المص (آيت : 1) |
الف لام ميم صاد (هي حروفِ مقطعات آهن، هنن جو مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
(هي) ڪتاب آهي جيڪو تو ڏانهن لاٿو ويو آهي پوءِ (ڪفار جي انڪار سبب) تنهنجي سيني ۾ تنگي نه اچڻ گهرجي هن لاءِ (لاٿو ويو آهي) ته تون ان جي ذريعي ڊيڄارين ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آهي. |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
(اي انسانو) تابعداري ڪيو ان (قرآن) جي جيڪو اوهان ڏانهن اوهان جي پالڻهار پاران نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان (الله) کي ڇڏي ٻين دوستن جي پويان نه هلو. اوهان ٿوري نصيحت قبول ڪيو ٿا. |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
۽ ڪيترا ئي ڳوٺ آهن جن کي اسان هلاڪ ڪيو پوءِ انهن کي اسان جو عذاب رات جو آيو يا اُهي منجهند جي ننڊ ۾ هئا. |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
پوءِ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته انهن جي پُڪار ان کان سواءِ ٻي نه هئي جو چوڻ لڳا: ”بيشڪ اسان پاڻ ظلم ڪرڻ وارا هئاسين“. |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ اسان ضرور انهن ماڻهن کان پڇاڻو ڪنداسين جن ڏانهن رسول موڪليا ويا ۽ اسان رسولن کان به (ماڻهن جي رد عمل بابت) ضرور پڇنداسين. |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ اسان انهن کي علم سان (سڀ ڪجھه) ضرور ٻڌائينداسين ۽ اسان (انهن کان) پري نه هئاسين. |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
۽ ان ڏينهن (عملن جو) تورجڻ حق آهي، پوءِ جن جا (نيڪين جا) پُڙَ ڳرا ٿيا ته پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ جن جا (نيڪين جا)پُڙَ هلڪا ٿيا ته اُهي ئي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ان ڪري جو اُهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا. |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
۽ تحقيق اسان اوهان کي زمين ۾ (اختيارات سان) آباد ڪيو ۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا اسباب بنايا. توهان ٿورڙو شڪر ادا ڪيو ٿا. |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
۽ تحقيق اسان اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ اسان اوهان کي صورت ڏني پوءِ اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُهو سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو. |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
(الله) پڇيو: ”تو کي سجدي ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو؟ جڏهن مون تو کي حڪم ڪيو هو“. چيائين: ”آءٌ هن (آدم) کان ڀلو آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي“. |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
فرمايائين: ”تون هتان هيٺ لهي وڃ تو کي نه پيو جُڳائي جو تون ان ۾ وڏائي ڪرين! پوءِ (منهنجي بارگاهه مان) ٻاهر نڪر بيشڪ تون خوار ٿيلن مان آهين“. |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
چيائين: ”مون کي مُهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن (مُردا قبرن مان) اٿاريا ويندا“. |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
فرمايائين: ”بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين“. |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
چيائين: ”ان ڪري جو تو مون کي گمراهه ڪيو آءٌ انهن (کي گمراهه ڪرڻ) لاءِ ضرور تنهنجي سڌي واٽ تي ويهندس. |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
پوءِ آءٌ ضرور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي پٺيان ۽ انهن جي ساڄي ۽ انهن جي کاٻي کان ايندس ۽ تون انهن مان گھڻن ماڻهن کي شڪر گذار نه لهندين“. |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
فرمايائين: ”تون هتان کان ذليل ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ. جيڪو به انهن مان تنهنجي پيروي ڪندو ته آءٌ ضرور توهان سڀني سان دوزخ کي ڀريندس. |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو، پوءِ ٻئي ڄڻا جتان چاهيو کائو ۽ (رڳو) هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو نه ته توهان ٻئي (پنهنجو پاڻ سان) نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندئو“. |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ شيطان انهن ٻنهين کي وسوسو وڌو، ته جيئن انهن جون شرمگاهون جيڪي هڪ ٻئي کان لِڪايون ويون هيون سي سندن سامهون ظاهر ڪري ۽ چيائين: ”اوهان جي پروردگار اوهان ٻنهين کي هن وڻ کائڻ کان رڳو هن لاءِ روڪيو آهي ته (ان جي کائڻ سان ڪٿي) اوهان ملائڪ نه ٿي وڃو يا هميشه رهڻ وارن مان نه ٿي وڃو“. |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ انهن ٻنهين سان قسم کنيائين ته ”بيشڪ آءٌ اوهان ٻنهين (آدم ۽ حواءَ) لاءِ خيرخواهن مان آهيان“. |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
پوءِ دوکي سان ٻنهين کي لاڙي آيو، پوءِ جڏهن ٻنهين وڻ (جي ميوي) کي چکيو ته ٻنهين جون شرمگاهون هڪ ٻئي اڳيان ظاهر ٿي پيون ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي جنت پنن سان ڍڪڻ لڳا. ۽ (تڏهن) سندن پالڻهار کين سڏي چيو ته: ”ڇا مون اوهان ٻنهين کي ان وڻ کان نه روڪيو هيو؟ ۽ توهان کي (نه) چيو هيو ته شيطان اوهان ٻنهين جو چِٽو دشمن آهي“؟ |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
ٻنهين عرض ڪيو: ”اي اسان جا مالڪ! اسان پنهنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي ۽ جي تون اسان کي معاف نه ڪندين ۽ اسان تي رحم (نه) ڪندين ته اسان ضرور نقصان وارن مان ٿي پونداسين“. |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
فرمايائين: ”لهي وڃو (ڌرتيءَ تي) اوهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن آهيو. ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ رهڻ جو هنڌ ۽ گذران جو سامان هڪ وقت تائين آهي“. |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
فرمايائين: ”اوهان ان (زمين) ۾ جيئندؤ ان ۾ مرندؤ ۽ ان مان (قيامت واري ڏينهن) ڪڍيا ويندؤ“. |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم جا اولاد! بيشڪ اسان اوهان لاءِ (اهڙو) لباس لاٿو آهي جيڪو اوهان جي شرمگاهه ڍڪي ٿو ۽ زينت بخشي ٿو. ۽ بهترين پوشاڪ پرهيزگاريءَ جي آهي. اها الله جي نشانين مان آهي تان ته من اُهي نصيحت قبول ڪن. |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي آدم جا اولاد! شيطان اوهان کي ائين فتني ۾ نه وجهي جيئن ان اوهان جي ماءُ پيءُ کي جنت مان ڪڍيو هيو ۽ انهن کان سندن لباس لهرايائين هن لاءِ جو سندن شرمگاهون هڪ ٻئي تي ظاهر ڪري. بيشڪ اُهو (شيطان خود)۽ ان جو قبيلو اوهان کي اتان ڏسن ٿا جتان اوهان انهن کي نه ٿا ڏسو. بيشڪ اسان شيطانن کي انهن ماڻهن جو دوست بنايو آهي جيڪي ايمان نه ٿا رکن. |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ جڏهن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا: ”اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي (ان طريقي تي) لڌو آهي ۽ الله اسان کي ان جو امر ڪيو آهي“. چؤ ته: ”بيشڪ الله بي حيائي جو حڪم ڪونه ٿو ڪري. ڇا اوهان الله تي اهڙيون ڳالهيون چئو ٿا جيڪي خود نه ٿا ڄاڻو“. |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
