المص (آيت : 1) |
الف - لام- ميم- صاد |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
هي هڪ ڪتاب آهي، جيڪو تنھنجي مٿان نازل ڪيو ويو آهي (ان جي نازل ڪرڻ سان) تنھنجي دل ۾ ڪا به پريشاني نه ٿيڻ کپي (ڇو جو هن ڪتاب جي نازل ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته) توهان هن جي ذريعي انڪار ڪندڙن کي ڊيڄاريو ۽ ايمان وارن لاءِ هي ڪتاب هڪ نصيحت آهي. |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
توهان جي پالڻھار جي طرف کان جيڪو ڪجهه توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، ان جي پيروي ڪريو ان کان علاوه ٻين حمايتين جي پيروي نه ڪريو (حقيقت هي آهي ته) توهان ماڻهو تمام گهٽ ئي نصيحت پرايو ٿا. |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
اسان ڪيترن ئي ڳوٺن (۽ شھرن) کي برباد ڪري ڇڏيوسين پوءِ انهن تي اسان جو عذاب رات جو آيو هو يا منجهند جو جڏهن هو آرام ۾ هئا. |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
(بھرحال) جڏهن به اسان جو مٿن عذاب آيو ته هو اعتراف ڪندا هئا ته واقعي اسان ئي ظالم هئاسين. |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ اسان انهن قومن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏي رسول موڪليا هئا ۽ وري رسولن کان به ان باري ۾ ضرور پڇا ڪنداسين. |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
اسان انهن کان غائب (يعني پري) ته نه هئاسين، سو کين پوري ثبوت سان هر شيءِ ٻڌائينداسين. |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
ان ڏينھن اعمال جو وزن (انصاف سان) ضرور ڪيو ويندو پوءِ جن جا (نيڪيءَ جا) وزن ڳرا هوندا، بس! اُهي ئي ڪامياب هوندا. |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ جن جا (نيڪيءَ جا) وزن گهٽ ٿيا ته اهڙن ماڻهن اسان جي آيتن سان ظلم ڪرڻ سبب پنھنجو پاڻ کي وڏي خساري ۾ وجهي ڇڏيو. |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
اسان توهان کي زمين ۾ رهايوسين ۽ اوهان جي لاءِ ان ۾ زندگي گذارڻ جو سامان مھيا ڪيوسين، (پوءِ به) توهان ماڻهو تمام گهٽ شڪر ادا ڪريو ٿا. |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
بيشڪ اسان توهان کي پيدا ڪيو ۽ توهان کي (سهڻي) شڪل ڏني پوءِ ملائڪن کي آدم کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو، سو سڀني ملائڪن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، هو سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿيو. |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
الله تعالى کيس فرمايو ته جڏهن مان تو کي سجدو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته تو کي ڪهڙي شيءِ سجدي ڪرڻ کان روڪيو هو؟ هن چيو ته: مان آدم کان بھتر آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
الله تعالى فرمايو ته هتان هليو وڃ، هتي ويھي توکي تڪبر ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. ٽري وڃ، تون ذليلن مان آهين (۽ تون انتھائي ننڍي سوچ رکندڙ آهين) |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
هن چيو ته (سائين! چڱو ڀلا) مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مھلت ڏيو. |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
الله تعالى فرمايو: بيشڪ تو کي مھلت ڏني وڃي ٿي. |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
ابليس چيو ته (يا الله!) تو مون کي (جنهن طريقي سان) راهه تان هٽائي ڇڏيو آهي مان به (بلڪل) اهڙي طريقي سان ماڻهن جي تاڙ ۾ تنھنجي ٻڌايل سڌي رستي تي (گهٽ وٺي) ويھي رهندس. |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
بس! پوءِ ته مان انهن جي سامهون، پويان، ساڄي ۽ کاٻي پاسي گهيرو ڪري بيٺو هوندس پوءِ تون (به) انهن مان گهڻن کي شڪر گذار نه ڏسندين. |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
الله تعالى فرمايو ته تون هتان ذليل ۽ خوار ٿي نڪري وڃ، انهن مان جيڪو به تنھنجي پيروي ڪندو ته مان توهان سڀني سان جھنم کي ڀريندس. |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
(الله تعالى فرمايو) اي آدم! تون ۽ تنھنجي گهر واري جنت ۾ ئي رهو ۽ جنت ۾ جتان به توهان جي مرضي چاهي، اتان وڃي کائو پر (اهو خيال ڪجو) هن (خاص) وڻ جي ويجها نه وڃجو نه ته توهان به ظالمن مان ٿي ويندا. |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ شيطان ٻنهي (جي دلين) اندر وسوسو وڌو ته جيئن سندن اوگهڙ انهن جي لاءِ ظاهر ڪري جيڪا انهن کان لڪائي وئي هئي. ۽ انهن کي چيائين ته توهان جي پالڻھار توهان کي هن وڻ کان ان ڪري روڪيو آهي ته ڪٿي توهان فرشتا نه بنجي وڃو يا توهان کي تاحيات زندگي نه ملي وڃي. |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ هو قسم کڻي چوڻ لڳو ته مان توهان ٻنهي جو خيرخواه آهيان (جو اوهان کي هن ماحول جي بجاءِ فرشتن واري ماحول ۾ آڻي توهان لاءِ هميشه واري زندگي چاهيان ٿو.) |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
هن ( انهن ٻنهي کي ڌوڪي ۽ ڪوڙ سان (ذهني طور) تيار ڪري ڇڏيو پوءِ جڏهن انهن وڻ جو ذائقو چکيو (ته انهن جي آڏو بلوغت کان اڳ وارو ماحول ختم ٿي ويو) ۽ هڪ ٻئي جي آڏو ٻنهي جي جسماني اوگهڙ ظاهر ٿي پئي پوءِ ته ويھي ان جسماني اوگهڙ کي جنت جي وڻن جي پنن سان ڍڪڻ لڳا ۽ انهن ٻنهي کي پنھنجي پالڻھار سڏيو ته ڇا مان توهان کي ان وڻ جي ويجهو وڃڻ کان نه روڪيو هو ۽ اهو نه چيو هو ته بيشڪ شيطان توهان ٻنهي جو پڪو دشمن آهي؟ |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
ٻنهي چيو ته اي اسان جا پالڻھار! اسان پنھنجو پاڻ تي (وڏو) ظلم ڪري وڌوسين (هاڻي) جيڪڏهن تون اسان کي معاف نه ڪيو ۽ اسان تي رحم نه ڪيو ته پوءِ پڪ اسان نقصان وارن مان ٿي وينداسين. |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
الله تعالى فرمايو: توهان سڀ جا سڀ هيٺ هليا وڃو، هاڻي توهان هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ توهان لاءِ زمين ۾ هڪ مقرر وقت تائين رهڻ جي جاءِ ۽ زندگي گذارڻ جو سامان موجود آهي. |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
۽ اتي زمين تي ئي توهان جو جيئڻ ۽ مرڻ ٿيندو پوءِ وري ان زمين مان ئي توهان ٻيھر ڪڍيا ويندا. |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم جو اولاد! توهان لاءِ اسان پوشاڪ لاٿي جيڪا توهان جي جسمن کي به ڍڪڻ ۽ هار سينگار جو سبب به آهي پر حقيقت هي آهي ته پرهيزگاريءَ جي پوشاڪ ئي سڀ کان بهتر پوشاڪ آهي، اهو (پرهيزگاريءَ وارو) لباس به الله تعالى جي نشانين مان آهي شايد گھري نگاهه رکڻ وارا ماڻهو ان مان نصيحت وٺن. |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي آدم جو اولاد! (ذرا خيال ڪجو) شيطان توهان کي اهڙي طريقي سان آزمائشن ۾ نه وجهي ڇڏي جھڙي طريقي سان هن توهان جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي جنت مان ڪڍرايائين ۽ سندن (روحاني) پوشاڪ لھرايائين ته جيئن انهن جون اوگهڙون هڪ ٻئي جي سامهون ڏيکاري. بيشڪ شيطان ۽ سندس ساٿي توهان کي اهڙي جڳه تان ڏسن ٿا جو اوهان انهن کي نٿا ڏسي سگهو. بيشڪ اسان شيطانن کي ايمان نه آڻيندڙن جو دوست بنائي ڇڏيو آهي. |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ جڏهن هي ( مڪي جا بي ايمان) ماڻهو بيحيائيءَ جو ڪم (يعني خانه ڪعبه جو اگهاڙو ٿي طواف) ڪندا آهن ته چوندا آهن ته اسان پنھنجي ابن ڏاڏن کي انهيءَ طريقي سان ڏٺو آهي ۽ الله تعالى ئي اسان کي حڪم ڏنو آهي. انهن کي چؤ ته الله تعالى ڪڏهن به بيحيائيءَ جي ڪمن جو حڪم نه ڏيندو آهي. الله تعالى جي باري ۾ توهان جيڪي ڪجهه ڳالهايو ٿا ان جي توهان کي ڪا به ڄاڻ نه آهي. |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
توهان انهن کي چؤ ته منھنجي پالڻھار انصاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ (اهو به حڪم ڏنو آهي ته) هر نماز دوران توهان پنھنجا منھن سڌا رکو ۽ دين کي الله تعاليٰ لاءِ خالص ڪري ان کي ئي سڏيو، جيئن هن توهان کي شروع ۾ پيدا ڪيو هو بلڪل اهڙي طريقي سان ئي توهان ٻيھر پيدا ڪيا ويندا. |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
