المص (آيت : 1) |
الۗمّۗصۗ |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
(هيءُ) قرآن ڪريم نازل ڪيو ويو رسولِ عربي ڏانهن پوءِ توهان (تبليغ وقت) پريشان نه ٿيو ان لاءِ ته ماڻهن کي قرآن ڪريم سان ڊيڄاريو ۽ مؤمنن لاءِ (قرآن ڪريم) نصيحت آهي |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
توهان تابعداري ڪريو قرآن ڪريم جي جيڪو توهان ڏانهن نازل ڪيو ويو توهان جي رب جي طرفان ۽ الله کان سواءِ حاڪمن جي تابعداري نه ڪريو، توهان تمام ٿورو سمجھو ٿا |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا پوءِ آيو انهن تي عذاب اسان جو رات جي وقت يا ٻنپهرن جو جنهن وقت اهي آرام ڪندڙ هئا |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
پوءِ نه هو (ڪارآمد) پُڪارڻ انهن جو، جنهن وقت انهن تي اسان جو عذاب آيو مگر پاڻ چيائون ٿي ته بيشڪ اسين ظالم هئاسين |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ ضرور پڇنداسين انهن ماڻهن کان جن ڏانهن رسول موڪليا ويا ۽ ضرور سوال ڪنداسين (تبليغ متعلق) رسولن کان |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ انهن تي اسين سندن حالات پنهنجي علم سان بيان ڪنداسين ۽ اسين بي خبر ناهيون |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
۽ قيامت جي ڏينهن عملن جو پورو ثواب ملندو، پوءِ جنهن ماڻهو جا وزن (نيڪ عمل) زياده ٿيا پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ جنهن ماڻهو جا وزن (نيڪ عمل) گھٽ ٿيا پوءِ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجن نفسن کي نقصان ۾ وڌو انهيءَ سببان جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪيائون |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
۽ تحقيق اسان توهان کي زمين تي آباد ڪيو ۽ اسان توهان لاءِ زمين ۾ گذران پيدا ڪيو، توهان تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
۽ تحقيق اسان توهان کي پيدا فرمايو پوءِ اسان توهان جون صورتون تيار ڪيون اُن کان پوءِ اسان ملائڪن کي فرمايو ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ (سڀني) سجدو ڪيو مگر شيطان، سجدي ڪندڙن مان نه هو |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
الله تعالى فرمايو توکي ڪهڙي شيءِ منع ڪيو جو تو سجدو نه ڪيو جڏهن ته مون توکي حڪم ڪيو، شيطان چيو آئون آدم کان ڀلو آهيان تو مون کي باه مان پيدا ڪيو ۽ آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
الله فرمايو تون اِتان نڪري وڃ توکي لائق ناهي جو تون اتي تڪبر ڪرين، پوءِ تون اِتان نڪري وڃ بيشڪ تون ذليلن مان آهين |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
شيطان چيو تون مون کي قيامت تائين مهلت ڏي |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
الله فرمايو بيشڪ توکي مهلت آهي |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
شيطان چيو انهي سببان جو تو مون کي گمراه ڪيو، آئون ضرور گمراه ڪرڻ لاءِ تنهنجي سنئين واٽ تي ويهندس |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
ان کان پوءِ ضرور ايندس آئون ماڻهن جي اڳيان ۽ انهن جي پويان ۽ انهن جي سڄي ۽ کٻي پاسي (گمراه ڪرڻ لاءِ)، ۽ تون اڪثر ماڻهن کي شڪرگذار نه لهندين |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
الله تعالى فرمايو تون اتان بڇڙو ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ، جن ماڻهن تنهنجي تابعداري ڪئي توهان سڀني سان آئون ضرور جهنم ڀريندس |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي گھر واري بهشت ۾ رهو پوءِ توهان کائو بهشت مان جتان توهان کي پسند اچي ۽ توهان هن وڻ کي ويجھا نه ٿيو ورنه توهان حد کان وڌندڙن مان ٿي پوندا |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ شيطان آدم ۽ حوا کي وِسوِسو وڌو انهي لاءِ ته سندن ڍڪيل بدن ظاهر ڪري، ۽ شيطان چيو توهان کي توهان جي رب انهي وڻ کان منع ان ڪري ڪئي آهي ته متان توهان ٻئي فرشتا ٿي پئو يا هميشه بهشتي ٿي پئو |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ شيطان آدم ۽ حوا جي سامهون قسم کڻي چيو ته آئون توهان جو خيرخواهه آهيان |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
پوءِ ٻنهي کي ڌوڪي سان هيٺ لاٿائين، پوءِ جڏهن ٻنهي وڻ کي چکيو ته سندن پردي وارو بدن ظاهر ٿي پيو ۽ پنهنجي بدن تي بهشت جا پنا ويڙهيائون (پردي لاءِ) ۽ الله ٻنهي کي فرمايو ڇا مون توهان کي انهي وڻ کان منع نه ڪئي هئي ۽ مون توهان ٻنهي کي نه چيو هو ته بيشڪ شيطان توهان جو صاف دشمن آهي |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
(آدم ۽ حوا) عرض ڪيو اي اسان جا رب اسان پنهنجي نفسن تي ظلم ڪيو، ۽ جيڪڏهن تو اسان کي بخش نه فرمايو ۽ رحم نه ڪيو ته اسين ضرور نقصان وارن مان ٿينداسين |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
الله فرمايو توهان هيٺ لهو توهان هڪ ٻئي جا دشمن ٿيندا، ۽ توهان لاءِ زمين ۾ ڪنهن وقت تائين رهڻ ۽ گذران آهي |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
الله فرمايو توهان انهي زمين ۾ زندگي گذاريندا ۽ انهي ۾ توهان کي موت ايندو ۽ انهي مان اٿاريا ويندا |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي اولاد آدم جا تحقيق اسان نازل ڪيو توهان ڏانهن لباس کي جيڪو توهان جي اوگھڙن کي ڍڪي ٿو ۽ توهان لاءِ خوبصورتي آهي، ۽ پرهيزگاريءَ جو لباس اهو تمام بهتر آهي، اهي الله جون نشانيون آهن ته من اهي نصيحت حاصل ڪن |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي اولاد آدم جا توهان کي شيطان فتني ۾ نه وجھي جهڙي طرح آدم ۽ حوا کي بهشت مان ڪڍيائين، انهن ٻنهيءَ کان سندن لباس کسي ورتائين انهي لاءِ ته کين سندن ڍڪيل بدن ڏيکاري، بيشڪ شيطان ۽ سندس قبيلو توهان کي انهي جاءِ تان ڏسي ٿو جتان توهان انهن کي نٿا ڏسي سگھو، بيشڪ اسان شيطان کي بنايو آهي دوست انهن ماڻهن جو جيڪي ايمان نٿا آڻن |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ جنهن وقت بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا، چون ٿا ته اسان پنهنجن وڏن کي ايئن ڪندي ڏٺو ۽ الله اسان کي اهو ئي حڪم ڪيو آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ الله بي حيائي جو حڪم نه فرمايو آهي، جن حڪمن جي توهان کي خبر ناهي اُهي الله ڏانهن ڇو ٿا منسوب ڪريو |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
توهان فرمايو مون کي منهنجي رب انصاف جو حڪم فرمايو آهي، ۽ هر نماز وقت پنهنجي رُخ کي قبلي ڏانهن ڪريو ۽ خلوص دل سان الله جي عبادت ڪريو، جيئن توهان کي پيدا فرمايائين تيئن توهان کي موٽائيندو |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
الله هڪ ڌُر کي هدايت ڏني ۽ ٻي ڌُر تي گمراهي ثابت ٿي، بيشڪ انهن شيطانن کي دوست بنايو الله تعالى کان سواءِ ۽ ڀانئن ٿا ته بيشڪ اهي هدايت وارا آهن |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي انسانو توهان نماز پڙهڻ وقت سهڻو لباس ڍڪيو ۽ توهان کائو ۽ پيو ۽ اجايو خرچ نه ڪريو، بيشڪ الله اجائي خرچ ڪندڙ سان محبت نٿو رکي |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