چؤ ته: منهنجي رب انصاف جو حڪم ڪيو آهي. ۽ اوهان هر سجدي گاهه وٽ پنهنجا چهرا (ڪعبي طرف) سڌا ڪيو ۽ ان جي عبادت ڪيو سڀ فرمانبردارِي ان لاءِ خالص ڪندي. جيئن پهريان توهان کي پيدا ڪيائين تيئن توهان وري پيدا ڪيا ويندؤ. |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
هڪ گروهه کي هدايت ڪيائين ۽ هڪ گروهه تي گمراهي ثابت ٿي وئي. (ڇو جو) بيشڪ انهن الله کان سواءِ شيطانن کي دوست بنائي ورتو ۽ سمجهن ٿا ته اُهي ئي هدايت وارا آهن. |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي آدم جا اولاد! هر مسجد وٽ (يعني هر عبادت جي موقعي تي) پنهنجي سينگار سان آراسته ٿيو. ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو خرچ نه ڪيو، بيشڪ اهو اجايو خرچ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
چؤ ته الله جي ان زينت کي ڪنهن حرام ڪيو آهي؟ جيڪا پاڻ پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪيائين ۽ کاڌي پيتي جي پاڪيزه شين کي (ڪنهن حرام ڪيو آهي؟). چؤ ته اهي ايمان وارن لاءِ دنيا جي حياتي ۾ آهن، قيامت جي ڏينهن ته انهن لاءِ خالص آهن. اهڙي طرح اسان کولي کولي آيتون بيان ڪيون ٿا ان قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا. |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
چؤ: منهنجي پالڻهار جن شين کي حرام ڪيو آهي سي ته هي آهن. بي حيائي جي ڪمن کي انهن مان جي کليل آهن ۽ جي لڪل آهن ۽ گناهه کي ۽ حق جي خلاف زيادتي کي ۽ هن ڳالهه کي جو الله سان ڪنهن اهڙي کي شريڪ ڪيو جنهن بابت ان ڪو دليل نه لاٿو آهي ۽ هي ته الله تي اهڙيون ڳالهيون چئو جن کي توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
۽ هر امت (لاءِ مُهلت) جو هڪ وقت مقرر آهي، پوءِ جڏهن انهن جو مقرر وقت پهچندو ته نه هڪ گهڙي پوئتي ٿيندا ۽ نه اڳتي ٿيندا. |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
اي آدم جا اولاد! جيڪڏهن اوهان وٽ خود اوهان مان رسول اچن جيڪي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائن ته پوءِ جيڪو پرهيزگار ٿيو ۽ (پنهنجو) اصلاح ڪيائين ته پوءِ نه انهن تي ڪو خوف هوندو ۽ نه ئي اُهي ڏکارا ٿيندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ انهن کان وڏائي ڪيائون ته اُهي جهنمي آهن. اُهي ان ۾ هميشه رهندا. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي؟ جيڪو ڪوڙ گھڙي الله تي مڙهي يا ان جي (سچي) آيتن کي ڪوڙو چوي. اُهي آهن جن کي انهن جو (اهو) حصو ملندو جيڪو ڪتاب ۾ لکيل آهي. تانجو جڏهن انهن وٽ اسان جا قاصد (ملائڪ) ايندا ته انهن جو روح قبض ڪن چوندا ته ”ڪٿي آهن (ڪوڙا معبود) جن جي اوهان الله کي ڇڏي عبادت ڪندا هئا“؟ چوندا ”اسان کان گم ٿي ويا“ ۽ پنهنجو پاڻ تي شاهدي ڏيندا ته بيشڪ اُهي ڪافر هئا. |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
الله فرمائيندو: اوهان جِنن ۽ انسانن جي انهن جماعتن سان شامل ٿيو جيڪي اوهان کان اڳ گذري چڪيون هيون (پوءِ) جهنم ۾ داخل ٿيو. پوءِ جڏهن به ڪا جماعت ان ۾ داخل ٿيندي ته پاڻ جهڙي ٻي جماعت تي لعنت ڪندي. تانجو جڏهن سڀ ان ۾ گڏ ٿيندا ته پوئين جماعت پهرين جماعت لاءِ چوندي اي اسان جا پالڻهار! انهن اسان کي گمراهه ڪيو ان ڪري انهن کي باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي. الله فرمائيندو سڀني لاءِ ٻيڻو عذاب آهي ۽ پر توهان نه ٿا ڄاڻو. |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
۽ انهن جا پهريان پنهنجي پوين کي چوندا ته: ”توهان کي اسان تي ڪا فضيلت ڪانهي پوءِ توهان (به) عذاب چکو ان ڪمائي سبب جيڪي اوهان ڪم ڪندا هئا“. |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
بيشڪ اُهي ماڻهو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ انهن کان وڏائي ڪيائون ته انهن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نه ئي اهي جنت ۾ داخل ٿيندا ايستائين جو سُئي جي سوراخ مان اُٺ داخل ٿي وڃي (يعني انهن جو جنت ۾ داخل ٿيڻ ائين ناممڪن آهي جيئن سُئيءَ جي سوراخ مان اُٺ جو گذرڻ) ۽ اهڙي طرح اسان ڏوهارين کي سزا ڏيندا آهيون. |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
انهن لاءِ جهنم (جي باهه) مان وڇاڻو هوندو ۽ سندن مٿان اوڍڻ (به باهه جو) هوندو. ۽ اهڙي طرح اسان ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا اسان ڪنهن شخص کي ان جي طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏيون. اُهي جنتي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
۽ اسان انهن جي سينن مان ڪڍي ڇڏينداسين جيڪو ڪينو (ڪنهن لاءِ) هوندو. انهن جي (ماڙين) هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ چوندا ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي هي راهه وٺائي ۽ اسان اها راهه نه وٺون ها جي الله (خود) اسان کي اها راهه نه وٺائي ها. تحقيق اسان جي پالڻهار جا رسول حق سان آيا“. ۽ انهن کي سَڏي چيو ويندو ته: ”هي جنت جنهن جا اوهان وارث بنايا ويا آهيو انهن عملن جي بدلي آهي جيڪي توهان ڪندا هئا“. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ جنت وارا جهنم وارن کي سڏي چوندا ته : ”بلاشڪ اسان ان کي سچو لڌو جيڪو اسان جي پالڻهار اسان سان وعدو ڪيو هيو، ڇا پوءِ توهان به ان کي سچو لڌو جيڪو وعدو توهان جي پالڻهار توهان سان ڪيو هيو“؟ چوندا: ”هائو“. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ اعلان ڪندڙ اعلان ڪندو ته: ”ظالمن مٿان الله جي لعنت آهي“. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
اُهي (ظالم) ماڻهو جيڪي الله جي راهه کان روڪيندا هئا ۽ ان ۾ ڏنگاڻ چاهيندا هئا ۽ اُهي آخرت سان ڪفر ڪرڻ وارا هئا. |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
۽ ٻنهين (جنت ۽ جهنم) جي وچ ۾ هڪ پردو هوندو ۽ اعراف (ان وچين مقام) تي ڪجهه مرد هوندا جيڪي سڀني کي سندن نشانين مان سُڃاڻيندا ۽ اُهي جنتين کي سڏي چوندا: ”توهان تي سلامتي آهي“. اُهي ان (جنت) ۾ داخل نه ٿيا هوندا ۽ اُهي (جنت جا) اميدوار هوندا. |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ جڏهن انهن جون اکيون دوزخين ڏانهن ڦيرايون وينديون. چوندا: ”اي اسان جا مالڪ! اسان کي ظالم قوم سان گڏ نه ڪجانءِ“. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
۽ اعراف وارا (انهن دوزخي) مردن کي سڏيندا جن کي اُهي سندن نشانين سان سڃاڻيندا هوندا چوندا: (اڄ) ”توهان جون جماعتون توهان جي ڪم نه آيون نه اُها (دولت ڪم آئي) جنهن کي اوهان وڏي شيءَ سمجھندا هئا“. |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ڇا هي اُهي (جنتي نه) آهن جن لاءِ توهان قسم کڻي چوندا هئا ته: ”الله انهن تي رحمت ڪو نه ڪندو“؟ (اڄ انهن کي چيو پيو وڃي ته) جنت ۾ داخل ٿيو نه توهان تي ڪو خوف آهي ۽ نه توهان غمگين ٿيندا. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ دوزخ وارا جنت وارن کي سڏي چوندا ته: ” اسان تي (جنت) جو ڪجهه پاڻي پلٽيو يا ان مان جيڪو الله اوهان کي رزق ڏنو آهي“ (ڪجهه اسان کي ڏيو. جنتي) چوندا: ”بلاشڪ الله اهي ٻئي (جنت جو پاڻي ۽ کاڌو) ڪافرن تي حرام ڪري ڇڏيا آهن“. |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن ماڻهن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو ڪري ورتو هيو ۽ انهن کي دنياوي زندگي دوکو ڏنو، پوءِ اڄ اسان انهن کي ائين وسارينداسين جيئن انهن پنهنجي هن ڏينهن جي ملڻ کي وساريو هيو ۽ جيئن اُهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