هن (توهان منجهان) هڪڙي جماعت کي (ايمان جي توفيق ڏئي) سڌو رستو ڏيکاريو ۽ ٻي ٽولي پڪي گمراهيءَ ۾ پئجي وئي ڇاڪاڻ جو انهن الله تعالى کان سواءِ شيطانن کي حمايتي ۽ مددگار بنائي ڇڏيو آهي ۽ وري سمجهن ٿا ته هو سڌي رستي تي آهن. |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي آدم جو اولاد! نماز لاءِ مسجد ڏانھن وڃڻ وقت پنھنجو پاڻ کي سينگاري نڪرندا ڪريو. کائو ۽ پِيئو پر فضول خرچي نه ڪريو ڇو ته فضول خرچي ڪرڻ وارن کي الله تعالى پسند ئي نه ڪندو آهي. |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
(اي نبي ﷺ!) چؤ ته الله تعالى جي ان خوبصورتيءَ کي ڪنھن حرام ڪيو، جنھن جي هن خود پنھنجي ٻانهن کي موڪل ڏني آهي ۽ پاڪ شين جي کائڻ کان ڪنھن منع ڪيو آهي؟ تون چؤ ته هي شيون دنيا جي زندگيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ ئي آهن ۽ وري قيامت جي ڏينھن اهي سڀ شيون خصوصي طور تي انهن کي ئي ڏنيون وينديون. اهڙي طريقي سان اسان آيتن کي علم رکندڙ ماڻهن لاءِ تفصيل سان بيان ڪندا آهيون. |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
کين ٻڌائي ڇڏيو! ته منھنجي پالڻھار (هي شيون) حرام ڪيون آهن: ٭ بيحيائيءَ جا ڪم چاهي اهي ظاهري طرح يا لڪيل طريقي سان ڪيا وڃن ٭ گناهه جا سڀ ڪم ٭ ناحق بغاوت ڪرڻ ٭ بغير ڪنھن دليل جي الله تعالى سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ ٭ ۽ الله تعالى جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چوڻ جنھن جي توهان کي ڪا به ڄاڻ نه هجي. |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
(ياد رکو) هر هڪ امت جي لاءِ (مھلت جو) هڪ وقت مقرر آهي پوءِ جڏهن اهو وقت اچي پھچندو ته نه هڪ گهڙي دير ڪئي ويندي آهي ۽ نه هڪ گهڙي اڳتي ڪئي ويندي آهي. |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
اي آدم جو اولاد! ياد رکو جيڪڏهن توهان وٽ توهان مان ئي رسول اچن ۽ هو اوهان کي منھنجون آيتون بيان ڪن پوءِ جيڪو پرهيزگاريءَ جي راهه اختيار ڪندو ۽ پنھنجي اصلاح ڪندو ته اهڙن ماڻهن لاءِ ڪو به خوف ۽ ڪو به غم نه آهي. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ( انهن کي مڃڻ کان) تڪبر ڪيو، اهي سڀ جھنمي آهن، هو ان ۾ هميشه رهندا. |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم آهي؟ جنھن الله تعالى تي ڪوڙ گهڙيو يا ان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو؟ کين (دنيا ۾) ايترو ئي حصو ملندو جيترو سندن تقدير ۾ لکيل آهي، ايستائين جو اسان جا موڪليل فرشتا انهن وٽ روح قبض ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا ۽ (اچڻ سان ئي) فرشتا انهن کان پڇا ڪندا ته اهي (معبود) ڪٿي آهن؟ جن کي توهان الله تعالى کي ڇڏي پڪاريندا هئا. جواب ۾ هو چوندا ته اهي ته اسان کان لڪي ويا (هاڻي) هو پنھنجو پاڻ تي ئي شاهدي ڏيندا ته واقعي هو ڪفر ڪرڻ وارن مان ئي هئا. |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
الله تعالى کين فرمائيندو ته هاڻي توهان به وڃي باهه ۾ داخل ٿيو، جتي جنن ۽ انسانن جا ٽولا توهان کان اڳ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جڏهن به ڪو ٽولو ان باهه ۾ داخل ٿيندو ته اهو اڳ ۾ داخل ٿيل ٽولي تي لعنت وجهندو، ايستائين جو سڀ ان ۾ داخل ٿي ويندا. آخر ۾ ايندڙ ٽولو اڳ ۾ داخل ٿيندڙن کي ڏسي چوندو ته اي اسان جا رب! هي اُهي ئي ماڻهو آهن جن اسان کي (دنيا ۾) گمراهه ڪيو، انهن کي ته باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي، الله تعالى فرمائيندو ته (هتي ته) سڀني لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر توهان کي (ان جي) سمجهه نه آهي. |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
انهن مان وري پھريون ٽولو پوئين ٽولي کي چوندو ته اوهان کي اسان تي ڪا به فضيلت نه آهي (يعني پاڻ سڀئي هڪجھڙا ئي ڏوهاري هئاسين) هاڻي هر ڪو ماڻهو پنھنجي پنھنجي ڪمائيءَ جي بدلي عذاب جو مزو چکي. |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ( انهن کي مڃڻ کان) تڪبر ڪيو، انهن لاءِ آسمان جا دروازا به نه کوليا ويندا ۽ جنت ۾ انهن جو داخل ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي، جيئن اُٺ جو سئيءَ جي سوراخ مان نڪري وڃڻ ممڪن نه آهي، اسان ڏوهارين کي اهڙيءَ طرح ئي بدلو ڏيندا آهيون. |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
هاڻي انهن جي لاءِ جھنم جا تيار ٿيل بسترا ۽ مٿان پائڻ لاءِ چادرون هونديون اسان ظالمن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا سو اسان ڪنھن کي به سندن برداشت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيندا آهيون (هاڻي صبر ڪرڻ وارا ئي) جنتي آهن، هو ان ۾ هميشه رهندا. |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
انهن جي دلين ۾ جيڪا هڪ ٻئي جي لاءِ ٿوري گهڻي نفرت هوندي سا اسان ڪڍي ڇڏينداسين، ان جنت جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون ۽ (جنتي ماڻهو شڪرگذاريءَ واري انداز ۾) چوندا ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جنھن اسان کي اهو رستو ڏيکاريو. جيڪڏهن هو اسان کي اهو رستو نه ڏيکاري ها ته اسان سڌو رستو ڪڏهن به نه ڏسي سگهون ها. بيشڪ اسان جي پالڻھار جا رسول سڳورا اسان وٽ حق ڳالهه کڻي آيا هئا ۽ (قيامت جي ڏينهن) کين وڏي واڪي ٻڌايو ويندو ته اها جنت توهان جي آهي اوهان جيڪي نيڪ عمل ڪندا هئا ان جي ڪري ئي توهان کي ان جنت جو وارث بنايو ويو آهي. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ جنتي ماڻهو دوزخين کي سڏي چوندا ته (اڄ) اسان پنھنجي پالڻھار جي ڪيل سڀني وعدن کي سچو ٿيندي ڏٺوسين، ته ڇا توهان به پنھنجي پالڻھار جا وعدا سچا ٿيندي ڏٺا؟ اهي چوندا ته هائو بلڪل، ايتري ۾ سندن وچ ۾ پڪارڻ وارو آواز ڏيندو ته ظالمن تي الله تعالى جي لعنت آهي. |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
اهي لعنتي ماڻهو دنيا ۾ ٻين ماڻهن کي به الله تعالى جي رستي کان روڪيندا هئا، ان رستي ۾ ڏنگائي پيدا ڪندا هئا ۽ آخرت جا انڪاري به هئا. |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
انهن ٻنهي گروهن (يعني جنتين ۽ دوزخين) جي بلڪل وچ ۾ هڪ پردو يعني ڀت ڏنل هوندي، جنهن جي مٿان ڪي ماڻهو چڙهيل هوندا جيڪي هر ڪنھن کي سندن مھانڊن مان ئي سڃاڻيندا ۽ اهي جنتين کي سڏي چوندا ته اَلسَّلامُ عَلَيڪُم (توهان تي سلامتي هجي) ھي ڀت تي چڙهيل ماڻهو اڃا جنت ۾ داخل نه ٿيا هوندا پر جنت ۾ وڃڻ جو کين وڏو آسرو هوندو. |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
وري جڏهن سندن نگاهون دوزخين ڏانھن ڦرنديون ته ( کين ڏسي) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! (پنهنجي مھرباني سان) اسان کي ظالمن ۾ شامل نه ڪجانءِ. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
۽ ڀت تي چڙهيل ماڻهو (اعراف وارا) دوزخين کي سندن مھانڊن مان سڃاڻي سڏي چوندا ته (اڄ) توهان کي پنھنجو گڏ ڪيل مال ۽ توهان جي وڏائي ڪجهه به ڪم نه آئي. |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ڇا هي (جنتي) ماڻهو اهي آهن جن جي لاءِ توهان قسم کڻي چوندا هئا ته الله تعالى (پنهنجي) رحمت مان کين ڪجهه به نه ڏيندو (اڄ ته) کين وڏي واڪي چيو ويو آهي ته جنت ۾ داخل ٿي وڃو، توهان لاءِ ڪنھن به قسم جو ڪو خوف نه آهي ۽ نه ئي توهان غمگين رهندا. |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ (وري) دوزخي ماڻهو جنتي ماڻهن کي پڪاري چوندا ته اسان جي مٿان ٿورو (ٿڌڙو) پاڻي ته هاريو يا الله تعاليٰ جي طرف کان توهان کي کائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه مليو آهي ان مان اسان کي به ٿوري وَٽ ڪرايو (يعني ٿورو کارايو) جنتي ماڻهو کين چوندا ته اهي ٻئي شيون الله تعالى ڪافرن لاءِ حرام ڪري ڇڏيون آهن (تنهنڪري اسان توهان کي نٿا کارائي سگهون). |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن ماڻهن پنھنجي دين کي کيل ۽ تماشو ٺاهيو هو ۽ دنيا جي حياتيءَ کين ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو هو، (الله تعالى فرمائيندو ته) اڄ اسان انهن کي ايئن وساري ڇڏينداسين جيئن اڄوڪي ڏينھن اسان جي سامھون پيش ٿيڻ کي هنن وساريو هو ۽ هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
اسان انهن وٽ هڪ ڪتاب آندو آهي جنھن ۾ علمي انداز ۾ اسان وڏي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هي (ڪتاب) ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