رسولِ عربي توهان انهن کان معلوم ڪريو ته الله جي پيدا ڪيل زينت (ڪپڙا وغيره) ۽ پاڪ شيون جيڪي انسانن لاءِ پيدا ڪيون اٿس اُهي ڪنهن حرام ڪيون، توهان فرمايو اهي شيون مؤمنن لاءِ آهن ۽ قيامت ۾ به خاص سندن حصي جون آهن، اهڙي طرح اسين آيتون بيان ڪريون ٿا اُن قوم لاءِ جيڪي سمجھن ٿا |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجي رب حرام ڪئي بي حيائي جڪا ظاهر ۾ آهي يا باطن ۾، ۽ گناه ۽ ناحق سرڪشي ۽ الله سان شرڪ ڪرڻ جنهن لاءِ ان وٽ ڪو دليل ناهي، ۽ جن حڪمن جي توهان کي خبر ناهي اُهي الله ڏانهن ڇو ٿا منسوب ڪريو |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
۽ هر اُمت لاءِ موت جو وقت مقرر آهي، پوءِ جنهن وقت سندس موت ايندو ته ڪا گھڙي اڳتي ۽ پوئتي ڪري نه سگھندا |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
اي انسانو جيڪڏهن توهان وٽ توهان مان رسولَ اچن، جيڪي بيان ڪن ٿا توهان تي منهن جون آيتون، پوءِ جنهن ماڻهو خوفِ خدا ڪيو ۽ نيڪي ڪئي پوءِ انهن تي ڪو خوف ناهي ۽ نه اهي ڏکوئبا |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کي ڪُوڙو سمجھن ٿا ۽ انهن کان تڪبر ڪن ٿا اهي دوزخي آهن، اهي دوزخ ۾ هميشه هوندا |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
پوءِ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي جيڪو الله ته ڪوڙ مڙهي ٿو يا الله جي آيتن کي ڪوڙو سمجھي ٿو، انهن ماڻهن کي سندن نصيب جو حصو ملندو، ايستائين جو جنهن وقت انهن وٽ اسان جا فرشتا پهچندا جيڪي سندن ساهه ڪڍندا، فرشتا کين چوندا توهان جا بُت ڪٿي آهن جن جي عبادت ڪندا هئا، اُهي چوندا اڄ اسان کان بُت غائب ٿي ويا ۽ پاڻ تي اهي شاهدي ڏيندا ته بيشڪ اُهي ڪافر هئا |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
الله فرمائيندو توهان جهنم ۾ داخل ٿيو انهن گروهن سان جيڪي اڳ ۾ گذريا، جِنن ۽ انسانن مان، جڏهن هڪ گروه جهنم ۾ داخل ٿيندو ته اهو اڳئين گروه تي لعنت ڪندو ايستائين جو اهي سڀ جهنم ۾ پهچندا، ته پويان پهرين لاءِ چوندا ته اي اسان جا رب اسان کي انهن گمراه ڪيو پوءِ تون انهن تي ٻيڻون عذاب جهنم جو ڪر، الله تعالى فرمائيندو هر هڪ گروه لاءِ ٻيڻون عذاب آهي پر توهان نٿا سمجھو |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
۽ پهريان چوندا پوين کي ته توهان به اسان کان بهتر ناهيو (مطلب ته ٻَئي گروه عذاب جا حقدار آهن) پوءِ توهان عذاب چکو پنهنجي بداعمالي سببان |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو ۽ انهن کان تڪبر (روگرداني) ڪيائون انهن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نٿا داخل ٿين اهي بهشت ۾ ايستائين جو سُئي جي سوراخ ۾ اُٺ داخل ٿئي، ۽ اسان اهڙي طرح مجرمن کي جزا ڏيون ٿا |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
انهن لاءِ جهنم جو وڇاڻو آهي ۽ انهن جي مٿان جهنم جو اوڍڻ آهي، ۽ اسان اهڙي طرح ظالمن کي جزا ڏيون ٿا |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اسان نٿا تڪليف ڏيون انهن نفسن کي مگر سندن طاقت آهر، اهي بهشتي آهن، اهي هميشه بهشت ۾ رهندا |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
۽ اسان انهن جي سينن مان حسد کي ڪڍنداسين، انهن بهشتين جي هيٺان نهرون وهنديون، ۽ اهي چوندا سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن اسان کي سڌي واٽ جي هدايت ڏني ۽ جيڪڏهن الله اسان کي هدايت نه ڏئي ها ته اسين هدايت وارا نه ٿيون ها، تحقيق الله جي رسولن سچ آندو، ۽ پُڪاريا ويندا (نيڪوڪار) ته هيءُ بهشت توهان کي ورثي ۾ مليو، انهيءَ سببان جو توهان نيڪ عمل ڪندا هئا |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ بهشتي دوزخين کي پڪاريندا، ته اسان کي بيشڪ ملي ويو جيڪو سچو وعدو اسان جي رب اسان سان ڪيو هو، پوءِ ڇا توهان کي نه مليو جيڪو سچو وعدو توهان جي رب توهان سان ڪيو هو، چوندا هائو، پوءِ آواز ڏيندڙ انهن جي درميان چوندو ته الله جي لعنت ظالمن تي آهي |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
جيڪي الله جي راه کان روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته الله جي دين کي تبديل ڪن ۽ اهي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
۽ بهشتين ۽ دوزخين جي وچ ۾ پردو آهي، ۽ اعراف ۾ ماڻهو هوندا جيڪي هڪ ٻئي کي سندن نشانين سان سڃاڻن ٿا، ۽ اهي بهشتين کي سڏيندا ته توهان تي سلامتي آهي، اهي بهشت ۾ داخل نه ٿيندا اگرچه اهي سَڌََ ڪندا |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ جڏهن اعراف (درمياني درجي وارن) جون اکيون جهنمين ڏانهن ڦيرايون وينديون، چوندا اي اسان جا رب، اسان کي تون ظالمن جي قوم سان نه ملاءِ |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
۽ سڏيندا اعراف وارا، (درمياني درجي وارا) دوزخي ماڻهن کي جن کي اهي سندن نشانين سان سڃاڻيندا، اهي چوندا، نه دفع ڪيو توهان تان عذاب توهان جي گروه ۽ جنهن تي توهان کي غرور هو |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ڇا هي اهي ماڻهو آهن جن لاءِ توهان قسم کڻي چوندا هئا ته انهن کي الله جي رحمت نه پهچندي، توهان داخل ٿيو بهشت ۾ توهان تو ڪو خوف ناهي ۽ نه توهان ڏکوئبا |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ سڏيندا جهنمي، بهشتين کي ته توهان موڪليو اسان ڏانهن پاڻي يا جيڪي توهان کي الله رزق عطا ڪيو آهي، بهشتي چوندا بيشڪ الله پاڻي ۽ رزق ڪافرن تي حرام ڪيو آهي |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جيڪي پنهنجي دين کي مذاق ۽ راند ڪري سمجھندا هئا ۽ کين سندن دنيا جي حياتي مغرور ڪيو، پوءِ اڄ اسان انهن کي وساريون ٿا جيئن انهن قيامت کي وساريو هو، ۽ جيئن اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
۽ تحقيق انهن وٽ قرآن ڪريم پهتو پوءِ اسان قرآن کي پنهنجي علم سان کولي کولي بيان ڪيو، هدايت ۽ رحمت آهي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
انهن ڪافرن کي ناهي انتظار مگر آخري نتيجي جو، جنهن ڏينهن اُن جو آخري نتيجو سامهون ايندو ته چوندا اُهي جن دنيا ۾ قيامت کي وساريو هو، ته تحقيق الله جا رسول اسان وٽ سچ کڻي آيا، پوءِ ڇا اسان لاءِ ڪي سفارشي آهن جيڪي اسان لاءِ (هينئر) سفارش ڪن، يا اسين دنيا ۾ موٽي نيڪ عمل ڪريون، بيشڪ نقصان ۾ وڌائون پنهنجن نفسن کي ۽ هٿ مان نڪري وَيَنِ اهي ڳالهيون جيڪي ٺاهيندا هئا |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
بيشڪ توهان جو رب الله آهي جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي ڇهن ڏينهن ۾ اُن کان پوءِ برابر ٿيو عرشِ عظيم تي (جيئنڪ سندس شايانِ شان آهي)، اهو الله آهي جيڪو رات کي ڏينهن ڪري ٿو جيڪي هڪ ٻئي پويان جلدي اچن ٿا، ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا الله جي حڪم جا تابعدار آهن، خبردار ! سڀئي مخلوق ۽ سڀئي حڪم الله جا آهن، وڏي برڪت وارو الله آهي جيڪو رب آهي جهانن جو |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