۽ تحقيق اسان انهن وٽ هڪ اهڙو ڪتاب آندو آهي جنهن کي اسان علم جي بنياد تي تفصيل سان بيان ڪيو آهي جيڪو هدايت ۽ رحمت آهي ايمان واري قوم لاءِ. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
اهي رڳو ان (ڪتاب جي ڳالهين) جي انجام جي انتظار ۾ آهن. جنهن ڏينهن ان جو انجام اڳيان ايندو ته اهي ماڻهو جن هن کان اڳ ان (ڪتاب) کي وساري ڇڏيو هيو سي چوندا: ”بيشڪ اسان جي پالڻهار جا رسول حق کڻي آيا هئا. ڇا پوءِ (اڄ) اسان جا ڪي سفارشي آهن؟ جيڪي اسان جي سفارش ڪن يا اسان کي (دنيا ۾) موٽايو وڃي ته پوءِ اسان جيڪي ڪم ڪندا هئاسين انهن کان سواءِ ٻيا ڪم ڪيون“. تحقيق انهن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ انهن کان گم ٿي وينديون جيڪي ڳالهيون گهڙيندا هئا. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
بيشڪ اوهان جو پالڻهار الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهه ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو. اُهو رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو هن طرح جو ڏينهن رات جي پٺيان ڊوڙندو اچي ٿو ۽ سج ۽ چنڊ ۽ ستارا ان جي حڪم جي تابع آهن. خبردار! پيدا ڪرڻ ۽ حڪم هلائڻ ان جو ئي ڪم آهي. الله برڪتن وارو آهي جيڪو جهانن جو پروردگار آهي. |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
پنهنجي پالڻهارکي سڏيو زاري سان ۽ ڳجهو بيشڪ اهو حد کان وڌڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري. |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ زمين ۾ فساد نه ڪيو ان جي سڌاري کان پوءِ ۽ ان کان دعا گھروڊڄندي ۽ اميد رکندي. بيشڪ الله جي رحمت نيڪي ڪرڻ وارن جي ويجهو آهي. |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ اُهو ئي آهي جيڪو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ بنائي موڪلي ٿو پنهنجي رحمت (يعني برسات) کان اڳ. تانجو جو جڏهن اهي ڳرن ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته اسان انهن ڪڪرن کي ڪنهن غيرآباد شهر ڏانهن موڪليون ٿا پوءِ انهن مان پاڻي نازل ڪيون ٿا پوءِ اسان ان (پاڻي) جي ذريعي هر قسم جا ميوا ڪڍون ٿا. اهڙي طرح اسان مُردن کي (قبرن مان) ڪڍنداسين من اوهان نصيحت پرايو. |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ جا سٺي زمين آهي ان جا سلا سندس پالڻهار جي حڪم سان (سُٺا) نڪرن ٿا ۽ جا خراب آهي اها ٿوري بي فائده شيءِ کان سواءِ ڪجهه نه ٿي ڄمائي. اهڙي طرح اسان آيتون وري وري بيان ڪيون ٿا ان قوم لاءِ جيڪي شڪر ڪن ٿا. |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو. ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود نه آهي. بيشڪ مون کي ڊپ لڳي ٿو اوهان تي زبردست ڏينهن جي عذاب جو“. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
سندس قوم جي سردارن چيو ته: ”بلاشڪ اسان تو کي ڏسون ٿا ته تون کلي گمراهي ۾ آهين“. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
چيائين: ”اي منهنجي قوم! مون ۾ ڪا گمراهي ناهي پر آءٌ جهانن جي پالڻهار پاران رسول (بنجي آيو) آهيان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
آءٌ اوهان کي پنهنجي رب جا پيغام پهچايان ٿو ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪيان ٿو ۽ الله پاران اهو ڄاڻان ٿو جيڪي توهان نه ٿا ڄاڻو. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا اوهان عجب ۾ آهيو؟جو اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار پاران اوهان مان هڪ مرد ذريعي نصيحت آئي آهي هن لاءِ ته اوهان کي ڊيڄاري ۽ هن لاءِ ته اوهان پرهيزگار ٿيو ۽ من اوهان تي رحم ڪيو وڃي“. |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پوءِ کيس ڪوڙو چيائون پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي ساڻس ٻيڙي ۾ هئا تن کي نجات ڏني ۽ اسان انهن ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو هيو. بيشڪ اُهي نابينا قوم هئا. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ عاد (قوم) ڏانهن سندن (هم قبيله) ڀاءُ هود کي موڪليوسين. چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود نه آهي. ڇا پوءِ اوهان پرهيزگار نه ٿا ٿيو“! |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
سندس قوم جي سردارن جن ڪفر ڪيو هيو چيائون ته : ”اسان تو کي بي وقوفي ۾ مبتلا ڏسون ٿا ۽ بيشڪ اسان تو کي ڪوڙن مان سمجهون ٿا“. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
چيائين: ”اي منهنجي قوم! مون ۾ ڪا بي وقوفي ڪونهي ۽ پر آءٌ جهانن جي پروردگار جي پاران رسول آهيان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
آءٌ اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام پهچايان ٿو ۽ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار خير خواهه آهيان. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا اوهان کي ان ڳالهه تي تعجب آهي؟ جو اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ پاران اوهان مان هڪ مرد وٽ نصيحت آئي هن لاءِ ته اوهان کي ڊيڄاري. ۽ ياد ڪيو جڏهن ان اوهان کي نوح جي قوم کان پوءِ جانشين بنايو ۽ اوهان کي بدن ۾ طاقتور ڪيائين. پوءِ الله جا ٿورا ياد ڪيو ته جيئن اوهان ڪامياب ٿيو“. |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
چيائون: ”ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسان اڪيلي الله جي پوڄا ڪيون ۽ جن جي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا هئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ پوءِ تون اسان تي (اُهو عذاب) آڻ جنهن کان ڊيڄارين ٿو. جيڪڏهن تون سچن مان آهين“. |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
چيائين: ”پڪ سان اوهان جي پالڻهار پاران اوهان تي عذاب ۽ ڏمر لازم ٿي ويا. ڇا اوهان مون سان انهن (بتن جي) نالن ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا؟ جيڪي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن جن جي مڃڻ لاءِ الله ڪو دليل نه لاٿو آهي. پوءِ اوهان (عذاب جو) انتظار ڪيو آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان“. |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن کي نجات ڏني پنهنجي پاران رحمت جي سبب ۽ اسان انهن ماڻهن جون پاڙون پَــٽي ڇڏيون جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ اُهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ (قومِ) ثمود ڏانهن انهن جي ڀاءُ صالح کي (موڪليوسين). چيائين:”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو اوهان لاءِ ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي. بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان چِٽي نشاني آئي آهي. هيءَ”الله جي ڏاچي“ آهي (جا) اوهان لاءِ نشاني آهي پوءِ ان کي (آزاد) ڇڏي ڏيو الله جي زمين ۾ چَرندي رهي ۽ ان کي برائي (جي نيت) سان هٿ به نه لائجو ورنه ته اوهان کي دردناڪ عذاب پڪڙيندو. |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
۽ ياد ڪيو جڏهن ان اوهان کي عاد کان پوءِ جانشين بنايو ۽ اوهان کي زمين ۾ رهايائين توهان ان جي نرم (ميداني) علائقن ۾ ماڙيون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي گهڙي گهر بنايو ٿا. پوءِ اوهان الله جا احسان ياد ڪيو ۽ زمين ۾ فسادي بنجي نه ڦرو“. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
