المص (آيت : 1) |
الف- لام- ميم- صاد- |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هي ڪتاب تو ڏانهن نازل ڪيل آهي ته تون ان سان ڊيڄارين ۽ مومنن لاءِ نصيحت آهي- تنهنڪري ان کان تنهنجو سينو تنگ ٿيڻ نه گهرجي. |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
جيڪي اوهان ڏانهن اوهان جي رب کان لاٿل آهن، ان جي ئي پيروي ڪريو، ۽ ان کي ڇڏي ٻين الاهن جي پيروي نه ڪريو اوهين گهٽ ئي نصيحت وٺو ٿا. |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
اسان ڪيترن ڳوٺن کي ناس ڪيو. وٽن اسان جو عذاب رات جو آيو يا سندن ڏينهن جي سمهڻ وقت. |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
پوءِ هنن، وٽن اسان جي عذاب اچڻ وقت فقط ايئن ئي ٿي چيو ته ”اسين برابر ظالم هئاسون.“ |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ جن ڏانهن رسول موڪليا ويا تن کان به ضرور پڇنداسون ۽ رسولن کان به ضرور پڇنداسين. |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ کين علم سان سڀ ٻڌائينداسون ۽ اسان کانئن پري ته نه هئاسون. |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
اُن ڏينهن تور برابر ٿيندي، پوءِ جنهن جو پُڙ ڳرو هوندو اهي ئي ڪامياب هوندا. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ جنهن جو پُڙ هلڪو هوندو، سي نقصان هيٺ هوندا، جو هو اسان جي حڪمن سان بي انصافي ڪندا هئا. |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
بيشڪ اسان اوهان کي زمين ۾ رهايو ۽ ان ۾ اوهان جو گذران رکايوسون، پر اوهين گهٽ ئي شڪر ڪريو ٿا. |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
بيشڪ اسان اوهان کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان جون صورتون بنايون سون، پوءِ اسان ملائڪن کي چيو ته ”آدم اڳيان جهڪو“ ۽ پوءِ ابليس کان سواءِ سڀ جهڪيا، مگر هو جهڪڻ وارن مان نه هو. |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
(الله) چيو ”ابليس! جڏهن مون توکي حڪم ڏنو، ته توکي ڪهڙيءَ ڳالهه جهڪڻ کان روڪيو؟“ چيائين ”آءٌ ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.“ |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
چيائين ”تون نڪري وڃ ۽ توکي هتي تڪبر ڪرڻ جو حق نه آهي تنهن ڪري اتان نڪري وڃ! تون ذليلن مان آهين.“ |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
چيائين ”مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي.“ |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
چيائين ته ”توکي مهلت آهي.“ |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
چيائين ”تو مون کي بي راهه ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ ضرو تنهنجي سڌيءَ واٽ تي (انهن کي تڪي) وهندس. |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
پوءِ ضرور سندن اڳيان پٺيان. سڄي ۽ کٻي کان ايندس ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه ڏسندين.“ |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
چيائين ”هتان ذليل ۽ خوار ٿي نڪري وڃ، جيڪي به انهن مان تنهنجي پيروي ڪندا، انهن ۽ اوهان سڀني سان جهنم ڀريندس.“ |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
”اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال باغ ۾ رهو ۽ جتان وڻيوَ، اتان کائو پيئو مگر هن وڻ جي ويجهو نه وڃو، نه ته اوهين ظالم ٿي پوندؤ.“ |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ شيطان سندن دلين ۾ وسوسو وڌو، ته جيڪي (عضوا) کانئن لڪل هئا، سي کين پڌرا ڪري ڏيکاري ۽ چيائين ته ”اوهان جي رب اوهان کي هن وڻ کان رڳو هن ڪري روڪيو آهي، جو اوهين ملائڪ نه بڻجي وڃو، يا هميشه جي حياتي نه حاصل ڪريو.“ |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ وٽن قسم کاڌائين ته ”آءٌ سچ پچ اوهانجو خيرخواهه آهيان.“ |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
پوءِ کين فريب ۾ آندائين.جڏهن انهن وڻ کي چکيو، ته سندن اوگهڙ مٿن ظاهر ٿي پيئي ۽ هو باغ جي پنن سان پنهنجي اوگهڙ کي ڍڪڻ لڳا- سندن رب کين پڪاري چيو ته ”ڇا، مون اوهان ٻنهي کي هن وڻ کان نه روڪيو هو؟ ۽ ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته شيطان اوهان جو پڌرو دشمن آهي؟“ |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
چيائون ”اسان جا ڌڻي! اسان پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، هاڻي جي تون اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين، ته اسين ضرور نقصان پائينداسون.“ |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
چيائين ”سڀئي لهي وڃو، هڪ ٻئي جا دشمن هوندؤ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ رهڻ جي جاءِ آهي ۽ هڪ مقرر وقت تائين فائدو.“ |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
چيائين ”اوهين ان ۾ حياتي گذاريندؤ ۽ ان ۾ مرندؤ ۽ (وري) به ان مان ئي ڪڍيا ويندؤ.“ |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم جا اولاد! اسان اوهان تي پوشاڪ لاٿي، ته اوهان جي اوگهڙ کي ڍڪي ۽ زينت ٿئي- ۽ دينداريءَ جي پوشاڪ ئي سڀ کان سٺي آهي، اهو الله جي حڪمن مان آهي ته (ماڻهو) نصيحت وٺن. |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي آدم جا اولاد! اوهان کي شيطان ائين دوکو نه ڏئي، جيئن اوهان جي پيءُ ماءُ کي باغ کان ٻاهر ڪڍرايائين ۽ کانئن سندن پوشاڪ لهرايائين ته کين سندن اوگهڙ ڏيکاري. (ياد رکو) اهو ۽ سندن لشڪر اوهان کي اتان ڏسي رهيو آهي، جتان اوهين کين نٿا ڏسو، بيشڪ اسان شيطان کي انهن جو دوست بڻايو آهي، جي ايمان نه ٿا آڻين. |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ جڏهن ڪا بڇڙائي ڪن ٿا ته چون ٿا ”اسان پنهنجن وڏن کي ان تي ڏٺو ۽ الله به اسان کي ان جو حڪم ڏنو آهي“ چئو ته الله (هرگز) بڇڙائي جو حڪم نه ڏنو ٿئي. ڇا، اوهين الله بابت اهو چئو ٿا، جنهن جي اوهان وٽ ڪا سند نه آهي؟ |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
چئو ته منهنجي رب انصاف جو حڪم ڏنو آهي. (۽ هي به) ته هر هڪ نماز جي وقت پنهنجو رخ سڌو رکو ۽ ان کي خالص فرمانبرداري جي خيال سان پڪاريو. جيئن اوهان کي پهرئين پيدا ڪيو اٿس تيئن ئي موٽندؤ. |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
هڪڙن کي واٽ لڳايائين، هڪڙن تي گمراهي ثابت ٿي چڪي آهي، انهن الله کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو دوست بڻايو آهي ۽ سمجهن ٿا ته سنئين رستي تي آهن. |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي آدميو! هر هڪ نماز جي وقت پنهنجا ڪپڙا پهريو. کائو ۽ پيئو مگر حد کان نه وڌو، بيشڪ هو حد کان وڌندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