دعا گھرو توهان پنهنجي رب کان عاجزيءَ ۽ آهستگي سان، بيشڪ الله حد کان وڌندڙن سان محبت نٿو رکي |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ توهان زمين ۾ فساد نه ڪريو رسولن جي اچڻ کان پوءِ ۽ دعا گھرو توهان خوف ۽ اُميد سان، تحقيق الله جي رحمت نيڪوڪارن کي ويجھي آهي |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ الله تعالى اُهو آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائن کي مينهن کان اڳ ۾ خوشخبري ڏيندڙ، تان جو جنهن وقت هوائون کڻن ٿيون ڳرن ڪَڪَرن کي، اسان انهن ڪڪرن کي غيرآباد شهر لاءِ هلايون ٿا، پوءِ ڪڪرن مان مينهن وسايون ٿا، مينهن مان هر قسم جا ميوا پيدا ڪريون ٿا، اهڙي طرح اسين مئلن کي (زمين مان) زندهه ڪري ٻاهر ڪڍنداسين اُن لاءِ ته توهان نصيحت حاصل ڪريو |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ ڀَلِي زمين الله تعالى جي حڪم سان (ُبهترين) سلا پيدا ڪري ٿي، ۽ ڍِلِي زمين تمام ٿوري پيدائش ڏئي ٿي، اهڙي طرح اسين بيان ڪريون ٿا پنهنجين نشانين کي اُن قوم لاءِ جيڪي شُڪر ڪن ٿا |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
تحقيق اسان نوح کي پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين اي منهنجي قوم الله جي عبادت ڪريو، الله کان سواٰءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، بيشڪ آئون توهان جي مٿان قيامت جي عذاب جو خوف ڪريان ٿو |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
سندس قوم مان وڏن ماڻهن چيو، بيشڪ اسان توکي صاف گمراهي ۾ ڏسون ٿا |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
(حضرت) نوح چيو اي منهنجي قوم مون کي ڪا گمراهي ناهي پر آئون رب العالمين جي طرفان رسول آهيان |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
آئون توهان کي پنهنجي رب جا احڪام پهچايان ٿو ۽ توهان کي نصيحت ڪريان ٿو ۽ آئون الله جي طرفان اُهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان نٿا ڄاڻو |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا توهان کي عجب لڳي ٿو ته توهان مان هڪ انسان کي رسالت ملي الله جي طرفان، انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاري ۽ توهان ڊڄو ۽ من توهان تي رحم ڪيو وڃي |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پوءِ انهن نوح کي ڪوڙو سمجھو پوءِ اسان نوح ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي ٻيڙيءَ ۾ هئا نجات ڏني ۽ اسان انهن کي ٻوڙيو جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھندا هئا، بيشڪ اها قوم (حق کان) نابين هئي |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ عاد (قوم) ڏانهن سندن ڀاءَ (حضرت) هود کي پيغمبر ڪري موڪليوسين، هود چيو اي منهنجي قوم توهان الله جي عبادت ڪريو الله کان سواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، ڇا پوءِ توهان الله کان نٿا ڊڄو |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
سندس قوم مان ڪافرن جي هڪ گروه چيو بيشڪ اسين توکي بي عقل سمجھون ٿا ۽ تحقيق اسان کي يقين آهي ته تون ڪوڙن مان آهين |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
(حضرت) هود چيو اي منهنجي قوم مون کي ڪا بي عقلي ناهي پر آئون رب العالمين جي طرفان رسول آهيان |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
آئون توهان کي پنهنجي رب جا احڪام پهچايان ٿو ۽ آئون توهان لاءِ نصيحت ڪندڙ امين آهيان |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا توهان عجب ڪريو ٿا ته توهان مان هڪ انسان کي رسالت ملي الله جي طرفان انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاري، ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت الله توهان کي نائب مقرر ڪيو، نوح جي قوم کان پوءِ ۽ قَدَ بُتَ ۾ توهان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ توهان الله تعالى جون نعمتون ياد ڪريو ته يقيناً توهان نجات لهندا |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
اُمتين چيو ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسين فقط هڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ انهن معبودن کي ڇڏيون جن جا پوڄاري اسان جا وڏا هئا، پوءِ تون اُهو عذاب آڻ جنهن جو تون وعدو ڪرين ٿو جيڪڏهن تون سچو آهين |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
هود چيو تحقيق توهان تي توهان جي رب جي طرفان عذاب ۽ غضب ايندو، ڇا توهان مون سان انهن نالن متعلق جھڳڙو ڪريو ٿا جيڪي خود توهان ۽ توهان جي وڏن (بُتن لاءِ) رکيا آهن، الله بُتن جي عبادت لاءِ ڪا حجت نه موڪلي، پوءِ توهان (عذاب جو) انتظار ڪريو بيشڪ آئون به توهان سان انتظار ڪندڙ آهيان |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
پوءِ اسان هود ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ اسان پاڙون پٽيون انهن ماڻهن جون، جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھندا هئا ۽ اهي مؤمن نه هئا |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ ثمود (قبيلي) ڏانهن سندن ڀاءُ (حضرت) صالح پيغمبر ڪري موڪيلوسين، صالح چيو اي منهنجي قوم توهان الله جي عبادت ڪريو الله کانسواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، تحقيق توهان وٽ آيو دليل توهان جي رب جي طرفان، هيءُ الله جي ڏاچي آهي جيڪا توهان لاءِ نشاني آهي، پوءِ توهان ڇڏي ڏيو ته اها الله جي زمين ۾ چَري ۽ توهان ان کي ڪا تڪليف نه ڏيو، (ورنه) توهان کي دردناڪ عذاب پهچندو |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت الله توهان کي عاد قوم کان پوءِ نائب مقرر ڪيو ۽ توهان کي زمين ۾ ٽڪايائين، نرم زمين مان توهان ماڙيون ڪندا هئا (اونهاري لاءِ) ۽ جبلن مان گھر تيار ڪندا هئا (سياري لاءِ)، پوءِ توهان الله جون نعمتون ياد ڪريو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي نه اُٿو |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
سندس قوم مان هڪ گروه چيو جيڪي تڪبر ڪندا هئا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي مسلمان مسڪين هئا، ته ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته بيشڪ صالح پيغمبر آهي الله جي طرفان، مسڪينن چيو ته بيشڪ اسين سندس رسالت کي مڃيندڙ آهيون |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
چيو انهن ماڻهن جن تڪبر ڪيو بيشڪ اسان ان رسالت کي جيڪا توهان مڃو ٿا، انهيءَ جو انڪار ڪندڙ آهيون |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ ڏاچيءَ کي (تلوار سان) ماريائون ۽ پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪيائون ۽ چيائون ته اي صالح تون اهو عذاب اسان لاءِ آڻ جنهن جو تو اسان سان وعدو ڪيو جيڪڏهن تون پيغمبر آهين |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
