المص (آيت : 1) |
المص |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
(اي رسول!) هي خدا جو ڪتاب (قرآن) تو تي هن لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته جيئن ان جي وسيلي (ماڻهن کي خدا جي عذاب کان ڊيچارين ۽ ايمان وارن لاءِ نصيحت جو سبب ٿئي ته پوءِ هن سبب جي ڪري تنهنجي دل ۾ تنگي پيدا نه ٿئي. |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
(اي انسانو!توهان جي پالڻهار جي طرفان جيڪي اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي ان جي پيروري ڪريو ۽ انکانسواءِ ٻين (فرضي) سرپرستن (معبودن جي پيروي نه ڪريو. اوهين ماڻهو ته تمام ٿوري نصيحت قبول ڪريو ٿا. |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
(اوهان کي خبر نه آهي جو) اهڙيون ڪيئي بستيون (شهر) آهن جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو ته اسان جو عذاب (کين اهڙي مهل) اچي پهتو جو اهي ماڻهو يا ته (رات جو) گهري ننڊ ۾ ستا پيا هئا، يا وري ڏينهن جو اهي (ٻن پهرن جي) قيلوله (لوٽ پوٽ) ڪري رهيا هئا. |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
(پوءِ جڏهن اسان جو عذاب مٿن آيو تڏهن سندن فرياد هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو بيشڪ اسين ظالم هئاسون. |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ اسين ته ضرور (هر ڳالھ جو) انهن ماڻهن کان پڇنداسون ۽ خود پيغمبرن کان به ضرور پڇنداسون. |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ اسين انهن کان پوري پوري حقيقت حال پڇنداسون ۽ اسين غائب ته نه هياسين. |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
ان ڏينهن (اعمال جو) تورڻ بلڪل سچ آهي. پوءِ جن جي (نيڪ اعمال جا) پڙ ڳرا ٿيندا سي ئي ڪامياب ٿيندا. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
پر جن جي (نيڪ اعمالن جا) پڙ هلڪا ٿيندا ته انهن ماڻهن اسان جي آيتن جي نافرماني ڪرڻ جي سبب پاڻ ئي پاڻ کي نقصان پهچايو. |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
۽ (بني آدم اسان ته يقينن اوهان کي زمين ۾ قدرت ۽ اقتداري ڏنو ۽ انهن ۾ اوهان جي لاءِ زندگي جي گذران جو سامان پيدا ڪيو (پر تڏهن به) اوهين تمام گهٽ قدر ڪريو ٿا. |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
هن ۾ شڪ ئي نه آهي ته اسان، اوهان (جي پيءُ آدم) کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان جون صورتون بنايون پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته (اوهان) سڀئي جهڪيا. پر ابليس جيڪو سجدي ڪرڻ وارن ۾ (شامل) نه ٿيو. |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
خدا (ابليس کي) فرمايو: جڏهن مون (خود) تو کي حڪم ڏنو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪهڙي ڳالھ روڪيو؟ چوڻ لڳو ته آءُ هن کان افضل آهيان. ڇو ته تو مون کي باھ (جهڙي لطيف عنصر) مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽي (جهڙي ڪثيف عنصر) مان پيدا ڪيو. |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
خدا فرمايو (تو کي اها ئي وڏائي آهي) ته (بهشت مان) هيٺ لهي وڃ ڇو ته تو کي اها مجال نه آهي جو هتي رهي ڪري وڏائي ڪرين، تون هتان (ٻاهر) نڪر! بيشڪ تون خوار ٿيلن مان آهين. |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
چوڻ لڳو ته (چڱو پر) مون کي ان ڏينهن تائي (موت کان) مهلت ڏي جنهن ڏينهن سموري خدائي جا ماڻهو (ٻيو دفعو جياري) اٿاريا ويندا. |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
فرمايو ويو (چڱو منظور) تو کي بيشڪ مهلت ڏني ويندي |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
چوڻ لڳو ته تو منهنجو رستو روڪيو ته آءُ به تنهنجي سڌي رستي تي ماڻهن کي (گمراھ ڪرڻ لاءِ کين) تڪي ويهي رهندس. |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان ۽ سندن ساڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان (مطلب ته انهن جي چوڌاري) مٿن اچي ڪرندس (۽ کين برغلائيندس) ۽ تون انهن مان گهڻن ئي ماڻهن کي شڪر گذار نه ڏسندين. |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
خدا فرمايو ته تون هتان تڙيل (۽) ڌڪاريل ٿي نڪري وڃ! جيڪو به انهن (ماڻهن) مان تنهنجو چوڻ مڃيندو ته آءُ بيشڪ تو کي (انهن) سڀني سان دوزخ کي ڀريندس. |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
۽ (آدم کي چيو ويو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي عورت (ٻئي) بهشت ۾ رهو ۽ جتان وڻيو تتان کائو (پيئو) پر ياد رهي ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو! نه ته پاڻهين پنهنجو نقصان ڪندو. |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ شيطان انهن ٻنهن کي وسوسو وڌو ته جيئن (نافرماني جي ڪري) سندن اگهاڙ جا انهن (جي نظر سان بهشتي پوشاڪ سبب) لڪيل هئي سان مٿن ظاهر ڪري ۽ چيائين ته اوهان جي پروردگار اوهان ٻنهن کي هن وڻ (ڦر کائڻ) کان هن ڪري منع ڪئي آهي ته (متان) اوهين ٻئي فرشتا بڻجي وڃو يا هميشه (جيئرا) رهو. |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ هنن ٻنهن اڳيان قسم کڻي چيائين ته بيشڪ آءُ اوهان جو خير خواھ (سڄڻ) آهيان. |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
مطلب ته ڌوڪي سان انهن ٻنهين کي هن جي (کائڻ) لاءِ مائل ڪيائين. نيٺ! جيئن ئي ٻنهين ڄڻن ان وڻ (جي ڦر) کي چکيو ته (بهشتي پوشاڪ لهي پين ۽ ڄاڻ ٿين ۽) مٿن سندن اگهاڙ ظاهر ٿي، پوءِ ته بهشت جا پن (پٽي جوڙي) لڳا پاڻ کي ڍڪڻ، تڏهن سندن پروردگار کين سڏيو ته ڇا! مون اوهان ٻنهي کي هن وڻ جي ويجهو (ٿيڻ) کان منع نه ڪئي هئي؟ ۽ (ڇا!) مون هي نه ٻڌايو هو ته شيطان اوهان جو ظاهر دشمن آهي. |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
اهي ٻئي عرض ڪرڻ لڳا، اي اسان جا پالڻهار!، اسان پاڻهين پنهنجو نقصان ڪيو پوءِ جيڪڏهن تون اسان کي معاف نه ڪندين ۽ اسان تي رحم نه فرمائيندين ته ضرور اسين نقصان پائڻ وارن مان ٿينداسون. |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
حڪم ٿيو اوهين (زال مڙس ۽ شيطان) سڀ ئي بهشت مان هيٺ لهي وڃو، اوهين هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ هڪ (خاص) وقت تائين اوهان لاءِ زمين ۾ رهائش ۽ گذران جو سامان آهي. |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
خدا (هي به) فرمايو ته اوهين زمين ۾ زندگي گذاريندو ۽ ان ۾ مرندو ۽ انهي مان (وري ٻيو ڀيرو) اوهان کي (جيئرو ڪري) ڪڍيو ويندو. |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم جي اولاد! اسان اوهان لاءِ پوشاڪ لاٿي جا اوهان جي اگهڙن کي ڍڪي ٿي ۽ سينگار جا ڪپڙا ۽ (تنهن کانسواءِ) پرهيزگاري جو لباس ۽ اهو سڀني پوشاڪن کان بهتر آهي. اهو (لباس به) خدا جي قدرت جي نشانين مان آهي ته من ماڻهون عبرت ۽ سبق حاصل ڪن. |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي آدم جي اولاد! (هوشيار رهو) جو متان اوهان کي ابليس نه ٿيڙي ڇڏي جيئن هن اوهان جي پيءُ ماءُ (آدم ۽ حوا) کي بهشت مان ڪڍرايو انهيءَ ئي انهن ٻنهين کان (بهشتي) پوشاڪ لهرائي ته جيئن کين سندن اگهاڙ ڏيکاري. اهو ۽ سندن قبيلو اوهان کي ضرور جيئن ڏسندو رهي ٿو تئين اوهين کين نٿا ڏسو. اسان شيطانن کي انهن ماڻهن جو ساٿي ڪيو آهي جيڪي بي ايمان آهن. |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ اهي ماڻهو جڏهين ڪو به بڇڙو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا ته اسان اهڙي طريقي تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڏٺو ۽ پڻ خدا (به) اهڙو ئي حڪم ڪيو آهي. (اي رسول!) تون کولي ٻڌائين ته خدا ڪڏهين به بڇڙي ڪم جو حڪم نٿو ڏئي. ڇا اوهين ماڻهو خدا تي (ڪوڙ هڻي) اهي ڳالهيون ڪريو ٿا جيڪي اوهين نٿا ڄاڻو؟ |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
(اي رسول! کين) چئو ته منهنجي پروردگار ته انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ (هي به فرمايو اٿس) ته هر نماز جي وقت پنهنجا پنهنجا منهن (قبلي ڏي) سڌا ڪندا ڪيو ۽ خدا جي خالص عبادت ڪيو. ۽ خدا جي خالص عبادت ڪندڙ ٿي دعا ڪريو. جيئن اوهان کي پهرين پيدا ڪيو اٿس تئين اوهين ٻيهر جيئرا ڪيا ويندو. |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