چئو ته الله جا سندن بندن لاءِ پيدا ڪيل ڪپڙا ۽ پاڪ کاڌا ڪنهن حرام ڪيا آهن؟ چئو ته اُهي دنيا ۾ ايمان وارن لاءِ جائز آهن ۽ آخرت ۾ خاص انهن لاءِ آهن. ايئن علم رکندڙن لاءِ حڪم چٽا ڪريون ٿا. |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
چئو ته منهنجي رب حرام ڪيو آهي: بي حيائي جي ڪمن کي، پڌرا هجن خواهه لڪل، گناهه ۽ ناحق، حد کان لنگهڻ کي ۽ هن ڳالهه کي به ته اوهين الله سان ٻين کي ڀائيوار بنايو، جنهن لاءِ ڪا سَنَد نه لاٿي آهي ۽ هيءُ به ته اوهين الله بابت اهو چئو جنهن جو اوهان کي علم نه آهي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
هر هڪ جماعت لاءِ هڪ مقرر وقت آهي جڏهن سند مقرر وقت ايندو ته نڪي هڪ گهڙي پٺتي رهندا ۽ نه اڳتي وڌندا. |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
اي آدميو! جيڪڏهن اوهان وٽ اوهان مان رسول اچن، جي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائين ته، پوءِ جيڪو نيڪ ٿيندو ۽ (پاڻ) سڌاريندو، ته اهڙن کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان سرڪشي ڪيائون، اُهي دوزخي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهندا. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير آهي جو الله تي ڪوڙ گهڙي، يا ان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري؟ جيڪي سندن نصيب ۾ لکيل آهي سو کين ملندو، تان جو جڏهن اسان جا ملائڪ کين مارڻ ايندا ته اهي کانئن پڇندا ته ”الله کي ڇڏي جن کي اوهين پڪاريندا هئا، اهي ڪٿي آهن؟“ چوندا ته ”اهي اسان کان گم ٿي ويا“ ۽ هو پنهنجي ڪافر هجڻ جو اقرار ڪرڻ لڳندا. |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
(الله) چوندو ”جيڪي جنن ۽ انسانن جا ٽولا اوهان کان اڳ ۾ ٿي چڪا آهن، انهن سان باهه ۾ داخل ٿي وڃو“ جڏهن به ڪو ٽولو دوزخ ۾ ويندو، ته اهو ٻئي تي ڦٽڪار وجهندو. تان جو سڀئي ان ۾ داخل ٿي ويندا ته پويان ٽولا پهرين لاءِ چوندا ته ”اي اسان جا رب! هنن اسان کي گمراهه ڪيو هو، ان ڪري کين دوزخ جو ٻيڻو عذاب ڏي“ چوندو ته ”سڀني لاءِ ٻيڻو آهي، مگر اوهين نٿا ڄاڻو.“ |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
سندن پهريون ٽوليون پوين کي چونديون ”اوهين اسان کان ڀلارا نه آهيو، سو اوهين به جيڪي ڪندا رهيا، ان لاءِ عذاب چکو.“ |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
بيشڪ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان سرڪشي ڪيائون، انهن لاءِ نڪي آسمان جا دروازا کوليا ويندا، نڪي هو جنت ۾ داخل ٿيندا، ايتري تائين، جو اُٺ سئي جي پاکي مان نه لنگهي ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڏوهارين کي سزا ڏيندا آهيون. |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
انهن لاءِ باهه مان ئي وڇاڻو هوندو ۽ مٿان باهه جو ئي ڍڪ هوندو ۽ اسين اهڙي طرح ئي ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسين ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿا ڏيون، اهي ئي بهشتي آهن- اهي ان ۾ هميشه رهندا. |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
۽ جيڪي سندن سينن ۾ ڪينو هوندو، سو اسين ڪڍي ڇڏينداسون، انهن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ چوندا ته ”اُن الله لاءِ تعريف آهي جنهن اسان کي هن واٽ لڳايو، جيڪڏهن الله رستو نه ڏيکاري ها ته اسين ڪڏهن به رستو نه لهي سگهون ها- بيشڪ اسان جي رب جا رسول حق وٺي آيا.“ کين پڪاري چئبو ته ”اها جنت آهي، اوهان جيڪي نيڪ عمل ڪندا هئا، انهن جي ڪري اوهان کي ان جو وارث ڪيو ويو آهي.“ |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
جنت وارا دوزخ وارن کي سڏيندا، ته ”اسان جي رب اسان سان جيڪو وعدو ڪيو هو، اسان ان کي سچ ڏٺو، ڇا اوهان اهو وعدو سچ ڏٺو، جو اوهان جي رب اوهان سان ڪيو هو؟“ چوندا ”هائو“. پوءِ هڪ آواز ڏيندڙ سندن وچ ۾ پڪاريندو ”ظالمن تي الله جي ڦٽڪار هجي!“ |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
جي الله جي واٽ کان روڪيندا هئا ان ۾ ڏنگ پيدا ڪندا هئا ۽ اهي آخرت جا (به) منڪر هئا.“ |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
انهن جي وچ ۾ اوٽ هوندي ۽ ”اعراف“ تي به ڪي ماڻهو هوندا، جي (اڃا) جنت ۾ داخل نه ٿيا هوندا مگر اميد رکندا هوندا- هو هر ڪنهن کي سندن نشانن مان سڃاڻيندا، جنتين کي آواز ڏيندا ته ”السلام عليڪم“- |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ جڏهن سندن نظر ڦري دوزخين ڏانهن ٿيندي، ته چوندا ”اي اسان جا رب! اسان کي ظالمن ۾ شامل نه ڪجانءِ!“ |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
اعراف وارا، جن کي سندن نشانن مان سڃاڻندا هوندا پڪاري چوندا ”اوهان جي جماعت ۽ اوهان جو تڪبر، اوهان جي ڪنهن ڪم نه آيو. |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ڇا، هي (جنتي) اهي ناهن، جن بابت اوهين قسم سان چوندا هئا ته الله انهن تي رحمت نه ڪندو؟“. (اي جنتيو!) جنت ۾ هليا وڃو، نه اوهان کي ڪو خوف آهي ۽ نه اوهين غم کائيندؤ. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
دوزخ وارا جنت وارن کي پڪاري چوندا ته ”اسان کي ڪجهه پاڻي يا اوهان کي الله جي ڏنل رزق مان ڏيو،“ هو چوندا ”الله انهن کي منڪرن لاءِ حرام ڪيو آهي. |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن پنهنجي دين کي کيڏ ۽ تماشو ڪري ورتو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ٺڳيو هو.“ پوءِ اڄ اسين به کين ايئن وسارينداسون، جيئن انهن هن ڏينهن جي ڏسن کي وساري ڇڏيو هو ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
۽ اسان وٽن هڪ ڪتاب آندو آهي، جنهن کي اسان علم سان کولي بيان ڪيو آهي، جو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
ڇا، هو ان جي ماهيت جو انتظار ٿا ڪن؟ مگر جنهن ڏينهن اها ماهيت ظاهر ٿيندي، تڏهن کيس انهيءَ کان اڳ وساريندڙ چوندا ته ”بيشڪ اسان جي رب جا رسول حق وٺي آيا هئا، هاڻ ڪو آهي شافع، جو اسان جي شفاعت ڪري؟ يا اسين وري دنيا ڏي وڃون ته جيڪر جيڪي ڪم ڪندا هئاسون، ان جي بدران ٻيا ڪم ڪريون!“ بيشڪ انهن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ جيڪي ڪوڙ گهڙيندا هئا سي کانئن ڀلجي ويا. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