ڇا ڪافر ان انتظار ۾ آهن ته انهن سان ڪيل وعدن جو انجام ظاهر ڪيو وڃي؟ (کين چؤ ته) جڏهن ڪيل وعدن جو ڏينھن سامھون ايندو ته پوءِ ان ڏينھن کي وسارڻ وارا چوندا ته (واقعي) اسان جي پالڻھار جا رسول سڳورا حق ڳالهه کڻي آيا هئا، ڇا اسان جي لاءِ هاڻي ڪي سفارش ڪندڙ آهن، جيڪي اسان جي حق ۾ سفارش ڪن؟ يا اسان کي دنيا ۾ ٻيھر موڪليو وڃي پوءِ اسان پھرئين وارا عمل نه ڪنداسين،انهن پنھنجو پاڻ کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن جيڪي ڪوڙ گهڙيا هئا سي سڀ انهن کان وسري ويندا. |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
بيشڪ توهان سڀني جو پالڻھار الله تعالى ئي آهي، جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو. پوءِ هو (آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيل هر مخلوق جي نگھباني ڪرڻ لاءِ) جلوه افروز ٿيو. (جو ڪير به ان جي نگھبانيءَ کي ظاهري طرح نٿو ڏسي سگهي) هو رات کي ڏينھن ۾ اهڙيءَ طرح تبديل ڪري ٿو جو رات جي پويان ڏينھن تيزيءَ سان هلندو اچي ٿو، سج، چنڊ ۽ ستارا ان جي حڪم جا ئي پابند آهن. ياد رکو! مخلوق به ان جي ته حڪم به ان جو ئي هلندو. الله تعالى جيڪو جھانن جو پالڻھار آهي وڏي برڪت وارو آهي. |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
توهان پنھنجي پالڻھار کي نوڙت ۽ اڪيلائيءَ ۾ پڪاريندا رهو. بيشڪ هو حد کان اڳتي وڌندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
زمين ۾ سڌاري اچڻ کان پوءِ ان ۾ فساد نه ڦھلايو ۽ الله تعالى کي خوف ۽ اميد واري انداز ۾ پڪاريو. بيشڪ الله تعالى جي رحمت نيڪوڪار ماڻهن جي بلڪل ويجهو آهي. |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
الله تعالى ئي هوائن کي پنھنجي رحمت کان اڳ بارش جي خوشخبريءَ طور (ٿڌڙو ڪري) موڪليندو آهي. پوءِ جڏهن هوا پاڻيءَ سان ڀريل ڳرن ڪڪرن کي کڻي گھليندي آهي ته اسان ان کي غيرآباد زمين ڏانھن موڪليندا آهيون پوءِ اتي اسان بارش وسايون ٿا ۽ اسان ئي ان جي ذريعي هر قسم جا ميوا پيدا ڪريون ٿا، سو اهڙيءَ طرح ئي اسان مئلن کي ( زمين مان) ڪڍنداسين ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪريو. |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ آباد زمين پنھنجي رب جي حڪم سان ئي مڪمل گاهه ٻوٽا ڪڍندي آهي ۽ غيرآباد زمين مان رڳو ڪٿي ڪٿي تيلا ۽ ٽانگا نڪرندا آهن، اسان اهڙيءَ طرح شڪر ادا ڪندڙن لاءِ آيتن کي بار بار بيان ڪندا آهيون. |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
بيشڪ اسان نوح (ؑ) کي پنھنجي قوم ڏانھن موڪليو، هن چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪير به معبود نه آهي، بيشڪ مان ته توهان تي قيامت واري وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
سندس قوم جي سردارن چيو ته (اهڙي ڳالهه ڪندي) اسان ته تو کي صفا گمراهيءَ ۾ ٿا ڏسون. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
(تنھن تي) نوح (ؑ) چيو ته اي منھنجي قوم! مان ڪنھن به گمراهيءَ ۾ نه آهيان، مان ته تمام جھانن جي پالڻھار جي طرف کان هڪ رسول آهيان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
مان توهان کي پنھنجي پالڻھار جا پيغام پھچايان ٿو، توهان جو گهڻ گهرو آهيان ۽ الله تعالى جي طرف کان مون کي اهڙي ڄاڻ آهي جيڪا توهان کي نه آهي. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
ڇا توهان کي ان ڳالهه تي تعجب آهي ته توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان توهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ تي نصيحت لٿي آهي ته جيئن هو توهان کي (جھنم جي باهه کان) ڊيڄاري ۽ توهان پرهيزگار ماڻهو بڻجي وڃو، من توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پوءِ قوم کيس ڪوڙو ڪيو، اسان ان کي ۽ ان سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار مؤمنن کي بچايوسين ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪندڙن کي غرق ڪري ڇڏيوسين. بيشڪ اها قوم (عقل کان) انڌي هئي. |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ اسان عاد قوم ڏانھن سندن ڀاء هود (ؑ) کي موڪليوسين، هن چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪير به معبود نه آهي، پوءِ به توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
سندس قوم جي سردارن چيو ته (اهڙي ڳالهه ڪندي) اسان توکي بي وقوف سمجهون ٿا ۽ اسان جو اهو خيال آهي ته تون ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مان آهين. |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
هود (ؑ) چيو ته اي منهنجي قوم! مان بيوقوف نه آهيان مان ته تمام جھانن جي پالڻھار جي طرف کان موڪليل هڪ رسول آهيان. |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
۽ توهان کي پنهنجي پالڻھار جا پيغام پھچايان ٿو ۽ مان توهان جي لاءِ انتھائي ايماندار نصيحت ڪندڙ آهيان. |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
ڇا توهان کي ان ڳالهه تي تعجب آهي ته توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان توهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ تي نصيحت لٿي آهي، ته جيئن هو توهان کي (جھنم کان) ڊيڄاري. اهو وقت به ياد ڪريو جڏهن (توهان جي پالڻھار) توهان کي نوح (ؑ) جي قوم کان پوءِ جانشين بنايو هو ۽ توهان کي صحتمند ۽ مضبوط جسم عطا ڪيو هو سو توهان الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو، توهان ئي ڪامياب ٿيندا. |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
(جواب ۾) انهن چيو ته ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته جيئن اسان هڪ الله جي بندگي ڪريون ۽ جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا تن کي ڇڏي ڏيون. (چڱو ڀلا) جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته تون اسان جي مٿان اهو عذاب آڻي ڏيکار، جنھن کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو. |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
هود (ؑ) چيو ته (بس!) هاڻي ته توهان جي مٿان توهان جي پالڻھار جي طرف کان عذاب ۽ ڏمر لازم ٿي چڪو آهي، توهان مون سان انهن (بتن) جي نالي تي وڙهو ٿا جن جا نالا توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن، الله تعالى انهن جي باري ۾ ڪا به ثابتي نه ڏني آهي. بس! توهان (عذاب جو) انتظار ڪريو مان به توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
پوءِ اسان هود (ؑ) ۽ سندس ساٿينِ کي پنھنجي مھربانيءَ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي پاڙ ئي پٽي ڇڏي سين، (ڇاڪاڻ جو) هو مؤمن ئي نه هئا. |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ اسان ثمود قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالح (ؑ) کي موڪليوسين، هن کين چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪو به معبود نه آهي. بيشڪ توهان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرف کان واضح دليل اچي چڪو آهي، هي الله تعالى جي ڏاچي آهي جيڪا توهان جي لاءِ هڪ نشانيءَ طور آهي، توهان ان کي آزاد ڇڏي ڏيو ته الله تعالى جي زمين ۾ جتان چاهي ڀلي چرندي وتي. هن کي ڪو به نقصان نه پھچائيندا، ورنه توهان تي تڪليف وارو عذاب ايندو . |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
اهو وقت به ياد ڪريو، جڏهن (توهان جي پالڻھار) توهان کي عاد قوم کان پوءِ جانشين مقرر ڪيو ۽ اوهان کي (وڏي شان سان) زمين ۾ رهايو، جو توهان ميدانن ۾ وڏا وڏا محل ۽ ماڙيون ٺاهيو ٿا ۽ وري جبلن کي ٽُڪي انهن ۾ گهر ٺاهيو ٿا. بس! الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦھلايو. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
(صالح ؑ جي) قوم جي مغرور سردارن قوم جي ڪمزور ايمان وارن کي چيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته واقعي صالح پنھنجي پالڻھار جي طرف کان موڪليو ويو آهي؟ هنن جواب ۾ چيو ته اسان ته کيس ملندڙ پيغام تي يقين رکون ٿا. |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