هن ئي هڪ ٽولي جي هدايت ڪئي ۽ هڪ گروھ (جي سر تي) گمراهي سوار ٿي وئي. هنن ماڻهن خدا کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو سرپرست بنايو. ۽ تنهن هوندي به گمان ڪن ٿا ته اهي هدايت تي آهن. |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي آدم جي اولاد! هر نماز جي وقت بڻجي سينگارجي ويندا ڪريو. ۽ کائو ۽ پيئو پر فضول خرچي نه ڪريو (ڇو ته) خدا اجائي خرچ ڪندڙن کي نٿو چاهي. |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
(اي رسول! انهن کان) پڇو ته جيڪو زينت (جو اسباب) ۽ کائڻ جون (صاف سٿريون) شيون خدا پنهنجي بندن لاءِ پيدا ڪيون آهن سي ڪنهن حرام ڪيون؟ تون پاڻ چئي ڏين ته اهي سڀئي (پاڪ پاڪيزه) شيون قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن جي لاءِ خاص آهن جن دنيا جي (فاني) زندگي ۾ ايمان آندو هو اسان اهڙي طرح پنهنجون آيتون سمجهدار ماڻهن جي لاءِ کولي بيان ڪندا آهيون. |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
(اي رسول!) تون (کولي) ٻڌائين ته اسان جي پروردگار ته سڀ بڇڙا ڪم پوءِ ظاهر هجن يا لڪيل، گناھ کي ناحق زيادتي ڪرڻ کي حرام ڪيو آهي پڻ هن ڳالھ کي ته اوهين ڪنهين کي خدا جو شريڪ بڻايو جنهن جو هن ڪو دليل نازل نه فرمايو آهي ۽ هي به ته سواءِ سمجهڻ ٻجهڻ جي خدا تي بهتان نه ٻڌو. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
۽ سڀ ڪنهن گروھ لاءِ (ناپيد هئڻ) جو هڪ خاص وقت آهي. پوءِ انهن جو وقت اچي پهچي ٿو ته نه هڪ گهڙي پٺ تي ٿيندا ۽ نه وڌي سگهندا. |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
اي آدم جي اولاد! جڏهن اوهان مان اوهان وٽ ڪي رسول اچن ۽ اوهان کي اسان جون آيتون ٻڌائن ته (سندن چيو مڃجو ڇو ته) جيڪو شخص پرهيزگاري ۽ نيڪ ڪم ڪندو ته اهڙن ماڻهن تي نه ته (قيامت ۾) ڪو به خوف هوندو ۽ نه غمگين (ئي) ٿيندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان سرڪشيءَ ڪئي اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن جيڪي ان ۾ سدائين پيا رهندا. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
ته پوءِ جيڪو شخص خدا تي ڪوڙ بدوڙ هڻي يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري، ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير ٿيندو؟ اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن کي سندن (تقدير) جو لکيل حصو (رزق وغيره) ملندو رهندو. تيستائين جو جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) انهن وٽ اچي سندن روح قبض ڪندا، کائن پڇندا ته خدا کي ڇڏي جن کي سڏيندا هئا اهي هاڻي ڪٿي آهن؟ ته اهي (منڪر ڪافر) جواب ۾ چوندا ته اهي سڀئي ته اسان کي ڇڏي ڪک پن ٿي ويا ۽ پنهنجي خلاف پاڻ شاهدي ڏيندا ته لاشڪ ته اسين ڪافر هياسين. |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
(تڏهن خدا کين) فرمائيندو ته: جنن ۽ ماڻهن مان جيڪي اوهان کان اڳ هليا ويا آهن انهن ۾ ملي توهان به جهنم واصل ٿي وڃو. (۽ جهنم وارن جو هي حال هوندو.) جو جڏهن ان ۾ هڪ گروھ داخل ٿيندو ته پنهنجي ساٿي ٻي گروھ تي لعنت ڪندو، تان جو جڏهن اهي سڀ ان ۾ پهچي ويندا ته انهن مان پوئين جماعت پاڻ کان پهرين جماعت جي لاءِ بد دعا ڪندا ته پروردگار انهن ماڻهن ئي اسان کي گمراھ ڪيو هو، تون مٿن جهنم جو ٻيڻو عذاب ڪر! (ان تي) خدا فرمائيندو ته: سڀني لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر (حيف هجيو) اوهين سمجهو نٿا. |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
۽ انهن مان پهرين جماعت پوئين جماعت ڏي ڏسي چوندي ته هاڻي ته اوهان کي، اسان تي ڪا به فضيلت نه رهي، پوءِ (اسان وانگر) اوهين به پنهنجي ڪرتوتن ڪري عذاب (جا مزا) چکيو. |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان وڏائي ڪئي تن لاءِ نه آسمان جا دروازا کوليا ويندا ۽ نڪي تيستايئن اهي بهشت ۾ داخل ئي ٿيندا جيسيتائين اٺ سئيءَ جي پاکي ۾ داخل ٿئي. (يعني جيئن اهو محال آهي تئين هنن جو بهشت ۾ داخل ٿيڻ به محال آهي) ۽ اسين گناهگارن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا رهندا آهيون. |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
هنن لاءِ دوزخ (جي باھ جي تهن) جو وڇاڻو هوندو ۽ سندن مٿان (باھ جو ئي) اوڇڻ به. ۽ اسين ظالمن کي اهڙي سزا ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
پر جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيائون ۽ اسين ته ڪنهين کي سندس طاقت کان مٿي تڪليف ڏيندا ئي نه آهيون، اهي ئي ماڻهو جنتي آهن جيڪي هميشه جنت ۾ ئي رهيا پيا هوندا. |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
۽ انهن جي دلين ۾ جيڪو (بغض ۽ حسد) هوندو سو سڀ اسين ڪڍي (ٻاهر ڪري) ڇڏينداسون، (سندن محلاتن جي هيٺان واھ وهندا هوندا. ۽ چوندا شڪر آهي ان خدا جو جنهن اسان کي هن (مطلب واري جاءِ) تائين پهچايو، پر جيڪڏهن خدا هتي نه رسائي ها ته اسين ڪڏهن به هتي پهچي نه سگهون ها بيشڪ اسان جي پالڻهار جي پيغمبرن برحق دين آندو هو پڻ انهن ماڻهن کي وڏي آواز سان چيو ويندو ته: هي اهو بهشت آهي جنهن جا اسان پنهنجي نيڪين جي جزا ۾ وارث (۽ مالڪ) ڪيا ويا آهيون. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ جيئن ته انسان جهنم وارن ماڻهن کي وڏي واڪي چوندا، اسان ته پنهنجي پروردگار جيڪو اسان سان واعدو ڪيو هو تنهن کي بيشڪ سچو ڏٺو ته توهان به ڇا! جيڪو واعدو توهان جي پروردگار به اوهان سان ڪيو هو پورو لڌو (يا نه؟) دوزخ وارا چوندا ته هاءُ (پورو لڌوسين) تڏهن هڪ مناديءَ وارو سندن وچ ۾ منادي ڪندو ته ظالمن تي خدا جي لعنت آهي. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
جيڪي ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪيندا هئا، پڻ ان ۾ (اجائي بيجائي) ٽيڙهائپ پيدا ڪندا هئا. ۽ اهي روز آخرت کان انڪار ڪندا هئا. |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
۽ (جنت ۽ دوزخ) جي وچ تي هڪ جدا ڪرڻ واري حد آهي. ۽ ڪي ماڻهو اعراف تي هوندا (بهشت هجي يا دوزخي) سندن پيشانن مان سڃاڻندا ۽ اهي جنت وارن کي وڏي واڪي چوندا ته اوهان تي سلام هجي. اهي (اعراف وارا) ماڻهون اڃا جنت ۾ داخل نه ٿيا آهن پر اهي تمنا ضرور رکن ٿا. |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ جڏهن سندن نگاهون ڦري جهنم وارن ڏي پونديون ته (انهن جي خراب حالت ڏسي خدا کي) عرض ڪندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي ظالم ماڻهن جو ساٿي به بڻائج! |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
۽ اعراف وارا ڪن (جهنمي) ماڻهن کي جن کي سندن چهرا ڏسي سڃاڻي وٺندا، وڏي واڪي چوندن ته هاڻي نه ته توهان جو جٿو ئي اوهان جي ڪم آيو ۽ نه اوهان جي وڏ ماڻهائپ (فائدو ڏنو) جيڪا اوهين دنيا ۾ ڪندا هئا. |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ڇا اهي ئي اهي انسان آهن جن جي لاءِ اوهين قسم کائي چوندا ته انهن تي خدا (پنهنجي) رحمت نه ڪندو. (ڏسو! اڄ اهي ئي انسان آهن جن کي چيو ويو ته بي ڌڙڪ) بهشت ۾ هليا وڃو، نه اوهان تي ڪو خوف آهي ۽ نه ڪڏهين غمگين ٿيندو!. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ دوزخ وارا بهشت وارن کي (ايلاز ڪري) وڏي واڪي چوندا ته اسان تي ٿورو پاڻي اڇلايو يا جيڪي (نعمتون) خدا توهان کي ڏنيون آهن انهن مان ڪجھ (ڏيو ته بهشت وارا جواب ۾) چوندن ته خدا تعالى ته بهشت جو کاڌو پيتو ڪافرن تي قطعي حرام ڪري ڇڏيو آهي. |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن ماڻهن پنهنجي دين کي راند تماشو بڻائي ڇڏيو هو ۽ دنيا جي (فاني) زندگي کين ڌوڪو ڏنو هو ته اسان به اڄ (قيامت ۾) کين (ڄاڻي واڻي) وساري ڇڏينداسون جهڙي ريت اهي ماڻهو (اسان جي) اڄ جي حضوري کي وساري ويٺا هئا، ۽ اسان جي آيتن کان انڪار ڪندا هئا. |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
(هوڏانهن اسان جنن ڏي) رسول جي وسيلي ڪتاب به موڪليو هو جنهن کي چڱيءَ طرح کولي ٻڌايو ويو آهي ۽ اهو ايمان وارن ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
