المص (آيت : 1) |
الٓـمّٓـصٓ جِي، |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
پرور کي، پَروڙ، توڏي لاٿو ويو ليک ڪو، پوءِ هُجي، ڪانه حُضور!، تُنهنجي سِيني ۾، سوڙه ڪا، تنهن کان ذرو ضرور، تان ڊِڄار اُن سان، ڍوليا! باه ڀَران، ڀَرپُور، ۽ مومنن لئي مُور، موچارو مَذڪور، سو. |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
جو اُتريان آگي ڪنان، لڳو لَڙه تِنهين، ۽ تِنهن ري، ٻِين ٻيليَنِ مان، نه لڳو ڪَڍ ڪنهين، اوهان، مَنجھان تِنهين، پُورو پُنو پِرائيو. |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
۽ ڪياسون ننگر ناس ڪَئين، پوِ اسان جو عذاب، رات سِين، مَنجھ خواب، يا مانجھاندي ۾ مارڪو. |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
پوءِ وائـِي نه هُينِ تِنهن وار، جڏهن آينِ وار اسان جو، مگر چيائون مُنهن سان، ته هُئاسون هاڃيڪار، |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ پُڇنداسون اُنهن کان، آيا پيغمبر جن پار، پڻ کولي خَبر چار، پُڇنداسون پيغمبرن کان. |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ مَٿنِ صحِي سُڌسان قِصو ڪنداسين، ۽ اُنهن کان اَسين، دُور نه آهيون، دم گھڙِي. |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
۽ اُنهي ڏينهن تور، واجبِي وَهنوار سان، پوءِ آجا اُهي اَتور، جن جو، ڳرو بار ٿيو. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ هَلڪو جن جو بار ٿيو، اُهي، سي آڄاڻ، جوکي ۾ سندنِ جانِيون، پاڻهين وِڌائون پاڻ، اَسان جي آيتن ساڻ، جيلانهن، جاڙون ڪن پيا. |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
۽ ڏِنوسون زور، زمين ۾، آن کي، ماڳ مَڪان، ۽ ڪيو سون اوهان جو اُن ۾، مُقرّر گُذران، اُنهيءَ جا اِحسان، ٿورا، ٿورا، ڳائيو. |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
۽ بَنايو سُونِيان بحال، پوءِ سِينگاريون سُونِينان صُورتون، موٽِي مَلائڪن کي، چيو سون اِهڙِي چال، ته نَمو آدم اڳيان، پوءِ نَميا نيڪ نِهال، مگر نَمندڙنِ نال، شيطان شامل ڪِين هو. |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
چي، توکي جُھڪڻ کان، ڪِنهن جَھليو، جڏهن ڪيئـِي، مُون فرمان، چي، آئون آهيان اُن ڪنان، ڀَلو بي گمان، هُن کي مِٽِيان، مِهربان!، مُون کي جوڙئـِي جوت مان. |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
چي، لَھُ هِن مان؛ تون نه لَهين، ته مَنجھسِ پَڏائين پاڻ، پوءِ نِڪر هِن مان هاڻ، تون نِدورا! ننڍڙن مان. |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
چي، مُهلت ڏِنيمِ مُورهين، تِنهين ڏِينهن تائين تمام، تان اُٿاريا اِهي وڃن، موٽي، مان مقام، |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
چي، مدت، سا مُدام، تون مُهلتينِ مان مُورهين. |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
چي، مُون کي مُنجھائـِي، جنهن سان، اُن جو قسم ڪلتار، ته وِهندس، تُنهنجِي واٽ سَنئين، جَھلي آئون جبار! |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
پوءِ، ايندوسينِ اڳيان ۽ پُٺيان، پڻ سَڄي، کَٻي پار، پوءِ گھڻا شُڪر گذار، آگا! نه ڏِسندِين اُنهن ۾. |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
چي، نِڪري هِن مان، نِڪما!، خراب ۽ خوار، جو هِنن مان، هَلندو تو پُٺيان، ته ڪندسِ برقرار، ٽانڊي کي ٽِمٽار، اَهنجي سَڄي ساٿ کي. |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
۽ اي آدم! ڪر آرام، پُڻ بِيبِي تُنهنجي، باغ ۾، پوءِ واپرايو وَڻِي تِتان، تَازِي توڻ طَعام، ۽ ويجھاهِن وڻ هيڪڙي، نه وَڃو مُور مُدام، هُوندا، پوءِ هَمام!، بلڪل بيدادن مان. |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ اَچي اِبليس اُنهن کي، وِڌو ڪو وسواس، تان لاهينِ، سو لِباس، جو اوِڍيؤن، سندنِ اُ گھاڙ تان. چي ربَّ نه روڪِيان، هن وڻ کان، مگر اِنهيء ڪاڻ، ته نه هُجو مَلڪ پاڻ، يا هميشه هوندنِ مان. |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ پوءِ کَيائين سُنهُن، ته آئون اوهان جي، خير خواهن مان خاص، |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
پوءِ وِرسايائينِ سين وسواس، جڏهن واپرايؤَن وَڻ منجھان. ته کُليون اگھاڙون اُنهن جُون، لَهِي ويو لِباس، ۽ اوڍينِ پئا اُداس، پَنان باغ بهشت جا. ۽ ڪَيَنِ سَڏسُبحان، ڇاهِن وَڻ کان مون نه روڪيان؟ پڻ چيو مهان، ته شقِي شيطان، عَدو اوهان جو وپَڌرو. |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
چي، سانيمِ!، پاڻهِين پاڻ سين، ڪيوسون ڪَلور، ۽ تون نه مَرهِيندِين جيڪڏهن، ۽ مِهر نه ڪندين، ڪامُور، ته ضرر مَنجھ ضرور، هونداسون، اَڻ هوندن مان. |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
چي، هيٺ لَهو هاڻ، ڪي ويرِي هوندا، ڪِن جا. ۽ ڀُون ۾، اوهان لئي ڀاڻ، پڻ وَٽابو، ڪنهن وقت سين. |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
چي، اِن مَنجھان جِياربا، پن اُن منجهان مارِبا، ۽ ورِي اُٿاربا، آخر ڏينهن، اُن منجھان. |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم ذات!، وٖيس اُتاريو سون اوهان مٿي، جِنهن سان جِسم، ڍڪيو، ٻئو عمدو عِيد برات. پِهرڻ پَٽ پرهيز جو، سُهڻِي، سا سوغات، آهي اِها اَلله جِي، ڏاتِيَن مَنجھان، ڏات، تان ڀورا! مَن ڪابات، سمجِھي سَنڀالِينِ پاڻ کي. |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
ابليس اوهان کي، آدميو! نه ڏي لَر لَغار، بابا اَهنجا، بهشت مان، جِيئن ڪيائين ٻَهار، لاهِينِ لَٽا، تان ڪري، سندنِ اُ گھاڙون اِظهار، ڏِسي اوهان کي، جِتان ڪِٿان، اُو ۽ اُن جا ڀار، مورک! نه ڏِسو مورهين، اوهين اِهو اسرار شيطان ڪياسون اُنهن جا، ٻِيلي ٻانهن ٻِيهار، اُهي، جي اِعتبار، آڻينِ ڪينَ اَلله تي. |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ اهي، جن اِختيار ڪئي، جڏهن جوٺِي پَر، چي پُريون، پِيء پَنهنجا، اَسان ڏِٺا اِن سر، ۽ اسان کي اَمر، خُود خدا ڪيو اُن جو. چئو، الله اَڀرِي ڳالھ جو، اَمر نه ڪري ڪو، ڇا؟ سائين مٿي سو، ٻَڌو، جو ٻُجھو ڪِين ٿا؟ |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
چئو سائـِين سندمِ، ستار، اَمر ڪري انصاف جو، ۽ هر مِهت وَٽ، مُنهن پنهنجا، جَھليو پوري پار، ۽ ٻاڏايوس ٻِيهار، رڳو ڏيندڙ، ڏان اُن کي. جِيئن جوڙيان اڳ جبار، تِـئين موٽائيندان مُورهين، |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
پوءِ سُهائـِين ڪِنهن ساٿ کي، ۽ ٻِي ٻارِي کي ٻِيهار، مُونجھارو مارڳ کان، ثابت ٿِيو سَهوار، ساٿِي شيطانن کي، وَرتـئون ڌڻِيءَ ڌار، ۽ ڀائينِ پِيا بَدڪار، ته آهن، پوري پير تي. |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