پوءِ مغرور سردارن چيو ته جنھن شيءِ تي توهان ايمان آندو آهي اسان ته ان جو انڪار ڪريون ٿا. |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ هنن ڏاچيءَ کي لولو لنگڙو ڪري (ماري) ڇڏيو ۽ آڪڙ ۾ اچي پنھنجي پالڻھار جي حڪم جي نافرماني ڪيائون ۽ (وڏي تڪبر سان اچي) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن تون (واقعي) رسولن مان آهين ته اسان جي مٿان اُهو عذاب آڻي ڏيکار. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
(بس!) پوءِ ته انهن کي زلزلي اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ هو پنھنجي گهرن ۾ صبح جو ئي اونڌي منهن مئل پيا هئا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
پوءِ صالح (ؑ) ان شھر مان نڪرندي ( سندن لاشن تي بيھي) فرمايو ته اي منھنجي قوم! مان ته پنھنجي پالڻھار جو پيغام توهان کي پھچائي چڪو هوس ۽ مون اوهان سان وڏي خيرخواهي ڪئي هئي پر توهان خيرخواهي ڪندڙن کي پسند ئي نه ڪندا هئا. |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ (اسان) لوط (ؑ) کي موڪليوسين جڏهن هن پنھنجي قوم کي چيو ته توهان اهڙو ته برو ڪم ڪريو ٿا جو توهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنھن به قوم اهڙو ڪم نه ڪيو آهي. |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
توهان عورتن کي ڇڏي مردن سان قرب ونڊيو ٿا، توهان ته بالڪل ليڪا لنگهي ويا آهيو. |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
(اهڙي بيحياء) قوم جو جواب اهو هو ته اهڙن ايمان آڻيندڙن کي ته پنھنجي ڳوٺ مان ئي تڙي ڪڍي ڇڏيو، هو پنھنجو پاڻ کي وڏا پارسا ٿا سمجهن. |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
بس! اسان لوط (ؑ) ۽ مٿس ايمان آڻيندڙن کي بچايوسين پر سندس گهر واري (ايمان نه آڻڻ سبب) پوئتي رهڻ وارن ۾ شامل هئي. |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
(پوءِ) اسان انهن (بيحياء قوم جي ماڻهن) مٿان (پٿرن جو) مينھن وسايو پوءِ ڏسو ته ڏوهارين جو ڪھڙو حشر ٿيو؟ |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ اسان مدين وارن ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب (ؑ) کي موڪليوسين، جنھن کين چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪو به معبود نه آهي، توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان (وڏو) واضح دليل اچي چڪو آهي. (تنھنڪري) ماپ ۽ تور پوري پوري ڪندا ڪريو، ماڻهن کي شيون گهٽ توري نه ڏيو ۽ زمين ۾ سڌاري اچڻ کان پوءِ فساد نه ڦھلايو. جيڪڏهن توهان واقعي ايمان وارا آهيو ته اهو ئي توهان لاءِ بهتر آهي. |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
ايئن نه ڪريو جو هر طرف کان رستن تي ويھي ماڻهن کي ڊيڄاريندا رهو ۽ ايمان آڻيندڙ مؤمنن کي الله تعالى جي رستي کان روڪيو ۽ ان ۾ ڏنگائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. توهان اهو وقت به ياد ڪريو جڏهن اوهان تعداد ۾ ٿورا هئا، الله تعالى توهان کي گهڻائيءَ ۾ ڪري ڇڏيو پوءِ اوهان ڏسو ته فساد ڦھلائيندڙن جو انجام ڪيئن ٿيو؟ |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
(شعيب ؑ) چيو ته مون کي جيڪا تعليم ڏئي ڪري موڪليو ويو آهي جيڪڏهن توهان مان هڪ ٽوليءَ ان تي ايمان آندو ۽ ٻي ٽوليءَ ايمان نه آندو ته پوءِ توهان سڀ صبر ڪريو، ايستائين جو الله تعالى اسان سڀني جي وچ ۾ فيصلو ڪري، اهو ئي بھترين فيصلو ڪندڙ آهي. |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
(شعيب ؑ جي قوم جي) مغرور سردارن چيو ته اسان تو کي ۽ تو سان گڏ ايمان آڻيندڙن کي پنھنجي شھر مان ضرور ڪڍي ڇڏينداسين يا توهان کي اسان جي دين ۾ وري موٽي اچڻو پوندو. شعيب (ؑ) چيو ته چاهي اسان کي توهان جو دين پسند نه به هجي ته به اسان واپس موٽون؟ |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
جيڪڏهن اسان توهان جي دين ۾ واپس موٽياسين ته اهو عمل ته الله تعالى تي ڪوڙ هڻڻ جي برابر ٿيندو. حالانڪه الله تعالى اسان کي اهڙي دين کان بچائي ورتو آهي. اسان جي لاءِ اهو ممڪن ئي نه آهي ته اسين ان دين ۾ واپس موٽي اچون، سواءِ ان جي جيڪڏهن اسان جو پالڻھار الله تعالى ايئن چاهي. اسان جي پالڻھار پنھنجي علم سان هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي، اسان جو ڀروسو صرف الله تعالى تي آهي (اسان جي ته هي دعا آهي ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان جو ۽ اسان جي قوم جو حق سان فيصلو ڪرڻ فرماءِ. بيشڪ تون ئي بھترين فيصلو ڪندڙ آهين. |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
۽ شعيب (ؑ) جي قوم جي ڪافر سردارن (پنھنجي قوم جي ماڻهن کي) چيو ته جيڪڏهن توهان شعيب (ؑ جي ڏسيل طريقي) جي پيروي ڪئي ته برباد ٿي ويندا. |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
(بس!) پوءِ ته کين زلزلي اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ هو پنھنجي گهرن ۾ اونڌي منهن مئل پيا هئا. |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن ماڻهن شعيب (ؑ) کي ڪوڙو ڪيو، اهي (ايئن پيا لڳن) ڄڻ ته انهن گهرن ۾آباد ئي نه هئا . جن ماڻهن شعيب (ؑ) کي ڪوڙو ڪيو آخرڪار اهي ئي خساري ۾ پئجي ويا. |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
پوءِ شھر مان نڪرندي شعيب (ؑسندن لاشن تي بيھي) فرمايو ته اي منھنجي قوم! مان ته پنھنجي پالڻھار جو پيغام توهان کي پھچائي چڪو هوس ۽ توهان سان وڏي خيرخواهي ڪئي هئي، سو هينئر مان ڪافر قوم تي ڇو افسوس ڪريان؟ |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
۽ جڏهن به اسان ڪنھن شھر ۾ نبي موڪليندا آهيون ته پھريائين ان قوم کي (نبيءَ جي انڪار سبب) سختي ۽ تڪليف سان پڪڙ ڪندا آهيون ته جيئن هو نوڙت ۽ انڪساريءَ وارو رستو وٺن. |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
(انڪساري نه ڪرڻ سبب) پوءِ اسان کين تڪليف مان ڪڍي سک ۾ آڻيندا آهيون، ايستائين جو هو دنيا جي زندگيءَ ۾ گهڻو اڳتي وڌي ويندا آهن. (پوين ڏکن ۽ تڪليفن کي ياد ڪندي) چوندا آهن ته اهي ڏک ۽ تڪليفون ته اسان جي ابن ڏاڏن تي به اينديون رهيون آهن، (اهو ڪو ايمان جو مسئلو نه آهي) پوءِ اسان انهن جي اچانڪ پڪڙ ڪئي، جو کين خبر ئي نه پئي. |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
جيڪڏهن شھر وارا ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگاري اختيار ڪن ها ته اسان انهن جي مٿان آسمان ۽ زمين مان برڪتون نازل ڪيون ها پر انهن ڪوڙو ڪيو پوءِ سندن ئي برن عملن جي ڪري اسان کين پڪڙيوسين. |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ڇا شھر وارن کي هن ڳالهه جو ڪو خوف نه آهي ته اسان جو عذاب مٿن راتو رات پھچي جڏهن هو سمهي پيا هجن؟ |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
ڇا شھر وارن کي هن ڳالهه جو ڪو خوف نه آهي ته اسان جو عذاب مٿن ڏينھن جو اچي جڏهن هو راند روند ۾ مشغول هجن؟ |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
ڇا هو الله تعالى جي لڪيل منصوبي کان بي خوف آهن؟ الله تعالى جي لڪيل منصوبي کان ته برباد ٿيڻ واري قوم ئي بي خوف رهندي آهي. |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
زمين جا اهي رهاڪو جيڪي برباد ٿيندڙ قومن کان پوءِ زمين جا وارث ٿيا. ڇا انهن برباد ٿيندڙ ماڻهن کي ڏسي ڪا رهنمائي حاصل نه ڪئي ته جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سندن گناهن سبب کين پڪڙيون ها ۽ سندن دلين تي مھر هڻي ڇڏيون ها پوءِ سندن ٻڌڻ جي صلاحيت به ختم ٿي وڃي ها. |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
(اي نبي ﷺ!) هي اهي شھر هئا جن جون اسان توهان کي خبرون ٻڌايون ٿا ته بيشڪ انهن وٽ سندن رسول واضح دليل کڻي آيا هئا پر جنھن شيءِ کي هو اڳ ۾ ئي ڪوڙو ڪري چڪا هئا، تنھن تي هو ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا، اهڙي طريقي سان ئي الله تعالى ڪافرن جي دلين تي مھر هڻندو آهي. |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
انهن (شھري ماڻهن) مان گهڻن ماڻهن ۾ اسان وعدي وفائي نه ڏٺي، بلڪ انهن مان گهڻن ماڻهن کي اسان نافرمان ئي ڏٺو. |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
وري اسان انهن قومن کان پوءِ موسى (ؑ) کي پنھنجي نشانين سان گڏ فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانھن موڪليو، پر انهن به اسان جي نشانين سان ظلم ڪيو (۽ نه مڃيائون پوءِ اي پيغمبر!) ڏس ته انهن فساد پکيڙيندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