ڇا! هي ماڻهو بس فقط نتيجي جا ئي منتظر آهن (حالانڪه) جنهن ڏينهن ان (ڳالھ جي) نتيجي جو وقت اچي ويندو ته جيڪي ماڻهو ان کي اڳي ئي وساري ويٺا هئا (اوچتو) چوندا ته بيشڪ اسان جي پروردگار جا سڀ رسول حق (جي ڳالھ) وٺي آيا هئا ته ڇا! (هاڻي) اسان جا به ته سفارش ڪرڻ وارا آهن؟ جيڪي اسان جي سفارش ڪن يا وري اسان (دنيا ۾) موٽايا وڃون ته جيڪي جيڪي ڪم اسان ڪندا هئاسين انهن کي ڇڏي ٻيا (چڱا) ڪم ڪريون. بيشڪ هنن ماڻهن پنهنجو سخت نقصان ڪيو ۽ جيڪي ڪوڙ بدوڙ ڪندا هئا اهي سڀ گم (شم) ٿي وين. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
بيشڪ اوهان جو پروردگار اهو خدا آهي جنهن (فقط) ڇهن ڏينهن ۾ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. اهو ئي رات کي ڏينهن جو پوش پهرائي ٿو (ته ڄڻ) رات، ڏينهن کي پويان پويان تڪڙي ڳوليندي وتي ٿي. ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ ۽ تارن کي پيدا ڪيو. اهي سڀئي سندس حڪم جا تابعدار آهن. ڏسو! حڪومت ۾ پيدا ڪرڻ بس خاص ان جي لاءِ ئي آهي. اهو خدا جيڪو ساري جهان جو پالڻهار وڏو برڪت وارو آهي . |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
(انسانو!) اوهين پنهنجي پالڻهار کي زاري سان ۽ ڳجهو سڏيو. اهو حد کان وڌندڙ کي هرگز نٿو چاهي. |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ زمين ۾ اصلاح کان پوءِ فساد نه ڪندا وتو ۽ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد ڪري خدا کان دعا گهرو (ڇو ته) نيڪي ڪرڻ وارن سان خدا جي رحمت پڪ ويجهي آهي. |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ هو اهو (خدا) آهي جيڪو پهنجي رحمت (مينهن) کان اڳ ۾ خوشخبري ڏيڻ وارن هوائن کي موڪلي ٿو ايستائين جو جڏهن هوائون (پاڻيءَ ڀريل) ڳرن ڪڪرن کي کڻي اڏائن ته اسان انهن کي ڪنهن شهر ڏانهن (جيڪو پاڻي نه پوڻ ڪري ڄڻ ته) مري چڪو هو، هڪلي ڇڏيو. پوءِ اسان ان سان هر طرح (قيامت جي ڏينهن زمين مان) مئل ڪڍنداسون ، ته اوهين نصيحت ۾ سبق حاصل ڪريو. |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ سٺي زمين جا سلا سندس پاليندڙ جي حڪم سان چڱا نڪرن ٿا ۽ خراب زمين جا سلا اڀڙ خراب ئي نڪرن ٿا. اهڙي طرح اسين شڪرگذار ماڻهن جي لاءِ پنهنجون آيتون ڦرائي گرائي بيان ڪريون ٿا. |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (رسول بنائي) موڪيلو ته هن ماڻهن کي چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو ان کانسواءِ اوهان جو ڪو به معبود نه آهي. ۽ آءُ اوهان جي باري ۾ (قيامت جهڙي) تمام وڏي (خوفناڪ) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
(ته) سندس قوم جي ڪن سردارن چيو: اسين ته پڪ تو کي ڏسون ٿا ته تون ظاهر ظهور گمراهي ۾ پيل آهين. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
(تڏهن نوح کين) چيو: اي منهنجي قوم مون ۾ گمراهي (وغيره) ته ڪجھ نه آهي پر آءُ پرودگار عالم جي طرف کان رسول آهيان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
اوهان تائين پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيان ۽ اوهان لاءِ اوهان جي خير خواهي ڪريان ٿو ۽ خدا جي طرف کان جيڪي ڳالهيون آءُ ڄاڻان ٿو اوهين نٿا ڄاڻو. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا اوهان کي هن ڳالھ جي حيرت آهي ته اوهان وٽ اوهان مان ئي هڪ مرد (آدمي) جي واسطي سان اوهان جي پروردگار جو ذڪر (حڪم) آيو ته جيئن اهو اوهان کي (عذاب) کان ڊيڄاري ۽ جيئن ته اوهين پرهيزگار بڻجو ۽ جيئن ته اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
تڏهين به ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو، بس پوءِ اسان کيس ۽ جيڪي ان سان ٻيڙي ۾ هئا بچايو ۽ باقي جن به ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو سڀني کي ٻوڙي ماريوسون، اهي سڀئي ماڻهو اصل ۾ (دل جا) انڌا هئا. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ (اسان) عاد جي قوم ڏي سندن ڀاءُ هود کي (رسول بڻائي) موڪليو ته ان (به ماڻهن کي) چيو ته اي منهنجي قوم فقط خدا جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ ڪو به معبود نه آهي ته ڇا توهين (خدا کان) نٿا ڊڄو؟ |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
(ته) سندس قوم جي ڪن رئيسن جي ڪافر هئا چوڻ لڳا اسين ته تو کي بيشڪ حماقت (بي وقوفي) ۾ (ڦاٿل) ڏسون ٿا ۽ اسين پڪ تو کي ڪوڙو سمجهون ٿا. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
هود چيو ته اي منهنجي قوم! مون ۾ ته حماقت جي ڪا به ڳالھ ڪانهي پر آءُ ته پروردگار عالم جو رسول آهيان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
آءُ اوهان ڏي اوهان جي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيان ٿو ۽ آءُ اوهان جو سچو خير خواھ آهيان. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا توهان کي هن ڳالھ تي تعجب ٿو ٿئي ته توهان جي پالڻهار جو حڪم توهان وٽ اوهان مان هڪ مرد (آدمي) جي ذريعي سان آيو ته هڪ کي (عذاب کان) ڊيڄاري پڻ (اهو وقت به) ياد ڪريو جڏهن هن (خدا) اوهان کي نوح جي قوم کان پوءِ خليفو( ۽ جانشين) بڻايو ۽ اوهان جي پيدائش ۾ به گهڻو واڌارو ڪيو ته خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ته جيئن اوهين دل جون مرادون حاصل ڪريو. |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
ته اهي ماڻهو چوڻ لڳا، ڇا! تون اسان ڏي ان لاءِ آيو آهين ته اسين فقط الله جي ته عبادت ڪريون ۽ جن کي اسان جا پيءُ، ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، ڇڏي ڏيون، پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو، اسان وٽ آڻ. |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
هود جواب ڏنو ته(بس! سمجهو) ته اوهان جي پالڻهار جي طرفان توهان تي عذاب ۽ غضب نازل ٿي چڪو. ڇا اوهين مون سان ڪن (بتن جي ٺاهيل) نالن جي باري ۾ وڙهو ٿا جن کي توهان ۽ اوهان جي پيءُ ڏاڏن (اجايو) گهڙي رکيا آهن. حالانڪه هن لاءِ خدا ڪا به سند نازل نه فرمائي آهي. پوءِ اوهين (خدا جي عذاب جو) انتظار ڪريو، آءُ به اوهان سان گڏ منتظر آهيان. |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
نيٺ اسان کيس ۽ جيڪي ماڻهو ان سان هئا انهن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو، تن جي اسان پاڙ پٽي ڇڏي ۽ اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا هئا به ڪين. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ (اسان قوم) ثمود ڏي سندس ڀاءُ صالح کي (رسول بڻائي موڪليو) ته ان (هنن ماڻهن کي) چيو، اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو، ان کانسواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي. اوهان وٽ ته اوهان جي پالڻهار وٽان کليل ۽ روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءُ خدا جي (موڪليل) ڏاچي اوهان لاءِ هڪ معجزو آهي، اوهين ان کي ڇڏي ڏيو ته خدا جي زمين ۾ جتي چاهي چرندي وتي ۽ کيس ڪا به تڪليف نه ڏيو نه ته اوهين دردناڪ عذاب ۾ گرفتار ٿي ويندو. |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
۽ (اهو وقت به) ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي عاد قوم کان پوءِ (زمين ۾) خليفو (۽ جانشين) بڻايو ۽ اوهان کي زمين ۾ اهڙي طرح وسايو جو اوهين سڌي سنئين نرم زمين ۾ (وڏا وڏا) محل اڏايو ٿا پڻ جبلن کي (ٽڪي ٽڪي) گهر بڻايو ٿا ته خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ روءِ زمين تي فساد نه ڪندا ڦرو. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
ته سندن قوم جي وڏن رئيسن متڪبر ماڻهن، ويچارن مسڪينن مان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو، چيو: ڇا! توهان کي معلوم آهي ته صالح (در اصل) پنهنجي پروردگار جو (سچو) رسول آهي؟ هنن (ويچارن) جواب ڏنو ته: جن ڳالهين جو هن پيغام آندو آهي اسان ته ان تي ايمان آندو آهي. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
تڏهن جن (ڪافر رئيسن) کي (پنهنجي دولت ۾ مال تي) گهمنڊ هو چوڻ لڳا، اسين ته جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي ان کي ڪين مڃينداسون. |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
نيٺ هنن ماڻهن ڏاچي جا گوڏا ۽ پير وڍي ڇڏيا ۽ پنهنجي پروردگار سان گستاخي ڪئي ۽ (بي پرواهي سان) چوڻ لڳا، جيڪڏهن تون سچو رسول آهين ته جنهن عذاب بابت اسان ماڻهن کي ڊيڄارين ٿو، ڀلي آڻ. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