ان جي قوم جي سردارن جن تڪبر ڪيو تن انهن ڪمزورن کي چيو جيڪي انهن مان ايمان آڻي چڪا هئا ته: ”ڇا اوهان واقعي ڄاڻو ٿا ته صالح پنهنجي پروردگار وٽان رسول بنجي آيو آهي“؟ چيائون: ”جنهن پيغام سان ان کي موڪليو ويو آهي، بيشڪ اسان ان تي ايمان رکڻ وارا آهيون“. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
متڪبر ماڻهو چوڻ لڳا ته: ”بيشڪ اوهان جنهن تي ايمان آندو آهي اسان ان جو انڪار ڪندڙ آهيون“. |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ ڏاچيءَ جي پيرن جي پَٺن کي ڪٽي (ان کي ماري وڌائون) ۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان سرڪشي ڪيائون ۽ چيائون: ”اي صالح ! اُهو (عذاب) آڻ جنهن کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو جيڪڏهن تون رسولن مان آهين“. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
پوءِ انهن کي سخت زلزلي ورتو پوءِ اُهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
پوءِ (صالح) انهن کان منهن موڙيو ۽ چيائين: ”اي منهنجي قوم! تحقيق مون توهان کي پنهنجي پالڻهار جو پيغام پهچايو ۽ توهان کي نصيحت ڪيم ۽ پر توهان نصيحت ڪندڙن کي پسند نه ٿا ڪيو. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ لوط کي (موڪليوسين) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”ڇا اوهان اهڙي بي حيائي ڪيو ٿا جيڪا اوهان کان اڳ جهانن مان ڪنهن به ڪونه ڪئي آهي. |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
بيشڪ اوهان عورتن کي ڇڏي مردن ڏانهن شهوت (پوري ڪرڻ) لاءِ اچو ٿا بلڪه اوهان حد کان لنگهندڙ قوم آهيو“. |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
۽ ان جي قوم جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو جواب نه هيو چوڻ لڳا: ”انهن کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو. بيشڪ اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پاڪباز بنجڻ چاهن ٿا“. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
پوءِ اسان ان (لوط) کي ۽ سندس گهروارن کي نجات ڏني سواءِ ان جي زال جي، اُها (عذاب ۾ ) رهجي ويندڙن مان هئي. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ اسان انهن مٿان (پٿرن جو) مينهن وسايو. پوءِ ڏس ته ڏوهارين جو انجام ڪيئن هيو؟ |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ مدين ڏانهن سندن ڀاءُ شعيب کي (موڪليوسين). چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو اوهان لاءِ ان کان سواءِ ٻيوڪو معبود ناهي. بيشڪ آءٌ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان چِٽو دليل آيو آهي پوءِ اوهان ماپ ۽ تور پوري ڪيو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گَهٽائي نه ڏيو . ۽ زمين ۾ ان جي سڌاري بعد فساد برپا نه ڪيو. اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي جي اوهان ايمان رکڻ وارا آهيو. |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ (زندگي جي) هر رستي تي (رهزن بنجي) ان لاءِ نه ويهو جو جنهن ايمان آندو آهي ان کي ڌمڪايو ۽ الله جي راهه کان روڪيو ۽ ان (دين) ۾ ڏنگائي گهرو ۽ ياد ڪيو (اهو زمانو) جڏهن اوهان ٿورا هيا پوءِ ان اوهان کي گهڻو ڪيو ۽ (اکيون کولي) ڏسو ته فساد مچائڻ وارن جو انجام ڇا ٿيو؟ |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
۽ اگر اوهان مان هڪ جماعت ان (دين) تي ايمان آندو آهي جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي ۽ ٻي جماعت ايمان نه آندو آهي ته پوءِ صبر ڪيو جيستائين الله اسان جي وچ ۾ فيصلو فرمائي ۽ اُهو سڀ کان بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
سندس قوم جي سردارن مان جن وڏائي ڪئي چيائون: ”اي شعيب! اسان توکي ۽ جن تو سان گڏ ايمان آندو آهي تن کي ضرور پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍنداسين يا ته اوهان کي اسان جي دين ڏانهن موٽڻو پوندو“. (شعيب) چيو ته: ”توڙي جو اسان (اوهان جي دين کي) ناپسند ڪندڙ هجون. |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
بيشڪ اسان الله تي ڪوڙو بهتان گھڙيو جي اسان اوهان جي مذهب ۾ موٽون ان ڳالهه کان پوءِ جو الله اسان کي ان کان بچايو آهي. ۽ اسان لاءِ ممڪن نه آهي جو ان ۾ موٽون سواءِ هن جي جو الله چاهي جيڪو اسان جو پالڻهار آهي. اسان جي پالڻهار پنهنجي علم سان هر شيءِ کي گهيري رکيو آهي. اسان الله تي ڀروسو ڪيو. اي اسان جا پالڻهار! تون اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق وارو فيصلو ڪر ۽ تون ئي سڀ کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهين“. |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
۽ سندس قوم جي سردارن مان جن ڪفر ڪيو (پاڻ ۾) چيائون: ”جيڪڏهن اوهان شعيب جي پيروي ڪئي ته اوهان ان وقت پڪ سان نقصان وارا ٿيندؤ“. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
پوءِ انهن کي شديد زلزلي اچي پڪڙيو پوءِ اهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا. |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو چيو (اُهي ائين نابود ٿي ويا) ڄڻڪ اُهي (ڳوٺ ۾) رهيا ئي نه هيا، جن شعيب کي ڪوڙو چيو اُهي نقصان وارا هئا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
پوءِ (شعيب) انهن کان منهن موڙيو ۽ چيائين: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ مون اوهان کي پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچايا ۽ مون اوهان جي خيرخواهي ڪئي، پوءِ آءٌ ڪافر قوم (جي تباهي) تي افسوس ڪيئن ڪيان“. |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
۽ اسان ڪنهن بستي ۾ ڪو نبيءُ نه موڪليو مگر (اول) ان جي رهواسين کي اسان سختي ۽ تڪليف سان پڪڙيو ته من اُهي زاري ڪن. |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
وري اسان (انهن جي) بدحالي کي مَٽائي ان جي جاءِ تي خوشحالي ڏني تانجو اهي گھڻا ٿيا ۽ چيائون: ”اسان جي ابن ڏاڏن کي به اهڙي طرح رنج ۽ راحت پهچندي رهي آهي“ (ڇا جو عذاب؟ اها ته زماني جي گردش آهي!) پوءِ اسان اچانڪ انهن جي پڪڙ ڪئي ۽ انهن کي خبر به نه هئي. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
۽ جيڪڏهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ ڊڄن ها ته اسان انهن تي آسمان ۽ زمين جون برڪتون کوليون ها ۽ پر انهن (نبين کي) ڪوڙو چيو پوءِ اسان انهن کي پڪڙيو انهن عملن سبب جيڪي اهي ڪندا هئا. |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ڇا ڳوٺن وارا ان ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهن جو انهن تي اسان جو عذاب راتو رات اچي ان حال ۾ جو اُهي ستل هجن. |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
يا ڳوٺن وارا ان ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهن جو انهن تي اسان جو عذاب چڙهندڙ ڏينهن ۾ پهچي ۽ اُهي راند ڪندا هجن. |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ڇا پوءِ الله جي تدبير کان بي خوف ٿي ويا؟ پوءِ الله جي تدبير کان ڪوبه بي خوف نه ٿو ٿئي سواءِ خساري واري قوم جي. |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
ڇا (هن ڳالهه) انهن ماڻهن کي هدايت نه ڏني؟ جيڪي زمين جا وارث ٿيا آهن (اتان جي اصل) رهواسين (جي هلاڪت) کان پوءِ جو جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن جي گناهن سبب انهن کي (به) سزا ڏيون ۽ انهن جي دلين تي مُــهرون هڻون پوءِ اُهي ٻُڌي به نه سگهن. |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