موسى (ؑ) فرمايو ته اي فرعون! بيشڪ مان سڀني جھانن جي پالڻھار جي طرف کان رسول ٿي آيو آهيان. |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
مون تي لازم آهي ته مان الله تعالى جي باري ۾ (تو کي) بلڪل سچ ڳالهه چوان ۽ مان توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان واضح دليل آندو آهي پوءِ تون بني اسرائيل کي مون سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي . |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
فرعون چيو ته جيڪڏهن تون پنھنجي دعوى ۾ سچو آهين ته (رسول هجڻ جي) ڪا نشاني پيش ڪر. |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
پوءِ موسى (ؑ) پنھنجي لٺ اڇلائي ته اها اتي جو اتي سچ پچ ۾ نانگ ٿي پئي. |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
۽ وري پنھنجو هٿ بغل مان ڪڍيائين ته ڏسندڙن جي آڏو اهو چمڪدار ٿي پيو. |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
(اهو ڏسي) فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته (سائين!) هي ته ڪو وڏو جادوگر ٿو لڳي! |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
توهان کي توهان جي ئي سر زمين مان نيڪالي ڏيڻ ٿو چاهي، هاڻي اوهان جو ڇا حڪم آهي؟ |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
سردارن فرعون کي اهو به چيو ته تون موسى ۽ سندس ڀاءُ کي انتظار ڪراءِ ۽ سڀني شھرن ۾ اعلان ڪرڻ وارن کي موڪليو. |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
ته جيئن هو هڪدم ماهر جادوگرن کي توهان وٽ حاضر ڪن. |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
اهڙي طريقي سان جادوگر فرعون وٽ حاضر ٿيا (۽ انهن پنھنجي ماهرانه فن سبب فرعون کي چيو) ته (سائين!) اسان جيڪڏهن (موسى تي) غالب اچي وياسين ته اسان جي لاءِ ڪو انعام ته ضرور هوندو؟ |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
فرعون چيو ته: هائو! ۽ بيشڪ توهان منھنجي ويجهن ماڻهن ۾ به شامل ٿيندا. |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
جادوگرن چيو ته: اي موسى! تون اڇلائين ٿو يا اسين اڇلايون؟ |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
موسى (ؑ) چيو ته: توهان اڇلايو. پوءِ جڏهن انهن اڇلايو ته جادوء جي زور تي ماڻهن جي نظربندي ڪري ڇڏيائون ۽ کين ڊيڄاري ڇڏيو. انهن (جادوگرن) اهو ئي وڏو جادو ڪري ڏيکاريو. |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
۽ اسان موسى (ؑ) کي وحي ڪئي ته تون به پنھنجي لٺ اڇلاءِ (لٺ جي اڇلائڻ سان ئي) اها سندن جادوءَ کي ڳڙڪائي وئي (يعني جادوءَ جي اثر کي ئي ختم ڪري ڇڏيو). |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
پوءِ حق ظاهر ٿي ويو ۽ جيڪو ڪجهه انهن ڪيو سو غلط ثابت ٿيو. |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
(فرعون ۽ سندس سڀني ساٿين) اتي ميدان تي ئي شڪست کاڌي ۽ ٻوٿ ڀيلا ڪري واپس موٽيا. |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ (هوڏانهن وري هارايل) جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
چـوڻ لڳا ته اسان سڀني جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسين. |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
جيڪو موسى ۽ هارون (عليهما السلام) جو پالڻھار آهي. |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فرعون (جادوگرن کي) چيو ته منھنجي اجازت کان سواءِ توهان ان تي (ڪيئن) ايمان آندو آهي؟ (لڳي ٿو ته) پڪ اهو ڪو لڪيل منصوبو هو جيڪو توهان گڏجي شھر ۾ (ويھي) جوڙيو هو ته جيئن هتان جي رهاڪن کي تڙي ڪڍو هاڻي توهان کي سگهو ئي خبر پئجي ويندي. |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
مان توهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍي ڇڏيندس ۽ توهان سڀني کي ڦاهيءَ تي به ٽنگيندس. |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
جادوگرن وراڻيو ته: (ڀلي تو کي موڪل آهي) اسان جو (اڳي پوءِ) موٽڻ ته پنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي آهي. |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
تون اسان کان هن ڳالهه جو بدلو ٿو وٺين جو اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرف کان نشانيون آيون آهن ته اسان (هڪدم) انهن تي ايمان آندو آهي ( وري هنن دعا ڪندي چيو ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان تي صبر جي پالوٽ فرماءِ ۽ اسان کي مسلمانيءَ جي حيثيت ۾ ئي موت نصيب فرماءِ. |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
قومي سردارن فرعون کي چيو ته ڇا تون موسى ۽ سندس قوم کي بس ايئن ڇڏي ڏيندين ته ڀلي هو زمين ۾ فساد ڦھلائيندا وتن ۽ تو کي ۽ تنھنجي معبودن کي به ڇڏي ڏين؟ فرعون چيو ته اسان سندس قوم جي پٽيلي اولاد کي قتل ڪرائي ڇڏينداسين ۽ انهن جي عورتن کي جيئرو ڇڏي ڏينداسين (ڇو ته) اسان ئي انهن سڀني جي مٿان حڪمران آهيون. |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
موسى (ؑ) پنھنجي قوم کي چيو ته الله تعالى کان مدد گهرو ۽ صبر اختيار ڪريو، بيشڪ زمين الله تعالى جي آهي. پنھنجي ٻانهن مان جنھن کي چاهي ان جو وارث بڻائيندو آهيان (بھرحال) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي. |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
(بني اسرائيل) قوم چيو ته (اي موسى) تو کان اڳ به اسان کي ايذايو ويو آهي ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ به ايذايو وڃي ٿو. موسى (ؑ) چيو ته: (نااميد نه ٿيو) جلد ئي توهان جو دشمن تباهه ٿيندو ۽ الله تعالى توهان کي زمين جي حڪمراني عطا ڪندو پوءِ هو ڏسندو ته (هاڻي) اوهان ڪھڙا عمل ڪريو ٿا؟ |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ اسان فرعون جي ماڻهن کي ڪيترن سالن تائين ڏڪار ۽ ( زمين جي) پيداوار ۾ گهٽتائيءَ جي صورت ۾ پڪڙ ڪئي سين ته جيئن هو نصيحت وٺن. |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پوءِ جڏهن انهن کي ڪا ڀلائي پھچندي هئي ته چوندا هئا ته ان ڀلائيءَ جا اسان ئي حقدار آهيون ۽ جڏهن کين برائي پھچندي هئي ته موسى (ؑ) ۽ سندس ساٿين جي طرف کان ان کي نڀاڳو سمجهندا هئا. ياد رکو! انهن جو نڀاڳ ته الله تعالى جي طرفان آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو ڄاڻن ئي نٿا. |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
فرعون جي ماڻهن چيو ته (اي موسى) تون اسان کي جادوءَ واري اثر ۾ آڻڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا نشاني به آڻيندين تڏهن به اسان تنھنجي مٿان ايمان نه آڻينداسين. |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
پوءِ اسان انهن جي مٿان طوفان، ماڪڙ، جوئن، ڏيڏرن ۽ رت جي صورت ۾ ڪيترائي عذاب موڪلياسين. هي سڀ نشانيون وقفي وقفي سان هڪ ٻئي کان پوءِ موڪليون سين پر هو پوءِ به تڪبر ڪندا رهيا ڇو ته اها ڏوهاري قوم هئي. |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
(مٿين عذابن مان) جڏهن به مٿن ڪو عذاب ايندو هو ته چوندا هئا ته اي موسى! پنھنجي پالڻھار کان اسان جي لاءِ دعا گهر، جنھن جو هن تو سان وعدو فرمايو آهي. جيڪڏهن تو اسان جي مٿان هي مصيبت ٽارائي ڇڏي ته اسان تنھنجي مٿان ايمان به آڻينداسين ۽ بني اسرائيل کي به تو سان گڏ وڃڻ جي ضرور اجازت ڏينداسين. |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
هو جڏهن اسان جي مقرر ٿيل عذاب جي وقت تي پھچڻ وارا هوندا هئا ته (موسى ؑ جي دعا گهرڻ سبب) اسان انهن جي مٿان ايندڙ عذاب خاص وقت تائين ٽاري ڇڏيندا هئاسين ته هو وري هڪدم پنھنجي وعدي تان ڦري ويندا هئا. |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
پوءِ (انهن جي بار بار خلاف ورزين جي ڪري) آخرڪار اسان انهن کان بدلو ورتو ۽ کين سمنڊ ۾غرق ڪري ڇڏيوسين، ڇوته هنن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ هو (انتھائي) لاپرواهه ٿي چڪا هئا. |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
پوءِ (انهن جي جاءِ تي) اسان برڪت واري زمين جي چؤطرف اهڙي قوم کي وارث بنايوسين جيڪا (فرعونين جي هٿان) ڪمزور ڪئي وئي هئي، اهڙي طريقي سان تنھنجي پالڻھار جو بھترين وعدو بني اسرائيل جي حق ۾ پورو ٿيو، ڇو ته انهن (وڏي) صبر کان ڪم ورتو ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي به محل ۽ ماڙيون ٺاهيون هيون، سي سڀ برباد ڪري ڇڏيون سين. |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