تڏهن کين زلزلي پڪڙيو ۽ اهي ماڻهو (جيئن) گوڏن تي سر رکيو ويٺا تئين ئي ويٺي جا ويٺا رهجي ويا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
پوءِ صالح پاسو ڪيو ۽ (انهن سان مخاطب ٿي) کين چيو اي منهنجي قوم (افسوس) مون ته پنهنجي پروردگار جا پيغام توهان تائين پهچائي ڇڏيا هئا پڻ اوهان جي خير خواهي ڪئي هيم (۽ لاها چاڙها سمجهائي ڇڏيا هئا) پر (وڏي ڳالھ ته) اوهين (ڀلو ڪندڙ) سمجهائڻ وارن کي پنهنجو سڄڻ ئي نٿا سمجهو. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ لوط کي (اسان رسول بڻائي موڪليو ته) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو (افسوس) اوهان اهڙي بدڪاري (لونڊي بازي) ڪريو ٿا جو اوهان کان اڳ ساري خدائي ۾ ڪنهن اهڙو بڇڙو ڪم نه ڪيو هو. |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
(هاءُ!) اوهين عورتن کي ڇڏي شهوت پرستي لاءِ مردن ڏي مائل ٿيو ٿا (توڙي جو ان ڳالھ جي ضرورت نه آهي) پر اوهين ماڻهو آهيو ئي بيهودا صرف ڪرڻ وارا (جو نطفي کي وڃايو ٿا) |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
(تنهن تي) سندس قوم وٽ ان کانسواءِ ٻيو جواب ئي ڪين هيو، جيڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هنن ماڻهن کي ڳوٺ کان ڪڍي ٻاهر ڪريو ڇو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪ صاف هجڻ چاهن ٿا. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
تڏهن اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي ته نجات ڏني پر (فقط) سندس زال جيڪا (پنهنجي بد اعمالي سان) پٺتي رهڻ وارن مان ٿي. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ اسان انهن ماڻهن جي مٿان مينهن وسايو، پوءِ ڪجھ سوچو ته سهي! ته گناهگارن جي نيٺ پڇاڙي ڪهڙي ٿي. |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ (اسان) مدين (وارن) ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي (رسول ڪري موڪليو) ته هن (انهن ماڻهن کي) چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به اوهان جو معبود نه آهي (پڻ) اوهان ڏي ته اوهان جي پروردگار جي طرفان هڪ کليل ۽ روشن معجزو (به) آندم ته (پوءِ اوهين) ماپ ۽ تور پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن (خريد ڪيل) شيون گهٽ نه ڏيندا ڪريو ۽ زمين ۾ ان جي سڌاري ۽ درستي کان پوءِ فساد نه ڪندا ڦرو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته اهو اوهان جي حق ۾ سٺو آهي. |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ اوهان ماڻهو، جو رستن تي (ويهي) جنهن خدا تي ايمان آندو آهي تنهن کي ڊيڄاريو ٿا ۽ خدا جي راھ کان جهليو ٿا ۽ ان جي راھ ۾ (اجايو بيجا) ٽيڙهائپ ڳولي ڪڍو ٿا، هاڻي نه وهندا ڪريو. پڻ ان (ڳالھ) کي به ياد ڪريو ته جڏهن اوهين (تعداد ۾) گهٽ هئا ته خدا ئي اوهان کي وڌايو ۽ ڪجھ سوچو ته سهي ته (نيٺ) جهڳڙا پکيڙڻ وارن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي. |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
۽ انهن ڳالهين جو آءُ پيغام وٺي آيو آهيان جيڪڏهن اوهان مان هڪ جماعت مڃيو ۽ هڪ جماعت نه مڃيو ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) اوهين ماٺ ڪري ويهي (ڏسندا) رهو ايستائين جو خدا (پاڻ) اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. ۽ هو سڀني کان وڌيڪ چڱو فيصلو ڪرڻ وارو آهي. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
ته سندس قوم مان انهن (وڏن) ماڻهن جن کي پنهنجي (راڄ ۽ حشمت تي) گهمنڊ هو چوڻ لڳا ته، اي شعيب! اسين تو کي ۽ انهن کي جن تو تي ايمان آندو آهي، پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ٻاهر ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهين به اسان جي مذهب ۽ ملت ۾ موٽي اچو (ته خير) شعيب چيو: اسين توڙي جو اوهان جي مذهب کان نفرت ئي ڪندا هجون؟ (تڏهين به موٽي اچون! معاذ الله) |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
جڏهن خدا توهان جي باطل دين کان اسان کي نجات ڏني تنهن کان پوءِ به هاڻي جيڪڏهن اسين اوهان جي مذهب ۾ موٽي اچون ته پوءِ اسان خدا تي ڪوڙو بهتان ٻڌو (نه!) پڻ اسان لاءِ ته ڪنهن طرح جائز نه آهي جو اسين اوهان جي مذهب ڏي موٽي اچون. پر جيڪڏهن منهنجو پروردگار الله گهري (۽ اهو ڪڏهين به نه گهرندو) اسان جو پروردگار ته پنهنجي علم سان سموري (عالم جي) شين تي حاوي آهي. اسان ته خدا تي ئي ڀروسو ڪيو، اي اسان جا پروردگار تون ئي اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ پورو پورو فيصلو ڪر ۽ تون ته سڀني کان وڌيڪ سٺو فيصلو ڪرڻ وارو آهين. |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
۽ سندس قوم مان ڪي سردار ڪافر (ماڻهن کي) چوڻ لڳا ته، جيڪڏهن اوهان ماڻهن شعيب جي پيروي ڪئي ته پوءِ يقينن اوهين (وڏي) نقصان وارا ٿيندو. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
مطلب ته انهن (ڪافر) ماڻهن کي زلزلي (اهڙو ته) ورتو جو اهي گهرن ۾ (اونڌي جا) اونڌا رهجي ويا. |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو ڪيو هو اهي (اهڙا ته ميٽجي ويا جو) ڄڻ ته سندن ڳوٺن ۾ ڪڏهن آبادي ئي ڪا نه هئي. (بيشڪ) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو سمجهو هو اهي ئي ماڻهو گهاٽي ۾ رهيا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
تڏهن شعيب انهن ماڻهن کان پاسو ڪيو ۽ (انهن ڏي ڏسي) چيو: اي منهنجي قوم! مون ته پنهنجي پروردگار جا پيغام اوهان تائين پهچايا پڻ اوهان جو ڀلو ڪيو پوءِ (وري) هاڻي ڪافرن (جي حال) تي افسوس ڇو ڪريان. |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
۽ اسان ڪنهين ڳوٺ ۾ ڪو به نبي نه موڪليو پر اتاهون جي رهڻ وارن کي (چوڻ نه مڃڻ جي ڪري) بلا ۽ مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ته جيئن اهي ماڻهو (اسان جي بارگاھ ۾) عاجزيءَ سان ٻاڏائين. |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
پوءِ اسان تڪليف جي جڳھ، آرام کي بدلايو ايستائين جو اهي ماڻهو وڌي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اهڙي طرح تڪليف ۽ آرام ته اسان جي ابن ڏاڏن کي به پهتو هو. تڏهن اسان کين (ان وڏائي جي سزا ۾) اوچتو (عذاب ۾) پڪڙيو جڏهن اهي صفا بي خبر هئا. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
پر جيڪڏهن انهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار بڻجن ها ته اسين مٿن آسمان ۽ زمين جي برڪتن (جا دروازا) کولي ڇڏيون ها، پر (افسوس جو) هنن ماڻهن (اسان جي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪرتوتن ڪري کين (غذاب ۾) گرفتار ڪيو. |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ته ڇا (انهن) ڳوٺن جا رهڻ وارا هن ڳالھ کان بي خبر آهن جو، مٿن اسان جو عذاب رات و رات اچي، جڏهن جو اهي بي گوندرا ستا پيا هجن. |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
يا وري انهن ڳوٺن وارا ان کان بي خبر آهن ته مٿن ڏينهن ڏٺي جو اسان جو عذاب اچي پڪڙين ۽ اهي کيڏڻ ڪڏڻ ۾ ئي پورا هجن. |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي تدبير کان ڏاڍا ٿي ويا آهن؟ پوءِ (ياد رهي ته) خدا جي داو کان فقط نقصان کڻڻ وارا ئي بي خوف ٿي ويٺا آهن. |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
ڇا جيڪي ماڻهو اهل زمين کان پوءِ زمين جا وارث (۽ مالڪ) ٿين ٿا انهن کي گهرون ها ته سندن ڪڌن ڪرتوتن ڪري کين مصيبت ۾ ڦاسايون ها (پر اهي ماڻهو ته اهڙا نادان آهن ڄڻ ته) سندن دلين تي اسان پاڻ مهر ڪري ٿا ڇڏيون ته اهي ماڻهو ڪجھ ٻڌن ئي نٿا. |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
(اي رسول!) اهي ٿورا ڳوٺ آهن جن جو احوال اسين تو سان ڪريون ٿا. ۽ يشڪ سندن پيغمبر انهن ڏي تمام کليل ۽ روشن معجزا وٺي ويا پر اهي ماڻهو جنهن کي پهرين ڪوڙو ڪيو ويو، تنهن تي ڀلا ڪئين ٿا ايمان آڻن! خدا ائين ڪافرن جي دلين تي علامت مقرر ڪري ڇڏي ٿو (ته اهي ايمان نه آڻيندا) |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
۽ اسان ته انهن مان گهڻن جو عهد پورو نه لڌو. پر انهن ماڻهن مان گهڻن کي اسان بدڪار ئي پاتو. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