پوءِ انهن تي سخت زلزلو آيو پوءِ پنهنجن گھرن ۾ گوڏن ڀَر مئل ٿي ڪري پيا |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
پوءِ صالح انهن کان پاسو ڪيو ۽ چيائين اي منهنجي قوم تحقيق مون توهان کي پنهنجي رب جي رسالت پهچائي ۽ مون، توهان کي نصيحت ڪئي پر توهان نصيحت ڪندڙن کي پسند نٿا ڪريو |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ پيغمبر لوط جنهن وقت پنهنجي قوم کي چيو ڇا توهان بدفعلي ڪريو ٿا جيڪا توهان کان اڳ ۾ جهان وارن مان ڪنهن هڪ به ڪا نه ڪئي |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
تحقيق توهان مردن ڏانهن خراب ارادي سان وڃو ٿا، عورتن کان سواءِ، بلڪ توهان ماڻهو حد کان لنگھي ويا |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
۽ لوط جي قوم جو جواب نه هو مگر چيائون ته توهان انهن (لوط ۽ سندس گھر وارن کي) سندن ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍو، بيشڪ اهي ماڻهو بُرائي کان پاڪ آهن |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
پوءِ اسان لوط ۽ سندس گھر وارن کي نجات ڏني سواءِ سندس گھر واريءَ جي، جيڪا عذاب ڪيلن مان هئي |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ اسان بارش وسائي انهن جي مٿان هڪ بارش (پٿرن جي) پوءِ توهان ڏسو ته ڪهڙي طرح پڇاڙي آهي مجرمن جي |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ مدين (قبيلي) ڏانهن اسان سندن ڀاءُ (حضرت) شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو، شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان الله جي عبادت ڪريو الله کانسواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، تحقيق توهان وٽ دليل آيو توهان جي رب جي طرفان پوءِ توهان ماپ ۽ تور پوري ڪريو ۽ ماڻهن کي تور ۾ گھٽ شيون نه ڏيندا ڪريو، ۽ زمين ۾ فساد نه ڪريو پيغمبرن جي اچڻ کان پوءِ، انهي ۾ توهان لاءِ ڀلائي آهي جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ هر سنئين رستي تي ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ (گمراه ڪرڻ لاءِ) نه ويهو ۽ الله جي راه کان توهان روڪيو ٿا انهن ماڻهن کي جيڪي الله تي ايمان آڻن ٿا ۽ انهيءَ راه ۾ ٽيڙائي طلب ڪريو ٿا، ۽ توهان ياد ڪريو جڏهن توهان ٿورا هئا پوءِ الله توهان جي نسل ۾ برڪت وڌي ۽ توهان ڏسو ته فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
۽ جيڪڏهن توهان مان ڪن ماڻهن ايمان آندو منهنجي رسالت تي ۽ ڪن ماڻهن ايمان نه آندو پوءِ توهان صبر ڪريو ايستائين جو الله فيصلو فرمائي اسان جي وچ ۾، ۽ الله بهترين فيصلو ڪندڙ آهي |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
(حضرت) شعيب جي قوم مان سردارن چيو جيڪي تڪبر ڪندا هئا، ته اي شعيب اسين توکي ۽ جن ماڻهن تو سان گڏ ايمان آندو آهي انهن کي ضرور پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍنداسين يا ضرور توکي پنهنجي مذهب تي موٽائينداسين، شعيب چيو ڇا جيتوڻيڪ اسان بيزار آهيون |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
تحقيق توهان الله تي ڪوڙ مڙهيو آهي جيڪڏهن اسين توهان جي مذهب تي موٽياسين اُن کان پوءِ جو الله اسان کي اُن کان نجات ڏني (ته اسين به ڪوڙ مڙهيندڙ ٿينداسون) ۽ اسان کي مناسب ناهي جو انهي مذهب ۾ داخل ٿيون مگر جيڪو اسان جو رب چاهي، اسان جي رب جو علم هر شيءِ کي گھيرو ڪندڙ آهي، الله تعالى تي اسان توڪل ڪئي آهي اي اسان جا رب، اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ تون بهترين فيصلو ڪندڙ آهين |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
۽ شعيب جي قوم مان سردارن چيو جيڪي ڪافر هئا، ته جيڪڏهن توهان شعيب جا تابعدار ٿيا ته ان وقت توهان ضرور نقصان ۾ رهندا |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
پوءِ انهن تي زلزلو آيو پوءِ اهي پنهنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مئل ٿي ڪِري پيا |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن ماڻهن ڪوڙو سمجھو شعيب کي، ايئن برباد ٿيا گوياڪ اُهي انهي شهر ۾ آباد ئي نه هئا، جن ماڻهن شعيب (پيغمبر) کي ڪوڙو سمجھو اُهي ئي نقصان وارا آهن |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
پوءِ شعيب انهن کان پاسو ڪيو ۽ چيائين اي منهنجي قوم تحقيق مون توهان کي پنهنجي رب جا احڪام پهچايا ۽ مون توهان کي نصيحت ڪئي، پوءِ آئون ڪهڙو ڏک ڪريان اُن قوم جو جيڪي ڪافر هئا |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
۽ اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو نبي نه موڪليو مگر اتي جي رهندڙن کي (جن ايمان نه آندو) مسڪيني ۽ بيماري ۾ مبتلا ڪيوسين ته من اهي عاجز ٿي (ايمان آڻن) |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
ان کان پوءِ بدحالي جي جاءِ تي خوشحالي ڪئي سين، ايستائين جو ترقي ورتائون ۽ چيائون تحقيق اسان جي وڏن کي به ڏک سُک پهتا هئا، پوءِ اسان انهن کي سندن غفلت ۾ اوچتو پڪڙي ورتو ۽ اِهي نٿا سمجھن |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
۽ جيڪڏهن تحقيق اهي ڳوٺ وارا ايمان آڻن ها ۽ خوفِ خدا ڪن ها ته البته اسان انهن جي مٿان آسمان ۽ زمين مان برڪتون نازل ڪيون ها پر انهن رسولن کي ڪوڙو سمجھو پوءِ سندن بداعمالي سببان اسان انهن تي عذاب ڪيو |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ڇا ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو نٿا ڊڄن جو اچي انهن تي عذاب اسان جو رات جي وقت جڏهن اُهي سُتل هجن |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
ڇا ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو نٿا ڊڄن جو اچي انهن تي عذاب اسان جو ڏينهن جي وقت جڏهن اهي راند ڪندا هجن |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ڇا پوءِ اهي الله جي خفيه تدبير کان امن ۾ آهن؟ الله جي خفيه تدبير کان ڪافرن جي قوم امن ۾ رهي نٿي سگهي |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
ڇا موجودهه ماڻهن کي اها هدايت نه پهتي ته جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن کي سندن گناهن جي عيوض عذاب پهچايون، ۽ اسان سندن دلين تي مُهرون هنيون آهن پوءِ اهي نٿا ٻُڌن |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
اِهي (اُهي) ڳوٺ آهن جن جا قصا اسين توهان جي مٿان بيان ڪريون ٿا، ۽ تحقيق آيا انهن وٽ سندن پيغمبر معجزن سان، پوءِ جن ماڻهن اڳي ئي رسولن جو انڪار ڪيو انهن ايمان نه آندو، اهڙي طرح الله تعالى ڪافرن جي دلين تي مُهر لڳائي ٿو |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
۽ اسان انهن مان گھڻن کي پهرين وعدي تي پابند نه ڏٺوسين، ۽ بيشڪ انهن مان گھڻا بدڪار ڏٺاسين |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
ان کان پوءِ اسان (حضرت) موسيٰ کي موڪليو معجزن سان فرعون ۽ سندس قوم ڏانهن پوءِ معجزن جو انڪار ڪيائون، پوءِ توهان ڏسو ته ڪهڙي طرح آهي پڇاڙي فسادين جي |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ موسيٰ چيو اي فرعون، بيشڪ آئون رب العالمين جي طرفان رسول آهيان |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