هر مَسجد وٽ، ماڻهئا!، پايو سَندان سِنيگار، ۽ کائو، پِيو خوب طرح ۽ وِڃائيو نه وار، پرور ڏي، نَه پِيار، واڌُو وِڃائـِيندڙن کي. |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
چئو، مَنع ڪِنهن ڪيئـِي مورهين، جو سائين ڪَڍيو سينگار، سندسِ سپاهينِ لئي، پڻ کاڌا خوش گُوار؟، چئو، اِنهن لئي آهن، خاص اِهي، مَهندان محشر وار، جڏي هِن جھان ۾، جن آندو اِعتبار، اِنپر کوليون پار، جي سَمجھن، تنهن ساٿ لئي. |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
چئو، مُنهنجي مالڪ مُور، بي حَيايون بندڪيون، جيڪي ظاهر اُن مَنجھان، يا مَنجھو مَنجھ مجبور، ۽ گُناھ ۽ گُھر بي واجبي، يا گڏيون ساڻ غفور، اُن کي، ته اُتارئـِين ڪانه ڪا، اُن لئي نِشاني نُور، يا جِنهن جي پَونِيان، نه پرور، سو مَڙهيو مالِڪ پاڪ تي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
۽ مُقرّر هر ڪِنهن ميڙ لَئي، اَجل آخرڪار، پوءِ جڏهن اَجل اُنهن جو، ڪَڙ ڪيو سِر ڪَپار، پوءِ ويهَنِ هِت نه وار، ۽ نه گُــزرن، گَھڙِي اڳ ۾. |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
اِيندا اوهان مان آدميو!، مُرسل مَڻياندار، پڙهن اوهان تي، مُنهنجون نِشانِيون نِروار، پوءِ جنهن پرهيز ڪئـِي، ۽ ڪيائين چڱِي ڪار، تن تي نه ڀَو، ڀُلڪار، ۽ نه ڳڻتِي کِيَنِ، ڪنهن ڳالھ جِي. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ اُهي، جن ڪُوڙا ڪوٺيا، اسان جا اُهڃاڻ، ۽ مُرڳو اُن جي مڃڻ کان، لڳا پَڏائڻ پاڻ، اُهي ڄاڃِي ڄيري ڄاڻ، ۽ هُوْنِ هميشه اُن ۾. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
آهي ڪير اُن کان، ظالم زور زبر؟ جَنهن جُڙتو ڳالهيون جوڙيون، مٿي ربَّ رهبر، يا ڪوڙيو ڪُوٺيون اُن جون، نِشانيون نابر، مِلندو مُعتبر، لاڳ اُنهن کي، ليک مان. تان جڏهن اسان جا آيا، ڪٖيڻَنِ ڪوٺارِي، ته ڪڍنِ پَساھ پَڇاڙِيء جو، پُڇندنِ سُڌ سارِي، ڪِٿي، جن کي ڪوٺيان، بِنا ربَّ بارِي؟، چي، هي هي! هُو اسان کان، وِيا هِن وارِي، ۽ پاڻهين شاهدِ پاڻ تي، بَنيا بَدڪارِي، ۽ ٿِيا اُن دم اِقرارِي، ته مُنڪر هُئا مُورهين. |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
چي، گِھڙو گِرو هن ۾، جي مهندان گذريان، مُور باھِ اَندر ڀرپور، جنن ۽ ماڻهن مَنجھان. جڏهن، جڏهن جماعت نئين، آئـِي اَندر آڳ، ته جِھڙس اڳئين اُمت کي، ڏِنائون لَعنت لاڳ، تان مِڙئـِي مَنجھ اِن ماڳ، وڃِي هيڪاندا، هُت ٿِيا. پويَنِ چيو، پهريَنِ لئي، ته سانيمِ! رب ستّار، اسان کي، هِن اڳينَ، نِيو نَرگھٽ نِگو نسار، پوءِ اِنهن تي عذاب، آگ مان، ٻِيڻون ڪر ٻِيهار، چي، ٻِيڻو ٻنهِين هارِ، پر پَروڙيو ڪين ٿا. |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
۽ پهرِين اُمت، پويَنِ کي، چيو اِهڙِي چال، پوءِ اَسان تي، اوهان جو، بِلڪل نه رهيو ڀال، جو ڪندا هئا ڪالھ، پوءِ چَکو عذاب اُن جو. |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
جن اسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪُوڙ فتور، ۽ ڪرڻ لڳا اُن کان، وَڏائو وَهلُور، اَصل دروازا اُڀ جا، نه مَٿنِ کُلندا مُور، ۽ نه داخل ٿِيندا دائما، جَنت مَنجھ ضرور، تان سُئي جي پاکي مان، نه لَنگھي مَهِري مُور، اِنپر ڏِيون ڀَرپُور، بَدلا بَدڪارن کي. |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
باھ اُنهن لئي بِسترو، پڻ اوڍاڻِي اُنهن سِر، ۽ پورهيو اِهڙي پَر، ڏِيون ظالم ذات کي. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
اُهي، جن مَڃيو ۽ چڱِي رکيائون چال؛ ڪم نه رکون ڪنهن تي، مگر مُوجب اُن جي حال، اُهي بِهشتِي بَحال، سَدا ساڪِن اُن ۾. |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
۽ ساڙ سندنِ سِينن مان، ڪياسون ڪِڍي ٻهار، تن هيٺان هَلن ناليون، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، ته آهن، الله پاڪ جا، هر دم حمد هزار، ته سُهايوسون ساڻيہ هِي، ۽ نه سُهائي ها ستار، ته ڪڏهن نه ڏِسون، ڏيہ اِهو؛ ۽ آيا اسان پار، سَندئون سائين جا، سَچ تي، مُرسل مَڻياندار، ۽ اُتي ٿِئي اُنهن کي پَڌرِي ڪا پُڪار، هِي باغ بهشت، اَوهان جي، ٿِيو حوالي هموار، جي ڪندا هُئا، ڪم ڪار، اُن عملن جي، آڌار تي. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ بِهشتِين، دوزِخين کي، پَڌرِي ڪِئي پُڪار، ته پرور اسان سين پاريا، جي ڪيا قول قرار، پوءِ آگي آن کي آکيا، سو ڪو حاصل ڪيان هيڪار؟ چي آنه، اسان کي مِليو، پورهيو پُورا پار؛ پَڙهي ڏِيندڙ پڙهو ڏِنو، چيائين تِنهن وار، ته ڌڻيءَ جِي ڌِڪار، آهي آزارِيندڙن تي. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
جي روڪين ربَّ جي راه کان، ۽ گُھرنِس ڏِنگِي ڏُور، ۽ اُهي مُنڪر مُور، آهن آخرت جا. |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
۽ قابو ڏِنو ڪوٽ وِيو، تنين وِچان تڪرار، ۽ ڪي همراه هوندا ڀِت مٿي، بِيٺل برقرار، نِرارن تي نِروار، پِيا سُڃاڻندا سڀن کي. چوندا بِهشتين کي ته اوهان تي سلام، نه هوندا مَنجسِ هَمام ۽ اُهي رکن اِهوئي آسرو. |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ اُٿلِيون اکيون اُنهن جون، جڏهين جھنين پار، چي، قادر!، اسان مَ ڪارِ، ڀيڙو بيدادن سان. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
۽ ڀِت وارا ڪِن ڀاتِين کي، پُڇڻ لڳاپاڻ، مُنهن مُهانڊن تي، جن کي، سُڃاڻن سُڄاڻ، ته وَٿ ۽ وَڏائو، جو ڪيان، تِنهن ڪُجھ نه لاٿِيان ڪاڻ، |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ڇاهِي؟، سي باغ بهشت ۾، ٿٖي قسم کيان، جن ڪاڻ، ته ڪَرم نه ڪندو، تن ساڻ، الله جل جلالہٗ؟ گِھڙو باغ بهشت ۾، جو سدا باغ بهار، آن تي به ڀَو ڀُلڪار، ۽ نه ڳڻِتي کِيندا، ڪنهن ڳالھ جِي. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ نارين، نُورين کي چيو، ته ڀري ٻُڪ ٻِيهار، آب اسان ڏي اُڇليو، يا ڦِينڪيو اُن مان ڦار، جيڪو رزق ربّ ڏِنان؛ ته وراڻيون تِنهن وار، ته ڪافرن تي ڪَلتار، هِي هميشه حرام ڪيا. |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن ڌرم پَنهنجو ڌاريو، رانديون. راڳ، ستار، ۽ دُنيا کِين ڌُتاريو، هِن نِپٽ نَنڍِي ڄمار، پوءِ اَڄ وساريونِ، جِيئن وِساريون، مُقرّر ملڻ، هِن وار، پُن جو ڪندا هئا اِنڪار، اسان جي، اُهڃاڻن کان. |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
۽ ڏِنوسُونِ ڪتاب، کوليوسون اُن کي، عِلم سان، ۽ سُونهپ، ٻاجھ صواب، جي مَڃين، تِنهن ميڙلئي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
نه ڪڍنِ اِنتظار، مگر اُن موقع سَندو، مُقرّر موقعو اُن جو، جڏهن ڪَڙڪيو سِرڪَپار؛ جن اڳ وساريو، تِنهن وار کي، سي ٻوليندا ٻِيهار، ته سائين اسان جي جا، سچ تي آيا مُرسل مڻياندار، ته ڪٿِي وسِيلا، واهرُو، آهن اسان هار؟ ته ڪن اسان جِي ڪارڻي، هِن اُهکي ويل وَهَار، يا مِلنيون موڪل پوئتي، ته ڪريون ڪم اُن ڌار، جيڪي اڳ جھان ۾، هُئاسون ڪندا ڪم ڪار؛ پالهو ڪيائون پاڻ کي، هرگز کاڌئون هار، ۽ وِيا کائنِ وَهار، جاٺلهِي ٺڳِي ٿي ٺاهيؤن. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