پوءِ اسان (انهن ذڪر ڪيل پيغمرن کان) بعد موسى کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏي معجز عطا ڪري (رسول بڻائي) موڪليو ته انهن ماڻهن انهن معجزن سان (تمام وڏيون) شرارتون ڪيون. پوءِ ڏسو ته نيٺ انهن فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي. |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ موسى (فرعون کي) چيو، اي فرعون! آءُ بيشڪ جهانن جي پالڻهار جو رسول آهيان. |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
مون تي واجب آهي ته حق سچ کانسواءِ (هڪ حرف به ڪوڙ) نه چوان. آءُ اوهان جي پالڻهار جي طرفان کليل ۽ روشن معجزا وٺي آيو آهيان. ته بني اسرائيلن کي مون سان گڏ ڇڏي ڏي. |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
(فرعون) چوڻ لڳو، جيڪڏهن تون سچو آهين ۽ واقعي معجزا آندا اٿئي ته اهي ڏيکار! |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
(اهو ٻڌندي ئي موسى) پنهنجي عصا (زمين تي) اڇلي ته پوءِ اها (بلڪل) ظاهر بظاهر ازدها بڻجي پئي. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
۽ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته ڏسن ته هر شخص جي نظر ۾ چمڪي رهيو آهي. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
تڏهن فرعوني قوم جي ڪن سردارن چيو، هي ته بيشڪ وڏو ماهر جادوگر آهي. |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
هي چاهي ٿو ته اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪري ته پوءِ اوهين ماڻهو هن جي باري ۾ ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
(نيٺ) سڀني هڪ آواز چيو (اي فرعون) هن کي ۽ سندن ڀاءُ (هارون) کي قيد ۾ رک! |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
۽ (چوگرد) شهرن ۾ ڪارندا موڪلي تمام وڏا وڏا جادوگر ڪٺا ڪر. |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
۽ جڏهن سڀ جادوگر فرعون وٽ اچي چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان (موسى تي) فتح ڪئي ته اسان کي (تمام) وڏو انعام ضرور ملڻ گهرجي. |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
فرعون چيو هاءُ (فقط انعام ته نه) پر اوهين ته پوءِ اسان جي دربار جا مقرب به ٿيندو . |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
پوءِ (مقرر ڪيل وقت تي ڪٺا ٿيا ته) چوڻ لڳا ته اي موسى! يا پنهنجو منتر اڇل يا اسان ئي (پنهنجو پنهنجو) ڪرتب اڇلي ڏيکاريون. |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
موسى چيو: (چڱو اول) اوهان ئي اڇلي (پنهنجي باھ ڪڍو) پوءِ جيئن ئي انهن (پنهنجون رسيون) اڇليون ته ماڻهن جي نظر بندي ڪري ڇڏي (جو سڀ نانگ بلائون ڏسڻ ۾ آيون) جن ماڻهن کي ڊيڄاري ڇڏيو پڻ انهن تمام وڏو جادو ڏيکاريو. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
۽ اسان موسى ڏي وحي ڪئي ته (ويٺو ڇو آهين) تون به پنهنجي عصا اڇل. (بس اڇلڻ سان ڇا ٿا ڏسن ته) اها عصا سندن بڻايل (ڪوڙن) نانگن کي هڪ هڪ ڪري کائي رهي آهي. |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
مطلب ته حق جي ڳالھ ته (ٺيڪ) ويٺي ۽ سندن سڀ ڪرتب خاڪ ۾ ملي ويا. |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
پوءِ (ته فرعون ۽ سندس طرفدار سڀيئي ان آکاڙي ۾) اتي هارائي ۽ ذليل ۽ خوار ٿي موٽيا. |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ جادوگر سڀ (موسى جي سامهون) سجدي ۾ ڪري پيا. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
۽ (عاجزي سان) چوڻ لڳا اسان ساري جهان جي پروردگار تي ايمان آندو. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
(جيڪو) موسى ۽ هارون جو پروردگار آهي. |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فرعون چيو (اڙي!) توهان ماڻهن منهنجي اجازت کان سواءِ ئي ان تي ايمان آندو. اها ضرور اوهان جي مڪاري آهي جا توهان ماڻهن هن شهر ۾ ڦهلائي ڇڏي آهي ته جيئن سندس رهڻ وارن کي ڪڍي ٻاهر ڪريو. ته پوءِ توهان کي جلد ئي ان شرارت جو مزو معلوم ٿي ويندو. |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
آءُ پڪ اوهان (جي هڪ پاسي) جا هٿ ۽ ٻئي (ٻئي طرف جا) پير وڍائي ڇڏيندس ۽ وري اوهان سڀني کي سوري تي چاڙهيندس. |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
(جادوگرن) چيو اسان کي ته (نيٺ هڪ ڏينهن) پنهنجي پالڻهار ڏي (مري) موٽي وڃڻو آهي. |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
۽ تون اسان سان ان کانسواءِ ٻئي ڪهڙي دشمني رکين ٿو جو جڏهن اسان وٽ خدا جون نشانيون آيون ته اسان انهن تي ايمان آندو. (پڻ هاڻي ته اسان جي هي دعا آهي ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر (جو ته ڪو مينهن) وساءِ ۽ اسان کي پنهنجي فرمانبرداري جي حالت ۾ دنيا مان کڻي وٺ. |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
۽ فرعوني قوم جي ڪن سردارن (فرعون کي) چيو ته ڇا، تون موسى ۽ سندس جماعت کي (سندن حال تي) ڇڏي ڏيندين ته ڀلي ملڪ ۾ فساد ڪندا وتن ۽ اوهان کي اوهان جي خدائن (جي پوڄا پاٽ) کي ڇڏي ويهن، فرعون چيو (اوهين دلجاءِ ڪريو) اسان جلد ئي سندن ڌيئرن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏينداسون. ۽ اسين ته مٿن هر طرح قابو رکون ٿا. |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
(اهو ٻڌي) موسى پنهنجي قوم کي چيو ته (ڀائرو!) خدا کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، ساري زمين ته خدا جي ئي آهي. اهو پنهنجن بندن مان جنهن کي چاهي ته ان جو وارث (۽ مالڪ) بڻائي. ۽ پڇاڙي نيڪ ته بس، پرهيزگارن جي ئي آهي. |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
انهن چيس ته (اي موسى) تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ به ته اسان تي ساندھ تڪليف ئي پهچندي رهي ٿي (نيٺ ڪيترو صبر ڪريون) موسى چيو جلد ئي اوهان جو پالڻهار اوهان جي (سندس جانشين ڪندو. پوءِ ڏسندو ته اوهان ڪهڙا ڪم ڪريو ٿا. |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ بيشڪ اسان فرعون جي ماڻهن کي ڪيئي سال ڏڪر ۽ ميون جي گهٽ پيداوار جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو. ته جيئن اهي ماڻهو سبق حاصل ڪن. |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پوءِ جڏهن کين راحت پئي ملي ته پيا چون ته انهيءَ جا ته اسين لائق آهيون پر جڏهن کين ڪا مصيبت پهچي پئي ته وري موسى ۽ سندس ساٿين جي بدشگوني پيا سمجهن. ڏسو سندن بدشگوني ته خدا وٽ (لکيل ئي) هئي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
۽ (فرعون جي ماڻهن موسى کي هڪ دفعي) چيو ته تون اسان تي جادو ڪرڻ لاءِ چاهي جيتريون به نشانيون آڻين پر اسين تو تي ڪڏهن به ايمان نه آڻيداسون. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
تڏهن اسان انهن تي (پاڻي جو) طوفان ۽ مڪڙن جونئن ۽ ڏيڏرن ۽ رت (جو عذاب) موڪليو جن مان سڀ جدا جدا (اسان جي قدرت جون) نشانيون هيون. تنهن هوندي به اهي نٺر وڏائي ڪندا رهيا ۽ اهي ماڻهو ڏوهاري ته هئا ئي. |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
جڏهن مٿن عذاب اچي ٿي ڪڙڪيو چون پيا ته اي موسى، تو سان جو خدا (دعا قبول ڪرڻ جو) واعدو ڪيو آهي تنهن جي اميد تي پنهنجي خدا کان دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان عذاب ٽاريو ته اسين ضرور تو تي ايمان آڻينداسين، پڻ تو ساڻ بني اسرائيلن کي به ضرور موڪلينداسون. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پوءِ جڏهن اسان انهن کان جنهن وقت تائين ضرور پهچن ها عذاب کي ٽاري ٿي ڇڏيو ته وري يڪدم انجام اقرار ٽوڙي پيا ڇڏن. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
پوءِ (نيٺ) اسان انهن کان (سندن شرارتن جو) عوض ورتو ۽ جيئن ته اهي اسان جي آيتن کي ڪوڙ سمجهندا هئا ۽ انهن کان غافل رهندا هئا ته اسان به کين دريا ۾ ٻوڙي ماريو. |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ جن ويچارن کي اهي ماڻهو ڪمزور سمجهندا هئا انهن کي (شام ملڪ جي) زمين، جنهن ۾ اسان (زرخيز هئڻ جي) برڪت عطا ڪئي هئي، ان جي اوڀر اولھ (سڀ جو) وارث (۽ مالڪ) بڻايو. پڻ جيئن ته بني اسرائيلن (فرعون جي ظلمن تي) صبر ڪيو هو تنهن ڪري تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو (جيڪو هن انهن سان ڪيو هو) پورو ٿي ويو. ۽ جيڪي فرعون ۽ سندس قوم جا ماڻهو ڪندا هئا ۽ جيڪي وڏا وڏا محلات بڻائيندا هئا سڀ اسان برباد ڪري ڇڏيا. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
