ وحيءَ جي پيروي ٿو ڪريان، جيڪو منهنجي رب مون ڏانهن موڪليو آهي. هي ته توهان جي رب وٽان حقيقت کي نيڪ روشن ڪندڙ ڳالهيون آهن ۽ اها هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ ، جيڪي ان کي قبول ڪندا |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
جڏهن به توهان جي آڏو قرآن پڙهيو وڃي ته ان کي ڪن لائي ٻڌندا ڪريو ۽ خاموش رهندا ڪريو ته مــَـنَ توهان تي رحمت ٿي وڃي |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
اي نبي! پنهنجي رب کي صبح توڙي شام ياد ڪندو ڪر، دل ۾ نيزاريءَ سان ۽ ڪنبندي ڪنبندي ۽ جــَـهڪي آواز ۾ زبان سان پڻ ۽ انهن ماڻهن مان نه ٿيءُ، جيڪي غفلت ۾ پيل آهن |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
جيڪي ملائڪ تنهنجي رب جي بارگاهه ۾ ويجها آهن، سي ڪڏهن به وڏائيءَ ۾ پئجي سندس عبادت کان منهن نٿا موڙين ۽ سندس تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ سندس آڏو سجدو ڪندا رهن ٿا |