اسان ئي بني اسرائيل کي سمنڊ پار ڪرايوسين، پوءِ هو اهڙي قوم وٽ پھتا جيڪا پنھنجي بتن جي وڏي پوڄاري هئي. بني اسرائيل چيو ته اي موسى! اسان جي لاءِ به ڪو معبود مقرر ڪر جيئن هن قوم جا معبود آهن. موسى (ؑ) چيو ته توهان ته صفا جاهل ماڻهو آهيو. |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
بيشڪ اها (مشرڪ) قوم جنھن مذهب تي آهي، اهو (مذهب) ته تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ انهن جو ته هر عمل ئي غلط آهي. |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
موسى (ؑ) وڌيڪ فرمايو ته: ڇا مان الله تعالى کي ڇڏي توهان لاءِ ٻيو ڪو معبود ڳوليان؟ حالانڪه هن توهان کي سڄي جھان وارن تي فضيلت بخشي آهي. |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
(الله تعالى فرمائي ٿو ته اي بني اسرائيل! اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان توهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايوسين. هو توهان کي سخت عذاب ڏيندا رهندا هئا، توهان جي پٽيلي اولاد کي قتل ڪندا هئا توهان جي عورتن کي زندهه ڇڏيندا هئا، ان معاملي ۾ توهان جي پالڻھار جي طرفان هڪ وڏي آزمائش هئي. |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
۽ اسان موسى (ؑ) کي (پھريائين طور جبل تي) ٽيهه راتيون ترسائڻ جو وعدو ڪيو پوءِ اسان ان ۾ ڏهن راتين جو ٻيو واڌارو ڪيو، ايئن سندس پالڻھار جي طرف کان چاليهه راتين جو وعدو پورو ٿيو (طور جبل ڏانھن) وڃڻ کان اڳ موسى (ؑ) پنھنجي ڀاءُ هارون (ؑ) کي چيو ته تون منھنجي جاءِ تي قوم جي اڳواڻي ڪجانءِ، اصلاح جو ڪم ڪندو رهجانءِ ۽ فساد ڦھلائيندڙن جي رستي تي (ڪڏهن به) نه هلجانءِ. |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
۽ جڏهن موسى (ؑ) اسان جي مقرر ڪيل وقت تي پھتو ته ان سان سندس پالڻھار پنھنجي آواز ۾ خود (براه راست) ڳالهه ٻولهه ڪئي، موسى (ؑ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! تون مون کي پاڻ ڏيکار ته جيئن مان تو کي ڏسان، الله تعالى فرمايو ته تون مون کي هرگز نٿو ڏسي سگهين (ها باقي) جبل کي ڏس، جيڪڏهن اهو پنھنجي ساڳي حالت ۾ برقرار رهي سگهيو ته پوءِ ئي تون مون کي ڏسي سگهندين. پوءِ جڏهن سندس پالڻھار جبل تي تجلّو ڪيو ته ان تجلّي جبل کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو ۽ موسى (ؑ) بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين ته (يا الله) تنھنجي ئي ذات پاڪ آهي، مان تنھنجي اڳيان توبہ ڪريان ٿو ۽ (هن وقت) سڀني کان پهريائين مان ئي تنھنجي مٿان ايمان آڻيندڙ آهيان. |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
الله تعالى فرمايو: اي موسى! مان سڀني ماڻهن مان پنھنجي پيغمبرِي ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ لاءِ تنھنجي چونڊ ڪئي، هاڻي مان تو کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، اهو وٺ ۽ شڪرگذاري ڪرڻ وارن مان ٿي رهجانءِ. |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
اسان ان جي لاءِ تختين ۾ هر قسم جي نصيحت ۽ هر شيءِ جون تفصيلي هدايتون لکيون سين، پوءِ کيس چيو ته انهن هدايتن کي مضبوطيءَ سان سنڀالجانءِ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪجانءِ ته هو به هنن هدايتن کي سھڻي طريقي سان سنڀالين. مان توهان کي سگهو ئي گناهگارن جي انجام واريون جايون به ڏيکاريندس. |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
جيڪي ماڻهو زمين ۾ ناحق تڪبر ڪن ٿا، مان انهن ماڻهن کي پنھنجي آيتن کان ڦيري ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن هو ڪا نشاني ڏسندا ته به (تڪبر سبب) ان کي نه مڃيندا ۽ جيڪڏهن هدايت وارو رستو ڏسندا به، ته هو ان کي اختيار نه ڪندا، ها باقي جيڪڏهن گمراهيءَ وارو رستو ڏسندا ته، ان کي (هڪدم) اختيار ڪندا، اهو ان ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ هو انهن نشانين کان (انتھائي) لاپرواهه ٿي چڪا هئا. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
۽ جنھن به اسان جي نشانين ۽ آخرت ۾ (اسان جي سامھون روبرو) پيش ٿيڻ کي ڪوڙو سمجهيو ته انهن جا سڀ عمل چٽ ٿي ويا ۽ کين اهو ئي ملندو جھڙا سندن عمل هوندا. |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
موسى (ؑ) جي قوم ( سندس طور جبل ڏانھن) وڃڻ کان پوءِ پنھنجي زيورن مان گابي جي شڪل جو هڪ (ننڍڙو) جانور ٺاهيو، جنھن مان گابي جي رنڀڻ جو آواز پئي آيو، ڇا انهن ماڻهن کي اهو نظر نه پيو اچي ته اهو (گابو) انهن سان ڳالهائي به نٿو سگهي ۽ سندن ڪا رهنمائي به نٿو ڪري سگهي پوءِ به ان کي معبود ٺاهيائون، هو (وڏا) ظالم ماڻهو هئا. |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
پوءِ جڏهن سندن پنھنجن (ڪوڙن) ارمانن تي پاڻي ڦرجي ويو ته سمجهيائون ته بيشڪ هو گمراهه ٿي ويا آهن ۽ چيائون ته جيڪڏهن اسان جي پالڻھار اسان تي رحم نه ڪيو ۽ اسان کي معاف نه ڪيو ته اسان ضرور نقصان وارن مان ٿي وينداسين. |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
۽ جڏهن موسى (ؑ) پنھنجي قوم ڏي موٽيو ته (ان جا شرڪ وارا عمل ڏسي) ڪاوڙ ۽ افسوس وچان چيائين ته توهان ماڻهن مون کان پوءِ تمام بري پوئواري ڪئي آهي. توهان پنھنجي پالڻھار جي (نئين) حڪم جي اچڻ کان اڳ ئي جلدي ڪري ورتي ۽ هن تختيون رکيون ۽ پنھنجي ڀاءُ (هارون) جي مٿي جي وارن کي پڪڙيو ۽ پاڻ ڏانھن ڇڪيائين. هارون (ؑ) چيس ته منھنجا مٺڙا ڀاءُ! قوم مون کي ڪمزور سمجهيو هو ۽ هُو ته مون کي قتل ڪرڻ جي پويان هئا، تون مون تي دشمنن کي نه کلاءِ ۽ نه ئي مون کي ظالم قوم ۾ شامل ڪر. |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
موسى (ؑ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي ڀاءُ کي معاف فرماءِ ۽ اسان کي پنھنجي رحمت ۾ داخل فرماءِ. بيشڪ تون ئي سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
بيشڪ جن ماڻهن گابي کي معبود بنايو انهن کي انهن جي پالڻھار طرفان جلد ئي ڏمر پھچندو ۽ هو دنيا واري زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿيندا ۽ اسان ڪوڙ گهڙڻ وارن کي اهڙي سزا ڏيندا آهيون. |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ جن ماڻهن برا عمل ڪيا ان کان پوءِ توبہ ڪيائون ۽ ايمان آندائون، بيشڪ تنھنجو پالڻھار توبہ ڪرڻ کان پوءِ وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
۽ جڏهن موسى (ؑ) جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي ته هن تختيون کنيون جن ۾ لکيل هو ته هدايت ۽ رحمت صرف انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آهن. |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
۽ موسى (ؑ) پنھنجي قوم مان ستر ماڻهن کي اسان جي مقرر ڪيل وقت تي حاضر ٿيڻ لاءِ چونڊيو. جڏهن هو حاضر ٿيا ته هڪ سخت زلزلي کين وڪڙ ۾ ورتو، موسى (ؑ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! جيڪڏهن تون چاهين ها، ته مون کي ۽ هنن ماڻهن کي اڳ ۾ ئي موت ڏئي سگهين پيو، اسان مان جن بيوقوفن (گابي جي پوڄا جي صورت ۾) هي ڪڌو ڪم ڪيو هو، ڇا انهن جي قصور ۾ تون اسان سڀني کي ماري ڇڏيندين؟ اها ته تنھنجي آزمائش آهي جنھن جي ذريعي تون جنھن کي چاهين گمراهه ڪرين، جنھن کي چاهين سڌي راهه ڏيکارين. تون ئي اسان جو سنڀاليندڙ آهين (بس!) تون اسان کي معاف فرماءِ ۽ اسان تي رحم ڪر، تون ئي وڏو معاف ڪندڙ آهين. |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
۽ اسان جي لاءِ هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي لک. بيشڪ اسان تو ڏي ئي رجوع ٿيا آهيون. الله تعالى فرمايو: مان جنھن کي چاهيان ان کي عذاب ڏيندو آهيان (پر) منھنجي رحمت هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي، پوءِ اها رحمت انهن ماڻهن لاءِ لکندس، جيڪي پرهيزگاري جو رستو اختيار ڪندا، زڪوات ڏيندا ۽ اسان جي آيتن تي (پختو) ايمان آڻيندا. |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