بيشڪ اوهان جو رب اهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ تخت تي قائم ٿيو، رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو، ڄڻ اها هن کي تڪڙو طلبي ٿي، سج ۽ چنڊ ۽ ستارا (سڀ) سندس حڪم ۾ ٻڌل آهن. ياد رکو، پيدا ڪرڻ ۽ حڪم هن جي ئي وس آهي، نهايت برڪت ڀريو آهي الله، جهانن جو پالڻهار. |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
پنهنجي رب کي عاجزيءَ سان ۽ آهستي سڏيو. هو حد کان وڌندڙن کي پسند نٿو ڪري. |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
ملڪ سڌرڻ بعد منجهس خرابي نه ڪريو ۽ خوف ۽ اميد سان ان کان دعائون گهرو، بيشڪ الله جي رحمت نيڪوڪارن کي ويجهي آهي. |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
هو اهو آهي جو رحمت کان اڳ هوائن کي خوشخبريءَ لاءِ موڪلي ٿو. تان جو جڏهن ڳرن ڪڪرن کي آڻي ٿي، ته اسين کين مئل زمين ڏي موڪليون ٿا. پوءِ ان سان مينهن وسايون ٿا ۽ ان سان هر قسم جا ڦر اُپايون ٿا- ايئن اسين مئلن کي اٿارينداسين، ته اوهين نصيحت وٺو. |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ چڱي زمين پنهنجي رب جي حڪم سان سندس اوڀڙ اپائي ٿي ۽ جيڪا خراب آهي، سا رڳا خراب سلا ڄمائي ٿي. ائين اسين شڪر ڪندڙن لاءِ پنهنجن آيتن کي ورائي ورائي بيان ڪريون ٿا. |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو، چيائين ”اي قوم! الله جي عبادت ڪريو. ان ڌاران اوهان جو ٻيو ڪو سائين ڪونهي، آءٌ اوهان تي هڪ وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.“ |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
سندس قوم جي سردارن چيو ”اسين توکي چٽيءَ گمراهيءَ ۾ پيا ڏسون!“ |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
چيائين ”منهنجي قوم! آءٌ گمراهيءَ ۾ نه آهيان، پر جهانن جي رب جو رسول آهيان.“ |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچائڻ آيو آهيان اوهان جي خير خواهي ٿو ڪريان، آءٌ الله وٽان اهو ٿو ڄاڻان، جو اوهين نٿا ڄاڻو. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا، اوهان کي انهيءَ جو عجب ٿو لڳي جو اوهان کي پنهنجي رب جي نصيحت اوهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ جي هٿان ٿي پهچي ته هو اوهان کي خبردار ڪري ۽ اوهين (بڇڙاين کان) بچو ۽ ته من اوهان تي رحمت ٿئي؟“ |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پوءِ انهن کيس ڪوڙو ڪيو- اسان کيس ۽ انهن کي جي ساڻس ٻيڙي ۾ هئا بچايو ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تن کي ٻوڙيوسون، ڪجهه شڪ نه آهي ته هو انڌا هئا. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ (قوم) ”عاد“ ڏانهن سندن ڀاءُ ”هود“ کي موڪليوسون، چيائين ”منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو. ان ڌاران اوهان لاءِ ٻيو ڪو سائين ڪونهي- ڇا، اوهين نٿا ڊڄو؟“ |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته ”اسين توکي بيوقوفي ۾ پيل ڏسون ٿا ته اسين توکي ڪوڙو سمجهون ٿا.“ |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
چيائين ”اي منهنجي قوم! آءٌ بيوقوف نه آهيان پر آءٌ جهانن جي رب جو رسول آهيان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
آءٌ اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچائڻ آيو آهيان ۽ آءٌ اوهان جو ايمانداريءَ سان خيرخواهه آهيان. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا، اوهان کي انهيءَ تي عجب لڳي ٿو، جو اوهان وٽ اوهان جي رب جي نصيحت اوهان جي ڊيڄارڻ لاءِ اوهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ جي هٿان پهتي آهي؟ ياد ڪريو، جو نوح جي قوم کان پوءِ اوهان کي حاڪم بڻايائين ۽ اوهان جي نسل کي وڌيڪ پکيڙيائين، تنهنڪري خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ته ڪامياب ٿيو.“ |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
چيائون ”تون اسان ڏي آيو آهين ته اسين اڪيلي خدا جي عبادت ڪريون، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيون؟ جي سچو آهين، ته جنهن کان ڊڄارين ٿو، سا آڻ!“ |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
چيائين ”اوهان تي اوهان جي رب کان عذاب ۽ غضب لهي چڪو آهي، ڇا اوهين مون سان اهڙن نالن بابت جهڳڙو ڪري رهيا آهيو جي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن-۽ انهن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آهي؟ پوءِ اوهان به انتظار ڪريو ۽ آءٌ به اوهان سان انتظار ڪريان ٿو.“ |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
پوءِ اسان ان ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي رحمت سان ڇوٽڪارو ڏنو ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو، تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون، جو اهي ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ ثمود جي قوم ڏانهن سندن ڀاءُ صالح کي موڪليوسون. چيائين ”منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو، اوهان لاءِ ان ڌاران ڪو سائين ناهي، اوهان وٽ پنهنجي رب کان پڌرو دليل اچي چڪو آهي، هيءُ الله جي ڏاچي اوهان جي لاءِ هڪ نشاني آهي، ان کي (آزاد) ڇڏي ڏيو ته زمين ۾ چرندي رهي ۽ اوهان ان کي بڇڙي نيت سان هٿ نه لڳائجو، نه ته دردناڪ عذاب اچي وٺندوَ. |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
۽ ياد ڪريو، جڏهن الله اوهان کي عاد جي قوم کان پوءِ حڪومت ڏني ۽ اوهان کي ان زمين ۾ ايئن آباد ڪيائين جو اوهان ان جي ميدانن تي ماڙيون ٿا بڻايو ۽ جبلن کي گهڙي گهر بنايو ٿا. پوءِ الله جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ زمين ۾ وڳوڙ نه ڪندا رهو. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
سندس قوم مان مغرور سردارن هيڻن مومنن کي چيو ته ”ڇا اوهين صالح کي الله جو رسول ٿا ڄاڻو؟“ چيائون ”بيشڪ اسين ان کي مڃيون ٿا، جنهن سان هو موڪليل آهي.“ |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
اهي مغرور چوڻ لڳا ته ”جنهن کي اوهين مڃيو ٿا، اسين ان کي نٿا مڃيون.“ |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ هنن ڏاچيءَ کي ڪهي وڌو ۽ پنهنجي رب جي حڪم کان منهن موڙيائون ۽ چيائون ته اي صالح! جي تون برابر رسولن مان آهين ته اهو آڻ، جنهن جو اسان کي انجام ڏيندو هئين! |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
پوءِ کين ڌرتي ڌٻڻ اچي ورتو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي پيا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