مون کي ضروري آهي ته آئون الله تعالى لاءِ سچي ڳالهه چوان، تحقيق آئون توهان وٽ توهان جي رب کان نشانيون کڻي آيو آهيان پوءِ تون مون سان گڏ بني اسرائيل کي ڇڏ |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
فرعون چيو اي موسيٰ جيڪڏهن تو ڪو معجزو آندو آهي ته اهو ڏيکار جيڪڏهن تون سچو آهين |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
پوءِ (حضرت) موسيٰ پنهنجي لٺ کي اڇلايو پوءِ فوراً اها لٺ تمام وڏو نانگ ظاهر ٿي پئي |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
۽ پنهنجي هٿ کي ٻاهر ڪڍيائين پوءِ فوراً اهو (هٿ) جھَرڪندڙ ٿيو ڏسندڙن لاءِ |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
فرعون جي قوم مان سردارن چيو بيشڪ هي موسيٰ ماهر جادوگر آهي |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
اهو ارادو ڪري ٿو ته توهان کي پنهنجي مُلڪ مان ٻاهر ڪڍي، پوءِ توهان جو ڪهڙو مشورو آهي؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
چيائون موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ کي مهلت ڏي ۽ تون شهرن ۾ ماڻهو گڏ ڪندڙ کي موڪل |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
اُهي آڻيندا تو وٽ هر قسم جا ڄاڻو جادوگر |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
۽ جادوگر فرعون وٽ آيا چيائون (ڇا) اسان لاءِ اجر آهي جيڪڏهن اسان غالب ٿياسين |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
فرعون چيو هائو ۽ بيشڪ توهان منهنجا مقرب ٿيندا |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
جادوگرن چيو اي موسيٰ يا تون جادو ڏيکار يا اسين جادو ڏيکاريون |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
موسيٰ چيو توهان جادو ڏيکاريو، پوءِ جڏهن رَسينِ کي اڇلايائون، ماڻهن جي اکين تي جادو ڪيائون ۽ انهن کي ڊيڄاريائون ۽ تمام وڏو جادو آندائون (رسين مان بلائون ڪري ڏيکاريائون) |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
۽ اسان موسيٰ ڏانهن حڪم موڪليو ته پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ، پوءِ اوچتو (موسيٰ جي لٺ) ڳِهي وئي جيڪي انهن جادو ڪيو هو |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
پوءِ حق ظاهر ٿي پيو ۽ سندن جادو باطل ٿي ويو |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
پوءِ فرعون ۽ سندس جادوگرن شڪست کاڌي ۽ ڦِري ذليل ٿي پيا |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ جادوگر سجدي ۾ ڪِري پيا (الله جي دربار ۾) |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
سڀني چيو اسان رب العالمين تي ايمان آندو |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
(يعنى) جيڪو رب آهي (حضرت) موسيٰ ۽ (حضرت) هارون جو |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فرعون چيو توهان منهنجي اجازت کان اڳ انهيءَ تي ايمان آندو، بيشڪ هيءُ وڏو فريب هو جيڪو توهان شهر ۾ ڪيو، انهيءَ لاءِ ته شهرين کي توهان انهيءَ مان ٻاهر ڪڍو، پوءِ هينئر توهان کي خبر پوندي |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
قسم سان آئون ضرور توهان جي هڪ پاسي جو هٿ ۽ ٻئي پاسي جو پير ڪٽيندس انهي کان پوءِ توهان سڀني کي ڦاسي ڏيندس |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
جادوگرن چيو بيشڪ اسان پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
۽ تون اسان کي الله تعالى ۽ سندس آيتن تي ايمان آڻڻ کان روڪي نٿو سگھين، جڏهن (نشانيون) اسان وٽ پهتيون، اي اسان جا رب اسان کي گھڻو صبر عطا ڪر ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
۽ چيو سردارن، فرعون جي قوم مان ته اي فرعون ڇا تون موسيٰ ۽ سندس قوم کي ڇڏين ٿو، انهي لاءِ ته زمين ۾ فساد ڪن ۽ توکي ۽ تنهنجي معبودن کي ڇڏي ڏين، فرعون چيو اسين هاڻي انهن جي پُٽَن کي قتل ڪنداسين ۽ سندن نياڻين کي ڇڏينداسين، ۽ بيشڪ اسين انهن تي قهر ڪندڙ آهيون |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
موسيٰ چيو پنهنجي قوم کي، توهان الله کان مدد وٺو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله تعالى جي آهي. پنهنجي ٻانهن مان جنهنکي چاهي تنهنکي ان جو وارث بنائي ٿو، ۽ پرهيزگارن لاءِ سهڻي پڇاڙي آهي |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
عرض ڪيائون اسان کي ايذاءُ ڏنو ويو تُنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ۽ توکي نبوت ملڻ کان پوءِ، موسيٰ فرمايو عنقريب توهان جو رب توهان جي دشمنن کي هلاڪ ڪندو (ڏڪار سان) ۽ انهن جي جاءِ تي توهان کي زمين جو مالڪ ڪندو، پوءِ الله ڏسندو ته توهان ڪهڙا عمل ڪريو ٿا |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ تحقيق اسان گرفتار ڪيو فرعون جي قوم کي ڏُڪار ۽ ميون جي ڪمي سان ته من اهي نصيحت حاصل ڪن |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پوءِ جڏهن انهن وٽ ڀلائي (تندرستي ۽ خوشحالي) آئي، چيائون اسين انهيءَ جا حقدار آهيون، ۽ جڏهن انهن کي برائي (بيماري ۽ بدحالي) پهتي ته موسيٰ ۽ سندس اُمتين کي منحوس سمجھڻ لڳا، خبردار! اهي ئي الله تعالى وٽ منحوس آهن، پر گھڻا انهن مان نٿا سمجھن |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
۽ چيائون تون ڪهڙي به نشاني اسان وٽ آڻ جنهن سان تون اسان تي جادو ڪرين، پوءِ به اسين توتي ايمان آڻيندڙ ناهيون |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
پوءِ اسان موڪليا انهن تي طوفان ۽ مڪڙ ۽ چِچِڙَ ۽ ڏيڏر ۽ رت، جدا جدا نشانيون ڪري، پوءِ تڪبر ڪيائون ۽ اها قوم هُئي گنهگار |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
۽ جڏهن انهن تي عذاب پهتو چيائون اي موسيٰ اسان لاءِ پنهنجي رب کان دُعا گھر اُن وعدي موجب جيڪو تو سان تنهنجي رب ڪيو هو (نجات جو) بيشڪ جيڪڏهن تو اسان تان عذاب کڻايو ته اسين ضرور توتي ايمان آڻينداسين ۽ بني اسرائيل کي تو سان گڏ ڪنداسين |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پوءِ جڏهن اسان انهن تان عذاب لاٿو ڪنهن مقرر وقت تائين جنهن تائين انهن کي پهچڻو هو اُن وقت اِهي ڦري ويا |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ اسان انهن کي سَمُنڊ ۾ ٻوڙيو انهيءَ سببان جو اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھندا هئا ۽ انهن کان غافل هئا |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ ان قوم کي مالڪ بنايو جيڪي ڪمزور ليکيا ويندا هئا مصر ۽ شام (ملڪ) ۾ جنهن ۾ اسان برڪتون رکرايون آهن، ۽ بني اسرائيل لاءِ تنهنجي رب جو وعدو سهڻي نموني سان پورو ٿيو، انهيءَ سببان جو صبر ڪيائون، ۽ اسان برباد ڪيو انهيءَ ڪم کي جيڪو فرعون ۽ سندس قوم ڪندي هئي ۽ جيڪي محل تعمير ڪيائون |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ مان پار ڪيو پوءِ اهي اهڙي قوم وٽ پهتا جيڪي پنهنجن بتن اڳيان پلٿي هڻي پوڄا ڪندا هئا، بني اسرائيل چوڻ لڳا اي موسيٰ تون اسان لاءِ معبود مقرر ڪر جيئن انهن لاءِ معبود آهن، موسيٰ فرمايو بيشڪ توهان جاهل قوم آهيو |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