آهي، پڪ اوهانجو پرور پالڻهار، اُڀ، ڀُون ڇهن ڏينهن ۾، جوڙيا جنهن جبار، پوءِ چَڙهيو عرش عظيم تي، چونڪِي ٿيو چوڌار، رات ڍَڪائي ڏينهن کي، طلبيسِ تابعدار، ۽ سِج، چنڊ سندس اُمر ۾، پُڻ تارا تابعدار، جوڙڻ، اَمر اُن جا، پوءِ صاحب ربَّ ستار، ڀَلو ٿِيو بِسيار، پالڻهار پِر ٿڻِين. |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
سڏيو پنهنجي سائينءَ کي، زاري ساڻ ضرور، پڻ مخفي طرح مُور، هُو گُھري نه، گوڙ ڪندڙِين. |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ بِگيڙ نه وجھو ڀُون ۾، سندسِ سُڌاري بعد، ۽ خوف ۽ اُميد ۾، گُھروسِ، مَن مُراد، الله جِي اِمداد، آهي نِيڙي؛ نيڪ بندن کي. |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ اُهو جو، واسِي واء موڪلي، واڌايون وَلهار، مَهند سندسِ مِهر کان، منڊل مينگھ مَلهار، تان جڏهن ڀَرجِي بار ٿيا، ڪڪر ڪارُونڀار، پوءِ صَفا سُڪل شهر تي، ناياسون تِنهن نار، پوءِ آب اُتاريوسون، اُن مان، پوءِ اِنهينءَ جي آڌار، ڪڍياسون هر قِسم جا، ميوا مَڃر ڏار، مُئا ڪڍندا سون مِٽيءَ مان، اِن اوڀرن آچار، اِن نشانِيان نِروار، پُرجھي مانَ، پرايو! |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ سُٺو شهر گل ڪڍي، سندس حُڪم سان هيڪار، ڪِنون ڪڍي ڪِينِ مگر لُـئانڊا لاچار، اِنپر کُوليون خُوب طرح، نِشانيون نِروار، جي ڳائـِنِ ڳُڻ نِبار، ڪارڻ تِنهن قوم جي. |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
موڪليو سون نوح نبِي، سندسِ پاڙِيچِين پار، چي سَڳا! سائين پُوڄيو، اَهنجو ڌِڻي، نه اِنهيان ڌار،مونکي وڏو وِيچار، آن تي، ڏينهن وڏي جي، ڏُک جو. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
ڪچهرِي سندسِ قوم مان، ڪَهيو برقرار، توکي ڏِسون تڪرار، بِلڪل پَڌريءَ ڀُل ۾. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
چي، بِلڪل ڀُل نه مون کي، آئون قاصِد برقرار، طرفان تِنهن تڪرار، جو پالڻهار پر ٿڻين. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
پَنهنجي پرور پاڪ جا پُهچايانِيان پيغام، ۽ آئون اوهان جو ٿو گُھران، مِڙئـِي خير مُدام، ۽ آگي کان، عَلام، ڄاڻان، جو ڄاڻو ڪِين ٿا. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا؟ عجب لَڳان، ته آئيان، پَنهنجي سائين کان سَنڀار، اوهان مَنجھان ڪنهن مرد تي، ته ڏِينِيان خبر چار، ۽ بَنو نيڪ نِبار، تان مَرهياوَڃو مِهرسان. |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پوءِ ڪُوڙو ڪوٺِيو، اُن کي، قوم ڪُفار، پوءِ آجو ڪيوسون اُن کي، ۽ جن آندو اِعتبار، ٻِيلِي، تِنهن ٻيڙي ۾؛ ۽ ٻِيا ٻوڙياسون مَنجھ ٻار، جن ڪُوڙيون اَسان جون ڪوٺيون، نِشانيون نِروار، اُها قوم ڪُفار، نِپٽ ڪا نابِين هُئي. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ عادِل هُود، عاد ڏي، سندنِ ڀاءُ ڀَلير، چي، عزيزو! اَلله کي پوڄيو، وير سوير، جِنهن ڌاران، ڌڻِي اوهان جو، ڪونهي ٻيو ڪير، پوءِ ڪِهڙو اَٿان اَنڌير، ته ڪِرِي ڪريو ڪا نه ڪا، |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
ڪَهيو سندسِ، قوم مان، جنهن عملي ڪيو اِنڪار، بِلڪل ڀورائي ۾، توکي، ڏِسون تڪرار، ۽ ڀانيون برقرا، توکي، ڪُوڙن جي قطار مان. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
چي، ڀورائي، ڀائرو! اَصل نه مون اَندر، پر آئون پيغمبر پرور، جو پالڻهار، پرٿڻِين |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
رَسايانِيان رِسالتون، پَنهنجي پالڻهار، ۽ آهيان اوهان هارِ، آئون اَمِين ۽ گَھڻگُھرو. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا؟ عجب لڳان، ته آئـِيان، پنهنجي سائين کان سَنڀار، اوهان مَنجھان ڪِنهن مرد تي، ته ڏِينيان خبر چار، ۽ ساريو ته سرزمين جو، وارث ڪيائـِينِيان جنهن وار، پُڄاڻا پَهر نوح جي، ۽ ساريو، ته ربَّ، ستار، ڏِنيان وَاڌَ وُجود ۾، پڻ قُوَّت برقرار، پوءِ ڏاتِيون سڀ ڏاتار، ساريو، ته سَولا رهو. |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
چي، ڇا؟ آئـِين اِنهيء ڪاڻ، ته پُوڄيون پرور هيڪڙو، ۽ جي پُوڄِيندا هُئاپِيء اسان جا، سي هَمه ڇڏيون هاڻ، پوءِ جِنهن جو ٻول ٻُڌائـِيـين، سو جلدي اسان تي آڻ، جي تون پيغمبر پاڻ، صفا سَچن مان آهِيـين. |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
چي، آگي کان ڏُرت اوهان تي، پڻ ڪِريو قهر قهار،ڇا؟ مون سان خالِي نالن ۾، ڪريو طبل تڪرار، جي پاڻ ۽ پِين اوهان جي، بنايا بيڪار، الله نه اُتارِي، جن لئي، حجت ڪا هيڪار، پوءِ ڪَڍو اِنتظار اوهين؛ آئون پڻ آخرڪار، ڪڍندڙ اِنتظار، اوهان ڀيڙو آهيان. |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
پوءِ ڪيوسون پَنهنجي ڪَرم سان، آزاد کان آزار، اُن کي، ۽ گڏ اُنهيءَ سان، جن آندو اِعتبار، پَنهنجي پاران مِهرسان، ٻَهون ٻاجھ ٻِيهار، ۽ پُٺ پُئا ڏَڪپِي سون، اُنهن جِي آخرڪار، جن ڪوڙيون اسان جون، ڪوٺيون نِشانيون نِروار، پڻ هُئا، نه هاڃيڪار، مڃڻ وارا مُورهين. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ صالح قوم ثمود ڏي، سندنِ ڀاء ڀَلير، چي، عزيزو! الله کي، پُوڄِيو وير سوير، تِنهن ڌاران، ڌڻي اوهان جو، ڪونهي ٻِيو ڪير، پَنهنجي مالڪ کان، مٿير!، صَحِي آيان ساک ڪا. هِيءَ اُٺِ الله جِي، اوهان لئي، نشاني نِروار، پوءِ، ڇَڏي ڏِيو، ڇُلنگار!، تِنهن، ته وڙڪي مَنجھ وَلهار، ۽ هٿ نه لايو اُن کي، اَصل سَندو آزار، پوءِ، وَٺنِيان تِنهن وار، سُورن ڀَريو ساڙڪو. |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
۽ ساريو، ته آن کي، عاد پُٺيان، ڪَيو جاءِ نَشِين جَبار، ڀُون ۾، ڏِنِيان ڀيڻيون، طاقت، تَڪ تڪرار، ماڙِيون، مَحل بنايو، نرم مان نِبار، ۽ گَھڙي پِيا گَھر جوڙيو، جَبلن مان جونجھار!، ساريو سُک اَلله جا، نِعمتون نِروار، پوءِ وَلَاريو، نه وَلهار، ڌَر ۾ ڌَرتِي ڌوٻ ٿِي. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
ڪَهيو سندسِ قوم مان، جي وَڏا ٿِيا وِينجھار، هِيڻن کي، حشمت سان، جن آندو اِعتبار، ڇا صالح کي، سُونهون سَمجھيو، سائينسِ کان ستار؟ چي، جِنهن سان، مُڪو وِيو مَهندار، اَسين مَڃِيندڙ اُن کي. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
تڏهن واتان، تَن وراڻيو، جي وڏا ٿيا وِينجھار، جِنهن تي، اَهنجو اِعتبار، اَسين اِنڪاري، اُن ڪنان. |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ گڏُيٖ اُٺ گوڏن کان، وِڌائون تنِهن وار، ۽ آگٖين جي اَمر کان، نِڪرِي ويا نيڪار، ۽ چي، صالح! سِگھو آڻ تون، اسان تي آزار، جو ٻولائـِين ٻِيهار، جي تون، مرسلن مان، مُورهين. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