تڏهن کانئن منهن ڦيري چيائين ”منهنجي قوم! بيشڪ مون اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچايو ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪيم، مگر اوهين نصيحت ڪندڙن کي پسند نه ڪندا آهيو.“ |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ ”لوط“ کي (موڪليوسون) جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين ته ”ڇا اوهين اهڙِ بي حيائي ڪريو ٿا، جا اوهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنهن به نه ڪئي؟ |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
اوهين زالن کي ڇڏي مردن ڏي سڌ ڪندا اچو ٿا؟ بلڪ اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو!“ |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
سندس قوم جو هن کان سواءِ ٻيو ڪو جواب نه هو ته ”هنن کي پنهنجي ڳوٺ مان تڙي ڪڍو، جو هي وڏا پاڪ ماڻهو ٿا بڻجن.“ |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
پوءِ اسان هن کي ۽ سندس گهروارن کي ڇوٽڪارو ڏنو. سواءِ سندس زال جي، اها پوئتي رهڻ وارن مان ٿي. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ اسان مٿن پٿرن جو مينهن وسايو، پوءِ ڏس ته گنهگارن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي! |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ مدين ڳوٺ ۾ سندن ڀاءُ ”شعيب“ کي موڪليوسون- چيائين ”منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو، ان ڌاران اوهان لاءِ ٻيو ڪو سائين ناهي، اوهان وٽ پنهنجي رب کان پڌرو دليل اچي چڪو، پوءِ ماپ تور پوري ڪندا ڪريو، ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيندا ڪريو ۽ ملڪ جي سڌرڻ کان پوءِ ان ۾ خرابي نه ڪريو، جيڪڏهن اوهين مومن آهيو ته اها ڳالهه اوهان لاءِ بهتر آهي. |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ ڏسو، رستن تي ان لاءِ نه ويهندا ڪريو، جو ايمان آڻڻ وارن کي ڊيڄاريو ۽ الله جي رستي کان روڪيو ۽ ان ۾ ڏنگائيءَ کي ڳوليو ۽ ياد ڪريو جڏهن اوهين ٿورا هئا پوءِ ان اوهان کي وڌائي گهڻو ڪيو ۽ ڏسو ته خرابي ڪندڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي! |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
۽ جي اوهان مان هڪ جماعت ان موڪليل حڪم تي ايمان آندو آهي ۽ هڪ ٽوليءَ ايمان نه آندو آهي ته صبر ڪريو. جيستائين الله اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ اهوئي بهتر فيصلي ڪرڻ وارو آهي. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
سندس قوم جي هٺيلن سردارن چيو ته ”شعيب! اسين توکي ۽ توسان گڏ مومنن کي، ضرور پنهنجي ڳوٺ مان تڙي ڪڍنداسون، يا ته اوهين اسان جي مذهب ۾ موٽي اچو.“چيائين ”جيتوڻيڪ اسين بيزار هجون؟“ |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
جيڪڏهن اسين اوهان جي دين ۾ ان کانپوءِ (به) موٽي اچون، جو الله اسان کي ان کان ڇڏايو ته پوءِ اسان برابر الله تي ڪوڙ گهڙيو ۽ اسان کي ان ۾ موٽڻ مناسب نه آهي، مگر جيڪڏهن اسانجو رب گهري. اسان جي رب جو علم هر چيز تي ڇانيل آهي. الله تي ئي ڀرسو رکون ٿا. اي اسان جا رب! اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون ئي بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهين!“ |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ”جيڪڏهن اوهان شعيب جي پيروري ڪئي ته اوهين انهي وقت نقصان ۾ پوندؤ.“ |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
پوءِ کين زلزلي اچي ورتو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا.“ |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن شعيب کي ڪوڙو ڪيو، سي ڄڻ ته انهن ڳوٺن ۾ ڪڏهن آباد ئي نه ٿيا هئا. جن شعيب کي ڪوڙو ڪيو اُهي ئي نقصان ۾ پئجي ويا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
پوءِ کانئن پاسو ڪيائين ۽ چيائين ”منهنجي قوم! مون اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچايو هو ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪئي هئي، ته پوءِ آءٌ ڪافرن تي ڇو غم ڪريان!“ |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
اسان جنهن به شهر ۾ نبي موڪليو آهي، ان جي رهاڪن کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ وڌوسين ته من هو عاجزي ڪن. |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
پوءِ اسان مصيبت کي راحت سان بدليو، تان جو هو (سک ۾) وڌي ويا ته چوڻ لڳا ”(ائين) رنج ۽ راحت ته اسان جي وڏن کي به پئي پهتي!“ پوءِ کين اوچتو بي خبر هجڻ ۾ پڪڙ ڪئي سون. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
مگر جيڪڏهن اهي ڳوٺن وارا آيمان آڻين ها ۽ نيڪ ٿين ها ته اسين آسمان ۽ زمين جي برڪتن کي مٿن کوليون ها، پر هنن ايمان نه آندو، پوءِ اسان (به) سندن ڪمن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي. |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ڇا، ڳوٺن وارا بي ڊپا آهن، جو وٽن اسان جو عذاب رات جو ننڊ ڪندي رسي؟ |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
يا ڳوٺن وارا بي ڊپا آهن، جو کين ڏينهن چڙهئي کلندي ڪڏندي اسان جو عذاب رسي؟ |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ڇا، هو الله جي ڳجهين رٿن کان بي ڊپا آهن؟ (ته ياد رکن) ته الله جي ڳجهين رٿن کان فقط اهي بي ڊپا هوندا، جن کي تباهه ٿيڻو هوندو! |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
پوءِ جيڪي شخص انهن زمين جي رهاڪن کان پوءِ مالڪ ٿيا، تن لاءِ اها هدايت آهي، ته جي اسين گهرون، ته کين سندن گناهن ڪري مصيبت ۾ وجهون ۽ سندن دلين تي مهر ڪريون؟ جو هو ٻڌي ئي نه سگهن. |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
اهي ئي ڳوٺ آهن، جن جون خبرون اسين توکي ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ وٽن اسان جا رسول روشن دليل وٺي آيا- مگر جنهن ڳالهه کي هو اڳ ڪوڙو ڪري چڪا هئا، تنهن تي ايمان آڻڻ وارا نه هئا، اهڙيءَ طرح الله ڪافرن جي دلين تي مهر هڻندو آهي. |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
انهن مان گهڻن کي پنهنجي انجام تي پختو نه ڏٺوسون ۽ گهڻن کي نافرمان ئي ڏٺوسون. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
انهيءَ کان پوءِ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو، مگر انهن بي انصافي ڪئي، پوءِ ڏس ته، فسادين جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي! |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ موسيٰ چيو ته ”اي فرعون! آءٌ جهانن جي رب جو رسول آهيان.“ |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