بيشڪ اهي جنهن ڪم ۾ آهن هلاڪ ٿيندڙ آهن ۽ سندن عمل باطل آهن |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
موسيٰ فرمايو ڇا الله تعالى کانسوءِ آئون توهان لاءِ معبود طلب ڪريان حالانڪ الله توهان کي موجودهه زماني وارن کان ڀلو ڪيو آهي |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
۽ جنهن وقت اسان توکي فرعون جي لشڪر کان نجات ڏني جيڪي توهان کي سخت عذاب پهچائيندا هئا، توهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهان جي نياڻين کي زندهه ڇڏيندا هئا، انهيءَ ۾ توهان جي رب طرفان سخت توهان لاءِ آزمائش هئي |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
۽ اسان وعدو ڪيو موسيٰ سان (تورات ڏيڻ لاءِ) ٽيهن راتين جو ۽ اسان انهيءَ کي وڌيڪ ڏهن راتين سان پورو ڪيو پوءِ پورو ٿيو رب جو وعدو چاليهه راتين ۾، ۽ (حضرت) موسيٰ پنهنجي ڀاءُ (حضرت) هارون کي چيو ته تون منهنجي قوم ۾ (منهنجي طرفان) نائب ٿي ۽ انهن جي عملن کي درست ڪر ۽ فسادي ماڻهن جي واٽ جي تابعداري نه ڪر |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
۽ جڏهن موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل وقت تي (طور سينا) پهتو ۽ موسيٰ سان سندس رب ڪلام فرمايو، موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، الله فرمايو تون هرگز مون کي ڏسي نه سگھندين، پر تون جبل ڏانهن نگاهه ڪر پوءِ جيڪڏهن جبل پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته تون جلدي مون کي ڏسندين، پوءِ جڏهن سندس رب تجلي فرمائي جبل ڏانهن ته جبل کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائين ۽ (حضرت) موسيٰ بي هوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جڏهن پاڻ سجاڳ ٿيو عرض ڪيائين تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ آئون تنهنجي حضور ۾ توبه ڪريان ٿو ۽ آئون پَهِرِيَنِ مؤمنن مان آهيان |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
الله تعالى فرمايو اي موسيٰ بيشڪ مون توکي ماڻهن مان چونڊيو پنهنجي رسالت ۽ پنهنجي ڪلام لاءِ، پوءِ جيڪي آئون توکي عطا ڪريان اُهو وٺ ۽ تون شُڪر گذار ٿيءُ |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
۽ اسان لکيو انهن لاءِ تورات جي تختين ۾ هر قسم جي نصيحت ۽ هر شيءِ جو تفصيل، پوءِ تورات کي قوت سان وٺ ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُهي تورات تي عمل ڪن، آئون توهان کي جلدي گنهگارن جو گھر (جهنم) ڏيکاريندس |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
آئون ضرور انهن کي پنهنجي نشانين سان ڦيرائيندس جيڪي ماڻهو ناحق زمين ۾ تڪبر ڪندا هئا، ۽ جيڪڏهن اهي سڀ نشانيون ڏسن ته به ايمان نه آڻيندا، ۽ جيڪڏهن سِڌو رستو ڏسن ٿا ته اُن تي نٿا هلن، ۽ جيڪڏهن اهي غلط رستو ڏسن ٿا ته اُن تي هلن ٿا، اهو انهي سببان آهي جو بيشڪ انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو ۽ اهي انهن آيتن کان غافل هئا |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪوڙو سمجھن ٿا اسان جي آيتن کي ۽ موت کان پوءِ زندهه ٿيڻ کي، انهن جا عمل چٽ ٿيا، کين اها جزا ملندي جيڪو پاڻ عمل ڪندا هئا |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
۽ (حضرت) موسيٰ جي قوم سندس غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي زيورن مان گابو تيار ڪيو جنهنکي جسم هو ۽ رَنڀ ٿي ڪيائين، ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ گابو انهن سان ڳالهائي نٿي سگھيو ۽ نه وري کين سڌي واٽ ڏيکاري سگھيو ٿي، اهي ظالم هئا جو گابي کي خدا ڪري ٿي سمجھائون |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
۽ جڏهن پشيمان ٿيا (گابي جي پوڄا کان) ۽ ڏٺائون ته تحقيق اهي گمراه ٿيا، (پوءِ) چوڻ لڳا جيڪڏهن اسان تي اسان جي رب رحم نه ڪيو ۽ اسان کي بخش نه ڪيو ته بيشڪ اسين نقصان وارن مان ٿينداسين |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن موٽيو ڪاوڙ ۽ ڏک جي حالت ۾، چوڻ لڳو توهان منهنجي وڃڻ کان پوءِ شرڪ ڪيو، ڇا توهان الله جي حڪم ۾ تڪڙ ڪئي، ۽ (ڪاوڙ مان) تورات جون تختيون اڇلايائين ۽ پنهنجي ڀاءُ کي مٿي مان جھلي پاڻ ڏانهن ڇڪيائين، هارون عرض ڪيو اي منهنجا سڳا ڀاءُ، بيشڪ ماڻهن مون کي ڪمزور سمجھو ۽ عنقريب مون کي قتل ڪن ها، پوءِ تون اهڙو ڪم مون سان نه ڪر جو منهنجا دشمن مون تان کلن ۽ مون کي ظالم قوم سان گڏ نه ڪر |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
(حضرت) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ (حضرت هارون) کي بخش ڪر ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تون تمام گھڻو رحم ڪندڙ آهين |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
بيشڪ جن ماڻهن گابي کي (معبود) بنايو جلدي انهن تي غضب پهچندو سندن رب طرفان ۽ خواري حياتي دنيا جي ۾، ۽ ڪوڙ مڙهيندڙن کي اسين اهڙي جزا ڏيون ٿا |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ جيڪي ماڻهو گناه ڪن ٿا انهيءَ کان پوءِ توبه تائب ٿيا گناه ڪرڻ کان ۽ ايمان آندائون، بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب توبه کان پوءِ بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
۽ جڏهن موسيٰ جي ڪاوڙ گھٽ ٿي، تورات جي تختين کي کنيائين ۽ انهي نُسخي (ڪتاب) ۾ هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان خوف ڪن ٿا |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
۽ موسيٰ پنهنجي قوم مان سَتَر ماڻهو اسان جي وعدي لاءِ چونڊيا، پوءِ جڏهن انهن کي سخت زلزلو پهتو موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب جيڪڏهن تون چاهين ها ته مون کي ۽ انهن کي هن کان اڳ هلاڪ ڪرين ها، ڇا تون بيوقوفن جي ڪمن سببان اسان کي هلاڪ ڪرين ٿو، ناهي هيءُ مگر آزمائش تنهنجي، تون انهيءَ سان گمراه ڪرين ٿو جنهنکي چاهين ۽ هدايت ڏين ٿو جنهنکي چاهين، تون اسان جو مددگار آهين پوءِ تون اسان کي بخش ڪر ۽ تون اسان تي رحم ڪر ۽ تون بهترين بخشيندڙ آهين |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
۽ اسان لاءِ تون هن دنيا ۽ آخرت ۾ نيڪي لِکُ ۽ بيشڪ اسين توبه تائب ٿياسين تنهنجي طرف، الله تعالى فرمايو منهنجو عذاب پهچي ٿو اُنهيءَ کي جنهنکي آئون چاهيان ٿو، ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ کان گھڻي آهي، پوءِ آئون جلدي لکندس پنهنجي رحمت کي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي خوف ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي ماڻهو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