پوءِ ڏَڪڻِي ڏاڌا پَڪڙيا، ٿِيا اُڀري سان اَبتر، پوءِ مَٿان مُونِن ڀَر، جھوڙِي سندنِ جاين ۾ |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
پوءِ مُنهن موڙِئين اُنهن کان، چي، سندمِ سَڳا سڳر!، رسانِيان رِسالتون، مون، پَنهنجي ربَّ، پرور، ۽ بِلڪل ڀَلو اَهنجو، گُھرينمِ سربسر، پر اَوهِين ڪِنهن پر، نه گُھر وگَھڻ گُھرن کي. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ جڏهن لُوط لال، ڪَهيو پَنهنجِي قوم کي، ڇا؟ اوهين اُوڇو ڪم ڪريو، جو جھانن مان جال، ماڻهون ڪِنهن مجال، اوهان کان اڳ، ۾، نه ڪيو. |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
نارينِ ري، نَرن تي، اچو شهوت ساڻ، آهيو اوهين اَڄاڻ، وَڳرئـِي واهيات ڪو. |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
پوءِ، سامُهون سندسِ ساٿ جو، هن ري، نه هو جواب، ته تڙي ڪَڍو تن کي، پَنهنجي شهر مان شِتاب، هِي اِهڙا نيڪ نواب، ته پاڪ سَڏائينِ پاڻ کي. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
پوءِ آجو ڪيوسون اُن کي، پڻ سندسِ آل عيال، سوا سندس زال، جا پُوارن مان، پاڻ هُئـِي. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ ڪيوسون مَٿنِ ڪَڪرِين جو، واري وَسڪارو، پوءِ، پويون پَسارو، ڏِس ڪِيئن ڏُهارين جو!! |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ شُعيب شهر مَدين ڏي، سَندنِ ڀاءُ ڀَلير، چي، عزيزو! الله کي، پُوڄِيو وٖير سوير، تِنهن ڌاران، ڌڻِي اوهان جو، ڪونهي، ٻِيو ڪير، اَهنجي مالڪ کان، مَٿير!، صَحِي آيان، ساک ڪا. پوءِ پُورو مَيو ماڻ، پڻ پورا جَھليو پُڙ ساهمِين، ۽ ماڻهن سَندٖي مال ۾، ڪَس نه ڏِيو ڪِنهن ڪاڻ، ۽ ڀُون نه بِگيڙيو، اُن جٖي، پُورٖي سُک پُڃاڻ، اِي ڀَلو اوهان ڪاڻ، جي آهيو، مُؤمِن مُورهين. |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ نه هر دَڳ جَھليو، ته ڌَماڪايو ۽ روڪيو، ربّ جِي راه، اُنهِيء کي، ته الله ۾، آندو جِنهن ويساھ، ۽ ِڏنگِي وَرن، وَڪڙن تي، گُھرو، ساگمراه! ۽ ساريو، ته جڏهن ڳاڻ ڳڻيا، هُئا اَوهين همراه، پوءِ، واه!، جو وَڌائـِين اوهان کي؛ ۽ ڪَريو نظر نِگاه، ته ڪِيئن آخر، حال تَباھ، آهي، اُجاڙِيندڙن جو. |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
پوءِ، جي مَڃيو اوهان مان، ميڙ ڪِنهن، آندئين، جي اُهڃاڻ، ۽ ڪِنهن ميڙ نَه مڃيو، پوءِ سَهو، ڪَڍو، ڪو ڏينهن ڪاڻ، تان پاڻهين پنهنجو فيصلو، ڪري پرور پاڻ، ۽ سوئـِي سَرس سُڄاڻ، نِياءُ نِبريندڙن ۾. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
ڪَهيو سندسِ قوم مان، جن ڪيو تڪبر تڪرار، اي شعيب! پَنهنجي شهر مان، ڪنداسُون ٻَهار، توکي ۽ ڀيڙو توسان، جن آندو اِعتبار، يا موٽِي مَذهب اَسان جو، ڪريو اِختيار، چي، توڻي هُجون تَڪرار، مَٺِين ڀائـِيندڙ مورهين. |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
پَڪ، پرور پاڪ تي، ڪياسون ڪُوڙ فَتُور، جي اسين، اوهان جي دين ۾، موٽياسون مَجبور، جنهن بعد، ڇَڏياسون اُن ڪنان، غالب، ربَّ، غفور، ڪهڙٖي ڪارڻ اُن ۾، موٽون اي مغرور، مگر گُھري جيڪڏهن، مالڪ اَسان جو، مُور، ۽ پَرور ساڻ، پَروڙ، سَمجُھو، سَڀ ڪنهن ڳالھ کي. سَڀئـِي ڪم ڪريم کي، سوپياسُون سَوير، آگا!اسان ۽ قوم وِچ، نِياءُ سَچو نِبير، بي شڪ تون ڀَلير، نِياءَ نبيريندڙن ۾. |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
ڪَهيو سندسِ قوم مان، اُهي جن ڪيو اِنڪار، ته ٿيا شاھ شعيب جا، جي تهدِل تابِعدار، ته کُٽاٽُٽا خُوار، بلڪل ڀينگيا آهيو. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
پوءِ ڪَڙڪي قابو پَڪڙيا، مُؤمن ڀَر مَٿير، هُئا صبح سوير، جُھورِي سندنِ جاين ۾ |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
پوءِ حضرت شاھ شعيب کي، ڪُوڙو ڪوٺيو جن، تِن ماڙيُن ۾، تَن، ڪَر گَھڙِي خُوش نه گھاريو. جن ڪوڙو ڪوٺيو شعيب کي، ڇڏيو ڪِين ڪُسانگ، اُهي بُکيا ڏُکيا ڀَانگ، پوءِ مُنهن اُنهن کان، موڙِئين. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
چي، عزيز اوهان کي، پُهڇايمِ پيغام، ۽ سَمجھايمِ، سانيمِ جا، توهان کي تمام، پوءِ مُنڪرن تي مُدام، ڪِنهن پَر ڪريان، اَرمان ڪو!، |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
۽ نه مُڪوسون ڪِنهن شهر ۾، مُرسل ڪو مُور، وَرتوسون سندسِ واسين کي، مَنجھ سوڙه، سخِتي سُور، تان ضَرر مَنجھ ضرور، آزيون ڪن الله کي. |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
پوءِ ڏِناسون سُک، ڏُ کن بجاءِ، تان ٿِيا مَزي ۾ مُور، چي، پُهتاپِيَنِ اسان جي، اِن صُورت سَختيون، سُور، پوءِپِيَنِ ڪانه پَروڙ، تان وَرتون سون اُنهن کي، اوچتو. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
۽ هُوند ڳوٺاڻن حق مڃيو، ۽ تقوىٰ ڪيؤن تڪرار، ته اُڀ، ڀُون مان کوليوسون، اُنهن تي، برڪَتون بِسيار، پر ڪوٺيائون ڪُوڙ ڪري، پوءِ ورتوسونِ اُن وار، جي ڪيائون ڪم ڪار، بَدلي ۾، تن بَدين جي. |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ڇاڳوٺانن هِن ڳالھ کان، پاتي پَڪ پَناھ؟ ته عذاب اَسان جو اوچتو، رسينِ راتو واھ، ۽ هونِ جڏهن هَمراه، سُکِي سُتل سيجن تي. |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
ڇا ڳوٺاڻا ٿِيا، سُکِي مَنجھ شهر؟ ته مَنجھد مهل اسان جو، ڪڙڪي مَٿنِ قهر، هُو پاڻ جِنهن پَهر، رَهن رانديون پيا. |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ڇا؟ سُکِي ٿيا، ساڪِن شهرجا، سِٽاڪنان سُبحان؟ سِٽاڪنان سبحان جي، نه ڀانئـِن اَمن اَمان، نِسورو نُقصان، سمر کڻندڙ، ساٿ ري. |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
ڇا حاصل نه ٿِي اُن مان،هدايت تن هار؟ جي مَهندَينِ مالِڪن جا،والارين وَلهار، جي گُھرون، ته سندنِ گناهن کان، وِجھون مُصيبت مار، مُهر سندنِ مَنن تي، هِڻي ڇڏيو هيڪار، پوءِ ٻوڙا، سي ٻِيهار، ٻولِي ٻُڌن ڪانه ڪا. |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
اُهي ڳوٺ، ڳالهيون اُنهن جون توتي، ذِڪر ڪريون ضرور، ۽ آيا کڻِي اُنهن کي، مُرسل سندنِ مَذڪور، پوءِ مَڃِيندا نه هُئا، مَهند جِيئن، ڪوٺيون ڪُوڙ فتور، اِنپر مُهر هَنئـِي مُور، مالِڪ، مَٿي مَن مُنڪرين. |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
۽ نه ڏِٺاسون گھڻن جا، اُنهن مان، قول قرار، گھڻا گنهگار، اُٽلو ڏِٺاسون اُنهن ۾. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
موٽِي موسىٰ، تن پُٺيان موڪليون سون مور، فِرعون ۽ سندس فريق ڏي، مُعجزن سان مشهور، پوءِ هَلت هَليا اُن سان، بي واجبِي وَهلور، پوءِ، پَس پَڇاڙِي پُور، ڪِين آهي، اُجاڙيندڙن جو. |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ فرمائيون فِرعون کي، مُوسىٰ مِهربان، آئون ريـٻارو رحمان، جو پالڻهار پرٿيڻين. |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