۽ اسان بني اسرائيلن کي دريا جي هن پار ٽپايو ته (اهي) اهڙن ماڻهن وٽان لنگهيا جيڪي پنهنجي (هٿن سان بڻايل) بتن (جي پوڄا پاٽ) تي ڄميل هئا (ته هنن کي ڏسي ڪري بني اسرائيلن موسى کي) چيو، اي موسى جيئن هنن ماڻهن جا معبود (بت) آهن، اهڙو ئي اسان جي لاءِ به هڪ (بت) معبود بڻاءِ. موسى چين ته اوهين ته وڏا جاهل ماڻهو آهيو. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
(اڙي ڪم بختو!) هي ماڻهو جنهن مذهب تي آهن، اهو پڪ برباد ٿي ويندو ۽ جيڪو عمل اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، اهو سڀ ميٽجي ويندو. |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
(وري موسى) چين، ڇا! (توهين چاهيو ٿا ته) خدا کي ڇڏي آءُ ٻين کي اوهان لاءِ معبود ڳوليان حالانڪه هن اوهان کي ساري خدائيءَ تي فضيلت ڏني آهي. |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
(اي اسرائيلو اهو وقت به ته ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان نجات ڏني، جڏهن اهي اوهان کي وڏيون وڏيون تڪليفون ڏيندا هئا اوهان جي پٽن کي ته ڳولي ڳولي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. پڻ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر تي) سخت آزمايش هئا. |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
۽ اسان موسى سان (تورات ڏيڻ لاءِ) ٽيهن راتين جو واعدو ڪيو. ۽ اسان ان ۾ ڏھ ڏينهن (وڌائي) پورو ڪيو مطلب ته سندس پالڻهار جو واعدو چاليھ راتين ۾ پورو (چلو) ٿي ويو. ۽ (ويندي وقت موسى) پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته تون منهنجي قوم ۾ منهنجو جانشين ٿي رھ ۽ سندن سڌارو ڪج ۽ فساد ڪرڻ وارن جي طريقي تي نه هلج. |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
۽ موسى اسان جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ (جبل تي) آيو ۽ سندس پروردگار هن سان همڪلام ٿيو ته موسى عرض ڪيو: خدايا! تون مون کي پنهنجي جهلڪ ڏيکار ته آءُ تو کي ڏسان، خدا فرمايو: تون مون کي ڪڏهين به ڏسي نٿو سگهين. پر هاءُ! هن جبل ڏي ڏس (اسين مٿس پنهنجي تجلي وجهون ٿا) پوءِ جبل جيڪڏهن پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ته جلد ئي مون کي به ڏسندين (نه ته ڪو نه). پوءِ جڏهين سندس پالڻهار جبل تي تجلي وڌي ته ان کي چڪا چور ڪري ڇڏيو ۽ موسا بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چوڻ لڳو: خداوندا تون (ڏسڻ ڏيکارڻ کان) پاڪ پاڪيزه آهين، مون تنهنجي بارگاھ ۾ توبه ڪئي ۽ آءُ سڀني کان پهريان ئي (تنهنجي عدم رويت جو) يقين ڪريان ٿو. |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
خدا فرمايو، اي موسى مون تو کي سڀني ماڻهن تي پنهنجي پيغمبري ۽ همڪلامي (جو درجو) ڏئي برگزيده ڪيو آهي ته پوءِ جو (ڪتاب تورات) اسان تو کي عطا ڪيو آهي ان کي وٺ ۽ شڪر گذار ٿيءُ. |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
۽ اسان (توريت جي) تختين ۾ موسى جي لاءِ هر قسم جي نصيحت ۽ هر قسم جو تفصيل وار بيان ڏئي ڇڏيو هو. ته (اي موسى) تون ان کي چڱي طرح وٺ (عمل ڪر) پڻ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته هن مان سٺين ڳالهين تي عمل ڪن. ۽ آءُ تمام جلد ئي اوهان کي بدڪارن جو گهر ڏيکاريندس (ته ڪئين برباد ٿا ٿين). |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
جيڪي ماڻهو (خدا جي) زمين تي اجايو آڪڙ جي هلن ٿا، انهن کي پنهنجي آيتن سان تمام جلد ڦيري ڇڏيندس ۽ (آءُ ڇو ڦيريان! پان سندن دليون اهڙيون ته سخت آهن جو) جيڪو هن (ساري جهان جون) سڀ نشانيون به ڏسن تڏهن به اهي انهن تي ايمان نه آڻيندا. پر جيڪڏهن سڌو رستو به ڏسن تڏهن به پنهنجو گس نه بڻائيندا. ۽ گمراهي جي راھ ڏسندا ته جهٽ پٽ ان کي پنهنجو طريقو بڻائي ڇڏيندا. اها (ٽيڙهائپ) انهي ڪري ٿين جو انهن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان غفلت ڪندا رهيا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي حضوريءَ کي ڪوڙو سمجهيو انهن جو سڀ ڪي ڪيو ڪرتيو اڪارت ٿي ويو. انهن کي بس سندن ڪرتوتن جي جزا (يا سزا) ڏني ويندي جيڪي اهي ڪندا هئا. |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
۽ موسى جي قوم (جبل طور تي) سندس وڃڻ کان پوءِ (پنهنجي زيورن کي ڳاري رجائي) هڪ گابي جي شڪل ٺاهي (يعني هڪ اهڙو) جسم جنهن ۾ ڍڳيءَ جهڙو آواز هو (افسوس!) ڇا انهن ماڻهو ايترو به خيال نه ڪيو جو اهو نه ته انهن سان ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن قسم جي هدايت ئي ڪري سگهي پيو. (غرض) انهن هن (گابي کي پنهنجو خدا) بڻايو ۽ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
۽ جڏهن انهن پڇتايو ۽ پاڻ کي پڪ گمراهي ۾ ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان جو پالڻهار اسان تي رحم نه ڪندو ۽ اسان جو گناھ معاف نه ڪندو ته اسان پڪ گهاٽي کڻڻ وارن مان ٿينداسين. |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم ڏي آيو ته (اها حالت ڏسي) رنج ۽ ڪاوڙ ۾ (پنهنجيءَ قوم کي) چوڻ لڳو ته اوهان ماڻهن منهنجي وڃڻ کان پوءِ تمام وڏي حرڪت ڪئي. اوهان ماڻهن پنهنجي پروردگار جي حڪم (منهنجي اچڻ ۾) ايتري تڪڙ ڪئي پڻ (تورات جون) تختيون اڇلائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) جي مٿي (جي وارن) کي جهلي پاڻ ڏي گهلڻ لڳو. (تنهن تي هارون) چيس، اي منهنجي ماءُ ڄايا! آءُ ڇا ڪريان ها! قوم مون کي حقير سمجهيو (۽ منهنجي چيو ڪين مڃيائون الٽو) منهنجي مارڻ تي هئا ته مون تي دشمنن کي نه کلاءِ ۽ مون کي هنن ظالم ماڻهن مان نه سمجھ. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
(تڏهن) موسى چيو اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر جو تون سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
بيشڪ جن ماڻهن گابي کي (پنهنجو معبود بنايو) انهن مٿان جلد ئي سندن پروردگار جي طرفان عذاب نازل ٿيندو ۽ دنياوي زندگي ۾ خواري، (پڻ ان کانسواءِ). ۽ اسين ڪوڙ ٺاهڻ وارن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا ڪندا آهيون. |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ جن ماڻهن بڇڙا ڪم ڪيا ۽ تنهن کان پوءِ توبه ڪئي ۽ ايمان آندائون ته پڪ تنهنجو پروردگار توبه کان پوءِ ضرور بخشڻ وارو مهربان آهي. |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
۽ جڏهن موسى جي ڪاوڙ لٿي ته (تورات جون) تختيون (زمين تان) کنيائين ۽ تورات جي نسخي ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا تن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
۽ موسى پنهنجي قوم سان اسان جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ (جبل طور تي وٺي وڃڻ لاءِ) ستر ماڻهن کي چونڊيو. پوءِ جڏهن کين زلزلي اچي پڪڙيو ته حضرت موسى عرض ڪيو پروردگارا جيڪڏهن تون گهرين ها ته مون کي ۽ انهن سڀني کي اڳ ۾ ئي هلاڪ ڪري ڇڏين ها ته ڇا اسان مان ڪن بيوقوفن جي ڪرتوتن جي سزا ۾ اسان کي هلاڪ ٿو ڪرين؟ اها ته فقط تنهنجي آزمايش هئي، تون جنهن کي چاهين ان کي هدايت ڪرين. تون ئي اسان جو مالڪ آهين تون ئي اسان جا قصور معاف ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ پڻ تون ته سڀني بخشڻ وارن کان چڱو آهين. |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
۽ تون ئي هن (فاني) دنيا ۽ آخرت ۾ اسان جي لاءِ نيڪي لکي ڇڏ. اسين تنهنجي ئي طرف رجوع ڪريون ٿا. خدا فرمايو: جنهن کي آءُ گهران ٿو (مستحق سمجهي ڪري) پنهنجو عذاب موڪليان ٿو ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ تي ڇانيل آهي آءُ ته هي جلد ئي خاص انهن ماڻهن جي لاءِ لکي ڇڏيندس (جيڪي بدڪارن کان) بچندا رهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندا ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن تي ايمان رکندا هوندا. |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