اهي بستيون آهن جن جون خبرون اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون ۽ بيشڪ انهن وٽ انهن جا رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ به جنهن ڳالهه کي انهن اڳ (هڪ ڀيرو) ڪوڙو چيو هيو تنهن تي اُهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مهر هڻي ٿو. |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
۽ اسان انهن مان گهڻن ۾ معاهدي جي وفائي نه لڌي ۽ بيشڪ انهن مان گهڻن کي اسان نافرمان لڌو. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
پوءِ اسان انهن کان پوءِ موسى کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردار جماعت ڏانهن موڪليو پوءِ انهن به ان (نشانين) سان ظلم ڪيو. پوءِ ڏس ته فسادين جو انجام ڇا ٿيو؟ |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ موسى چيو ته: ”اي فرعون! بيشڪ آءٌ جهانن جي پالڻهار پاران رسول آهيان. |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
مون لاءِ اهو ئي شايان شان آهي جو الله جي باري ۾ حق ڳالهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چوان. بيشڪ آءٌ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان چِٽي نشاني سان آيو آهيان. سو تون بني اسرائيل کي مون سان گڏ وڃڻ ڏي“. |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
(فرعون) چيو ته: ”جيڪڏهن تو ڪا نشاني آندي آهي ته پيش ڪر اگر تون سچن مان آهين“. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
پوءِ (موسيٰ) پنهنجي لٺ اڇلائي ته پوءِ اُها ان ئي مهل پڌرو نانگ ٿي پئي. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
پنهنجو هٿ ڪڍيائين ته اُهو ان ئي مهل ڏسڻ وارن لاءِ چمڪدار ٿي پيو. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
فرعون جي قوم جا سردار چوڻ لڳا ته: ”هي ته وڏو ماهر جادوگر آهي. |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
چاهي ٿو ته اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي، پوءِ اوهان ڇا ٿا مشورو ڏيو“؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
(فرعون کي) چيائون ته ”ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ (پڙهو ڏَئِــي) گڏ ڪرڻ وارن ماڻهن کي موڪل. |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
ته تو وٽ هر ماهر جادوگر کي وٺي اچن“. |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
۽ جادوگر فرعون وٽ آيا. چيائون: ”اسان لاءِ ڪو اجر (انعام) آهي جيڪڏهن اسان غالب ٿي وڃون“. |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
چيائين: ”هائو ۽ بيشڪ اوهان (منهنجي) ويجهن ماڻهن مان ٿيندؤ“. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
(جادوگرن) چيو: ”اي موسيٰ يا ته اول تون (جادو) اڇلاءِ ۽ يا اسان اڇلائڻ وارا ٿيون“. |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
چيائين: ”اوهان اڇلايو“. پوءِ جڏهن (رسيون ۽ ڪاٺيون جادوگرن) اڇلايون ته ماڻهن جي اکين تي جادو ڪيائون ۽ انهن کي ڊيڄاري ڇڏيائون ۽ تمام وڏو جادو پيش ڪيائون. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
۽ اسان موسى ڏانهن وحي ڪئي ته: ”پنهنجي لٺ اڇلاءِ“. پوءِ اچانڪ اها انهن شين کي ڳِـــهَڻَ لڳي جيڪا انهن فريب ڪاري ڪري ڏيکاري هئي. |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
پوءِ حق ثابت ٿي ويو ۽ جيڪو اُهي ڪري رهيا هئا سو باطل ٿي ويو. |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
پوءِ اُن جاءِ تي ئي هارايائون ۽ (سوڀاري ٿيڻ بجاءِ) ذليل ٿي موٽيا. |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ جادوگر (سڀ) سجدي ۾ ڪِري پيا. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
چيائون: ”اسان جهانن جي پالڻهار تي ايمان آندو. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
جيڪو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي“. |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فرعون چيو ته: ”اوهان منهنجي موڪل کان اڳ ان (موسيٰ) تي ايمان آندو آهي؟ بيشڪ هي هڪ فريب آهي جيڪو توهان سڀني مِلي (مون سان) هن شهر ۾ ڪيو آهي هن لاءِ ته توهان هن شهر مان ان جي رهواسين کي ڪڍو. پوءِ جلد توهان (ان جو انجام) ڄاڻي وٺندؤ. |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
ضرور آءٌ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس پوءِ ضرور اوهان سڀني کي ڦاهي چاڙهيندس“. |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
چيائون: ”بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽندڙ آهيون. |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
تون رڳو هن ڪري اسان کان انتقام ٿو وٺين جو اسان پنهنجي پالڻهار جي نشانين تي ايمان آندو آهي جڏهن اسان وٽ آيون آهن. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار“. |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
۽ فرعون جي قوم جي سردارن (فرعون کي) چيو ته: ”ڇا تون موسى ۽ سندس قوم کي ڇڏي ڏيندين؟ ته ملڪ ۾ فساد ڪن ۽ تو کي ۽ تنهنجي معبودن کي ڇڏي ڏين“. (فرعون) چيو ته: ”جلد انهن جي پُٽن کي قتل ڪنداسين ۽ انهن جي زالن کي جيئرو ڇڏينداسين، ۽ بيشڪ اسان انهن مٿان غالب آهيون“. |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”توهان الله کان مدد وٺو ۽ صبر ڪيو. بيشڪ ڌرتي الله جي آهي اُهو پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهي ٿو ان جو وارث بنائي ٿو ۽ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي“. |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
چيائون: ”(اي موسى!) اسان کي تنهنجي اچڻ کان اڳ به اذيتون ڏنيون ويون ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ به“. فرمايائين: ”(پڪ سان) قريب آهي جو اوهان جو پالڻهار اوهان جي دشمن کي هلاڪ ڪري ۽ انهن جي جاءِ تي توهان کي زمين ۾ جانشين ڪري ۽ پوءِ ڏسي ته (زمين جا مالڪ ٿيڻ بعد) توهان ڪهڙي طرح عمل ڪيو ٿا“. |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ بيشڪ اسان فرعون (جي قوم) وارن کي (ڪيئي سالن تائين) ڏڪار ۽ پيداوار جي گهٽتائي (جي سزا) ۾ گرفتار ڪيوسين ته من اُهي نصيحت پرائن. |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پوءِ جڏهن انهن کي خوشحالي آئي ته چيائون: ”اها اسان لاءِ هجڻ گهرجي“ ۽ جي انهن کي بدحالي پهتي ته موسى ۽ جيڪي ان سان گڏ آهن انهن ڏانهن نڀاڳ جي نسبت ڪرڻ لڳا. خبردار! انهن (فرعونين) جو نڀاڳ الله وٽ ثابت آهي ۽ پر انهن مان گھڻا نه ٿا ڄاڻن. |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
۽ چيائون: ”(اي موسى) تون اسان وٽ جا به نشاني آڻيندين هن لاءِ ته تون ان سان اسان تي جادو ڪرين ته پوءِ به اسان تو تي ايمان آڻڻ وارا نه آهيون“. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
پوءِ اسان انهن مٿان طوفان موڪليو ۽ ماڪڙ (موڪلي) ۽ جوئُون (وِڌيون) ۽ ڏيڏرَ (موڪليا) ۽ رت (وسايو. اهي) جدا جدا نشانيون موڪليون، پوءِ به انهن وڏائي ڪئي ۽ اُهي هئا ئي ڏوهاري قوم. |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
۽ جڏهن به انهن تي عذاب واقع ٿيو ته چوڻ لڳا: ”اي موسى ! اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان ان معاهدي جي بنياد تي دعا گهر جيڪو تو وٽ آهي. جيڪڏهن تو اسان تان عذاب ٽارايو ته اسان ضرور تو تي ايمان آڻينداسين ۽ بني اسرائيل کي ضرور تو سان گڏ موڪلينداسين“. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پوءِ جڏهن اسان انهن تان ان مدت تائين جنهن تائين اُهي پهچڻ وارا هئا عذاب پئي ٽاريو ته انهن اوڏي مهل ئي معاهدو ٽوڙي پئي ڇڏيو. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