آئون اُنهي جو حَقدار، ته حق ري، نه چوان حق پاڪ تي، آندمِ اَهنجي ربَّ ڪنان، نِشانِي نِروار، پوءِ مون ڀيڙو برقرار، ڇَڏ اِسرائيل جي اولاد کي. |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
چي، آندِئي، جي اُهڃاڻ ڪو، ته آڻ اُهو اُهڃاڻ، جي تون پيغمبر پاڻ، صَفا سَچن مان آهِيـين. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
پوءِ، اُڇلئـِين سندسِ عصا کي، ته اِجھو نانگ اَرڙ نِروار، |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
۽ ڪَڍيائين هٿ ٻَهار، ته ناظرن لئي، نُور سو. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
فِرعَون جي فريق مان، ڪِنهن ميڙ ڪيو مذڪور، ته هِي اَڪابِر آھِ ڪو، جادوگر ضرور، |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
ڏِينِيان ڏولائو ڏيھ مان، اِي مَقصد اِن جو مُور، اِن لئي اهل شُعور، ڪِهڙي صلاح سوچيو؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
چي، مُهلت ڏي تون مُور، اُن کي، به اُن جي ڀاء کي، ۽ ماڻهو مدائن شهر ڏي، هِڪدم ڪَڍ حُضور، |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
ته مانڊا ڪُل مَشهور، آڻي ڪَڍنِ، تو اڳيان، |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
۽ جادوگر فِرعون وٽ، اَچِي جمع ٿيا جام، چي، جي اَسين اکير ۾ آڪرا، ته ڪا اَسان لئي اِنعام، |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
چي، هائو، مُور مُدام، هوندا حُضورين مان. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
چي، مُوسىٰ مِيرا! اُڇل، يااسين اُڇليندڙ آهيون، |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
پاڻ پاٻوهيون انهن کي ته اڇليو اوهين اوّل، پوءِ، اُڇليون ته اکيون ماڻهئـِين ورتيون منڊ مَنڊل، ۽ ڊِيڄاريونِ ڊٻل، ۽ طِلسم ڪيون تمام وڏو. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
۽ ڪيون سون موسىٰ مِير کي، اُنهيء دم اِلهام، ته اُڇل عَصاتُنهن جِي، ته اِجھو وِسير ٿئي وَريام! ته ڳِهِي وَڃي تمام، جِھڙو به، جادو ڪن اُهي. |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
پوءِ سچ صفاثابت ٿِيو، ۽ جَھاڙون وِين جاڙ، |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
هارِيا هُتي هاڙ، ۽ وَريا وِلها، وِلهار تي. |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ سجدي ۾ سَٽيا وِيا، جادوگر جونجھار، |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
چي، مڃيونسون مالِڪ کي، جو ڏينهن جو ڏاتار، |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
مُوسٰى ۽ هارون جو. |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فِرعون چينِ ڦُوندجِي، ڇا آندان اِعتبار؟ اڳي، ته اجازت آئون ڏِيان، هي مڪر، سو مَڪار، جو سَٽيان سَندمِ شهر ۾، ته ڪريو مَنجهانِس ٻَهار، سندسِ راڄ ستار، پوءِ سَمجِھي ويندا سِگھڙي. |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
هَٿ ۽ پير، وَڍِيندس اَهنجا، اُبتڙ ڌارو ڌار، سورِيءَ تي سُوار، موٿِي، ڪندس مِڙن کي. |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
چي، اَسين اَوس موٽڻا، پَنهنجي پرور پار، |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
۽ اسان کان وير نه وارِيين، مگر مڃيو سون موچار، پَنهنجي پرور پاڪ جون ، نِشانيون نِروار، جڏهن اَسان وٽ آئيون؛ صَبر ربَّ، ستار! اَسان تي، اُتار، پُڻ مُسلمان ڪري مارِجان. |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
۽ ڪَهيو قوم فرعون مان، ٻاري ڪِنهن ٻِيهار، ڇا مُوسىٰ ۽ سندس ميڙ کي، ٿو ڇيڪ ڇڏيين ڇُلنگار، ته ڀُون ۾ وِجھن بِگيڙ ڪو ۽ تَرڪ ڪن تڪرار، تو ۽ تُنهنجي تِيرٿِين؛ ٻوليائين ٻِيهار، ته ڪُهنداسون ڪونڌر اُنهن جا، ۽ ڌِيون ڇڏينداسونِ ڌار، آهيو اَسين اِظهار، اُنهن مَٿان آڪرا. |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
موسٰى سندسِ ميڙ کي، وَراڻيو تِنهن وار، ته واهر واحد کان گُهرو ۽ سَهو برسِر بار، مِڙِئي مُلڪ الله جو، جِنهن کي، گھري غفّار، ته سندسِ سِپاهين مان، تِنهن کي، ڏي ڏاتار، ۽ آهي آخرڪار، نيڪِي نيڪ بندن لئي. |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
چي، آئين تون، اِنهيان اَ ڳي، اسان سَٺا آزار، پڻ آئين، ته وري اُن پُٺيان، بَرسِر بَلائون بار، چي، آگو پاڪ اوهان جو، ڪريو سَگٖهي ڪم ڪار، ته ماري مُوذي اَهنجو، ۽ ڏِينِيان وِي وَلهار، پوءِ پَرکِينيان پالڻهار، ته اوهين به، ڪِهڙا ڪم ڪريو. |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ فِرعون وارن کي، وَرهين ۾، پُورو پَڪڙيوسون پَڪ، پڻ داڻن ڪَڻن ۾ ڌَڪ، ته مانَ سُڃاساڱائـِين ڪي! |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پوءِ، جڏهن آيو اُنهن کي، سامهون سال سُڪار، چي، هِي سڀ سبب اسان جي؛ ۽ پُهتنِ ڏُرت ڏُڪار، ته مُوسىٰ جي، ۽ جن مڃيو، شامت ڪَيون شُـمار، ڏُرت، ڏولائو اُنهن جو، سَمجھ، ته وَٽ سَتّار، پر نَتِيجو نِروار، اَڪثر نه سمجھن، اُنهن مَنجھان. |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
۽ چي، آڙي آڻِيين ڪيترا، اسان وٽ اُهڃاڻ، تان اَسان کي، اُن سان، ڪو سِحر ڪرين سُڄاڻ!، تبه اَسين تُنهنجِي آڻ، مُور نه مَڃڻا آهيون. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
پوءِ، موڪليو سون تن مَٿي، گوڙ، وَڏو گَھمسان، مَڪڙ، جُون يُون، رَت ۽ ڏيڏريون، کُليل خُوب نِشان، پوءِ پِيا خُودِي ۾ خان، ۽ هُئـِي ڪانِهياري قوم ڪا. |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
پوءِ موڙو مُوڙهلن تي، ڪَڙڪِينِ سِرڪَپار، چي، مُوسٰى! پَنهنجي مالِڪ کي، ڪر آزي اَسان هارِ، جنهن موجب، مالِڪ توسان، ڪَيا قول قرار، جي لاٿِئي لوڙه اَسان تان، ته مڃينداسُونءِ مَهندار!، ۽ اِسرائـِيل جي اولاد کي، تو گَڏ، ڇَڏيون تڪرار، |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پوءِ جڏهن، ڪياسون ڪرم سان، انهن تان ڏُور ڏُوار، مُقرّر مُدّت سِين؛ هُو پُهچڻان جِنهن پار، ته ڀَڃن پِيا بَدڪار، اِجھو انَجامن کي. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
پوءِ وير وارياسون اُنهن کان، ۽ ٻوڙيون سُونِ مَنجھ ٻار، جو ڪُوڙيون اَسان جون ڪوٺيؤن، نِشانيون نِروار، ۽ تنِنِيين کان تَڪرار، هُئا ويسارا ويسلا. |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ ڪيوسون اُنهئَ قوم کي، وَرِي وَرثيدار، جي هِيڻان ڀانيا، وِيا، ڀُون جي، اولھ ۽ اوڀر پار، جنهن ۾، ڀَريون سون بَرڪتون؛ ۽ ڳالھ چڱِي چوڌار، پُني بَنِي اسرائيل تي، سَندئـِي ربَّ، سَتّار، جنهن سَبب سَٺائون سَختيون؛ ۽ ڪياسون ناس نِبار، فِرعون ۽ سندسِ فرق جا، جي ڪيائون ڪم ڪار، پُن تنبوُ بَنبوُ تَڪرار، جي هَڻنداهئا، هرهنڌ تي. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