(يعني) جيڪو اسان جي موڪليل نبي امي جي قدم به قدم هلن ٿا (جنهن جي بشارت) کي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل لهن ٿا ۽ (اهو نبي) جيڪو چڱن ڪمن جو حڪم ڏئي ٿو ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪري ٿو ۽ (جيڪي) پاڪ پاڪيزه شيون انهن ۾ حلال ۽ گنديون شيون مٿن حرام ڪري ڇڏي ٿو. ۽ اهو (ڏکن حڪمن جو) بار جيڪي مٿن هو پڻ اهي گهوگها جيڪي انهن تي (پيل) هئا تن کي پري ڪري ٿو پوءِ (ياد رکو ته) جن ماڻهن انهيءَ (نبي محمد) تي ايمان آندو ۽ سندس مدد ڪئي پڻ ان نور جي پيروي ڪئي جيڪو ان سان گڏ نازل ٿيو آهي ته اهي ئي انسان پنهنجي دل جي مراد پائيندا. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
(اي رسول!) تون (کين) چئو ته انسانو! آءُ اوهان سڀني ماڻهن ڏي ان خدا جو موڪليل رسول آهيان جنهن جي لاءِ خاص (سمورن) آسمانن ۽ زمينن جي حڪومت آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي اهو ئي جيئرو ڪري ٿو اهو ئي ماري ڇڏي ٿو پوءِ (انسانو!) خدا ۽ سندس رسول نبي امي تي ايمان آڻيو. جيڪو (پاڻ به) خدا تي ۽ سندس ڳالهين تي (دل سان) ايمان رکي ٿو ۽ ان جي قدم به قدم هلو ته جيئن اوهين هدايت حاصل ڪريو. |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
۽ موسى جي قوم جا ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي حق ڳالھ جي هدايت به ڪندا آهن ۽ حق ئي حق (معاملن ۾) انصاف به ڪندا آهن. |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
۽ اسان (بني اسرائيلن) جي هڪ هڪ ڏاڏي جي اولاد کي جدا جدا ٻارنهن گروھ بنايا ۽ جڏهن موسى جي قوم ان کان پاڻي گهريوو ته اسان ان ڏي وحي کي موڪليو ته تون پنهنجي عصا پاڻي تي هڻ (پوءِ عصا جي هڻڻ سان) ان پٿر مان (پاڻي جا) ٻارنهن چشما ڦاٽي نڪتا ۽ (وري اهڙا صفا جدا جدا جو) هر هڪ قبيلي پنهنجو پنهنجو گهاٽ معلوم ڪري ڇڏيو ۽ اسان بني اسرائيلن تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي. ۽ مٿن من ۽ سلوى (جهڙي نعمت) نازل ڪئي. (انسانو!) جيڪي پاڪ ۽ پاڪيزه شيون اوهان کي ڏنل آهن انهن کي (شوق سان) کائو (پيئو) ۽ انهن ماڻهن (نافرماني ڪري) اسان جو ڪجھ به نه بگاڙيو پر پنهنجو پاڻ ئي خراب ڪن ٿا. |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
۽ جڏهن کين چيوسون هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ (سندس پيدوار ميون کي) جتان اوهان جي دل گهري (مزي سان) کائو (پيئو) پر (وات سان) حطه چوندا ۽ سجدو ڪندا دروازي ۾ داخل ٿجو ته اسين اوهان جون خطائون بخشي ڇڏينداسون. پڻ نيڪي ڪرڻ وارن کي ته اسين اڃا به وڌيڪ عطا ڪنداسين. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
ته ظالمن، جيڪا ڳالھ کين چئي وئي هئي ان کي بدلائي ڪجھ ٻيو چوڻ شروع ڪيو ته سندن شرارتن سبب مٿن آسمان مان عذاب موڪلي ڇڏيو. |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
۽ (اي رسول!) انهن کان ٿورو انهيءَ ڳوٺ جو حال ته پڇو جيڪو درياءُ جي ڪپ تي آباد هو. جڏهن اهي ماڻهو (پنهنجي مبارڪ) ڇنڇر جي ڏينهن زيادتي ڪرڻ لڳا جو جڏهن انهن جي (عبادت جو) ڏينهن ڇنڇر ايندو هو تڏهن ته مڇيون مڙي ڪري سندن سامهون پاڻي تي مٿان تري اينديون هيون پر جيڪڏهن سندن (عبادت جو ڏينهن) ڇنڇر نه هوندو ته وري مڇيون وٽن اينديون ئي نه هيون، جيئن ته اهي ماڻهو بدچال هئا تنهنڪري اسان به اهڙي طرح سندن امتحان ٿي ورتو. |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
۽ جڏهن انهن مان هڪ جماعت (انهن ماڻهن مان جيڪي ڇنڇر جي ڏينهن شڪار ڪرڻ کان منع ڪندا هئا) چيو ته جن کي خدا تباھ ڪرڻ يا سخت عذاب ۾ ڦاسائن گهري ٿو انهن کي (اجايو) ڇو ٿا سمجهايو؟ ته اهي چوڻ لڳا ته فقط اوهان جي پالڻهار جي بارگاھ ۾ پاڻ تان الزام لاهڻ لاءِ پڻ ان لاءِ ته شايد اهي ماڻهو پرهيزگاري اختيار ڪن. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جڏهن انهن ماڻهن جنهن ڳالھ جي کين نصيحت ڪيل هئي سا وساري ڇڏي ته اسان انهن ماڻهن کي ته بچايو جيڪي بري ڪم کان ماڻهن کي منع ڪندا هئا تن کي سندن بدڪاري سبب وڏي عذاب ۾ پڪڙيو. |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جنهن ڳالھ کان کين منع ڪيل هئي جڏهن انهن ماڻهن ان ۾ بي پرواهي ڪئي ته اسان حڪم ڪيو ته اوهين ذليل ۽ تڙيل ٿي باندر بڻجي وڃو! (ته اهي باندر بڻجي پيا) |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
(اي رسول! کين اهو وقت به ياد ڏياريو) جڏهن اوهان جي پالڻهار، وڏي آواز بني اسرائيلن کي چيو ته اهو، انهن تي قيامت تائين اهڙي حاڪم کي سوار ڪندو جو کين بڇڙن کان بڇڙيون تڪليفون ڏيندو رهي (ڇو ته) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي جو اوهان جو پروردگار تمام جلد عذاب ڪرڻ وارو آهي. ۽ هن ۾ به شڪ نه آهي ته اهو وڏو بخشڻهار مهربان (به) آهي. |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
۽ اسان کين روءِ زمين ۾ ٽولا ٽولا ڪري الڳ (الڳ ڪري) ڇڏيو جن مان ڪجھ ماڻهو ته نيڪ آهن ۽ ڪي ماڻهو وري ٻئي قسم جا (بدڪار) آهن، ۽ اسان کين سک ۽ ڏک (ٻنهين قسمن) سان آزمايو ته جيئن اهي (شرارت کان) باز اچن. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
هنن کان پوءِ وري ڪجھ نا خلف جانشين جيڪي خدا جي ڪتاب توريت جا وارث ته ٿيا (پر سندن حال هي آهي جو اهي) هن ڪميني دنيا تي ڪري پيا آهن. ۽ (مزي جي ڳالھ ته وري) چون ٿا ته، اسين جلد ئي بخشيا وينداسون ۽ (جيڪي ماڻهو انهن کي ٽوڪين ٿا) جيڪڏهن انهن وٽ به اهڙو ئي (ٻيو سامان اچي) ته ان کي اهي به (نه ڇڏين ۽) وٺي ڇڏيندا. ڇا هنن کان ( خدا جي) ڪتاب (توريت) جو انجام ۽ اقرار ڪين ورتو ويو هو ته خدا تي سچ کانسواءِ (ڪوڙ ڪڏهين به) نه چوندا پڻ جيڪي هن ڪتاب ۾ آهي تنهن کي هنن (چڱي طرح) پڙهيو آهي. ۽ آخرت جو گهر به خاص انهن ماڻهن لاءِ ئي آهي جيڪي پرهيزگار آهن. ته ڇا اوهين (ايترو به) نٿا ڄاڻو؟ |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جيڪي ماڻهو (خدا جي) ڪتاب کي مضبوط پڪڙن ٿا ۽ پابندي سان نماز پڙهن ٿا (تن کي ان جو ثواب ضرور ملندو) ڇو ته اسين ڪڏهين به نيڪ ڪم ڪندڙن جو اجر ضايع نٿا ڪريون. |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
ته (اي رسول! يهودين کي ياد ڏيار ته) جڏهن اسان سندن (مٿان جبل کي کنيو جو ڄڻ ته (مٿن) شاميانو هو ۽ اهي ماڻهو ائين پيا سمجهن ته اجهو ٿو ڪري (اجهو ڪريو) ۽ اسان (کين حڪم ڏنو ته) جيڪو ڪتاب اسان اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن کي مضبوط جهليو ۽ جو ڪجھ ان ۾ لکيل آهي ياد رکو ته جيئن اوهين پرهيزگار بڻجو. |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ (اي رسول! کين اهو وقت به ياد ڏيار ته) جڏهن اوهان جي پالڻهار، آدم جي اولاد مان يعني پٺين مان (ٻاهر) ڪڍي سندس اولاد مان خود ان جي مقابلي ۾ اقرار ڪرايو (پڇيو) ته ڇا! آءُ توهان جو پروردگار نه آهيان؟ ته سڀني چيو: هاءُ اسان ان جا شاهد آهيون (اهو اسان ان ڪري چيو ته) متان اوهين قيامت جي ڏينهن چئو ته اسين ته ان ڳالھ کان بلڪل بي خبر هئاسون. |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا هي چوڻ لڳو ته (اسين ڇا ڪريون) اسان جي ابن ڏاڏن اڳ ۾ ئي شرڪ ڪيو هو ۽ اسين ته سندن اولاد آهيون. (جيڪي) انهن کان پوءِ (دنيا ۾) آياسون، ته ڇا اسان کي انهن ماڻهن جي ڏوھ جي سزا ۾ هلاڪ ڪندو جيڪي اڳي ئي باطل ڪم ڪري چڪا. |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
۽ اسين اهڙي طرح پنهنجن آيتن کي کولي بيان ڪندا آهيون. ۽ ان ڪري ته من اهي ماڻهو (پنهنجن غلطين کان) باز اچن. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
۽ (اي رسول!) تون کين ان شخص جو حال پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون آيتون عطا ڪيون هيون پوءِ اهو انهن کان صفا ڪورو ٿي نڪتو ته شيطان سندس پٺيان پيو ۽ نيٺ اهو گمراھ ٿي ويو. |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته کيس انهن آيتن جي ڪري مٿانهون درجو ڏيون ها پر اهو ته پاڻ ئي ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي نفساني خواهش جو تابعدار بڻجي ويٺو. پوءِ ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو ڪتو. جو جيڪڏهن ان کي چچڪاريو ته به زبان ڪڍي پر جيڪڏهن کيس ڇڏي ڏبو ته به زبان ٻاهر ڪڍي سهڪي. اهو مثال انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. (اي رسول!) اهي ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌاءِ ته من اهي پاڻ به سوچين. |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو انهن جو به ڪهڙو نه بڇڙو مثال آهي پڻ پنهنجين جاين تي ظلم ڪندا رهيا. |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