مون تي واجب آهي ته ”آءٌ خدا جي طرفان سچ کانسواءِ ڪجهه به نه چوان، آءٌ برابر اوهان جي رب کان اوهان وٽ نشانيون وٺي آيو آهيان، ان ڪري يهودين کي مون سان هلڻ ڏي.“ |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
چيائين ”جي تون سچو آهين، ته جيڪا نشاني آندي اٿئي، سان آڻ!“ |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
پوءِ هن پنهنجي لٺ کي اڇلائي وڌو، ته اوچتو اها پڌرو نانگ ٿي پيئي. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
۽ هٿ ڪڍيائين، ته اوچتو اُهو ڏسندڙن لاءِ اڇو چمڪندڙ ٿي پيو. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته ”هي وڏو هوشيار جادوگر آهي.“ |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
هو اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍڻ گهري ٿو، پوءِ اوهين ڪهڙي صلاح ڏيو ٿا؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
چيائون ته ”کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ، ۽ شهرن ۾ ڪوٺيندڙن ماڻهو موڪل. |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
ته اهي تو وٽ هر هڪ هوشيار جادوگر وٺي اچن. |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
۽ جادوگر فرعون وٽ آيا، چوڻ لڳا ”جيڪڏهن اسين فتح ڪريون، ته اسان کي انعام ملڻ گهرجي.“ |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
چيائين ”هائو، بيشڪ اوهين وڏي درجي وارن مان ٿيندؤ.“ |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
چيائون ”موسيٰ! تون اڳ ۾ (داؤ) اڇلائيندين، يا اسين اڇلايون؟“ |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
چيائين ”اوهين ئي اڇلايو.“ جڏهن انهن اڇلايو، ته ماڻهن جي اکين تي جادو ڪيائون ۽ کين ڊيڄاريائون ۽ تمام وڏو جادو ڏيکاريائون. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
اسان موسيٰ ڏي وحي ڪيو ته تون (به) پنهنجي لٺ اڇلاءِ! ته اوهان اُها سندن بنايل جادوءَ کي ڳهي ويئي! |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
پوءِ سچ ثابت ٿيو ۽ جيڪي انهن ڪيو ٿي، سو ڪوڙو ٿيو. |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
پوءِ اتي هنن هار کاڌي ۽ ذليل ٿي پيا. |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
چوڻ لڳا ”اسان جهانن جي رب تي ايمان آندو. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
يعني موسيٰ ۽ هارون جي رب تي.“ |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فرعون چيو ”اوهان منهنجي اجازت کان اڳ ان تي ڇو ايمان آندو؟ بيشڪ اها هڪ ڳجهي رٿ آهي، جا توهان هن شهر ۾ (گڏجي) رٿي آهي ته ان جي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍو، سو هاڻي اجها ٿي خبر پويوَ. |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
آءٌ ضرور اوهان جا هٿ پير ابتڙ سبتڙ ڪپائيندس، پوءِ اوهان سڀني کي ڦاسي ڏيندس.“ |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
چيائون ”اسان کي پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي. |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
تون اسان کان رڳو هن ڪري وير ٿو وٺين، جو جڏهن اسان وٽ پنهنجي رب جون آيتون آيون، ته اسان مٿن ايمان آندو. اي اسان جا رب! تون اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي اسلام تي موت ڏجانءِ!“ |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته ”ڇا، تون موسيٰ ۽ سندس قوم کي ڇڏي ڏين ٿو، ته ملڪ ۾ فساد ڪن ۽ توکي تنهنجي سائين کي ڇڏي ڏين؟“ چيائين ”اسان اجهو ٿا سندن پٽن کي ماريون، سندن ڇوڪرين کي جيئرو رکون ۽ بيشڪ اسين مٿن غالب آهيون.“ |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته ”الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪيو- زمين ته الله جي آهي. هو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي وڻيس، ان کي ان جو وارث بڻائي ٿو ۽ پڇاڙي نيڪن جي ئي آهي.“ |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
چيائون ”تنهنجي اچڻ کان اڳ به اسان کي ايذاءُ ملندا هئا ۽ تنهنجي اسان وٽ اچڻ کان پوءِ به،“ چيائين ”جلد ئي اوهان جو رب اوهان جي دشمنن کي ناس ڪندو ۽ اوهان کي زمين ۾ حاڪم بڻائيندو، پوءِ ڏسندو، ته اوهان ڪهڙا ڪم ٿا ڪريو!“ |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ اسان فرعونين کي ڏڪار ۽ ميون جي گهٽتائي جي مصيبتن ۾ ڦاسايو، ته من اهي سمجهن. |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
مگر جڏهن کين سک مليو ٿي، ته چيائون ٿي ”هي اسان جو حق آهي“ ۽ جي تڪليف ٿي پهتين، ته موسيٰ ۽ سندس ساٿين جي نڀاڳائي ٿي سمجهيائون! ٻڌو! الله وٽ سندن ئي نڀاڳائي آهي، مگر گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن. |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
۽ چوڻ لڳا ته ”جڏهن به تون اسان تي جادو ڪرڻ جي واسطي ڪا نشاني آڻيندين ته اسين توتي ايمان نه آڻينداسون.“ |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
پوءِ اسان مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جؤن ۽ ڏيڏر ۽ رت جون پڌريون نشانيون موڪليون، ته هٺ ڪيائون ۽ اُهي ڏوهاري ماڻهو هئا. |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
۽ جڏهن مٿن ڪو عذاب اچي پوندو هو، ته چوندا هئا. ”اي موسيٰ! توسان جيڪو تنهنجي رب واعدو ڪيو آهي، ان سان اسان لاءِ دعا گهر. جي تون اسان کان عذاب ٽاريندين، ته توتي ايمان آڻينداسون ۽ توسان يهودين کي ضرور ڇڏينداسون. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پوءِ جڏهن (به) اسان ان عذاب کي، جو کين هڪ مدت تائين پهچندو هو، هٽائيندا هئاسون، ته اوچتو ئي ان (انجام) کي ٽوڙي ڇڏيندا هئا. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
پوءِ اسان کانئن بدلو ورتو ۽ کين پاڻيءَ ۾ ٻوڙيوسون، ڇا لاءِ ته انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ انهن کان غافل هئا. |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ جنهن قوم کي هيڻو سمجهيو ويو ٿي، اسان انهن کي اوڀر ۽ اولهه جي برڪت ڀري زمين جو مالڪ بنايو. يهودين تي سندن صبر ڪري تنهنجي رب جو نيڪ واعدو پورو ٿيو ۽ فرعون ۽ سندن قوم جا ماڻهو جيڪي ڪم ڪندا ۽ اڏاوتون بڻائيندا رهيا، تن کي ناس ڪري ڇڏيوسون. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
۽ جڏهن اسان يهودين کي سمنڊ کان پار ڪيو، ته اهي اهڙن ماڻهن وٽ آيا، جي بتن جا مجاور ٿيا ويٺا هئا، چيائون ”موسيٰ! اسان لاءِ به اهڙو سائين بناءِ جهڙو انهن کي آهي،“ چيائين ”اوهان برابر جاهل آهيو. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