۽ اِسرائـِيل جي اولاد کي، ٻار اُڪاريسون پار، پوءِآيا اِهڙِي قوم تي، جن تيرٿ ڪَئين تيار، مَٿنِ ڪنداهئا مُجاوريون؛ چي، موسٰي! مُقرر ڪار، جِيئن درگاهون هِنن جون، تِـئين درگاه، اَسان لئي ڌار، چي، آهيو قوم اَڄاڻ ڪا،بِلڪل اَوهين بيڪار؛ |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
هِي، جن جي پُوڄاپاٽ ۾، سي اُجڙ، آخرڪار؛ ۽ جي ڪن، اِهي ڪم ڪار، سي واء چَڙِهي، سڀ وڃڻا. |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
چي، اَوهان جو، الله ري، ڪو ٻِيلي گھُران ٻيو؟ جنهن بِلڪل ڀَلو ڪيو، اوهان کي، عالمن ۾. |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
۽ اَهنجِي، اَهل فرعون کان، جڏهن ڇَڏائيسون جانَ، بار غُلامي بُڇڙو، پيا کَڻائـِينِيان خان، ڪُهن ڪُونڌر اَهنجا، جويُنِ، ڏِين جِيدان، ۽ اُن ۾، اِمتحان، اوهان جي، والئ کان وَڏاندرو. |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
۽ ڏِنوسون مُوسٰى مير کي، وَعدو جڏهن، وَريام!، ٽِيھ راتيون، ۽ ڏَهن سان تن کي، ڪَئين تَمام، پوءِ چَوڪِيون چالِيہ راتيون، ٿِـئو آگينسِ جو اَنجام، ۽ مُوسٰى ڀاڻسِ هارون کي، ڪَئـِي هِدايت هَمام، ٿِي نائـِب مُنهنجو نيات ۾، ۽ ڪَج نِصحيت نيڪ نام!، ۽ نَه وَٺج مُور مُدام، وِڳوڙِيَنِ جِي وَاٽَڙِي. |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
۽ مُوسٰى اسان جي موقع تي، جڏهن پُهتو پاڻ، ۽ قُرب سان، ڪلام ڪيو، سانئيسِ اُنهئ ساڻ! چي، سانيمِ! ربَّ سُڄاڻ، ڏيکاريِنيمِ، ته توکي ڏِسان. چي، مون کي، مُور نه ڏِسندِين، پر پَربت ڏي، ڏِس تون، پوءِ، جي جبل پَنهنجِي جاءِ تي، بيٺو مَٿي ڀُون، ته جَھلي تَجلِّي تون، مون کي، ڏِسندِين مُورهين. پوء جڏهن جَلوو جبل کي، ڏيکاريسِ ڏاتار، ته ڇِيهون ڪيائين ڇَپرکي، ڏُونگر ڏارو ڏار، ۽ مُوسٰى ڪريو مَدهوش ٿِي، جڏهن حضرت، ٿيو هوشيار، چي، پَڪ آهين پاڪ تون، تهدلِ وَريسِ، توپار، ۽ آئون، اَوّل اِعتبار، آڻيندڙن مان آهِيان. |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
چي، موسٰى توکي مُون ڏنو، ماڻهن تي مُدام، پَنهنجي پيغام ۽ ڪَلام سان، پوءِ پَڪڙيو، سي پيغام، جي توکي ڏِنمِ انعام، ۽ ٿِي ڀال ڀائيندڙن مان. |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
۽ لِکِي سُون، لاءِ تِنهن، پَٽِين مَنجھ پَچار، سَڀ شئء جِي، ۽ سَڀ شئ سَندي کُليل خبر چار، پوءِ، پَڪڙِينس، پورٖي زور سان، پڻ ٻارِي ٻول ٻيهار، ته پَڪِئَ طرح پَڪڙينِ تِنهن، مَنجهسِ، جو موچار، جَلدِي جاءِ قرار، آن کي، ڏوهينِ جِي ڏيکاريان. |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
پنهنجي پڌراين ڪنان، تن کي،موڙينداسون مور، ڀون ۾، بي واجبي، جي غافل ڪن غرور، ۽ مُور نَه مَڃِين، مَر ڏِسن، سڀ نِشانيون نُور، ۽ جي سُوهن سَنئـِين واٽڙِي، نه وَٺن سا وَهلور، ۽ جي گُمراهي،جِي گُھور لَهنِ ته وَٺنس واٽ ڪري. جيئن ته اسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪوڙ فتور، ۽ غفلت ۾ غرقور، هئا، هميشه ان ڪنان. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
۽ جن ڪوڙيون اسان جون، ڪوٺيون نشانيون نروار، پڻ ملڻ مهندئين جھان جو؛ ڪريان، تن ڪم ڪار، درجو نه ملندان، تنهن ڌار، جي ڪندا هئاڪمڙا. |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
۽ مُوسٰى وارِي مارڪي، پُٺيانِس ٺاهِي پوءِ، سندن ڳهن ڳـٺن مان، مُورت گابي موءِ، ٺَلهِي ڀان ڀان اُن جِي؛ فِڪر نه ڪيائون ڪوءِ، ته چڱِي نه کين چوءِ، ۽ نَه سُهائـٖـينِ سَنئـِين واٽڙِي. پَڪڙيؤنسِ، ربُّ پاڪ ڪري، ته هُئا هاڃيڪار، |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
۽ جيڪِي هُئنِ هَٿن ۾، سو ڪرِي پِيو جِنهن وار، ۽ ڀانتون، ته پَڪ ڀُليا؛ ٻوليائون ٻِيهار، چي، جي مَٿـئون، مِهر نَه ڪندِين، سانيمِ! ربَّ، سَتار، ۽ نَه بخشِين بَخشڻهار!، ته هُونداسون، اَڻ هُوندنِ مان! |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
پوءِ جڏهن موٽيو، پَنهنجِي قوم ڏي، مُوسٰى مِهربان، بِلڪل ڀَريل ڪاوڙ سان، منجھ اوسيڙٖي، اَرمان، چي، مون کان پوءِ، ڪم ڪَيان بُڇڙو بيگمان، ڇا؟ پنهنجي، ربَّ جي ڪم ۾، تَڪڙ ڪيان تَعبان!، ۽ جوش مَنجھان، جولان، پَٽِيون اُڇلئـِين پَٽ تي. ۽ پِئو ڇِڪي پاڻ ڏي، سَندو ڀاڻسِ سِر، چي، مون کي سَمجھيؤن، مادرِي!، نابر، نات نِڌر، ۽ اوڏا پِئا اُن ڳالھ کي، ته مارِينَمِ، مُنڪر، پوءِ، مون تان نه کِلاءِ مُورهين، وٖيريَن کي وٖيتر، ۽ ڪِنهن پَر نَه، مون کي ڪَر، ڀيڙو بيدادن سان. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
چي، بَخش مون ۽ ڀائَمِ کي، سانيمِ! ربّ، ستار، ڏي اَسان کي، پَنهنجي توه ۾، جوڙٖي جاءِ جبار، ۽ تون ڪَرارو ڪَلتار، سڀن سَٻاجھن ۾. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
جن گابو پُوڄِيو، پهچندنِ ڏمر، سَندنِ ڏاتار،پڻ جُٺ ڦِٺ هِن جھان ۾، ۽ اِن پارِين پورِهيا پار، ڏِيون ڏٽا ڏِيندڙِين؛ |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ جن ڪوجھا، ڪيا ڪم ڪار، وَرِي وَريا، تِنهن پُٺيان، ۽ آندائون اِعتبار، ته سَچ پَچ سائين تُنهنجو، تهانپوءِ تڪرار، بِلڪل بَخشڻهار، مِڙنِيان مِهربان گھڻو. |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
۽ موسٰى کي، ماٺو ٿِيو، جڏهن ڏوٺ ڏَمر، تختا کنيا توريت جا، سارٖي سربسر، ۽ لوڪ لئي، جنهن جي، ليک ۾، سُونهپ، ٻاجھ ٻِيهر، جي پَنهنجي، کان پرور، سونڪو رکن، سَرِير ۾، |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
۽ اسان جي اَنجام لئي، مُوسٰى مِهربان، چُونڊيا چڱا قوم مان، سَترجنگ جوان، پوءِ جڏهن، واقعي تن وَراڪيو، چي، ڌڻيمِ! پاڪ دَيان، جي گُهرين، ته مُون ۽ اُنهن کي، مارئـِي، مُهندمَنان؛ جن پُونڄن اسان مان پُوڄيو، گابو بي گمان، ڪيئن مارِئُون، تنهن مٿان؟ هِي تنهنجو اِمتحان، وَڻيٖ تِنهن مُنجھائـِين، ۽ وڻيٖ سَمجھائـِين سُبحان؛ اَسان جو آڌارتون، پوءِ عَفو ڪرِين عِصيان، پڻ دُهرا ڏِينِيون دان، ۽ تون بِهتر بخشيندڙن ۾. |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
۽ لِک نيڪِي اَسان هار، هِن ننڍِي ڄَمار ۾، پڻ مَهندان مَحشر وار، توڏي، موٽياسون مورهين. چي، وَڻي تِنهن پُهچايون، اَسان جو آزار، ۽ هرگز گھڻي هَر شي ڪنان، مُنهنجِي ٻاجھ ٻِيهار، پوءِ لِکندسِ لاشڪ تن لئي، جي تقوٰى ڪَن تڪرار، ۽ ڪَن خير خدا هارِ، ۽ اُهي مَڃِين، اسان جون آيتون. |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