پوءِ اسان انهن کان (بد عملين) جو بدلو ورتو سو اسان انهن کي سمنڊ ۾ ٻوڙيو هن ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ اهي ان کان غافل هئا. |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ اسان قومِ (بني اسرائيل) کي جيڪي ڪمزور سمجھيا ويندا هئا ان سرزمين جي اولهه ۽ اوڀر جو وارث بنايوسين جنهن ۾ اسان برڪت رکائي هئي. ۽ بني اسرائيل جي حق ۾ تنهنجي پالڻهار جو سهڻو وعدو پورو ٿي ويو هن ڪري جو صبر ڪيائون. ۽ اسان (انهن محلاتن کي) برباد ڪري ڇڏيو جيڪي فرعون ۽ ان جي قوم وارا ٺاهيندا هئا ۽ جيڪي اوچيون ماڙيون ٺاهيندا هئا. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ (بحر قلزم) کان پار ڪيوسين ته هڪ اهڙي قوم وٽ آيا جيڪي پنهنجي بتن جا مجاور هئا. چيائون: ”اي موسى! اسان لاءِ به اهڙو معبود ٺاهه جيئن هنن جا معبود آهن“. فرمايائين: ”پڪ سان اوهان اهڙي قوم آهيو جو جهالت ڪيو ٿا. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
بيشڪ اهي جنهن (بت پرستي) ۾ آهن اُها برباد ٿيڻ واري آهي ۽ جيڪي ڪن ٿا سو باطل آهي“. |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
چيائين: ”ڇا الله کان سواءِ اوهان لاءِ ڪو ٻيو معبود تلاش ڪيان؟ حالانڪه ان اوهان کي جهانن تي فضيلت ڏني آهي“. |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون وارن کان نجات ڏني جيڪي اوهان کي ڏاڍو برو عذاب ڏيندا هئا، جو اوهان جي پُٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار پاران اوهان جي تمام وڏي آزمائش هئي. |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
۽ اسان موسى سان ٽيهن راتين جو وعدو ڪيو ۽ اسان ان کي ڏهه (راتيون) ملائي مڪمل ڪيو پوءِ سندس پالڻهار جي چاليهه راتين واري وعدي جو وقت پورو ٿيو۽ موسى پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته: ”منهنجي قوم ۾ منهنجو جانشين ٿي ۽ اصلاح ڪندو رهه ۽ فسادين جي واٽ جي پيروڪاري نه ڪجانءِ“. |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
۽ جڏهن موسى اسان جي وعدي واري وقت (۽ جاءِ)تي آيو ته ان سان سندس پالڻهار ڳالهايو. چيائين: ”اي پروردگار! مون کي (پنهنجو جلوو) ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان“. فرمايائين: ”تون مون کي ڏسي نه سگهندين ۽ پر تون پهاڙ (طور) ڏانهن نهار پوءِ جي اهو پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو ته پوءِ جلد تون مون کي ڏسي سگهندين“. پوءِ جڏهن سندس پالڻهار جبل تي تجلي فرمائي ته ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين ۽ موسى بي هوش ٿي ڪِري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: ”توکي پاڪائي آهي تنهنجي حضور ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ سڀ کان پهريون ايمان آڻڻ وارو آهيان“. |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
فرمايائين: ”اي موسى مون تو کي ماڻهن مٿان برگزيدو بنايو آهي پنهنجي رسالت ۽ پنهنجي ڪلام سبب پوءِ جو ڪجهه مون تو کي ڏنو آهي سو وٺ ۽ شڪر گذارن منجهان بنج“. |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
۽ اسان ان جي لاءِ (تورات جي) تختين مٿان هر شيءِ بابت نصيحت ۽ هر شيءِ جو تفصيل لکي ڏنو. پوءِ (چيوسين اي موسيٰ!) ”ان کي مضبوطي سان وٺ ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُهي ان جي سهڻين ڳالهين کي اختيار ڪن. جلد آءٌ اوهان کي بدڪارن جو گهر ڏيکاريندس. |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
سگھوئي آءٌ پنهنجي آيتن کان انهن ماڻهن کي پاسائتو رکندس جيڪي ڌرتي ۾ ناحق وڏائي ڪن ٿا. ۽ جي سڀ آيتون ڏسن ته به ان تي ايمان نه آڻيندا ۽ جي هدايت وارو رستو ڏسن ته ان کي (پنهنجو) رستو نه بنائيندا ۽ جيڪڏهن گمراهي جي واٽ ڏسندا ته ان کي پنهنجي راهه بنائي وٺندا. اهو هن لاءِ جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ ان کان غافل هيا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملاقات کي ڪوڙو چيو ته انهن جا عمل چٽ ٿي ويا. ٻيو ڪو بدلو ڪونه ڏنا ويندا سواءِ ان جي جيڪي اهي عمل ڪندا هئا. |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
۽ موسى جِي قوم سندس (طُور تي وڃڻ) بعد پنهنجي زيورن مان گابي جو بوتو بنايو جنهن ۾ رنڀڻ (جو آواز) هيو. ڇا نه ڏٺائون ته اُهو نه انهن سان ڳالهائي ٿو ۽ نه انهن کي رستو ڏيکاري ٿو. (پوءِ به) ان کي (معبود بنائي) ورتائون ۽ اُهي ظالم هئا. |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
۽ جڏهن (حاج) هٿان هلي وِيَنِ ۽ ڏٺائون ته واقعي اُهي گمراهه ٿي ويا آهن ته چيائون: ”جي اسان مٿان اسان جو رب رحم نه ڪندو ۽ اسان کي معافي نه ڏيندو ته اسان ضرور خساري وارن مان ٿي پونداسين“. |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
۽ جڏهن موسى پنهنجي قوم ڏانهن غصي ۽ غم ۾ ڀريل موٽيو ته چيائين: ”توهان مون کان پوءِ منهنجي پرپٺ جو ڪيو سو نهايت برو آهي ڇا توهان پنهنجي پروردگار جي حڪم کان اڳ ئي جلد بازي ڪئي“ ۽ (تورات جون) تختيون (هيٺ) رکيائين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن کي) پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيائين. (هارون) چيو: ”اي منهنجي ماءُ جا پُٽ! بيشڪ مون کي ماڻهن ڪمزور سمجهيو ۽ قريب هيو ته مون کي ئي قتل ڪري ڇڏن سو تون مون تي دشمن نه کِلاءِ ۽ مون کي ظالمن جي قوم سان شامل نه ڪر“ |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
(موسى) عرض ڪيو: ”اي منهنجا مالڪ! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي بخش ڪر ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين“. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
بيشڪ جن ماڻهن گابي کي (معبود ڪري) ورتو جلد انهن کي دنياوي زندگي ۾ سندن پالڻهار پاران ڏمر ۽ خواري ملندي ۽ اهڙي طرح اسان ڪوڙ ٺاهيندڙن کي سزا ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ اُهي ماڻهو جن برا عمل ڪيا ۽ ان کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ ايمان آندائون بيشڪ تنهنجو پروردگار ان کان پوءِ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
۽ جڏهن موسى جي ڪاوڙ لٿي ته تختيون کنيائين ۽ انهن جي لکت ۾ هدايت ۽ رحمت هئي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا. |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
۽ موسى پنهنجي قوم مان ستر مرد اسان جي مقرر ڪيل وقت (تي حاضر ٿيڻ) لاءِ چونڊيا. پوءِ جڏهن انهن کي شديد زلزلي پڪڙيو ته (موسى) عرض ڪيو: ”اي پروردگار جي تون چاهين ها ته هن کان اڳ انهن کي ۽ مون کي هلاڪ ڪري ڇڏين ها! ڇا تون اسان کي ان (خطا جي) ڪري هلاڪ ٿو ڪرين؟ جيڪا اسان ڪن مان بي وقوف ماڻهن ڪئي. اها تنهنجي آزمائش ئي آهي ان جي ذريعي جنهن کي چاهين گمراهه ڪرين ۽ جنهن کي چاهين هدايت ڪرين. تون ئي اسان جو ڪارساز آهين پوءِ اسان جي بخشش ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون سڀني کان ڀلو بخشڻهار آهين. |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
۽ اسان جي لاءِ هن دنيا ۽ آخرت ۾ چڱائي لکي ڇڏ بيشڪ اسان تو ڏانهن موٽيا آهيون. الله فرمايو: ”منهنجو عذاب جنهن کي چاهيان پهچايان ٿو ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ کان وڌيڪ ڪشادي آهي. پوءِ جلد اها انهن لاءِ لکندس جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکڻ وارا آهن“. |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