بيشڪ هي ماڻهو جنهن طريقي تي هلي رهيا آهن، سو تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ هو جيڪي ڪن ٿا سي باطل آهن.“ |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
چيائين ته ”ڇا آءٌ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي سائين بڻايان ۽ ان ته اوهان کي دنيا جي قومن تي ڀلائي بخشي آهي؟“ |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي قوم کان ڇوٽڪارو ڏنو، جي اوهان کي سخت عذاب ڏيندا هئا- هو اوهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي عورتن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي رب کان وڏي آزمائش هئي. |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
اسان موسيٰ کي ٽيهن راتين جو واعدو ڏنو هو ۽ ان کي وڌيڪ ڏهن سان پورو ڪيوسون. ائين سندس رب جو چاليهن راتين جو انجام پورو ٿيو ۽ موسيٰ ڀاڻس هارون کي چيو ”تون مون کان پوءِ منهنجي قوم ۾ جانشين ٿي رهه، سڌارو ڪج ۽ فساد ڪندڙن جي رستي تي نه هلجانءِ.“ |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
جڏهن موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل وقت تي آيو ۽ سندس رب ساڻن ڳالهايو، چيائين ”منهنجا رب! مون کي پاڻ ڏيکار، ته آءٌ تنهنجو ديدار ڪريان-“ فرمايائين ”تون مون کي هرگز نه ڏسي سگهندين، مگر جبل ڏي ڏس، جي اهو پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو، ته تون به مون کي ڏسندين.“ جڏهن سندس رب جبل تي پنهنجي تجلي وڌي ته ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو چيائين ”تون پاڪ آهين، تنهنجي اڳيان توبهه ڪريان ٿو ۽ آءٌ سڀني کان پهريون مؤمن آهيان.“ |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
چيائين ”موسيٰ! مون توکي پنهنجي پيغمبري ۽ پنهنجي ڳالهائڻ سان ماڻهن کان ڀلارو ڪيو آهي، پوءِ جيڪي آءٌ توکي ڏيان ٿو، ان کي وٺ ۽ شڪر ڪر.“ |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
۽ اسان ان لاءِ تختين ۾ هر قسم جون ڳالهيون لکيون هيون، ته هر ڳالهه لاءِ ان ۾ نصيحت ۽ تفصيل هجي. ”پوءِ ان کي مضبوط جهل ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڏي ته ان جي چڱين ڳالهين تي عمل ڪن- آءٌ جلدي توکي نافرمانن جو گهر ڏيکاريندس. |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
آءٌ انهن ماڻهن کي، جي زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪن ٿا، جلد ئي پنهنجي آيتن کان ڦيري ڇڏيندس. جيڪڏهن هو سڀ نشانيون به ڏسن، ته به هو انهن تي ايمان نه آڻيندا، ۽ جي هو هدايت جي واٽ به ڏسن ته ان کي ڪڏهن به نه وٺندا ۽ جي گمراهي جي واٽ ڏسندا ته ان تي هلندا- اهو سڀ هن ڪري (آهي) جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان غافل هئا.“ |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
جن اسان جي آيتن ۽ آخرت کي ڪوڙو ڪيو، تن جا سڀ عمل چٽ ٿيا- جيڪي عمل هو ڪندا هئا، انهن ڌاران ٻيو بدلو نه ڏنو ويندن. |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
ان کان پوءِ موسيٰ جي قوم پنهنجي زيورن مان گابي جو بوتو ٺاهيو، جنهن رنڀيو ٿي- انهن نه ڏٺو، ته هو نه انهن سان ڳالهائي سگهيو ٿي ۽ نه انهن کي رستو ڏيکاري سگهيو ٿي؟ هنن پاڻ تي ظلم ڪري کيس سائين بڻايو. |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
جڏهن اهي (پشيمان ٿي) هٿ مهٽڻ لڳا ۽ ڏٺائون ته برابر گمراهه ٿيا آهن، چيائون ته ”جيڪڏهن اسان جو رب اسان تي رحم نه ڪندو ۽ اسان کي معاف نه ڪندو، ته اسان تباهه ٿي وينداسون!“ |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن غصي سان افسوس ڪندي موٽيو، ته ڀاءُ کي چيائين ”اوهان ڪهڙي بڇڙي نموني ۾ منهنجي جانشيني ڪئي آهي، اوهين پنهنجي رب جي حڪم لاءِ ذرو به نه ترسيا؟“ ۽ پنهنجون تختيون ڦٽيون ڪري، هارون کي مٿي کان وٺي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳو- هارون چيو ”منهنجا مائتا ڀاءُ! منهنجي قوم مون کي ڪمزور سمجهيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ تي هئا، تنهنڪري مون تي دشمنن کي نه کلاءِ، نڪي مون کي ظالمن ۾ سمجهه!“ |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
چيائين ”منهنجا رب! مون کي بخش ۽ منهنجي ڀاءُ کي (به) ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀني کان وڌيڪ رحمت ڪندڙ آهين.“ |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
(فرمايائين) جن گابي کي سائين بڻايو، تن کي جلد سندن پالڻهار کان ڏمر ۽ دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري ملندي- اهڙيءَ طرح اسين ڪوڙ گهڙيندڙن کي سزا ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
جن بڇڙا ڪم ڪيا، ان کان پوءِ توبهه ڪيائون ۽ ايمان آندائون تن کي تنهنجو رب ان بعد بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
جڏهن موسيٰ کان ڏمر لٿو، ته (توريت جون) تختيون کنيائين، ان جي لکت ۾ انهن لاءِ هدايت ۽ رحمت هئي، جي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا. |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
موسيٰ پنهنجي قوم مان ستر ماڻهو چونڊيا ته اسان جي مقرر وقت تي (حاضر ٿين) جڏهن انهن کي زلزلي اچي ورتو، چيائين ته ”منهنجا رب! جي تون گهرين ها، ته مون کي ۽ انهن کي اڳ ۾ ئي ناس ڪري ڇڏين ها. ڇا جيڪي بيوقوفن ڪيو آهي ان ڪري تون اسان کي ناس ڪندين؟ هي تنهنجي آزمائش کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي- تون انهيءَ سان جنهن کي وڻيئي گمراهه ڪرين ٿو ۽ جنهن کي وڻيئي ان کي هدايت بخشين ٿو. تون ئي اسان جو سنڀاليندڙ آهين، اسان کي بخش ۽ اسان تي ٻاجهه ڪر ۽ تون سڀ کان بهتر بخشڻ وارو آهين. |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
اسان لاءِ هن دنيا ۽ آخرت ۾ چڱائي لکُ، جو اسين تو ڏانهن ئي رجوع ٿيا آهيون.“ فرمايائين ”آءٌ پنهنجو عذاب جنهن تي وڻندو آهي، نازل ڪندو آهيان ۽ منهنجي رحمت سڀ ڪنهن تي شامل آهي. آءٌ ان (رحمت) کي انهن لاءِ لکندس، جي بڇڙاين کان بچن ٿا جي زڪوات ادا ڪن ٿا، جي اسان جي نشانين تي ايمان آڻين ٿا. |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