اَڻپڙھ پيغمبر پُٺيان، هَلنِ جي هَموار، جي لَهن لکِيل پاڻ وٽ، صِفت تِنهن سَردار، توريت ۽ اِنجيل ۾، ڏي ٿو مَت موچار، ۽ بَديان بندينِ، ۽ چِيز چڱا، حلال ڪري، تن هار، ۽ هرگز مَٿنِ حرام ڪري، مَٺيون ۽ مُردار، ۽ ڳَرايون ۽ ڳِراهِيون ڪڍي ڳچي مان ڳار، جي بَرسِر مٿنِ بار، اَ ڳي هُئا، اڳواڻ کان. جن مَڃيوسِ ۽ مانَ ڏنونسِ، پن مَدد ڏِنائونسِ مُور، ۽ تابِع ٿيا تِنهنجا، جو نازل ساڻسِ نُور، اُهي اَهل شُعور، آزاد، هر آزار کان. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
چئو، اي ماڻهئا!، آئون مالِڪ جو، مُرسل مِڙن پار، اُڀ، ڀُون يون سَڀ جِنهن جا، ٻِيو ڌڻي، نَه جِنهن کان ڌار، جِياري جَبار، پڻ مارٖي، سو مُورهين. پوءِ مَڃيو مالِڪ، بِه اُن جو، مُرسل مَڻياندار، جو اَڻپڙھ، ڏيندڙ عِلم جون، خبرون خبردار، اَللهَ مڃي ۽ اُن جا، ڪَلمان، برقرار، ۽ ٿِيوسِ تابِعدار، ته ماڻِيو مارڳ، ماڳ جو. |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
۽ ڪا اُمت، قوم مان، هَلٖي سچ تي صاف، پڻ اُنهيءَ سان اِنصاف، ڪن داد، هَر فرياد جو. |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
ٽوڙي ڪيوسونِ ٽوليون، ٻارهن ڏُهٽ ٻِيهار، ۽ وَحي ڪيوسون ويتر تنهن، مِهتر مُوسٰى پَار، جڏهن ڪَئي ڪيڻَسِ، قوم تِنهن، پاڻي لاءِ پُڪار، ته پَنهنجِي لَٺ پهڻ کي، هڪدم هَڻ هيڪار، ته ٻارهن چشماچَيريا، تِنهين مان تڪرار، ڄاتو پاڻِي پنهنجو، پاڙٖي پاڙٖي ڌار، ۽ ڇَمر مٿنِ ڇانورِي، ڪئـِي سون برقرار، مَنْ ۽ سَلوٰى لاٿاسون، تن مَٿي، تِيوڻ توڻ تيار، جو ڏنو سُونِيان، تنهن مَنجھان، کائو خوشگوار، ۽ ڪُجھ نه ڪَيون اَسان کي، پر هُئا هاڃيڪار، اَجايو آزار،پاڻهِين ڪندا هُئاپاڻ سان. |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
۽ اَمر ڪيو ويو اُنهن کي، ته گُذاريو مَنجھ هِن گام، ۽ خُوشي پَئي، کائو تِتان، مَنجھانسِ مال مُدام، ۽ چَئو، مَعافِي ۽ گِھڙو، دَرمان، سَجدٖي ساڻ سَلام، ته مَرهِينِيان مِهرسان، اَهنجون خطائون خادم، جَلدِي جَجھاجام، ڪريو ڀال، ڀَلن سان. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
پوءِ جَنِين جاڙون ڪَيون، تَنِين مان، تڪرار، جو ٻوليو وِيَنِ، ٻوليؤن، ٻول ٻيو، اُن ڌار، پوءِ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، مَٿنِ ڏُرت ڏُوار،اُنهئَ جي آڌار، ته ڪنداجاڙُون جام هُئا. |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
۽ پُڇينِ ڳالھ ڳوٺ جِي، جو هُئو درياءَ جي ڪِنار، جنهن وار ڇَنڇر وَار ۾، چُويون وِجھن چوڌار، مَڇيون سندنِ، جنهن مَهل ۾، ڇُلي اَچن ڇلنگار، ته اَچينِ ڇنڇر ڏينهن ري، پِڇَرِي ڪِنهين پار، اِن پارِين، اُنهن لئي، پِئا آزمايون اِظهار، جِنهن سبب ٻَهار، هَلندا هئا، حُڪمن کان. |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
۽ جڏهن ڪنهن ٻارئَ چيو ٻِيهار، ڇو؟ سَمجھايو تنهن ساٿ کي، مارڻ وارو مُورهين، جن کي ربُّ، جبار، يا ڏِيڻ وارو ڏيہ ۾، ڪا سخت سَزا سَرڪار، چي، اوهان جي آگي جو، بَرسِر لاهن بار، ٻيو پڻ اِن آڌار، ته ساڱائينِ مانَ سي! |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جڏهن وِساريون، وَعظ سو، جو ڏِنو وينِ ياد، ته جن، مَٺايان مَنع ڪئـِي، ڪياسون اُهي آزاد، ۽ وَرتاسون سخت عذاب ۾، ڪيا جن بيداد، ڪياسون ڪِني عذاب ۾، ٻيا بنہ برباد، جنهن بِناتي، بيداد، ليڪو لَنگھندا هُئا. |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
جڏهن ڦِريا، جِنهن کان، جَھليا ويا، وَراڻيو سُونِ تِنهن وار، ته بَنو باندر، ڀولڙا، کِکَراٽيا خُوار، ۽ جڏهن سائين سَندئـِي، |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
سُڌ ڏِني، تَنين تي تڪرار، کَڙا ڪبا، جي کَڻائـِيندانِ، بَرسِر بُڇڙو بار، سائين سزا ڏيڻ ۾، آهي جلد باز، جبار، ۽ سو بي شڪ بَخشڻهار، ۽ مِڙنيان مهربان گھڻو. |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
۽ بنايو سونِ ڀُون ۾، ٽوليون، ٽوليون ڌار، ڪي چڱااُنهن مان، ۽ ڪي اُنهن سوا، ڪندڙ ٻِيا ڪم ڪار، ۽ سُکن، ڏکن ۾ اُنهن کي، آزمايو سون اِظَهار، اِن آسري آڌار، ته وَرڻ وارِي، ڪن ورِي. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
پوءِ پوتان تن پُٽ ٿيا، جن ڪيا هٿ ڪتاب، وَڍِي طور وَٺن پيا، هِي ننڍڙِي وَٿ نواب؛ چي، مَعاف ٿينداسون مورهين، هِي رِشوت، راڳ رباب، ۽ جي ٻِيهر اَچِينِ ٻِيڻ تنهن، ته وَٺنِ شرع شِتاب، ڇاورتو نه وِينِ واعدو؟ لِکيل حرف حِساب، ته سوا سچ، نه چوندا، واحد سِر، وَهاب، ۽ پڙهيؤن پاڻ اُن ۾، جيڪِي بِلا باب، ۽ آخرت اُنهن لئي، جي رکن، اونَ عذاب، صَحِي سُڌ صواب، سوچو، ڇو نه سَرِير ۾؟. |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جي ڪتاب پَڪڙين، ۽ پڙهن نمازون نِبار، اسين نه وِڃايون وار، ڀاڙي مان، ڀَلن جي. |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
۽ جڏهن ڏاريو سون ڏُونگر، اُٺايوسون اُنهن مٿان، ڪَر سو ڪَڪَر ساريؤن، ۽ ڪِرندڙ مَٿنِ ڪَر، پڪڙيوسِ پُوري زور سان، جو بخشيو سُونِيان بِهتر، ۽ جيڪي اِن اندر، سو ساريو ۽ سونڪو ڌاريو. |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ جڏهن آدم جي اولاد مان، تُنهنجي ربَّ رهبر، وَرتا، وِيا پُٺين مان، پيدا ٿِين، جنهن پر، ۽ شاهد پنهنجا پاڻ تي، بِهارئينِ برسر، چي، ڇا، آئون، نه اوهان جو آهيان، سائين سربسر؟ مِڙني چيو مُقرر، اسين شاهِد آهيون. وعدو ورتو سون اِن ڪري، ته ڪَهو ڏينهن قِيام، ته هِن کان، هئاسون ويسلا، |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا عُذر ڏِيو اظلام!، ته اَبن اسان جي اڳ ۾، جاٽون جوڙيون جام، اسين، پُٺيان پُريون اُنهن جون، تابعدار تمام، پوءِ، مُوڙهل مائٽين، گڏيا غير غُلام، منجھ اِنهئ اِلزام، ڇامارِئين اسان کي مورهين؟ |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
۽ اِنپر کوليون خُوب طرح، نِشانيون نِروار، اِن آسري آڌار، ته ورن وَهِينءَ واٽ تي. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
۽ پڙھ پيغمبر! اُنهن تي، اُن بزرگ جو بيان، جنهن کي، پَڌرايون، پنهنجون، بخشيون سون بي گمان، پوءِ جِيئن نانگ نِڪري کَل مان، تن مان نِڪتو نادان، پوءِ اَچي لڳو اُن پُٺيان، شرارتي شيطان، پوءِ ڦِرِي ٿيو بيء رمان، مُوڙ هلن مان مورهين. |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
۽ چاهيو سون هوند، ته چاڙهيو سون، تنهن سبب، سندس شان، پرپاڻهِين سو چَنبڙي پِيو، ڀُون کي بي گمان، ۽ سَندسِ سَکڻِي سَڌپُٺيان، هليو، سو حيران، پوءِ اُن جو ڪم، ڪُتئ جيئن، جي کڻي، تِنهن تي خان، يا ڇڏيسِ، ته به وات ۾، پِيو مِرڪائي زبان. اُهو اُن قوم جو، مِثال مِهربان!، جن ڪوڙا ڪوٺيا، اسان جا، فرمودا، فرمان، پوءِ کول خُوب بيان، تان سوچينِ، سي سرير ۾. |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