رستي تي بس اهو ئي شخص آهي جنهن جي خدا هدايت ڪري پر جنهن کي ڇڏي ڏي ته اهڙا ئي ماڻهو وڏي نقصان ۾ آهن. |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
۽ ڄڻ ته اسان پاڻ ئي گهڻن جنن ۽ ماڻهن کي (خاص) جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي، جن جون دليون ته آهن (پر ڄاڻي واڻي) نٿا سمجهن،۽ کين اکيون آهن (ڄاڻي واڻي) انهن سان ڏسن ئي نٿا ۽ سندن ڪن به آهن (پر) انهن کان ٻڌڻ جو ڪم ئي نٿا وٺن (مطلب ته) اهي ماڻهو ڄڻ ته جانور آهن پر انهن کان ويل آهن. اهي ماڻهو (حق جي ڳالهين کان) بلڪل بي خبر آهن. |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
۽ سٺا سٺا نالا خدا جي لاءِ ئي خاص آهن ته پوءِ کيس انهن نالن سان سڏيو ۽ جيڪي ماڻهو سندس نالن ۾ ڪفر ڪن ٿا تن کي (سندن حال تي) ڇڏي ڏيو پڻ اهي تمام جلد پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳيندا. |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
۽ اسان جي مخلوقات مان ڪي انسان اهڙا به آهن جي (دين) حق جو رستو ڏيکارين ٿا (پڻ ان جي موافق) حق ئي (حق) انصاف به ڪن ٿا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي اسين ڍر ڏئي تمام جلد اهڙي طرح (جهنم ۾) وٺي وينداسون جو کين خبر ئي نه پوندي. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
۽ آءُ کين (دنيا ۾) ڍر ڏيندس بيشڪ منهنجي تدبير تمام (پڪي پختي ۽) مضبوط آهي. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا هنن ماڻهن ايترو به نه سوچيو نيٺ سندن ساٿيءَ (محمد) کي ڪو جنون ته آهي ڪين، اهو ته بس ظاهر بظاهر (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهي. |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڇا انهن ماڻهن آسمانن ۽ زمين جي حڪومت ۽ خدا جي پيدا ڪيل شيون ۾ غور نه ڪيو ۽ نه وري ان ڳالھ ڏي (ڌيان ڏنو) ته متان مٿن موت ويجهو آيو هجي. (پوءِ ايترو سمجهائڻ کان بعد به ڀلا) ڪهڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا. |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي پوءِ تنهن جو ڪو به رهبر نه آهي. پڻ انهن کي سندن سرڪشيءَ (۽ شرارت) ۾ ڇڏي ڏيندو ته (ڀلي) سرگردان رهن. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
(اي رسول!) تو کان ماڻهو قيامت جي باري ۾ پڇندا رهندا آهن ته ڪٿي سندن ڪڌي ڪنارو به آهي؟ تون (کين) چئو ان جو علم بس! فقط منهنجي پروردگار کي ئي آهي اهو ئي مقرر ڪيل وقت تي کيس ظاهر ڪندو. اهو وقت سمورن آسمانن ۽ زمين ۾ هڪ تمام سخت ڏکيو وقت هوندو. اها اوهان وٽ پوءِ اوچتو ئي اچي ويندي. توکان ماڻهو اهڙي طرح پڇن ٿا ڄڻ نه تون ان کان چڱي ريت واقف آهين. تون (کولي) چوين ته ان جو علم ته بس خدا کي ئي آهي پر ڪيترا ئي ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
اي رسول! کين چئو ته آءُ خود پنهنجو پاڻ تي اختيار ئي نٿو رکان. نه فائدي جو ۽ نه نقصان (پهچائڻ) جو، پر رڳو اهو جيڪي خدا گهري. پر جيڪڏهن، (سواءِ خدا جي ٻڌائڻ جي) غيب کي ڄاڻيندو هجان ها ته پڪ آءُ پنهنجو گهڻو ڪجھ فائدو ڪري ڇڏيان ها ۽ مون کي ڪڏهين به تڪليف نه پهچي ها. آءُ ته فقط ايمان وارن کي (عذاب کان) ڊيچارڻ وارو ۽ (بهشت برين جي) خوش خبري ڏيڻ وارو آهيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
هو، اهو خدا آهي جنهن اوهان کي هڪ شخص (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ سندس (باقي بچيل مٽيءَ) مان هن جو، جوڙ به بڻايو ته جيئن هن سان رهي ڪري. پوءِ جڏهن انسان پنهنجيءَ زال سان همبستري ڪري ٿو ته زال هڪ هلڪي حمل سان حامله ٿئي ٿي. پوءِ ان کي پاڻ سان کنيو گهمندي ڦرندي وتي ٿي پوءِ جڏهن اهو (بار زياده ڏينهن هئڻ ڪري) ڳرو ٿئي ٿو ته (زال مڙس) پنهنجي پالڻهار خدا کان دعا گهرڻ لڳا ته جيڪڏهن تو اسان کي نيڪ فرزند عطا فرمائين ته اسين ضرور تنهنجا شڪر گذار ٿينداسين. |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جڏهن خدا کين صالح (فرزند) عطا فرمايو ته جيڪا (اولاد) خدا کين عطا فرمائي هئي ته لڳا ان ۾ خدا جو شريڪ بنائڻ ته (خدا جو) شان، شرڪ کان گهڻو مٿانهون آهي. |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
جو اهي ماڻهو خدا جو شريڪ اهڙن کي بنائين ٿا جيڪي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن. جو خود (خدا جا) پيدا ڪيل آهن. |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
۽ نه اهي سندن مدد جي طاقت رکن ٿا ۽ نه وري پنهنجي ئي مدد ڪري سگهن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
۽ جيڪڏهن تون هدايت ڏي کين سڏيندين به، تڏهين به تنهنجي پيروي نه ڪندا. اوهان لاءِ ساڳئي ڳالھ آهي، چاهي کين سڏيو يا خاموش ويٺا رهو. |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
بيشڪ اهي ماڻهو جن جي اوهان خدا کي ڇڏي عبادت ڪريو ٿا (اهي به ته آخر) اوهان وانگر (خدا جا خلقيل) بندا آهن، ڀلاکين سڏي ته ڏسو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهي اوهان جي ڪجھ ٻڌن (ته سهي) |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا انهن جا اهڙا پير به آهن جن سان گهمي ڦري سگهن يا سندن هٿ به آهن جن سان (ڪا شيءَ) پڪڙي سگهن يا (وري) اهڙيون اکيون به اٿن جن سان ڏسي سگهن يا انهن جا اهڙا ڪن به آهن جن سان ٻڌي سگهندا هجن (اي رسول! کين) چئو ته اوهين پنهنجن بنايل شريڪن کي سڏيو پوءِ سڀئي گڏجي مون تي داو هلايو وري مون کي (ذرو به) مهلت نه ڏيو، (پوءِ ڏسان ته منهنجو ڇا ٿا ڪري سگهو) |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
بيشڪ منهنجو مالڪ ۽ مختيار ته فقط خدا آهي جنهن ڪتاب (قرآن) کي نازل فرمايو آهي ۽ اهو ئي (پنهنجن) نيڪ بندن جو حامي آهي. |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
۽ اهي (بت) جن کي اوهين خدا کانسواءِ پنهنجي مدد لاءِ سڏيو ٿا نه ته اهي اوهان جي مدد جي قدرت رکن ٿا ۽ نه وري پنهنجي پاڻ ئي مدد ڪري سگهن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
پر جيڪڏهن تون کين هدايت ڏي سڏيندين به ته اهي ٻڌاندا ئي ڪين ۽ تون سمجهندين ته اهي تو کي (اکيون پٽي) ڏسي رهيا آهن حالانڪه اهي ڏسن ڪين ٿا. |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
(اي رسول!) تون درگذر ڪرڻ کي اختيار ڪر ۽ نيڪ ڪمن جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ ڪري ڇڏ. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
۽ جيڪڏهن شيطان جي طرف کان تنهنجي (امت جي) دلين ۾ ڪنهن طرح جو دغدغو پيدا ٿئي ته تون خدا کان پناھ گهر (ڇو ته) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اهو وڏو ٻڌڻ وارو واقفڪار آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن تن کي جڏهن به کڻي شيطان جي خيال ڇهبو ته هوشيار ٿا ٿين پوءِ يڪدم سندن اکيون کلي ٿيون پون. |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
انهن ڪافرن جا ڀائي بند شيطان کين (پڪڙي سوگهو ڪري) گمراهي ۾ گهلن ٿا پوءِ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي (به) ڪين ٿا ڪن. |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
۽ جيڪڏهن تون انهن وٽ ڪو (خاص) معجزو نٿو آڻين ته چون ٿا، تو ان کي ڇو ڪين بڻايو. (اي رسول!) چئو ته آءُ ته فقط ان وحي جو پابند آهيان جيڪو منهنجي پروردگار جي طرفان مون تي نازل ٿئي ٿي. هيءُ (قرآن) اوهان جي پالڻهار جي طرف کان (سچائي جو دليل آهي) ۽ ايماندارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
(انسانو!) جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته ڪن لائي ٻڌو ۽ چپ چاپ رهو ته جيئن (ان بهاني) اوهان تي رحم ڪيو وڃي. |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
۽ پنهنجي پالڻهار کي پنهنجي دل ئي (دل) ۾ زاري ڪندي ۽ ڊڄي (ڊڄي) ۽ تمام ڏاڍيان نه (پر هيٺاهين) آواز سان صبح ۽ شام ياد ڪندا ڪريو پڻ (سندس ياد کان) بلڪل غافل نه ٿي وڃو. |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
بيشڪ جيڪي (فرشتا وغيره) اوهان جي پالڻهار وٽ مقرب آهن ۽ اهي سندس عبادت کان وڏائي نٿا ڪن ۽ سندس تسبيح ڪندا آهن ۽ انهيءَ جو سجدو ڪندا آهن. |