اُهي ماڻهو جيڪي تابعداري ڪن ٿا رسولِ عربيءَ جي جيڪو سموري ڪائنات جو اصل (روح) آهي، رسولِ عربيءَ جي تعريف انهن وٽ لکيل آهي تورات ۽ انجيل ۾. رسولِ عربي انهن کي نيڪيءَ جو حڪم فرمائي ٿو ۽ بُرائي کان روڪي ٿو ۽ پاڪ شيون انهن لاءِ حلال ڪري ٿو ۽ پليت شيون انهن لاءِ حرام ڪري ٿو ۽ انهن تان سندن ڳرا بار لاهي ٿو ۽ جيڪي تڪليفون انهن تي هيون (سي ختم ڪري ٿو)، پوءِ جن ماڻهن رسولِ عربيءَ تي ايمان آندو ۽ سندن تعظيم ڪيائون ۽ سندن مدد ڪيائون ۽ قرآن ڪريم جي تابعداري ڪيائون جيڪو رسولِ عربي تي نازل ڪيو ويو، اهي ئي ڪامياب آهن |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
رسولِ عربي توهان فرمايو اي انسانو بيشڪ آئون الله جو رسول آهيان توهان سڀني لاءِ، منهنجو اُهو رب آهي جنهن جي بادشاهي آسمان ۽ زمينن ۾ آهي، ناهي ڪو عبادت جي لائق سواءِ الله جي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو، پوءِ توهان (سڀئي) ايمان آڻيو الله ۽ الله جي رسول تي، اُهو رسولِ عربي جيڪو سموري ڪائنات جو اصل (روح) آهي پاڻ ڪريم الله ۽ الله جي موڪليل ڪتابن تي ايمان آڻن ٿا ۽ توهان رسولِ عربيءَ جي تابعداري ڪريو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
۽ (حضرت) موسيٰ جي قوم (يهودين) مان هڪ گروه اهڙو آهي جيڪو حق جو رستو ٻڌائي ٿو ۽ حق سان فيصلو ڪن ٿا |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
۽ اسان يهودين کي جدا جدا ڪري ٻارهن (12) قبيلا (۽) وڏيون وڏيون جماعتون بنايون، ۽ اسان موسيٰ ڏانهن وحي موڪلي جنهن وقت موسيٰ کان سندس قوم پاڻي گُھريو، (وحي هي موڪليسين) ته تون پنهنجي لٺ کي پٿر تي هڻ پوءِ پٿر مان ٻارهن (12) چشما چيرجي نڪتا، بيشڪ هر ماڻهو پنهنجي پاڻي پيئڻ جي جاءِ معلوم ڪئي ۽ اسان انهن تي ڪڪرن جو سايو ڪيو، ۽ اسان انهن تي من ۽ سلويٰ (بهشتي طعام) نازل فرمايو، توهان پاڪ شيون کائو جيڪي اسان توهان کي رزق ڪري ڏنيون ۽ اسان انهن تي ظلم نه ڪيو پر انهن پنهنجن نفسن تي پاڻ ظلم ڪيو |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
۽ جنهن وقت انهن (يهودين) کي حڪم ڪيو ويو ته هن ڳوٺ ۾ رهو ۽ کائو توهان انهيءَ مان جتان توهان چاهيو ۽ هينءَ چئو ته اسان جا گناه بخش ڪيا وڃن ۽ دروازي ۾ سجدو ڪري داخل ٿيو، اسين توهان جا گناه بخش ڪنداسين، نيڪوڪارن کي جلدي ثواب ڏينداسين |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
پوءِ ظالمن (يهودين) الله جي حڪم کي تبديل ڪيو، جنهنجو کين حڪم ڪيو ويو هو پوءِ اسان انهن جي مٿان آسمان مان عذاب موڪليو انهيءَ سببان جو ظلم ڪندا هئا |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
۽ توهان يهودين کان ان ڳوٺ بابت پڇو جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هو، جڏهن يهودين ڇنڇر تي بي فرماني ڪئي (منع جي باوجود مڇيءَ جو شڪار ڪيائون) ڇو ته ڇنڇر جي ڏينهن مڇيون پاڻي ۾ ظاهر ٿي ٿيون، ۽ ڇنڇر کان علاوه (انهن لاءِ) مڇيون ظاهر نٿي ٿيون. اهڙيءَ طرح اسان انهن کان امتحان ورتو انهي سببان جو گناه ڪندا هئا |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
۽ جنهن وقت يهودين مان هڪ گروه چيو، توهان ڇا لاءِ انهن ماڻهن کي نصيحت ڪريو ٿا جن کي الله برباد ڪندو يا انهن تي دردناڪ عذاب ڪندو، نصيحت ڪندڙن چيو الله جي دربار ۾ اسين معذرت پيش ڪنداسين (ته اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو) ۽ اسان کي اميد آهي ته شڪار کان روڪجي ويندا |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جڏهن نصيحت کي وساريائون جيڪا انهن کي ڪئي وئي، اسان نجات ڏني انهن ماڻهن کي جيڪي بُرائي کان روڪيندا هئا ۽ انهن بي فرمانن کي اسان سخت عذاب ۾ گرفتار ڪيو انهيءَ سببان جو گناه ڪندا هئا |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جڏهن انهن نافرماني ڪئي ان ڪم جي جنهن جي لاءِ کين منع ڪئي وئي، اسان انهن کي حڪم ڪيو ته توهين ذليل باندر ٿي پئو |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
۽ ان وقت تنهنجي رب حڪم فرمايو ته ضرور انهن تي اُهي ماڻهو قيامت تائين موڪليندو جيڪي انهن کي دردناڪ عذاب چکائيندا، بيشڪ تنهنجو رب جلدي عذاب ڪندڙ آهي، ۽ بيشڪ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
۽ اسان انهن کي زمين ۾ گروه گروه ڪري تقسيم ڪيو، ڪي انهن مان صالح آهن ۽ ڪي انهن مان صالح ناهن، ۽ انهن کي اسان نعمتن ۽ تڪليفن سان آزمايو ته من اهي الله ڏانهن موٽن |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
پوءِ يهودين جا پويان اهڙا ٿيا جن کي ورثي ۾ تورات مليو انهن (تورات کي تبديل ڪري) دنيا جي ملڪيت حاصل ڪئي ۽ چون ٿا اسان کي جلدي بخش ڪيو ويندو، ۽ جيڪڏهن انهن کي تورات جي تبديلي جي عيوض ملڪيت ملي ٿي ته اُن کي وٺن ٿا، ڇا انهن کان وعدو نه ورتو ويو ته الله لاءِ اها ڳالهه چون جيڪا حق هجي ۽ اهو حڪم تورات ۾ پڙهيو اٿن ۽ آخرت جو گھر ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي خوفِ خدا رکن ٿا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪتاب تي عمل ڪن ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا، بيشڪ اسين نيڪوڪارن جو اجر ضايع نٿا ڪريون |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
۽ جنهن وقت بلند ڪيو اسان جبل کي انهن جي مٿان (اُڇلائڻ لاءِ) جهڙوڪ اُهو ڇَٽيءَ وانگر هو ۽ يقين ڪيائون ته بيشڪ اهو انهن تي ڪرندو، توهان وٺو قوت سان جيڪي اسان توهان کي ڏنو آهي ۽ ياد ڪريو جيڪو تورات ۾ آهي ته يقيناً توهان پرهيزگار ٿيندا |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت توهان جي رب اولادِ آدم جي روحن کان پنهنجي وحدانيت بابت وعدو ورتو ۽ سڀني پنهنجو پاڻ شاهدي ڏني، الله فرمايو ڇا آئون توهان جو رب ناهيان، سڀني روحن عرض ڪيو هائو اسين وحدانيت جي شاهدي ڏيون ٿا، متان قيامت جي ڏينهن توهان چئو ته اسين وعدي کان بي خبر هئاسين |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا ايئن چئو ته اسان جي وڏن شرڪ ڪيو اڳ ۾ ۽ اسين سندن اولاد هئاسين انهن جي پويان. ڇا پوءِ تون اسان تي عذاب ڪرين ٿو مشرڪن جي بداعمالي سببان |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
۽ اهڙي طرح اسين بيان ڪريون ٿا نشانين کي ته من اهي موٽن |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
۽ رسولِ عربي توهان انهن کي پڙهي ٻڌايو ڳالهه ان ماڻهو جي جنهنکي اسان پنهنجون نشانيون ڏنيون پوءِ انڪار ڪيائين انهن جو، پوءِ پُهتو انهيءَ کي شيطان پوءِ ڦِري ٿيو گمراهن مان |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته ان کي هدايت ڏيون ها پر ان ماڻهو دنيا سان محبت رکي ۽ پنهنجي سَڌُن جي تابعداري ڪئي، پوءِ اُن جو مثال ڪُتي جهڙو آهي، جيڪڏهن توهان اُن تي حملو ڪندا ته زبان ڪڍندو ۽ جيڪڏهن حملو نه ڪندا ته به زبان ڪڍندو، اهو مثال اُن قوم جو آهي جيڪي اسان جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا، پوءِ توهان انهن تي قِصا بيان ڪريو ته من اهي فڪر ڪن |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