آهي اُنهئَ قوم جو، ٿِيو بلڪل بُڇڙو حال، جن ڪوڙيون، اَسان جون ڪوٺيون، نِشانيون نهال، ۽ بلڪل ڪن بي واجبيون، پاڻهين پنهنجي نال، |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
سَنئون سو، سُهائي سَنئين، جنهن کي جَل جلال، ۽ ڀِينگيا، سي بَحال، جن کي، مُنجھائي مُورهين. |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
۽ پَڪ پَکيڙيا سون ڀون لئي، جَجھاجِن، اِنسان، دِليون اُنهن جون، دين تي، ڌاينِ ڪِين ڌِيان، ۽ اََکيون اُنهن جون، جن سان، نه ڏِسن جوڙجھان، ۽ ڪن اُنهن جا، ڪِين ٻُڌن، اُن سان بات بيان، آهن، اُهي وَهٽن جِيئن، نِسورا نادان، اٽُلو، ويتر اُنهن کان، گمراهَ بي گمان، غَفلت ۾ غَلطان، اُهي مورک آهن مورهين. |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
۽ سُهڻا نالا سائينءَ جا، پوءِ سَڏيوسِ ساڻ تن، ۽ جي ڦيرين، سندسِ نالن کي، ڏِيو ٻَهون تن کي ٻَن، جِھڙا ڪم پِيا ٿا ڪن، تن جو، پُورو مِلندنِ پورهيو. |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
۽ ڪاجوڙِي، جوڙياسون،تن مان، سونهَنْ سپح سُڄاڻ، ۽ صَفا، صفا تِنهن ساڻ، فَرمائينِ فيصلا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
۽ جن ڪوڙيون اَسان جو، ڪوٺيون نِشانيون نِروار، وِهلو وَٺنداسُونِ اُتان، نه پروڙينِ جِنهن پار، |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
۽ وَجھ ڏيانِ، ڪا وار، مُنهنجِي سِٽا، سِٽاڻِي گھڻي. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا؟ نه سوچينِ، ته سندنِ ساٿِي کي، لَڳت ناھِ لَغار، ناهي، مگر نِروار، ڄاڻوئـِي، ڄيري سَندو. |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڇا؟ جا چيون نه، اُڀ زمين جِي، حُڪومت هيڪار، يا جيڪا جوڙ جَهان ۾، جوڙِي جوڙڻهار، ياهِي، هِتان هَلڻ جِي، ڪاويجِھي آينِ وار، آڻِيندا اِعتبار، پوءِ، ڳهيلا ڪِهڙِي ڳالھ تي. |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
مالِڪ مُنجھائي جِنهن کي، پوءِ هادِي، نه ڪو تِنهن هار، ۽ ڇَڏينِ، ته اُجھَن آوار، مُنجھ سَندنِ ۾، مُورهين. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
پُڇنئـِي پَڇاڙِي وار، ته ڪڏهن لنگر اُن جو، چئو مُنهنجي، مالڪ پاڪ وَٽ، اُن جِي خبر چار، نه واقف اُن جي وقت کان. مگر اُهو مُختار. اُڀن، زمن، زمين ۾، بارِي ٿِـئـِي بار، توهان تي تڪرار، نه اِيندي، مگر اوچتِي. پُڇنئـِي اُن جي پَتٖي جو، ڪر حضرت تون حقدار، چئو، عِلم اُن جو، ناھِ مگر، سانيمِ وٽ، ستار، پر ماڻهون گھڻا گَنوار، نٿا سَمجھن مُورهين. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
چئو، مون وَس، نه مون پاڻ لئي، نفعو يا نقصان، مگر مُون لئي، جو گُھري، مالِڪ مِهربان، هوند! ڄاتم ڳُجھ مَنجھان، ته جَجھو منجھ جھان، ميڙيمِ مال پاڻ لئي، ۽ ذرو نه رسمِ زِيان، آئون، رڳو کِيانتو، خابرو، پاران ربَّ، رحمان، آڻينِ، جي اِيمان، تِنهن سڳوري ساٿ لئي. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
مالڪ، سو مُقرر، جِنهن هِڪڙي جئ مان، جوڙيان، ۽ جِنهن مان، جوڙئين جوءِ تِنهن، تان گھوٽ بنائيسِ گھر، تان سَندسِ ڍَڪ ڍول ٿيو، حمل رهيسِ هيڪر، هَلڪو حمل، جِنهن سان، ڪي مهينا آندئين مر، پوءِ دُعا گھريؤون ڌڻئ کان، جڏهن ڳَرو ٿيو، سوڳَر، جي نيڪ ڏِنئـِينَئون نِينگر، ته ٿيندا سون، ٿورائتن مان. |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ نَوازئينِ نيڪ جڏهن؛ ته ڀانيؤن ڀائيوار، ٻِيا تِنهن ٻار ۾، ڏِننِ، جو ڏاتار، جو گڏِينِ غير غُبار، الله اُتم اُن ڪنان. |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
ڇا؟ جوڙو ڪن، جوڙ ۾، جي جوڙِين، نه ڪو جنسار؟ جائـِي جوڙيا پاڻ وَڃن، |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
۽ لَهِي نه سگھن سار، ۽ نه اُهِکيءَ ۾ آڌار، ڪا پنهنجِي ڏِينِ پاڻ کي. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
جي سَڏيونِ سَنئينءَ ڏي، ته نه پُٺيان هَلندان هَڏ، ڪريْنِ، نه ڪرينِ سَڏ، سڀ ڳالھ اوهان تي سَرِ کي. |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
ڌَڻِي ڌاران، جن سڏيو، سي جِھڙان، بندا بحال، پوءِ سڏيونِ، ڀل سُڻن سي، اوهان جو سوال، قول ۾ ڪُلال!، جي صفا سَچا آهيو؟ |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا؟ اُنهن سان اهڙا پير؟ جن سان چُرن ڦِرن ڪِنهن پار ڏي، يا آهن هَٿ اُنهن جا؟ جن سان وَٺنِ وَٿ ڪِنهن وير، يا آهن ڪَن اُنهن جا؟، جن سان ٻُڌن ڇَڻ ڇَڻ ڇير، چئو، سَڏيو سڀ اوهان جا، ڀائيوار ڀَلير، پوءِ، سڀ ڪجھ، مون لئي سوچيو، دَم نه ڌاريو دير، مون کي مِڙئي مَٿير!، مُهلت نه ڏِجو مورهين. |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
سائين مُنهنجو، سو صَحِي، جنهن لاٿو ليک هِي، ۽ صالحن جِي صَحِي، سدا لهي، سَنڀال سو. |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
۽ اُهي، اوهين جن کي، دانهيو اُنهيء ڌار، نه ڏِينِ اوهان آڌار، ۽ نَه لَهنِ، سندن سارڪا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
۽ جي سڏيندينِ، سِڌ ڏي، ته سُڻن، نَه تو تَنوار، ۽ ڏِسندينِ، ته ڪَن نِهار توڏي، ۽ نه ڏِسنِ توڙ کان. |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
مَعافِي ڏي مورهين، ۽ چئو چڱائـِي توڙ، ۽ مُنهن مُبارڪ موڙ، مُورکن کان، مُورهين. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
۽ جي شامِتي شيطان کان، ڪو کُٽڪو کُٽڪئ خان! ته گُھر اَلله کان اَمانَ، سو سُڻندڙ، سُڄاڻ صَحِي. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
جن آجو رکيو پاند، تن شامتِي شيطان کان، جڏهن آينِ اکين کان، ته ساريؤن حق هيڪاند، دُور ٿئـِي درماند، اُهي اکيارا، اُن وير ۾. |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
۽ ڀُل ۾ ڇڪينن ڀار سَندن، تِنهن ۾ ڪن، نه قُصور، |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
۽ جڏهن آندئـِي، نه اُنهن اڳيان، ڪا نِشانِي نُور، چي، مُعجزو مَشهور، هيڪر آندئـِي هُوند ڪو! چئو، پير نه پايان، ٻئي پار، مگر مون ڏي، جو اچي، وَحِي سندمِ والِئ کان؛ هِي چٽايون چوڌار، اوهان جي اگي ڪنان، ۽ سُونهپ، ٻاجھ ٻِيهار، جي آڻينِ اعتبار، تنهن سونهارٖي ساٿَ لئي. |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
۽ جڏهن پڙهيو وڃي قرآن، پوءِ ساري سُڻو سو، ۽ ماٺ ڪريو، ته مانَ مرهيا وَڃو مهرسان!. |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
۽ پرور کي پُوڪار، پنهنجي ساھ پساھ ۾، نِوَڙت ۽ خوف سان، وڏي واڪي، ڌار، سانجِھي، صُبح وار، ۽ بي خبرن مان، ڀيڙو ڪِين ٿِي. |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
جيڪي سَندئـِي سائينءَ وٽ، حاضر حُضورِي، سندسِ شيوا کان، سي نه ڪن، مُورهين مغرورِي، ۽ ڳايو ڳائـِين اُن جِي، پاڪائـِي پُوري، ۽ نَمنسِ نِت نُورِي، سدا سِر سُجود ۾. |