جي ماڻهو هن رسول (ﷺ) جي پيروي ڪن ٿا جو نبي اُمي (يعني دنيا جي ڪنهن استاد وٽ پڙهيل نه) آهي جنهن (جي واکاڻ) کي اُهي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل لهن ٿا. جو انهن کي نيڪين جو حڪم ڪري ٿو ۽ انهن کي براين کان روڪي ٿو ۽ انهن لاءِ پاڪيزه شيون حلال ڪري ٿو ۽ انهن تي گنديون شيون حرام ڪري ٿو ۽ انهن تان ڳرا بار ۽ جيڪي ڳٽ مٿن هئا سي لاهي ٿو. پوءِ جن ماڻهن مٿس ايمان آندو ۽ سندس عزت ڪيائون ۽ سندس مدد ڪيائون ۽ ان نور (قرآن) جي پيروي ڪيائون جيڪو ساڻس گڏ نازل ڪيو ويو آهي ته اُهي ئي ڪامياب آهن. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
چؤ: ”اي انسانو! بيشڪ آءُ اوهان سڀني ڏانهن ان الله جو رسول آهيان جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي، اهو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ الله تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول تي (ايمان آڻيو) جيڪو امي (لقب وارو) نبي آهي جيڪو الله تي ۽ ان جي احڪامن تي ايمان رکي ٿو ۽ اوهان ان جي پيروي ڪيو ته توهان هدايت وارا ٿيو. |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
۽ موسى جي قوم مان هڪ جماعت آهي جيڪي حق جي راهه ٻڌائن ٿا ۽ ان جي مطابق انصاف (سان فيصلا) ڪن ٿا. |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
۽ اسان انهن (بني اسرائيل) کي ٻارهن خاندانن ۾ ورهائي سڀ الڳ الڳ جماعت بنائي. ۽ اسان موسى ڏانهن وحي ڪئي جنهن وقت سندس قوم کانئس پاڻيءَ جي طلب ڪئي ته پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ! پوءِ ان مان ٻارهن چشما وهي هليا. هر ماڻهو پنهنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاڻِي ورتِي. ۽ اسان انهن مٿان ڪڪرن جي ڇانؤ ڪئي ۽ اسان انهن تي من ۽ سلوى (جنتي کاڌو) لاٿو. کائو ان مان جيڪي اسان اوهان کي پاڪيزه رزق بنائي ڏنو آهي. انهن (بي فرمانيون ڪري ) اسان سان ظلم نه ڪيو پر پاڻ پنهنجي جانين سان ظلم پئي ڪيائون. |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
۽ جڏهن کين چيو ويو ته: ”هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ ان مان جتان وڻي وڃي کائو ۽ چئو حِطَّةٌ ”معاف ڪر“ ۽ دروازي مان سجدو ڪندي داخل ٿيو ته اسان اوهان جون خطائون بخشينداسين. جلد اسان نيڪوڪارن کي وڌائينداسين“. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
پوءِ انهن مان جن ماڻهن ظلم ڪيو ته اها ڳالهه جيڪا کين چئي وئي هئي سا ٻي ڳالهه سان بدلائي ڇڏيائون. پوءِ اسان انهن تي آسمان مان عذاب موڪليو، ان ڪري جو اُهي ظلم ڪندا هئا. |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
۽ انهن کان ان ڳوٺ جي باري ۾ پڇ جيڪو سمنڊ جي ڪناري واقع هيو. جڏهن ڇنڇر جي ڏينهن جي باري ۾ حد کان وڌڻ لڳا جڏهن انهن جون مڇيون ڇنڇر ڏينهن انهن اڳيان (پاڻيءَ جي سطح تي) ظاهر ٿي اينديون هيون ۽ (جڏهن) ڇنڇر جو ڏينهن نه هوندو هيو ته (سطح تي) نه اينديون هيون..اهڙي طرح.. اسان انهن کي آزمايو پئي ان ڪري جو اهي نا فرماني ڪندا هئا. |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
۽ جنهن وقت انهن مان هڪ جماعت چيو ته : ”ان قوم کي ڇو ٿا نصيحت ڪيو؟ جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو آهي يا انهن کي سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي“ ته چيائون: ”اوهان جي پالڻهار جي حضور معذرت پيش ڪرڻ لاءِ ۽ هن لاءِ ته من اُهي پرهيزگار بنجي وڃن“. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جڏهن وساري ڇڏيائون (ان ڳالهين کي) جن جي کين نصيحت ڪئي وئي هئي ته اسان (رڳو) انهن کي نجات ڏني جيڪي برائي کان روڪيندا هئا ۽ جي ظلم ڪندا هئا انهن کي بڇڙي عذاب ۾ پڪڙيوسين ان ڪري جو اُهي نافرماني ڪندا هئا. |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جڏهن اُهي حد کان ٽپي ويا ان (ڳالهه) ۾ جنهن کان منع ڪيا ويا هئا ته اسان انهن کي چيو ته ذليل ۽ خوار ڀولڙا ٿي پئو. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
۽ جنهن وقت تنهنجي پالڻهار اعلان ڪيو ته قيامت جي ڏينهن تائين ضرورانهن (يهودين) مٿان ڪونه ڪو اهڙو ماڻهو موڪليندو رهندو جيڪو کين بڇڙو عذاب پهچائيندو رهندو. بيشڪ تنهنجو پالڻهار جلدي سزا ڏيڻ وارو آهي ۽ اُهو وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي. |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
۽ اسان انهن کي زمين ۾ ٽولن ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو. انهن مان ڪي نيڪوڪار آهن ۽ انهن مان ڪي ٻي طرح جا (يعني بدڪار) آهن ۽ اسان انهن کي خوشحالين ۽ بدحالين سان آزمايو من ته اُهي موٽن. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
پوءِ انهن کان بعد (نا اهل ماڻهو) انهن جي جاءِ تي آيا جي ڪتاب جا وارث ٿي ڪري به هن خسيس دنيا جو سامان (بطور رشوت) وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته: جلد اسان جي بخشش ڪئي ويندي. (ٻيهر ائين نه ڪنداسين) حالانڪه انهن وٽ جي اهڙو مال (ٻيو به )اچي ته ان کي به وٺندا. ڇا انهن کان ڪتاب ۾ هي عهد نه ورتو ويو هيو ته اُهي الله تي حق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چوندا ۽ انهن خود پڙهيو به آهي جو ڪجھه ان (ڪتاب) ۾ آهي. ۽ آخرت جو گهر انهن لاءِ ڀلو آهي جيڪي پرهيزگار آهن ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو. |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جيڪي ماڻهو (الله جي) ڪتاب کي مضبوطيءَ سان پڪڙن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا. ته بيشڪ اسان اصلاح ڪرڻ وارن جو اجر ضايع نه ٿا ڪيون. |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
۽ (اُهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان انهن جي مٿان جبل کي کنيوسين ڄڻڪ اهو هڪ ڇَٽي آهي ۽ سمجھيائون ته اهو سندن مٿان ڪِرڻ وارو آهي. (چيوسين) ”جيڪي اسان اوهان کي ڏنو آهي سو مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ جيڪي ان ۾ آهي سو ياد ڪيو تان ته توهان پرهيزگار ٿيو“. |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار آدم جي اولاد جي پُٺين مان سندن کي اولاد ڪڍيو۽ انهن کي خود مٿن شاهد بنايائين. (پڇيائين) ”ڇا آءٌ اوهان جو رب نه آهيان“؟ چيائون: ”هائو! (تون اسان جو رب آهين) .. اسان شاهدي ڏيون ٿا“.. (فرمايائين) متان قيامت واري ڏينهن چئو ته: ”اسان هن کان غافل هئاسين“. |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا متان چئو ته: ”شرڪ (جو آغاز) ته اسان جي ابن ڏاڏن اڳ ڪيو هيو ۽ اسان انهن کان پوءِ انهن جو اولاد آهيون. ڇا پوءِ تون اسان کي ان ڪري هلاڪ ڪندين، جيڪو گمراهه ماڻهو ڪري ويا“؟ |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
۽ اهڙي طرح اسان آيتون کولي کولي بيان ٿا ڪيون ته من اُهي موٽن. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
۽ انهن کي ان ماڻهو جو قصو به پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون آيتون ڏنيون پوءِ انهن کان (بلڪل) نڪري ويو. پوءِ شيطان ان جي پويان لڳو پوءِ گمراهن مان ٿي ويو. |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن (آيتن) جي ذريعي ان کي بلند ڪيون ها ۽ پر اهو زمين ڏانهن (پستين ۾) ڪِري پيو ۽ پنهنجي خواهشن پٺيان لڳو. پوءِ ان جو مثال ان ڪتي وانگر آهي، جيڪڏهن ان تي سختي ڪرين ته سهڪندو يا جي ان کي ڇڏي ڏين ته به سهڪندو. اهو اهڙي قوم جو مثال آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو. پوءِ تون قصا بيان ڪر من اهي فڪر ڪن. |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