جيڪي (هن) اُمي نبيءَ جي پيروي ڪن ٿا، جنهن جي (خبر) توريت ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا، (اهو) انهن کي نيڪ ڪمن جو حڪم ڪري ٿو ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪي ٿو ۽ پاڪ شين کي انهن لاءِ حلال ڪري ٿو ۽ ناپاڪ شين کي مٿن حرام ڪري ٿو، سندن ڳرو بار ۽ ڳٺ، جي مٿن پيل آهن تن کي کانئن لاهي ڇڏي ٿو، پوءِ جن مٿس ايمان آندو، کيس زور وٺايو ۽ سندن مدد ڪئي ۽ انهيءَ روشنيءَ جي تابعداري ڪئي، جا ساڻس گڏ لٿي، ته اهي ئي ڪامياب آهن. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
چئو اي انسانو! آءٌ اوهان سڀني ڏانهن انهيءَ الله جو رسول ٿي آيو آهيان، جنهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ان ڌاران ڪو سائين ناهي، هو ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو- پوءِ الله ۽ سندس رسول امي نبيءَ تي ايمان آڻيو، جو الله ۽ سندس ڪتابن تي ايمان رکي ٿو ۽ ان جي پيروي ڪريو ته من اوهين سڌي واٽ لهو. |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
موسيٰ جي قوم ۾ اهڙا به ماڻهو آهن، جي حق جو رستو ڏيکارين ٿا ۽ ان موجب انصاف به ڪن ٿا. |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
۽ اسان انهن کي ٻارهن پاڙن جي جدا جدا خاندانن ۾ ورهايو ۽ جڏهن موسيٰ کان سندس قوم پاڻي گهريو، ته اسان کيس حڪم ڪيو، ته ”پنهنجي لٺ کي هڪ پهڻ تي هڻ“، پوءِ ان مان ٻارهن چشما وهي نڪتا- بيشڪ هر شخص پنهنجي پيئڻ جي جاءِ سڃاتي، اسان مٿن ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ انهن تي من ۽ سلويٰ لاٿاسون- ”اسان اوهان کي جيڪا پاڪ روزي ڏيون ٿا، ان مان کائو.“ پوءِ اسان جو ڪجهه به نقصان نه ڪيائون، بلڪه خود پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا. |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
۽ جڏهن کين چيو ويو ته ”هن شهر ۾ وڃي رهو ۽ ان ۾ جتان وڻيو، اتان وڃي کائو ۽ چئو ته ”بخش (ڪر)“ ۽ دروازي مان سجدو ڪندي لنگهو، ته اسين اوهان جا گناهه بخشينداسون ۽ نيڪوڪارن کي اجر ڏينداسون. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
جيڪي انهن ۾ ظالم هئا، تن کين چيل لفظن کي بدلائي ٻيا لفظ چيا- پوءِ جيڪو هو ظلم ڪندا هئا، ان ڪري اسان مٿن آسمان مان عذاب موڪليو. |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
انهن کان ان ڳوٺ بابت پڇ، جو درياءَ جي ڪناري تي هو، جڏهن انهن ڇنڇر بابت نافرماني ڪئي- جڏهن ڇنڇر ڏينهن وٽن مڇيون ترنديون اينديون هيون ۽ جڏهن ڇنڇر نه هوندو ته، وٽن نه اينديون هيون. ان طرح اسين کين آزمائيندا هئاسون، ڇا لاءِ جو هو نافرماني ڪندا هئا. |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
انهن مان هڪ ٽولي چيو ته ”اوهان اهڙي قوم کي ڇو ٿا نصيحت ڪريو جن کي الله ناس ڪندو يا کين سخت عذاب ڏيندو؟“ چيائون ”اوهان جي رب وٽ عذر هجي ۽ شايد هو نيڪ ٿين!“ |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جڏهن کين ڪيل نصيحت وساريائون، ته انهن کي ڇوٽڪارو ڏنوسون، جي بڇڙائي کان منع ڪندا هئا ۽ جن ظلم ڪيو هو، تن کي سخت عذاب سان ان ڪري پڪڙ ڪئي سون جو هو نافرماني ڪندا هئا. |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جڏهن منع ڪيل ڳالهه ۾ حد کان زياده وڌي ويا ته اسان کين حڪم ڏنو ته ”ذليل باندر ٿي پئو!“ |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
۽ (ياد ڪريو) جڏهن تنهنجي رب اعلان ڪيو، ته قيامت تائين مٿن اهڙن ماڻهن کي غالب ڪندو رهندو، جي کين ذليل، ڪندڙ عذاب ۾ وجهندا رهندا، بيشڪ تنهنجو رب جلد عذاب ڏيندڙ آهي ۽ بيشڪ هو بخشيندڙ مهربان آهي. |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
اسان انهن کي جدا جدا ٽولين ۾ زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو- انهن مان ڪي نيڪ آهن ۽ ڪي انهن کان گهٽ آهن ۽ اسان انهن کي چڱين ۽ بڇڙين حالتن ۾ پرکيو، ته من هو الله ڏي موٽن. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
پوءِ، انهن کان پوءِ اهڙا سندن جانشين ٿي ڪتاب جا وارث ٿيا، جي هن گهٽ درجي جي دنيا جي مال متاع کي وٺن ۽ چون ٿا ته ”اسان کي ان جي معافي ملي ويندي،“ وري جي وٽن ڪو ٻيو اهڙو ئي مال اچي ويندو آهي، ته اهو به وٺندا آهن. ڇا، کانئن ڪتاب ۾ پڪو انجام نه ورتو ويو هو ”الله بابت سچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چوندا؟ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پڙهيو به اٿن؟ ۽ آخرت جو گهر انهن لاءِ بهتر آهي جي نيڪ آهن. ڇا اوهين نٿا سمجهو؟ |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جن ڪتاب کي مضبوط جهليو آهي ۽ نماز کي قائم رکن ٿا، ته اسين نيڪو ڪارن جي اجر کي نه ٿا وڃايون. |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
۽ ياد ڪر جڏهن جبل کي مٿن ايئن کڙو ڪيو سون، جو ڄڻ ته اهو ڇٽي هو ۽ ڀانيائون ان کي ته هو اجهو ٿو مٿن ڪري، (۽ چيوسون) ”جيڪو (ڪتاب) اوهان کي ڏنو اٿئون، ان کي قابو جهليو ۽ جيڪي (حڪم) ان ۾ آهن، تن کي ياد ڪريو ته اوهين نيڪ ٿيو.“ |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ ياد ڪر، جڏهن تنهنجي رب آدم جي اولاد جي پٺين مان سندن نسل کي ڪڍيو ۽ کانئن پنهنجي جانين بابت اقرار ورتائين ته ”ڇا آءٌ اوهان جو رب نه آهيان؟“ جواب ڏنائون ته ڇو نه، اسين سڀ گواهه ٿيون ٿا.“ (انهيءَ لاءِ) ته اوهين قيامت جي ڏينهن ائين نه چئو ته ”اسين انهيءَ کان بيخبر هئاسون.“ |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا چئو ته ”اسان کان اڳ اسان جي وڏن شرڪ ڪيو هو ۽ اسين ته انهن کان پوءِ سندن اولاد آهيون، تنهنڪري تون اسان کي ڪوڙن جي ڪري ناس ڪندين ڇا؟“ |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
۽ اهڙي طرح اسين آيتون کولي بيان ڪريون ٿا، ته شايد اُهي موٽ کائن. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
انهن کي اُن ماڻهوءَ جو حال ٻڌاءِ، جنهن کي اسان پنهنجيون آيتون ڏنيون. پوءِ هو انهن کان نڪري ويو، پوءِ شيطان ان جي پٺيان لڳو، جو هو گمراهن ۾ (داخل) ٿيو. |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
جي اسين گهرون ها، ته ان کي انهن (آيتن) سان (درجن ۾) بلند ڪريون ها، مگر هو ته دنيا ڏانهن مائل ٿيو ۽ پنهنجي خواهش جي پيروي ڪيائين. پوءِ ان جو مثال ڪتي جهڙو آهي، جيڪڏهن تون ان تي بار رکين ته به سهڪي ۽ جي ڇڏي ڏين ته به سهڪي- اهو مثال ان قوم جو آهي، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، سو تون ان حال کي بيان ڪر، ته شايد هو سوچين. |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
جنهن قوم اسانجي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، انهن جو مثال بڇڙو آهي ۽ اهي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا. |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