تمام خراب مثال ان قوم جو آهي جيڪا ڪوڙو سمجھي ٿي اسان جي آيتن کي ۽ انهن جا نفس ظالم هئا |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
جنهنکي الله تعالى هدايت ڏئي ٿو پوءِ اهوئي هدايت وارو آهي، ۽ جنهنکي پاڻ گمراه ڪري ٿو پوءِ اهي ئي نقصان وارا آهن |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
۽ تحقيق اسان پيدا ڪيا جهنم لاءِ گھڻا انسانن ۽ جِنن مان، انهن کي دليون آهن پر اهي نٿا سمجھن، ۽ انهن کي اکيون آهن پر نٿا ڏسن، ۽ انهن کي ڪن آهن پر نٿا ٻڌن، اِهي جانورن جهڙا آهن بلڪ اهي وڌيڪ گمراه آهن، اهي ئي غافل آهن |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
۽ الله تعالى جا سهڻا نالا آهن پوءِ انهن نالن سان الله کي پڪاريو، ۽ توهان انهن کي ڇڏيو جيڪي الله جي نالن جو انڪار ڪن ٿا، سندن بداعمالي جي کين جلدي جزا ڏني ويندي |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
۽ اسان انهن مان امتِ محمديه پيدا ڪئي جيڪي حق جي هدايت ڪن ٿا ۽ حق سان انصاف ڪن ٿا |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
۽ جن ماڻهن قرآن ڪريم کي ڪوڙو سمجھيو اسين جلدي آهستگي سان انهن تي اُن جاءِ تان عذاب ڪنداسين جو کين خبر به نه پوندي |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
۽ آئون انهن کي مهلت ڏيندس بيشڪ منهنجي تدبير مضبوط آهي |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا اهي غور نٿا ڪن ته رسولِ عربي ذهني طرح بلڪل صحيح آهن، ناهي رسولِ عربي مگر صاف ڊيڄاريندڙ |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڇا اهي غور نٿا ڪن آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي ۾ ۽ جيڪي شيون الله تعالى پيدا فرمايون، ڪهڙو عجب آهي جو انهن جو موت ويجھو پهتو هجي، پوءِ قرآن کان سواءِ ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
جنهنکي الله گمراه ڪرڻ چاهي ٿو پوءِ ان جو ڪو هادي ناهي، ۽ انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڇڏي ٿو ته حيران رهن ٿا |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
رسولِ عربي کان قيامت بابت سوال ڪن ٿا ته ڪڏهن ايندي، توهان فرمايو ان جو علم منهنجي رب وٽ آهي، الله تعالى قيامت کي پنهنجي وقت تي ظاهر ڪندو، اها ڳالهه آسمانن ۽ زمينن تي ڳري ٿيندي، قيامت بلڪل اوچتو ايندي، اهي توهان کان قيامت جو پڇن ٿا گويا توهان ان کان واقف آهيو، توهان فرمايو انهيءَ جو علم منهنجي رب وٽ آهي، پر گھڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
رسولِ عربي توهان فرمايو الله جي رضامندي کان سواءِ آئون پنهنجي لاءِ نفعي ۽ نقصان جو مالڪ ناهيان، ۽ جيڪڏهن آئون علم غيب جو (الله جي تعليم کان سواءِ) ڄاڻان ها ته پنهنجي لاءِ گھڻو خير گڏ ڪريان ها ۽ مون کي ڪا تڪليف نه پهچي ها، ناهيان آئون مگر ڊيڄاريندڙ ۽ مبارڪ ڏيندڙ ان قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي هڪ انسان (حضرت آدم) مان پيدا ڪيو ۽ انهيءَ مان سندس گھر واري پيدا ڪئي انهي لاءِ ته سڪون حاصل ڪري، پوءِ جڏهن ان سان همبستري ڪري ٿو ته عورت حامله ٿئي ٿي هلڪي حمل سان هلي گھمي ٿي، پوءِ جڏهن ڳري ٿئي ٿي ته ٻَئي (زال مڙس) دعا گھرن ٿا الله کان ته جيڪڏهن کين صالح اولاد ٿيو ته ضرور شڪرگذار ٿيندا |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جڏهن الله کين صالح اولاد عطا ڪري ٿو ته الله سان شريڪ ڪن ٿا اُنهيءَ ۾ جيڪو الله کين عطا ڪيو، پوءِ الله بلند آهي انهي کان جو شرڪ ڪن ٿا |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
ڇا الله سان انهن (بتن) کي شريڪ ڪن ٿا جيڪي ڪا شيءِ پيدا نٿا ڪري سگھن ۽ اهي پاڻ پيدا ڪيل آهن |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
۽ انهن پوڄيندڙن جي مدد نٿا ڪري سگھن ۽ نه پنهنجي وجود جي مدد ڪري سگھن ٿا |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
۽ جيڪڏهن بتن کي هدايت ڏانهن سڏيو ٿا ته جواب نٿا ڏئي سگھن، برابر آهي توهان انهن کي سڏيو يا توهان (اي ڪافر) خاموش رهو |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
اي مشرڪو، تحقيق جن بتن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا الله کان سواءِ اهي توهان جهڙا پيدا ڪيل آهن پوءِ ڀلي توهان انهن (بتن) کي پڪاريو پوءِ ڀلي ته توهان کي جواب ڏين جيڪڏهن توهان سچا آهيو |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا انهن کي پير آهن جن سان هلن ٿا؟ ڇا انهن کي هٿ آهن جن سان پڪڙن ٿا؟ ڇا انهن کي اکيون آهن جن سان ڏسن ٿا؟ ڇا انهن کي ڪن آهن جن سان ٻڌن ٿا؟ رسولِ عربي توهان انهن کي چئو ته پنهنجن بتن کي سڏيو ۽ منهنجي لاءِ جيڪا رِٿ ڪرڻي اَٿَوَ سا ڪريو پوءِ مون کي مهلت به نه ڏيو |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
بيشڪ منهنجو مددگار الله آهي جنهن قرآن ڪريم نازل فرمايو ۽ اهو نيڪوڪارن جو مددگار آهي |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
۽ جن بتن جي توهان، الله کان سواءِ پوڄا ڪريو ٿا، اهي توهان جي مدد جي طاقت نٿا رکن ۽ نه پنهنجي وجود جي مدد ڪري سگھن ٿا |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏهن توهان انهن کي هدايت ڏانهن سڏيو ته اهي نٿا ٻڌن، ۽ توهان بتن کي ڏسو ٿا (سمجھو ٿا) ته اهي توهان کي ڏسي رهيا آهن حالانڪ انهن کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
توهان درگذر ڪريو ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪريو ۽ جاهلن کان پاسو ڪريو |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
۽ جيڪڏهن توهان کي پهچي شيطان جي طرفان ڪو وسوسو ته جلدي توهان الله تعالى کان پناه گھرو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن جنهن وقت انهن کي شيطان کان (وسوسو) پهچي ٿو ته اهي يڪدم الله جو ذڪر ڪن ٿا پوءِ فوراً انهن جون اکيون کُلي پون ٿيون |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
۽ جيڪي شيطان جا ڀائر آهن، شيطان انهن کي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪي ٿو پوءِ اهي گھٽتائي نٿا ڪن |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
۽ اي حبيب ! جڏهن توهان انهن وٽ ڪا آيت نٿا آڻيو ته چون ٿا ته توهان پاڻ هٿرادو ڳالهيون ڇو نٿا ٺاهيو؟ توهان فرمايو آئون وحي رباني جي تابعداري ڪريان ٿو، هيءُ روشن دليل آهن توهان جي رب جي طرفان ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
۽ جڏهن قرآن ڪريم تلاوت ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي غور سان ٻڌو ۽ خاموشي اختيار ڪريو ته يقيناً توهان تي رحم ڪيو ويندو |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
۽ الله کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪريو عاجزي ۽ خوف سان ۽ زبان مان وڏي آواز ڪڍڻ کان سواءِ الله کي ياد ڪندا رهو صبح ۽ شام ۽ نه هجو توهان غافلن مان |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
بيشڪ جيڪي ماڻهو الله وٽ مُقرب آهن اُهي الله جي عبادت کان تڪبر نٿا ڪن ۽ الله جي تسبيح بيان ڪن ٿا ۽ الله لاءِ سجدو ڪن ٿا |