(پر هي رحمت يھودين ۽ عيسائين جي لاءِ نه آهي)البته جيڪي ماڻهو هن رسول نبي امي (ﷺ) جي پيروي اختيار ڪندا، جنھن جو ذڪر هي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا جيڪو انهن کي نيڪيءَ جو حڪم ڪري ٿو، خراب ڪمن کان روڪي ٿو، پاڪ شيون حلال ڪري ٿو، ناپاڪ شيون حرام ڪري ٿو، انهن جي مٿان سٿيل بار هٽائي ٿو ۽ اهي پابنديون ختم ڪري ٿو جن ۾ هو جڪڙيل هئا. پوءِ جن ماڻهن ان تي ايمان آندو، ان جي عزت ڪئي، ان جي مدد ڪئي ۽ ان روشنيءَ (يعني قرآن) جي پيروي ڪئي، جيڪا ان سان گڏ نازل ڪئي وئي آهي، اهڙا ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
(اي نبي ﷺ!) چؤ ته: اي انسانو! بيشڪ مان توهان سڀني ڏانھن ان الله پاڪ جو رسول ٿي آيو آهيان، جنھن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، اهو ئي جياري ۽ ماري ٿو تنهنڪري الله تعالى تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول نبي اُمّي (ﷺ) تي به، جيڪو الله تعالى ۽ ان جي حڪمن تي ايمان آڻي ٿو سو توهان سڀ ان جي پيروي ڪريو، اهڙيءَ طرح ئي توهان هدايت وارا ٿي ويندا. |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
۽ موسى (ؑ) جي قوم مان هڪ ٽولو اهڙو هو، جيڪو حق جي مطابق ئي هدايت ڪندو هو ۽ حق سان ئي انصاف ڪندو هو. |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
اسان بني اسرائيل کي ٽولن جي لحاظ کان ٻارنهن قبيلن ۾ ورهايوسين، جڏهن هن قوم پاڻيءَ جو مطالبو ڪيو ته اسان موسى (ؑ) کي وحي ڪئي سين ته پنھنجي لٺ ٽڪريءَ تي هڻ پوءِ ان مان ٻارنهن چشما وهي نڪتا، ۽ هر قبيلي پنھنجي پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ سڃاتي ۽ اسان مٿن ڪڪرن جي ڇانو به ڪئي سين ۽ انهن تي من ۽ سلوى به لاٿاسين، (۽ کين چيو ته) توهان اهي پاڪ شيون کائو جيڪي اسان توهان کي رزق طور ڏنيون آهن، پر پوءِ انهن جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو انهن اسان تي نه پر پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
۽ جڏهن کين چيو ويو ته هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ جتان گهرو ان مان کائو ۽ حِطَّةٌ (يعني اسان کي بخش ڪر) چوندا ۽ (شڪر جو) سجدو ڪندي دروازي مان داخل ٿجو، ان عمل جي ذريعي اسان توهان جي خطائن کي معاف ڪنداسين ۽ وري اڳتي نيڪ ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ مھرباني ڪنداسين. |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
پوءِ انهن کي جيڪا ڳالهه چئي وئي هئي، انهن مان ظالم ماڻهن ان کي ڦيرائي ٻي ڳالهه ڪئي، پوءِ اسان مٿن آسمان مان ان ڪري عذاب موڪليوسين جو هو ظلم ڪندڙ هئا. |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کان ان شھر جي باري ۾ پڇا ڪريو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي واقع هو. جڏهن ان جا رهاڪو (سبت يعني) ڇنڇر واري ڏينھن جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندا هئا، جڏهن ڇنڇر واري ڏينھن ئي مڇيون پاڻيءَ جي مٿان (وڏي تعداد ۾) ظاهر ٿينديون هيون ۽ ڇنڇر کان علاوه ٻين ڏينھن ۾ ايئن ظاهر نه ٿينديون هيون. اهڙيءَ طرح اسان کين نافرمانيءَ سبب آزمائش ۾ وجهندا هئاسين. |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
۽ جڏهن انهن جي هڪ گروهه (ٻئي گروهه کي) چيو ته توهان اهڙن ماڻهن کي ڇو ٿا سمجهايو جن کي الله تعالى تباهه ڪرڻ وارو آهي يا کين سخت عذاب ڪندو؟ (ان تي) ٻئي گروهه چيو ته اسان اهو توهان جي پالڻھار جي اڳيان پنھنجي حجت پوري ڪرڻ لاءِ ڪريون ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو ته شايد هي ماڻهو ڊڄي وڃن. |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جڏهن انهن اهي نصيحتون وساري ڇڏيون، جيڪي کين ڪيون ويون هيون ته اسان ان گروهه کي بچايوسين جيڪو برائي ڪرڻ کان روڪيندو هو ۽ باقي جن ظلم ڪيو، تن سڀني کي سندن نافرمانيءَ سبب سخت عذاب ۾ پڪڙيوسين. |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جنھن ڪم کان انهن کي روڪيو ويو هو، ان ۾ جڏهن هو حد کان لنگهي ويا ته اسان کين چيوسين ته توهان ذليل خوار باندر ٿي وڃو. |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) خبردار ڪري ڇڏيو ته هو قيامت تائين (مسلسل) انهن جي مٿان ضرور اهڙا ماڻهو مسلط ڪندو رهندو جيڪي کين بدترين عذاب ڏيندا رهندا. بيشڪ تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيڻ وارو آهي ۽ وري بيشڪ هو وڏو بخشڻهار ۽ وڏو رحم ڪندڙ (به) آهي. |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
۽ اسان انهن يھودين کي زمين ۾ ٽولا ٽولا ڪري گهڻن ئي قومن ۾ ورهائي ڇڏيوسين، جن مان ڪجهه نيڪ ماڻهو هئا ته ڪي وري انهن کان مختلف، اسان انهن کي نعمتن ۽ تڪليفن جي ذريعي آزمايوسين ته جيئن هو سڌي رستي تي موٽي اچن. |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
(پر) انهن کان پوءِ سندن جاءِ تي اهڙا ته برا ماڻهو آيا، جيڪي ڪتاب جا وارث ٿي ويٺا، هو دنيا جي شين کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ اميد رکن پيا ته اسان کي معاف ڪيو ويندو، پر جڏهن اهڙيون شيون کين ٻيھر حاصل ٿينديون اٿن (ته شرمسار نه ٿيندا آهن بلڪه) انهن کي به اهي وٺندا آهن . ڇا انهن کان ڪتاب ۾ هي وعدو نه ورتو ويو هو ته هو الله تعالى جي باري ۾ سچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چوندا ۽ ان ۾ جو ڪجهه آهي، اهو سڀ انهن پڙهيو به آهي. آخرت جو گهر پرهيزگارن لاءِ ئي ڀلو آهي، ڇا پوءِ به توهان ماڻهو نٿا سمجهو؟ |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جيڪي ماڻهو ڪتاب جي (حڪمن جي) چڱيءَ طرح پابندي ڪن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا، بيشڪ اسان اهڙن نيڪوڪارن جو اجر ضايع نه ڪندا آهيون. |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
۽ جڏهن اسان انهن جي مٿان (طور) جبل کي بيھاريوسين ڄڻ ته اهو هڪ ڇٽي هو، ته انهن هي گمان ڪيو ته هي جبل مٿن ڪرندو ( کين چيو ويو ته) جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏنو آهي ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي، ان کي ياد ڪندا رهو، ته جيئن توهان پرهيزگار ماڻهو بڻجي وڃو. |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ جڏهن توهان جي پالڻھار آدم جي اولاد مان ان جي سموري نسل کي پيدا ڪري کين پنهنجو پاڻ تي شاهد بڻايو، (۽ انهن کان پڇيائين ته) ڇا مان توهان سڀني جو رب نه آهيان، انهن سڀني چيو ته هائو (بلڪل توهان ئي اسان جا پالڻھار آهيو) ۽ اسان ان جي شاهدي ڏيون ٿا (اهو هن ڪري ته) متان قيامت جي ڏينھن ايئن نه چئو ته اسان ان ڳالهه کان بي خبر هئاسين. |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا توهان هيئن نه چئو ته شرڪ جي شروعات اسان جي ابن ڏاڏن ڪئي هئي، اسين ته انهن کان پوءِ جو اولاد آهيون. ڇا تون گمراهه ماڻهن جي قصور ۾ اسان کي هلاڪ ٿو ڪرين؟ |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
۽ اسان اهڙيءَ طرح آيتن کي تفصيل سان بيان ڪندا آهيون ته شايد هو موٽي اچن. |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
(اي نبي ﷺ!) کين ان ماڻهوءَ جو احوال ٻُڌاءِ، جنھن کي اسان پنھنجي آيتن جو علم عطا ڪيو هو، پوءِ هو انهن آيتن کان ڪنڌ ڪڍائي ڀڳو ۽ شيطان ان جي پويان لڳو ايستائين جو هو گمراهن ۾ شامل ٿي ويو. |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن آيتن جي ڪري کيس بلند مرتبو عطا ڪريون ها پر هو ته دنيا ڏي مائل ٿي ويو ۽ پنھنجي خواهشن جي پويان لڳي ويو، تنھن ڪري سندس حالت ڪتي جھڙي ٿي وئي، جيڪڏهن تون ڪتي کي ’هُش‘ ڪري هڪليندين ته به هو زبان ڪڍي سهڪندو پيو پر جيڪڏهن کيس ڇڏي ڏيندين ته به هو زبان ڪڍي سهڪندو پيو. اها حالت (عام طور تي) انهن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪن ٿا (اي نبي ﷺ!) هي احوال انهن ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌاءِ ته جيئن اهي سوچ ويچار کان ڪم وٺن. |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
هي انهن ماڻهن جو برو مثال آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو (درحقيقت) هو پنھنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪري رهيا آهن. |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
جنھن کي الله تعالى هدايت ڏيندو سو ئي هدايت وارو ٿيندو آهي ۽ جنھن کي هو گمراهه ڪري، اهي ئي (هميشه لاءِ) نقصان وارا ٿيندا آهن. |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