هدايت وارو اهو ئي آهي، جنهن کي الله هدايت ڪري ۽ جنهن جي واٽ گم ڪري ته پوءِ اهڙا ئي ماڻهو نقصان پائيندڙ آهن. |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
اسان گهڻا ئي اهڙا جن ۽ انسان دوزخ لاءِ پيدا ڪيا آهن، جن جون دليون آهن، پر هو انهن سان نٿا سمجهن ۽ انهن کي اکيون آهن، پر انهن سان نٿا ڏسن ۽ انهن کي ڪن آهن پر انهن سان نٿا ٻڌن- اهي ئي ماڻهو چوپاين وانگر آهن. بلڪه اهي وڌيڪ گمراهه آهن- اهي ئي ماڻهو غافل آهن. |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
۽ الله جا چڱا نالا آهن، سو انهن سان ئي کيس پڪاريو ۽ اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، جي سندن نالن ۾ ڏنگائي ڪن ٿا. اهي جلد ئي پنهنجن عملن جو بدلو پائيندا. |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
اسان جي مخلوق ۾ هڪ جماعت اهڙي به آهي، جا حق جي واٽ ڏيکاري ٿي ۽ ان موجب انصاف به ڪري ٿي. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تن کي درجي بدرجي اهڙي طرح (آخري نتيجي تي) وٺي وينداسون، جو ان کي خبر به نه پوندي. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
آءٌ انهن کي مهلت ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي رٿ مضبوط آهي. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا انهن اهو ويچار نه ڪيو آهي؟ ته سندن رفيق (محمدﷺ) کي ڪا به چريائي نه آهي- هو ته رڳو پڌري پٽ ڊيڄاريندڙ آهن. |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڇا انهن آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ۾ ۽ جيڪي به ٻيو الله پيدا ڪيو آهي، ان ۾ غور نه ڪيو آهي ۽ (هن تي به) ته ٿي سگهي ٿو، جو سندن موت اچي ويجهو ٿيو هجي، پوءِ قرآن پڄاڻا ٻي ڪهڙيءَ ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
جنهن جي واٽ الله گم ڪري ته ڪو به ان کي سنئين واٽ تي آڻي نه ٿو سگهي- ۽ الله انهن کي گمراهي ۾ ڀٽڪندو ڇڏي ڏئي ٿو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
توکان قيامت بابت پڇن ٿا ته ”اها ڪڏهن قائم ٿيندي؟“ چئو ته ”ان جي خبر رڳو منهنجي رب کي آهي- ان ڌاران ٻيو ڪو به ان کي پوري وقت تي ظاهر نه ڪندو- اهو آسمانن ۽ زمين ۾ وڏو حادثو ٿيندو، اها اوهان تي بلڪل اوچتو اچي پوندي.“ اهي توکان ائين پڇن ٿا، جو ڄڻ ته تون ان جي جاچ ڪري چڪو آهين- چئو ته ”ان جو علم الله ڌاران ٻئي ڪنهن کي به نه آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.“ |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
چئو ته مون کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان تي به اختيار ناهي، مگر جيڪي الله گهري ۽ جيڪڏهن آءٌ غيب ڄاڻندو هجان ها، ته گهڻو ئي فائدو حاصل ڪري وٺان ها ۽ مون کي ڪا به تڪليف نه پهچي ها- پر آءٌ ته رڳو مومن ماڻهن کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
هو (الله) اهو آهي، جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان سندس جوڙو بنايائين، ته ان مان راحت وٺي- پوءِ جڏهن ساڻس صحبت ڪري ٿو ته هلڪو پيٽ ٿئي ٿو، جنهن سان ڦرندي رهي ٿي. پوءِ جڏهن ڳوري ٿئي ٿي ته پنهنجي رب کان دعا گهرن ٿا، ته جي اسان کي سالم اولاد ڏنئي ته اسين خوب شڪر گذاري ڪنداسين. |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جڏهن کين سالم ٻار ڏنائين، ته هو الله جي ڏنل ۾ ٻيا ڀائيوار بنائڻ لڳا، سو الله انهن جي ڀائيواريءَ کان پاڪ آهي. |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
ڇا اهي اهڙن کي ڀائيوار ٿا ڪن، جي ڪجهه به خلقي نٿا سگهن ۽ پاڻ خلقيل آهن؟ |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
۽ هو نڪي سندن مدد ڪري سگهن ٿا. نڪي پاڻ جي ئي مدد ڪري سگهن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏانهن سڏين، ته تنهنجي پيروي نه ڪندا- اوهان لاءِ انهن کي سڏڻ يا نه سڏڻ برابر آهي. |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
بيشڪ خدا کي ڇڏي، جن کي اوهين سڏيو ٿا، اهي اوهان جهڙا ٻانها آهن. جي سچا آهيو، ته انهن کي سڏيو، پوءِ انهن کي (به) جواب ته ڏيڻ گهرجي؟ |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا انهن کي پير آهن، جن سان هو هلن ٿا، يا انهن کي هٿ آهن، جن سان هو جهلين ٿا، يا انهن کي اکيون آهن، جن سان هو ڏسن ٿا، يا انهن کي ڪن آهن، جن سان هو ٻڌن ٿا؟ چئو ته اوهان انهن سڀني الله جي ڀائيوار بنايلن کي سڏيو، پوءِ رٿ رٿيو ۽ مون کي ٿوري به مهلت نه ڏيو. |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
بيشڪ منهنجو ڪارساز ته الله آهي، جنهن (هي) ڪتاب لاٿو، اهوئي نيڪن جي مدد ڪري ٿو. |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
اوهين خدا کي ڇڏي جن کي پڪاريو ٿا، اهي نه اوهان جي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نڪي پاڻ جي مدد ڪري سگهن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
جيڪڏهن اوهين انهن کي هدايت ڏانهن سڏيو، ته نه ٻڌندا- ۽ تون هنن کي پاڻ ڏانهن نظر ڪندو ڏسندين، پر اُهي ڪجهه به نٿا ڏسن. |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
تون درگذر ڪر ۽ نيڪ ڪمن جي تعليم ڏي ۽ جاهلن سان منهن نه اڙاءِ. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
پر جيڪڏهن توکي شيطان کان وسوسو اچڻ لڳي، ته الله جي پناهه وٺندو ڪر- بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
جڏهن به نيڪن کي شيطان کان ڪو خطرو اچي ٿو ته هو خدا کي ياد ڪن ٿا. تڏهن سندن اکيون کلي پون ٿيون. |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
مگر شيطانن جي پوئلڳن کي هو گمراهيءَ ۾ ڇڪي ويندا آهن، پوءِ اهي نٿا جهلجن. |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
جڏهن تون وٽن ڪو معجزو نه ٿو آڻين، ته چون ٿا ”تون اهو ڇو نه آندو؟“ چئو ته آءٌ رڳو ان جي پيروي ڪريان ٿو، جو مون ڏانهن منهنجي رب کان حڪم پهتو- هي منهنجي رب جي طرفان دليل آهن ۽ مومنن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
۽ جڏهن قرآن پڙهجي ته ان کي ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چپ رهو ته من اوهان تي رحم ٿئي. |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
۽ پنهنجي رب کي پنهنجي اندر ۾ عاجزي ۽ خوف سان ۽ جهيڻي آواز سان صبح شام ياد ڪر ۽ غافل نه ٿي. |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
بيشڪ، جيڪي تنهنجي رب کي ويجها آهن سي سندس عبادت کان تڪبر نٿا ڪن ۽ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ ان کي ئي سجدو ڪن ٿا. (سجدو) |