ان قوم جو بڇڙو مثال آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ اُهي پاڻ پنهنجي جانين تي ظلم ڪندا رهيا آهن. |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ته پوءِ اهي نقصان وارا آهن. |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
۽ تحقيق اسان جِنن ۽ انسانن مان گهڻن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي انهن کي دليون آهن پر انهن سان سمجهن نه ٿا ۽ انهن کي اکيون آهن پر انهن سان ڏسن نه ٿا ۽ انهن کي ڪن آهن پر انهن سان ٻڌن نه ٿا. اهي جانورن وانگر آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ گمراهه آهن. اهي ئي غافل آهن. |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
۽ الله لاءِ سهڻا نالا آهن پوءِ کيس انهن سان سڏيو ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو جيڪي سندس نالن کي ڦيرائن ٿا. جلد سزا ڏنا ويندا جيڪي عمل ڪندا هئا. |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
۽ جن کي اسان پيدا ڪيو آهي انهن مان هڪ جماعت اهڙي به آهي جيڪي حق ڳالهه جي هدايت ڪن ٿا ۽ پاڻ به ان جي موافق عدل ڪن ٿا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو جلد اسان انهن کي رفته رفته (اهڙي طريقي سان) هلاڪت طرف وٺي وينداسين جو انهن کي خبر به نه پوندي. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
۽ آءٌ انهن کي مُهلت ڏئي رهيو آهيان، بيشڪ منهنجي تدبير مضبوط آهي. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا اُهي غور نه ٿا ڪن! ته انهن جي صاحب (نبي ﷺ)کي ڪو جنون (جو اثر به) نه آهي. اُهو ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهي. |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڇا اهي (غور ۽ فڪر سان) نه ٿا ڏسن؟ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ۾ ۽ جا شيءِ الله پيدا ڪئي آهي (ان ۾) ۽ هن ۾ ته متان انهن جو موت ويجھو اچي چڪو هجي. پوءِ هن (قرآن) کان پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا. |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان کي ڪو هدايت ڪرڻ وارو ناهي. ۽ انهن کي ڇڏي ڏئي ٿو ته پنهنجي گمراهي ۾ ڀٽڪندا رهن. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته ان جو اچڻ ڪڏهن ٿيندو؟ چؤ: ”ان جو علم صرف منهنجي پروردگار وٽ آهي. ان جي مقرر وقت کي ان کان سواءِ ٻيو ڪو پڌرو ڪونه ڪندو. اُها آسمانن ۽ زمين تي ڳري آهي. اُها اوهان تي نه ايندي مگر اوچتو“. اُهي توکان ائين پڇن ٿا ڄڻڪ تون ان جِي تحقيق ڪري چڪو آهين. چؤ ته: ”ان جو علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن“. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
چؤ ته: ”آءٌ پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن به نفعي ۽ نقصان جو مالڪ نه آهيان سواءِ ان جي جيڪو الله چاهي. ۽ جيڪڏهن آءٌ (ازخود) غيب جو علم ڄاڻان ها ته گهڻو خير گڏ ڪيان ها. ۽ مون کي ڪو نقصان نه پهچي ها.. آءُ ته رُڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان ان قوم کي جيڪي ايمان رکن ٿا“. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙ پيدا ڪيائين جيئن ان مان سڪون حاصل ڪري. پوءِ جڏهن مردَ ان (زال) کي ڍڪيو، (يعني مرد زال سان گڏيو) ته هلڪڙي بار سان حمل واري ٿي پئي پوءِ ان سان گُھمندي رهي. پوءِ جڏهن ڳري بار واري ٿي ته ٻنهين پنهنجي پالڻهار الله کي سڏيو ته: ”جيڪڏهن تو اسان کي صحيح سالم ٻار ڏنو ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين“. |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جڏهن انهن کي صحيح سالم اولاد ڏنائين ته الله جي ڏنل شيءِ ۾ ان سان شريڪ مقرر ڪيائون، پوءِ الله برتر آهي ان کان جيڪو شرڪ ڪن ٿا. |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
ڇا اهڙن کي شريڪ ڪن ٿا؟ جيڪي ڪا شيء پيدا ڪري نه ٿا سگهن ۽ اُهي (پاڻ) پيدا ڪيا ويا آهن. |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
۽ نه انهن جي مدد ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا ۽ نه ئي پاڻ پنهنجي مدد ڪري سگهن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
۽ جي اوهان انهن کي هدايت ڏانهن سڏيوته اوهان جي پيروي ڪو نه ڪندا. اوهان تي برابر آهي انهن کي سڏيو يا اوهان خاموش رهو. |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
بيشڪ اوهان الله کي ڇڏي جن (بتن) کي پوڄيو ٿا اُهي به اوهان وانگر ٻانها آهن. پوءِ انهن کي سڏيو ته اهي اوهان کي جواب ڏين! جيڪڏهن اوهان سچا آهيو. |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا انهن کي پَير آهن؟ جن سان هلن، ڇا انهن کي هٿ آهن؟ جن سان پڪڙن، ڇا انهن کي اکيون آهن؟ جن سان ڏسن، ڇا انهن کي ڪن آهن؟ جن سان ٻڌن. چؤ ته پنهنجي شريڪن کي سڏيو پوءِ مون تي پنهنجي سازش هلايو پوءِ مون کي مُهلت نه ڏيو. |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
بيشڪ منهنجو مددگار الله آهي جنهن ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ اهو ئي صالحن جي مدد ڪري ٿو. |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
۽ جن (بتن) کي ان (الله) کان سواءِ پوڄيو ٿا اهي اوهان جي مدد ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه ئي پنهنجي مدد ڪري سگهن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏهن اوهان انهن کي هدايت ڏانهن سڏيو ته نه ٻڌندا. ۽ تون انهن کي ڏسين ته (ائين لڳي ٿو) ڄڻڪ اهي تو ڏانهن نهارن ٿا حالانڪه اُهي نه ٿا ڏسن. |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
معاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ نيڪي جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
۽ جيڪڏهن (اي مخاطب) شيطان جي طرفان تو کي ڪو وسوسو اڀاري ته تون الله جي پناهه طلب ڪر. بلاشڪ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
بيشڪ جن ماڻهن پرهيزگاري ڪئي جڏهن انهن کي شيطان کان ڪو خيال به ڇُهي ٿو ته اُهي ذڪر ڪن ٿا پوءِ ان وقت انهن جون اکيون کلي پون ٿيون. |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
۽ انهن (شيطانن) جا ڀائر انهن کي گمراهي ۾ ڇڪن ٿا ان ۾ ڪا ڪوتاهي ڪونه ٿا ڪن. |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
۽ جڏهن تون انهن وٽ ڪا آيت نه ٿو آڻين ته چون ٿا ”تون پاڻ وٽان ان کي ڇو نه ٿو ٺاهي آڻين“؟ چؤ: ”آءٌ ته صرف ان وحي جي پيروي ڪيان ٿو، جيڪا منهنجي پالڻهار وٽان اچي ٿي. هي (قرآن) اوهان جي پالڻهار پاران قطعي دليل آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان وارا آهن. |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
۽ جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته پوءِ ان کي (غور سان) ٻڌو ۽ خاموش رهو من توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
۽ پنهنجي پالڻهار جو ذڪر ڪر پنهنجي جيءَ ۾ عاجزي ۽ خوف سان ۽ بغير زوردار آواز جي (يعني وچولي آواز ۾ به) صبح ۽ شام ۽ غافلن مان نه هج. |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
بيشڪ جيڪي (ملائڪ) تنهنجي پالڻهار وٽ آهن سي ان جي عبادت کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ ان کي سجدو ڪن ٿا. |