بيشڪ اسان جنن ۽ انسانن مان گهڻن کي رڳو جھنم لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي انهن جون دليون آهن پر انهن سان (حق ڳالهه) سمجهن ئي نٿا، انهن جون اکيون آهن، پر انهن سان (حق کي) ڏسن ئي نٿا، انهن کي ڪن آهن پر انهن سان (حق کي) ٻڌن ئي نٿا، هي صفا جانورن وانگر آهن، بلڪه انهن کان به ويل آهن، هو سڀ جا سڀ غفلت ۾ پيل آهن. |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
الله تعالى جا ئي بهترين نالا آهن پوءِ توهان ان کي سندس نالن سان پڪاريو ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، جيڪي ان جي نالن ۾ڏڦيڙ پيدا ڪندا آهن، سو اهڙن ماڻهن کي پنھنجي ڪيل عمل جي عنقريب سزا ڏني ويندي. |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
۽ اسان جي مخلوق (جنن ۽ انسانن) مان هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪا سچائيءَ سان هدايت جو ڪم ڪري ٿي ۽ ان مطابق ئي انصاف ڪري ٿي. |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، اسان انهن کي (غير محسوس طريقي سان) آهستي آهستي (تباهي ڏانھن) وٺي ويندا آهيون جو کين ذرو به محسوس نه ٿيندو آهي. |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
مان ته اهڙن ماڻهن کي ڍر ٿو ڏيان. بيشڪ منھنجو منصوبو تمام مضبوط (بنيادن تي ٻڌل) آهي. |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
ڇا انهن ماڻهن ان ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ته سندن (حقيقي) ساٿي (يعني حضور ﷺ) کي ڪابه جذباتيت نه آهي، هو ته رڳو واضح طريقي سان ڊيڄاريندڙ آهي. |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
ڇا انهن ماڻهن آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ ۾ ڪڏهن غور نه ڪيو آهي؟ ۽ جنھن به شيءِ کي الله تعالى پيدا ڪيو آهي، ان کي به اکيون کولي نه ڏٺو اٿن! ۽ (ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته) متان سندن موت جو وقت ويجهو پهتو هجي؟ پوءِ هي ماڻهو قرآن کان سواءِ ٻي ڪھڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
(ياد رکو ته) جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري پوءِ ان کي ڪير به سڌو رستو نٿو ڏيکاري سگهي ۽ هو انهن کي پنھنجي گمراهيءَ ۾ ٿاٻا جهلڻ لاءِ ئي ڇڏي ڏي ٿو. |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
(اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اها ڪڏهن ايندي؟ کين ٻڌاءِ ته ان (جي اچڻ) جو علم ته منھنجي پالڻھار وٽ آهي، اهو ئي قيامت کي (صحيح) وقت تي ظاهر ڪندو. آسمانن ۽ زمين ۾ اهو هڪ وڏو حادثو هوندو، تنھنڪري اها گهڙي توهان جي مٿان اوچتو ايندي. (اي نبي ﷺ!) ماڻهو تو کان اهڙي طريقي سان پڇن ٿا ڄڻ ته توهان قيامت جي ڳولا ۾ لڳل آهيو، انهن کي چؤ ته ان جو علم صرف الله تعالى وٽ ئي آهي پر ان حقيقت کي گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
(اي نبي ﷺ!) انهن کي ٻڌاءِ ته مان ته خود پنھنجي ذات لاءِ ڪنھن فائدي ۽ نقصان ڏيڻ جو اختيار نٿو رکان، سواءِ الله تعالى جي جيڪو (۽ جيترو) هو چاهي ۽ جيڪڏهن مان غيب جو علم ڄاڻان ها ته مان گهڻيون سھولتون حاصل ڪريان ها ۽ مون کي ڪا به تڪليف نه پھچي ها مان ته ايمان آڻيندڙن کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ آهيان. |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
اهو ئي (الله پاڪ) آهي جنھن توهان کي هڪ جان آدم مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي ان جي جوڙي وال بنايائين ته جيئن هو ان مان سڪون حاصل ڪري (هاڻي توهان خود سوچيو ته) جڏهن مرد عورت سان قرب ونڊڻ لاءِ کيس ڀاڪر ۾ ورتو ته ان سان هلڪو حمل ٿيو ۽ هوءَ ان (حمل) کي کنيو هلندي رهي. پوءِ جڏهن اهو حمل وڌي ڳرو ٿيس ته (هاڻي زال مڙس) ٻنهي پنھنجي پالڻھار الله کان دعا گهري ته جيڪڏهن تو اسان کي نيڪ (۽ صحيح سالم) اولاد ڏنو ته اسان ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسين. |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جڏهن الله تعاليٰ کين نيڪ (۽ صحيح سالم) اولاد ڏنو ته پوءِ هو ٻئي اولاد ملڻ تي الله تعالى سان گڏ ٻين کي شريڪ ڪرڻ لڳا پر الله تعالى انهن جي شريڪن کان گهڻو بلند ۽ مٿانھون آهي. |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
هي ماڻهو اهڙن کي شريڪ ڪن ٿا، جيڪي ڪجهه به پيدا نٿا ڪري سگهن، بلڪ هو شريڪ خود به پيدا ڪيل آهن. |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
اهي (شريڪ) نه انهن ماڻهن جي ڪا مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نه خود پنھنجو بچاءُ ڪري سگهن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
۽ جيڪڏهن توهان انهن کي سڌي رستي ڏانھن سڏيندا به ته هو توهان جي سڏ تي نه ايندا توهان انهن کي سڏيو يا خاموش رهو ڳالهه مڙئي برابر آهي (هو ڪڏهن به نه ٻڌي سگهندا). |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
توهان الله تعالى کي ڇڏي جن کي سڏيو ٿا اهي توهان جھڙا ئي ته ٻانها آهن پوءِ جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته توهان انهن کي سڏيو،ڏسون ته، هو توهان کي ڪيئن ٿا جواب ڏين؟ |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
ڇا انهن کي پير آهن جن سان هو هلي سگهن؟ يا انهن کي هٿ آهن جن سان هو ڪا شيءِ جهلي سگهن يا انهن کي اکيون آهن جن سان هو ڏسي سگهن يا انهن کي ڪن آهن جن سان هو ٻڌي سگهن؟ (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته پنھنجي شريڪن کي سڏيو پوءِ منھنجي خلاف منصوبا گهڙيو ۽ مون کي بلڪل مھلت نه ڏجو. |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
بيشڪ الله تعالى جي ذات ئي منھنجي مددگار آهي، جنھن ڪتاب نازل فرمايو ۽ هو نيڪ ماڻهن جي مدد ڪندو آهي. |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
الله تعالى کان سواءِ جن کي توهان سڏيو ٿا انهن جي اندر توهان جي مدد ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي ۽ نه ئي هو پنھنجي مدد ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏهن توهان انهن کي سڌي راهه ڏانھن سڏيندا به ته هو توهان جي ڳالهه نه ٻڌي سگهندا، حالانڪه توهان انهن کي پاڻ ڏانھن تڪيندي به ڏسو ٿا پر حقيقت ۾ هو ڪجهه به نٿا ڏسن (ڇو ته سندن اکيون پٿر جون ٺھيل آهن). |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
تون انهن کي معاف ڪر ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪندو رهه ۽ جاهل ماڻهن کان بچي رهجانءِ. |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
پر جيڪڏهن توهان کي شيطان جي طرفان ڪو وسوسو محسوس ٿئي ته هڪدم الله تعالى جي پناهه گهرندا ڪريو. بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏو ڄاڻندڙ آهي. |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
بيشڪ جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي، جڏهن انهن جي اندر شيطان جي طرفان ڪو برو خيال پيدا به ٿئي ٿو ته هو فوراً الله تعالى ڏانھن متوجهه ٿيندا آهن پوءِ کين صحيح ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي. |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
پر انهن (شيطانن) جا انساني ڀائر اهڙن ماڻهن کي گمراهيءَ ڏانھن وٺي وڃڻ ۾ وسئون نٿا گهٽائين. |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
۽ جڏهن تون انهن جي سامهون ڪو معجزو نٿو آڻين ته هو چون ٿا ته تون ڪو معجزو ڇو نه ٿو پيش ڪرين. کين چؤ ته مان ته رڳو وحيءَ جي پيروي ڪندڙ آهيان، جيڪا منھنجي پالڻھار جي طرفان موڪلي وڃي ٿي. هي توهان جي پالڻھار جي طرفان سمجهه ۽ بصيرت جون ڳالهيون آهن ۽ ايمان آڻيندڙن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
۽ جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته خاموش رهو ۽ ان کي غور سان ٻڌو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي. |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
تون پنھنجي پالڻھار کي صبح ۽ شام نوڙت ۽ اڪيلائيءَ ۾ بغير ڪنھن وڏي آواز جي هلڪي آواز ۾ ياد ڪندو رهه ۽ تون بي ڌيان ماڻهن مان نه ٿيءُ. |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
(انسانن ۽ جنن کان سواءِ) بيشڪ الله تعالى جي جيڪا به ٻي مخلوق آهي، سا ان جي بندگي ڪرڻ کان منھن نه موڙيندي آهي، ان جي پاڪيزگي بيان ڪندي آهي ۽ هميشه ان جي سامھون ئي جهڪندي ۽ سجدو ڪندي آهي. |